(8)
ماسڪو جي ويجهو، هڪ هوائي اڏي جي بنهه قريب هي سکيا وارو اسڪول
هو ۽ انهن پريشان ڪندڙ ڏينهن ۾ بنهه مصروف هو.
اسٽالن گراڊ جي لڙائيءَ ۾ هوائي فوج مکيه ڪردار ادا ڪري رهي
هئي. والگا جي انهيءَ مضبوط قلعي جو آسمان، جيڪو
هميشه ڌنڌلو ۽ شعلن ۽ ڌماڪن جي دونهن سان ڀريل
هوندو هو، سو هينئر اڻٿڪ فضائي ٽڪراءُ جو مرڪز هو.
هي ٽڪراءَ باضابطه جنگين جي صورت اختيار ڪري وٺندا
هئا. ٻنهي طرفن ڏاڍو نقصان پئي ٿيو. اسٽالن گراڊ
کي گهڻي کان گهڻن هوابازن جي ضرورت هئي.......
تنهن ڪري جنگ جي لاءِ هوابازيءَ جي سکيا وارو
اسڪول رات ڏينهن ڪم ڪندو هو، جتي اسپتال مان ايندڙ
هوابازن ۽ عام هوابازن کي نئين سر تربيت ڏني ويندي
هئي. سکيا وارا هوائي جهاز ڊگهين سنهڙين مکين
وانگر ٿي لڳا ۽ جٿن جا جٿا، ننڍا توڙي وڏا هوائي
جهاز هوائي اڏي مٿان ائين پيا لامارا ڏيندا هئا،
جيئن بورچيخاني ۾ مکيون پيون اڏامنديون آهن.
اسڪول جو چيف اسٽاف (عملي جو مهندار) هڪ ننڍي قد جو ڏٽو مٽو شخص
هو. هو ڳاڙهي چهري وارو ڦڙتيلو ليفٽيننٽ ڪرنل هو.
هن جا ننڊاکڙا نيڻ ڳاڙها پئي لڳا. هن غصي ڀريل
نظرن سان ميريسئف کي ڏٺو، ڄڻ چوندو هجي ته: ”توکي
هتي ڪهڙي مصيبت ڇڪي وٺي آئي؟ هونئن به اسان وٽ ڪو
ٿورو ڪم اڳ ۾ آهي.“ هن اليڪسيءَ کان ڪاغذ ڦري
ورتا.
”هي شخص ضرور منهنجي پيرن تي اعتراض ڪندو ۽ مون کي ڊوڙائي
ڇڏيندو.“ ميريسئف ليفٽيننٽ ڪرنل جي ٻچي ڏاڙهي
ڏسندي سوچيو. ليڪن عين ان گهڙيءَ ڪرنل کي ٻه
هيڪاندا فون آيا. هن هڪ آواز جهٽڻو ڪنڌ ۽ ڪلهي ۾
اٽڪائي ڪن سان لڳايو ۽ ٻئي آواز جهٽڻي ۾ بيزاريءَ
مان ڳالهائڻ لڳو ۽ گڏوگڏ اليڪسيءَ جا ڪاغذ به پئي
ڏٺائين. ظاهر آهي ته هن صرف جنرل جو لکيل حڪم
پڙهيو، ڇو ته هن هڪدم ان تحرير جي هيٺيان لکيو:
”ليفٽيننٽ نائوموف، ٽيون سکيا وارو دستو شامل ڪيو
وڃي.“ پوءِ ٻئي آواز جهٽڻا رکندي ٿڪل آواز ۾
پڇيائين:
”ڇا تو وٽ ڪپڙن ۽ کاڌي جو پروانو آهي؟ ڪونهي؟ مون کي خبر آهي ته
تون ڇا چوندين. اسپتال ۾ وقت ڪونه مليو، ائين نه؟
پر آءٌ توکي کاڌو ڪٿان ڏيندس؟ هڪدم درخواست لک. پر
پرواني کان سواءِ آءٌ اڳيان وڃڻ ڪونه ڏيندوسانءِ.“
”ٺيڪ آهي، آءٌ اجهو ٿو لکيو وٺان.“ ميريسئف خوش ٿي سلام ڪندي
چيو. ”آءٌ ڀلي وڃان؟“
”ها، ڀلي وڃ.“ ليفٽيننٽ ڪرنل بي پرواهيءَ سان چيو. هڪدم هن رڙ
ڪئي: ”بيهي رهو! هي ڇا آهي؟ هن هڪ ڳري لڪڻ ڏانهن
اشارو ڪندي پڇيو، جنهن تي سونهري نقش اڀريل هئا ۽
جيڪو واسيلي واسيلي وچ جي سوکڙي هو. جڏهن اليڪسي
ڪمري مان ٻاهر ٿي نڪتو ته خوشيءَ ۾ کانئس لڪڻ وسري
ويو، جيڪو ڪنڊ ۾ رکيو هئائين. ”هي ڇا آهي؟ هن کي
اڇلائي ڇڏ. ماڻهو سمجهندا ته هي فوجي دستو نه پر
ڪو خانه بدوشن جو لڏو آهي. بانٺو، لڪڻ يا
چهبڪ!..... پوءِ وري تون پنهنجي ڳچيءَ ۾ تعويذ
ٻڌيو پيو هلندين ۽ ڪاڪ پٽ ۾ ڪاري ٻلي ويهاريو ويٺو
هوندين. مون کي وري هيءَ لعنت نه ڏيکارجانءِ،
ڇيڳرو ڪٿي ٿو.“
”بلڪل ٺيڪ آهي ڪامريڊ ليفٽيننٽ ڪرنل!“
اليڪسيءَ کي خبر هئي ته اڃا اڳيان تمام گهڻيون رنڊڪون آهن.
اسڪول ۾ هميشه اچڻ وڃڻ وارن جي قطار لڳي پئي هوندي
هئي، تنهن ڪري کاڌو اڻ پورو هوندو هو. سکيا وٺندڙ
سپاهي هڪ وقت جو کاڌو کائي، ٻئي وقت جي فڪر ۾ لڳي
ويندا هئا. سڄو اسڪول ڀريو پيو هو. ان عمارت ۾،
جتي ٽئين جٿي وارا ترسيل هئا، ٻاڦ واري لائين ڦاٽي
پيئي هئي، تنهن ڪري غضب جي ٿڌ هئي. پهرين رات ته
اليڪسي سڄي رات هڪ ڪمبل ۽ چمڙي جي ڪوٽ ۾ ڏڪندو
رهيو...... پر انهن سمورين افراتفرين ۽ تڪليفن جي
باوجود به اليڪسي پاڻ کي ان مڇيءَ وانگر محسوس ڪري
رهيو هو، جيڪا واريءَ تي پئي پساهه ڇڏي رهي هجي،
پر اوچتو ڪا سامونڊي لهر آئي هجي ۽ کيس گهلي سمنڊ
۾ کڻي وئي هجي. کيس هتي جي هر شيءِ پسند هئي. هي
عارضي قيام کيس يقين ڏياري رهيو هو ته سندس منزل
بنهه قريب پهچي چڪي آهي.
ڄاتل سڃاتل ماحول، خوش پوش ماڻهو، جن جو هو عادي هو. اها ئي
فضا، هوائي جهاز جي پيٽرول جي مٺي ۽ تيز خوشبو ۾
ٻڏل ۽ اڏامندڙ هوائي جهازن جي گونج ۾ ڌڙڪندڙ فضا.
ميريسئف هڪدم ٻهڪي ويو. سندس زنده دلي ۽
ريجهالپئي، جيڪا هوابازن جي خصوصيت هوندي آهي،
واپس موٽي آئي. حالانڪ ائين پئي لڳو ته اهي خوبيون
وٽانئس هميشه جي لاءِ موڪلائي ويون آهن، هو آڪڙجي
هلندو هو. پاڻ کان گهٽ عهدي وارن جي سلام جو جواب
چستيءَ سان ڏيندو هو ۽ کانئس مٿئين عهدي وارن سان
گڏبو هو ته ڦڙتيءَ سان قدم قدم ۾ ملائي هلندو هو.
پهرئين ڏينهن ئي هو ليفٽيننٽ نائوموف سان ملڻ هوائي اڏي تي ويو.
هو ٽئين دستي جو استاد هو ۽ اليڪسيءَ کي سندس ئي
نگرانيءَ ۾ ڏنو ويو هو. نائوموف ننڍي قد جو جوشيلو
شخص هو. سندس مٿو تمام وڏو ۽ ٻانهون ڊگهيون هيون.
هو آسمان ۾ اکيون ٽڪائي ”ٽي
T“
واري نشان وٽ ڊوڙي رهيو هو. آسمان ۾ هڪ ننڍو هوائي
جهاز اڏامندو پئي نظر آيو. هوائي جهاز ۾ ويٺل
هواباز تي گرم ٿي رڙيون ڪري رهيو هو: ”ڪاٺ جو
گهوڙو! چوي ٿو ته آءٌ هواباز هوس...... مون کي
بيوقوف نٿو بنائي سگهي.“
ميريسئف پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ اڳيان وڌيو ۽ فوجي قاعدي مطابق
سلام ڪيو. ليڪن نائوموف فقط هٿ لوڏيو ۽ آسمان
ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪيائين:
”ڏسين پيو؟ وڏو ڪاريگر آيو آهي ڪٿان جو. هوا به ڊپ ۾ ڏڪي رهي
آهي. ائين پيو اڏامي جيئن برف جي ڪنهن کڏي ۾ هوا ۾
جهومندڙ ڪو گل.....“
اليڪسيءَ جي دل کي هي استاد ڏاڍو وڻيو. هو ان قسم جي مٿي ڦريل
ماڻهن کي ڏاڍو پسند ڪندو هو، جيڪي پنهنجي ڪم سان
چريائپ جي حد تائين محبت ۽ لڳاءُ رکندا آهن ۽ انهن
سان هڪ قابل ۽ پرجوش هواباز جو جوڙ ڏاڍو ڀلو هوندو
آهي. اليڪسيءَ ان هواباز جي باري ۾، جيڪو مٿي
هوائي جهاز اڏائي رهيو هو، ڪي تمام تُز ڳالهيون
ڪيون. ننڍي قد جي ليفٽيننٽ هاڻي هن کي پيرن کان
وٺي مٿي تائين غور سان ڏٺو ۽ پڇيو:
”منهنجي دستي ۾ پيو اچين؟ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ تو ڪهڙي قسم جا
هوائي جهاز اڏايا آهن؟ ڇا تون جنگ ۾ حصو وٺي چڪو
آهين؟ ڪيترن ڏينهن کان وٺي تو هوابازي ڪانه ڪئي
آهي؟“
اليڪسيءَ کي پڪ ڪانه هئي ته هو سندس سمورو جواب ٻڌي رهيو آهي،
ڇو ته هن وري به پنهنجيون نگاهون آسمان ۾ ڄمائي
ڇڏيون ۽ هڪ هٿ جي اوٽ ٺاهي، ٻي مُڪ هوا ۾ لهرائي ۽
رڙ ڪري چيو: ”بدمعاش کي ڏسو ته سهي ته ڪيئن نه پيو
چڪر ڪاٽي، جهڙوڪر پڻس جي ٿي کري....“
هن اليڪسيءَ کي ٻئي صبح جو اچڻ لاءِ چيو ۽ واعدو ڪيو ته هن جي
هڪدم جانچ ڪئي ويندي.
”وڃ، هاڻي وڃي آرام ڪر. سفر ڪرڻ کان پوءِ آرام جي ضرورت پوي ٿي.
ڪجهه کاڌو پيتو به اٿئي؟ خبر اٿئي ته هتي جي
هنگامن ۾ ماڻهن کي کارائڻ پيارڻ به وسريو
وڃي....... جاهل، بيوقوف! ٿورو ترس. رڳو هيٺ ته
لهه ته توکي مزو ٿو چکايان. وڏو آيو آهي ‘ويڙهو‘!“
اليڪسي آرام ڪرڻ ڪونه ويو، پر کيس انتظامي بٽالين ۾ هڪ موچي ملي
ويو. هن پنهنجي سڄي هفتي جي راشن ۾ مليل تماڪ
موچيءَ کي ڏنو ۽ چيو ته منهنجي لاءِ چمڙي جا ٻه
ڌاڳا ٺاهي ڏي، جنهن ۾ سوراخ ۽ زبانو هجي. هن انهن
ڌاڳن سان پنهنجن نقلي پيرن کي هوائي جهاز جي پيڊلن
سان ٻڌڻ چاهيو ٿي. موچيءَ ڪم جي غير معمولي نوعيت
۽ جلدي ضرورت جي پيش نظر تماڪ کان سواءِ وادڪا جو
”اڌڙ“ به گهريو ۽ چيو ته ڪم ”زبردست“ ڪري
ڏيندوسانءِ.
هو ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هوائي اڏي تي پهتو، جيڪو اڃا بنهه
سنسان پيو هو. هوائي جهازن جون انجڻون گرم پئي
ٿيون. مستري جهازن جي پنکن کي ڦيرائڻ کان پوءِ
ائين بُل ڏيو ٿي الڳ ٿيو ويا، ڄڻ ڪي نانگ هجن.
هوائي اڏي تي صبح جا ڄاتل سڃاتل آواز کيس ٻڌڻ ۾
آيا.
”تيار“ ”رابطو قائم ڪريو!“ ”رابطو قائم ڪريو!“ نائوموف به پهچي
ويو هو. هو سگريٽ جو آخري ڪش هڻي رهيو هو. سگريٽ
جو ٽوٽو ايترو ته ننڍڙو بچيو هو جو اهو آڱرين ۾ ته
بنهه ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿي آيو.
”تون اچي وئين!“ هن اليڪسيءَ سان رسمي دعا، سلام ڪيو. ”چڱو،
جيڪو پهرين اچي، سو پهرين ماڻي. نمبر 9 جي پوئين
ڪاڪ پٽ ۾ هلي ويهه. آءٌ هڪ منٽ ۾ تو وٽ پهچان ٿو.
ڏسان ته تون ڪهڙي قسم جو پکي آهين!“
اليڪسي جهاز ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ سندس استاد آخري ڪش هڻڻ لڳو. هن
استاد جي پهچڻ کان اڳ پنهنجي پيرن کي پيڊلن سان
ٻڌڻ ٿي چاهيو. ماڻهو ته بنهه ڀلو ٿو ڏسجي پر ٻيلي
ڪهڙي خبر؟ ٿي سگهي ٿو ته اوچتو دل ۾ اچيس ۽ ڪو
هنگامو ڪري بيهي رهي! اليڪسي ٽپ ڏيئي جهاز جي پک
تي چڙهي ويو ۽ ڏاڍي مشڪل سان ڪاڪ پٽ جي ديوار کي
پڪڙيائين. هڪڙو جوش ۽ ٻيو مشق ڪانه ٿيل هئس، تنهن
ڪري هن گهڻي ئي جتن ڪيا، پر هو پنهنجي ٽنگن کي کڻي
اندر ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو. پوڙهي مستريءَ پنهنجو
اداس ۽ ڊگهيرڙو منهن کڻي ڏانهس ڏٺو ۽ حيرانيءَ سان
سوچيائين: ”بدمعاش شراب پي آيو آهي.“
نيٺ هن انتهائي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ٽنگون اندر ڪيون ۽ ڌڙام ڪري
پنهنجي جاءِ تي ڪري پيو. هن ڌاڳن سان پنهنجي نقلي
پيرن کي پيڊلن سان ٻڌيو. ڌاڳا ڏاڍا ڪارائتا نڪتا.
استاد ڪنڌ اندر ڪري چيو: ”اڙي ٻڌاءِ، تون پي آيو آهين؟ چڱو،
پنهنجو وات ته ٿورو اوريان ڪر ته سونگهي ڏسان.“
اليڪسيءَ ساهه ٻاهر ڪڍيو. جڏهن استاد کي پڪ ٿي، تڏهن هن دڙڪي
طور مستريءَ کي ٺونشو ڏيکاريو.
”تيار“ ”ڪانٽيڪٽContact
“ ”ڪانٽيڪٽ“ انجڻ جو شور بلند ٿيو ۽ اليڪسي خوشيءَ
مان بنهه ڏڪي ويو. هن خود بخود گيس جو ليور ڇڪيو،
پر انٽرڪام ۾ استاد جو آواز ٻڌائين:
”سانَ وانگيان ٽاپيون نه وجهجانءِ.“
خود استاد پاڻ سموري گيس کولي ڇڏي. انجڻ گوڙ ڪرڻ لڳي ۽ جهاز
آهستي آهستي ڊوڙڻ لڳو. استاد خود بخود اسٽيئرنگ
ڇڪيو ۽ ننڍو طيارو، جيڪو هڪ مک وانگر ٿي لڳو، سڌو
آسمان ۾ بلند ٿي ويو. هي اهو هوائي جهاز هو، جنهن
جو نالو ڏکڻ واري محاذ تي ”مڪائي وارو“، وچئين
محاذ تي ”ڪرم ڪلي وارو“ ۽ اترئين محاذ تي ”ٻيلي جو
پٽيوالو“ پئجي ويو هو.
ٽِڪ ۾ استاد کي پنهنجي شاگرد جو چهرو ڏسڻ ۾ پئي آيو. هن خبر
ناهي ڪيترن ئي اهڙن سپاهين جا چهرا ڏٺا هئا، جيڪي
هڪ ڊگهي مدت کان پوءِ هوائي جهاز اڏائڻ ايندا هئا.
هن تمام گهڻن لاجواب هوابازن جي خوشيءَ وچان بي
اختيار مسڪراهٽ ڏٺي هئي. هن اهڙن جوشيلن ۽ جذباتي
هوابازن جون ٻرندڙ اکيون به ڏٺيون هيون، جيڪي
اسپتالن جا ڌڪا ٿاٻا کائي پاڻ کي ٻيهر اصلي فضا ۾
ڏسندا هئا. هن انهن ماڻهن کي هيڊو ٿيندي ڏٺو هو،
جيڪي هڪ ڀيرو هوائي جهاز مان ڪري زخمي ٿيا هئا،
انهن جي چهرن تي گهٻراهٽ ڇانيل هوندي هئي ۽ هو
پنهنجا چپ چٻيندا رهندا هئا. هن نون سيکڙاٽن جا
جسارت ڀريل چهرا ۽ تجسس پڻ ڏٺو هو، جيڪي پهريون
ڀيرو هوا ۾ اڏامندا هئا. پر جڏهن کان وٺي هو استاد
جي حيثيت ۾ فرض نباهي رهيو هو، ان وقت کان وٺي
هيستائين ان سموري زماني ۾ ٽِڪ کيس ڪڏهن به اهڙن
عجيب جذبن ۽ ڪيفيت جو اولڙو يا عڪس ڪونه ڏيکاريو
هو، جهڙا جذبا ۽ ڪيفيت هن سانوري ۽ ڀلوڙ مڙس
سينيئر ليفٽيننٽ جي چهري تان ڇلڪي رهيا هئا. پر
اهو ته صاف ظاهر هو ته هو ڪو نئون سيکڙاٽ ڪونه هو.
بخار جهڙي حرارت نئين شاگرد جي چمڙي کي رنگين بنائي ڇڏيو هو.
سندس چپن تي هيڊاڻ پئي بکي. اها هيڊاڻ ڪا ڊپ ۽ خوف
جي ڪري ڪانه ظاهر ٿي هئي. پر هي رنگ ڪنهن جذباتي
ڪيفيت ۽ هيجان سبب پيدا ٿيا هئا، جيڪي نائوموف جي
سمجهه کان بنهه ٻاهر هئا. هي آهي ڪير؟ هن سان ڪهڙي
ويڌن آهي؟ آخر مستريءَ اهو ڇو سوچيو ته هو پي آيو
آهي؟ جڏهن هوائي جهاز اڏامڻو ۽ مٿي هوا ۾ ترڻ لڳو،
تڏهن ان وقت استاد ڏٺو ته سندس شاگرد جون هوائي
عينڪ کان آجيون اکيون، ڪاريون ڪجليون اکيون، حوصلي
۽ همت سان سرشار اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون ۽ هن
لڙڪن کي هن جي ڳلن تي ڳڙندي ڏٺو. هن ڏٺو ته جيڏي
مهل هوائي جهاز چڪر ڪاٽيو، اوڏيءَ مهل هوا جي هڪ
هلڪي جهوٽي انهن لڙڪن کي سندس ڳلن تان اڏاري هوا ۾
تحليل ڪري ڇڏيو.
”شايد ڪا ڪل ٿڙيل اٿس. مون کي ان کان هوشيار رهڻ گهرجي. ماڻهو
چاهي ته ڇا ڇا نٿو ڪري سگهي..... ڪهڙي خبر.....؟“
نائوموف سوچيو. پر آڏيءَ ٽِڪ ۾ نظر ايندڙ چهري تي
جهلڪندڙ جذباتي ڪيفيت ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي، جنهن
جي ڪري استاد جي دل هن ڏانهن کسڪڻ لڳي هئي. هو اهو
محسوس ڪري حيران ٿي ويو ته ڪا شيءِ سندس نڙيءَ ۾
اٽڪي پيئي ۽ سندس سامهون وارا اوزار ڌنڌ ۾ گم ٿيڻ
لڳا.
”هاڻي تون هلاءِ.“ استاد انٽرڪام ۾ چيو. پر هن صرف اسٽيئرنگ
گيئر ۽ پيڊل تان پنهنجي گرفت ڍري ڪئي ۽ باقي پاڻ
بنهه چوڪس ويٺو رهيو، ته جيئن ئي شاگرد ڪنهن
ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪري ته هو ٻيهر هوائي جهاز کي
سنڀالي وٺي. هن محسوس ڪيو ته سندس شاگرد پنهنجي
پراعتماد ۽ تجربيڪار هٿن سان هوائي جهاز اڏائي
رهيو آهي. عملي جي مهندار (چيف آف اسٽاف) جي اصلاح
۾ ”خدا جي فضل سان هو هواباز“ هو. عملي جو مهندار
هڪ پراڻو گرگ هواباز هو ۽ تمام گهڻو اڳي، گهرو
لڙائي دوران هڪ هواباز جي حيثيت ۾ فرض ادا ڪيو
هئائين. پهرئين چڪر کان پوءِ نائوموف کي نئين
شاگرد طرفان ڪوبه خدشو ڪونه رهيو هو. هوائي جهاز
چڱي طرح ”قاعدي مطابق“ اڏامندو رهيو. فقط هڪڙي
عجيب ڳالهه پئي ٿي. سا هيءَ ته سڌيءَ اڏام مهل هي
شاگرد هوائي جهاز کي بار بار ساڄي يا کابي
جهڪائيندو هو يا هيٺ مٿي ڪندو هو. ائين پئي لڳو ته
هو خود پنهنجي فن جو امتحان پيو وٺي. نائوموف اتي
ئي فيصلو ڪري ڇڏيو ته ٻئي ڏينهن شاگرد کي اڪيلي سر
هوائي جهاز اڏائڻ ڏبو ۽ ٻن ٽن اڏامن کان پوءِ کيس
سکيا جي هوائي جهاز ”اوت 2“ ۾ ڇڏبو.
ڏاڍي ٿڌ هئي. ٿرماميٽر ۾ گرميءَ جو درجو ٻڙيءَ کان 12 ڊگريون
هيٺ هو. ڪاڪپٽ ۾ جگر ٺاريندڙ ٿڌي هوا پئي لڳي ۽
استاد جي ڪتي جي کل واري بوٽ ۾ اندر گهڙي سندس پير
برف وانگر ڄمائي پئي ڇڏيائين. لهڻ جو وقت ٿي ويو
هو.
پر جيڏي مهل هن انٽرڪام ۾ ”لهڻ“ جو حڪم ٿي ڏنو ته اوڏيءَ مهل
کيس ٽِڪ ۾ ڪاريون ڪاريون، ٻرندڙ ۽ التجا ڪندڙ
اکيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. نه، انهن ۾ التجا ڪانه هئي،
پر انهن ۾ مطالبو هو ۽ پوءِ سندس دل انڪار ڪري
ڪانه سگهي. ڏهن منٽن بدران هو اڌ ڪلاڪ تائين
اڏامندا رهيا.
ڪاڪ پٽ مان نڪري نائوموف پيرن ۽ ٻانهن کي ڇنڊڻ شروع ڪيو ته جيئن
صبح واري پاري ۾ ڄميل سندس عضوا حرڪت ڪن، پر سندس
شاگرد ٿوري دير تائين ڪاڪ پٽ ۾ ڪجهه ڳوليندو رهيو
۽ پوءِ آهستي آهستي ڪجهه هٻڪندو هيٺ لٿو. جڏهن هو
زمين تي لٿو ته هوائي جهاز جي پک وٽ زمين تي ويهي
رهيو. سندس چپن تي هڪ مسرت ڀريل ۽ ننڊاکڙي مسڪراهٽ
پکڙجي وئي، سندس ڳل پاري جهڙي ٿڌ ۾ به جوش ۽ جذبات
کان دکي رهيا هئا.
سندس استاد پڇيو: ”ڪيئن ٿڌ لڳي وئي نه؟ هوا ته منهنجي مضبوط بوٽ
۾ به پئي گهڙيو آئي ۽ توکي ته معمول بوٽ پاتل آهي!
ڇا تنهنجا پير ڪونه ٿا ٺرن؟“
”منهنجا پير آهن ڪٿي؟“ خود پنهنجي خيال تي کلندي نئين شاگرد
جواب ڏنو.
”ڇا؟“ نائو موف جي وات مان بي اختيار نڪتو ۽ تعجب کان سندس منهن
جو پنو ئي لهي ويو.
”منهنجا پير ڪونهن.“ ميريسئف بنهه صاف ۽ چٽي آواز ۾ دهرايو.
”تنهنجو مطلب ڇا آهي ته تنهنجا پير ڪونهن؟ ڇا تنهنجو مطلب آهي
ته تنهنجن پيرن ۾ ڪا خرابي آهي؟“
”نه، منهنجا پير ته بنهه آهن ئي ڪونه. هي نقلي پير آهن.“
چند گهڙيون ته نائوموف بلڪل بت بنجي زمين تي ڄمي بيهي رهيو. هن
عجيب وغريب شخص جيڪو چيو هو، تنهن تي يقين نٿي ڪري
سگهيو. پير بنهه آهن ئي ڪونه! پر هينئر ته هو
هوائي جهاز اڏائي رهيو هو، بنهه ٺيڪ ۽ صحيح هلائي
رهيو هو.......!
”ڏسان ته سهي.“ هن چيو ۽ سندس آواز ۾ انديشي جو امڪان هو.
ان تجسس کان اليڪسيءَ کي نه ته ڪا ڪوفت ٿي ۽ نه ئي ڪنهن قسم جو
صدمو پهتو. ان جي ابتڙ هن ان دلچسپ ۽ ڀوڳائي استاد
جي حيرانيءَ کي آخري ڪلي ٺوڪڻ لاءِ سوچيو ۽ هڪ
مداري وانگر، جيڪو ڪو ڪرتب ڏيکارڻ چاهيندو هجي، هن
پنهنجي پتلون جا پانچا مٿي کڻي ڇڏيا.
شاگرد چمڙي ۽ اليومينم جي ٺهيل پيرن تي بيٺو هو ۽ استاد،
مستريءَ ۽ هوابازن جي قطار کي پنهنجي کلندڙ اکين
سان ڏسي رهيو هو.
انهيءَ لمحي مائوموف ان نوجوان جي وهلورجڻ واري ڪيفيت جو سبب
سمجهي ويو. ان جي چهري جي غير معمولي ڪيفيت، سندس
ڪارين اکين ۾ لڙڪن ۽ گهڻي کان گهڻي دير تائين
پرواز ڪندو رهڻ جي خواهش کي سمجهي ويو. هن شاگرد
کيس حيران ڪري وڌو هو. هو هن ڏانهن ڊوڙيو ۽ زور
سان هٿ ملائيندي چيائين:
”نوجوان! آخر تون هي سڀ ڪجهه ڪيئن ڪري سگهيو آهين؟ تون نٿو
ڄاڻين.... توکي خبر نه آهي ته تون ڪهڙو ماڻهو
آهين......“
اصلي ڪم پورو ٿي چڪو هو. شاگرد استاد جي دل موهي وڌي هئي. هو
شام مهل گڏيا ۽ انهن سکيا جو هڪ پروگرام تيار ڪيو.
ٻئي ان ڳالهه تي متفق هئا ته اليڪسيءَ جي پوزيشن
انتهائي ڪٺن آهي ۽ تر جيتري ڪوتاهي کيس هميشه
هميشه لاءِ هوابازيءَ کان ڏور ڪري سگهي ٿي. سندس
دل ۾ اها خواهش نچي رهي هئي ته هو جلد کان جلد
جنگي هوائي جهاز ۾ ويهي ۽ اڏامي اتي وڃي، جتي ملڪ
جا بهترين هواباز مورچو لڳايو ويٺا آهن ـــــــ
والگا جي ڪناري تي ان مشهور شهر ڏانهن ........ پر
هو ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو ته هر قسم جي سکيا جا
سمورا ننڍا وڏا مرحلا صبر ۽ سڪون سان طئي ڪندو. هن
محسوس ڪري ورتو هو ته سندس جيڪا پوزيشن هئي، ان ۾
فقط ”اي ون“ سرٽيفڪيٽ ئي پنهنجو ڪم ڪري سگهندو.
(9)
ميريسئف سکيا واري اسڪول ۾ پنجن مهينن کان وڌيڪ عرصو رهيو.
اسٽالن گراڊ ۾ جرمنن جي ڀاڄ، ڇهين جرمن فوج جي
تباهي ۽ پائولس تي قبضي جون خبرون هاڻي پراڻيون ٿي
چڪيون هيون. ڏکڻ ۾ هڪ بي نظير ۽ ناقابل شڪست پيش
قدمي ٿي رهي هئي. اهڙي وقت ۾ جڏهن محاذ تي ان قسم
جون دلچسپ ۽ ڪارنامن سان ڀريل وارداتون ٿي رهيون
هجن، اليڪسيءَ جي لاءِ محاذ کان پري رهڻ ڏاڍو
اذيتناڪ ٿيندو پئي ويو. ايتري قدر جو هيءَ اذيت ۽
پيڙا اسپتال جي ورانڊي ۾ گهوڙين جي سهاري آهستي
آهستي قدم کڻڻ يا سُڄيل ٺوٺين سان ناچ ڪرڻ کان به
وڌيڪ محسوس پئي ٿي.
پر اسپتال ۾ هن عهد ڪيو هو ته هو ٻيهر جنگي هوابازن جي فوج ۾
ويندو ۽ عملي خدمت سرانجام ڏيندو. ان ڏس ۾ هن هڪڙي
منزل طئي ڪئي هئي. غم ۽ درد، ٿڪاوٽ ۽ مايوسيءَ جي
باوجود هو ان مقرر ڪيل حد تائين پهچڻ لاءِ اڳتي
وڌڻ جي جاکوڙ ڪري رهيو هو. هڪ ڏينهن سندس نالي هڪ
چڱو خاصو ٿلهو لفافو آيو، جيڪو ڪلاوديا ميخائلونا
موڪليو هو. ان ۾ ڪيترا ئي خط هئا ۽ هڪ خود سندس
لکيل به هو. هن پڇيو هو ته زندگي ڪيئن پئي گذري؟
ڪيتريون ڪاميابيون نصيب ٿيون اٿئي ۽ سندس خواب سچا
ٿابت ٿيا يا نه؟
”ڇا خواب سچا ثابت ٿيا آهن؟“ هن پنهنجو پاڻ کان پڇيو. ليڪن ان
سوال جو جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي هن خطن کي ڏسڻ شروع
ڪيو. هڪڙو خط ماڻس جو هو، هڪ خط اوليا جو، هڪ
گووزديف جو ۽ هڪ خط ٻيو هو، جنهن تي کيس تمام گهڻي
حيراني ٿي هئي. ان خط تي مٿان پتو ”موسمي سرجنٽ“
جي هٿ جو لکيل هو ۽ ان جي هيٺان هيءَ عبارت لکيل
هئي: ”ڪيپٽن ڪوڪوشڪن جي طرفان.“ هن ان خط کي سڀ
کان پهريائين پڙهيو.
ڪوڪوشڪن لکيو هو ته کيس ٻيهر هوائي جهاز سميت ڪيرايو ويو هو.
سندس جهاز کي گولي لڳي هئي ۽ منجهس باهه لڳي ويئي.
هو پاڻ ڇٽيءَ وسيلي ٽپي ويو، پر کيس ٻانهن جي جوڙ
وٽ زور اچي ويو آهي. هو هينئر ميڊيڪل بٽالين ۾
بيمارن جي وچ ۾ بيزار ٿي پيو آهي، پر کيس اميد آهي
ته هو جلد وري پنهنجي هوائي جهاز تائين پهچي
ويندو. هن لکيو هو ته هي خط هو اليڪسيءَ جي مشهور
خاطوءَ ويرا کان لکرائي رهيو آهي، جيڪا اڃا تائين
سندس ڪري ”موسمي سارجنٽ“ جي نالي سان مشهور آهي.
هن اهو به لکيو هو ته ويرا تمام بهترين ساٿي آهي ۽
سندس بدقسمتي واري زماني ۾ سندس زبردست سهارو ثابت
ٿي آهي. ان نقطي تي پهچي ويرا خود لکيو هو ته هي
محض ڪوڪوشڪن جو وڌاءُ آهي. ان خط مان اليڪسيءَ کي
خبر پئي ته اڃا تائين سندس دستي جا ماڻهو کيس ياد
ڪري رهيا آهن ۽ کاڌي واري حال ۾ جتي سورمن ۽
بهادرن جون تصويرون ٽنگيل آهن، اتي سندس تصوير پڻ
ٽنگي وئي آهي ۽ کيس ٻيهر گارد هوابازن جي وچ ۾ ڏسڻ
جي اميد اڃا ختم نه ٿي آهي. گارد هواباز! اليڪسيءَ
مسڪرايو ۽ ڪنڌ لوڏيائين. پڪ سان ڪوڪوشڪن ۽ سندس
رضاڪار خاطوءَ جي خيال تان اها ڳالهه لهي ويئي
هئي، جو هنن اهو ڪونه لکيو هو ته انهن جي دستي کي
”گارد“ جو اعزاز بخشيو ويو آهي.
ان کان پوءِ اليڪسيءَ ماڻس جو خط کوليو. هي هڪ مختصر ڳالهه
ٻولهه واري انداز ۾ لکيل خط هو، جيئن عام طرح
مائرون پٽن کي لکنديون آهن: زندگي ڪيئن ٿي گذرئي؟
توکي ٿڌ ته ڪانه ٿي لڳي؟ ڇا توکي کاڌو ته پورو پنو
ملي ٿو يا نه؟ ڇا توکي سردين جا ڪپڙا ملن ٿا؟ ڇا
هوءَ سندس لاءِ گرم دستانن جو هڪ جوڙو اُڻي؟ مان
هيستائين پنج جوڙا ٺاهي چڪي آهيان ۽ سوويت سپاهين
کي سوکڙيءَ طور موڪلي چڪي آهيان. مون هر جوڙي جي
آڱوٺي وٽ هڪ پرچي لٽڪائي ڇڏي هئي، جنهن تي لکيل
هو: ”اميد آهي ته توهان جي ڪاميابيءَ لاءِ هيءَ
نيڪ فال ثابت ٿيندي.“ کيس اميد هئي ته انهن مان هڪ
جوڙو سندس پٽ کي مليو هوندو. اهي تمام سٺا ۽ گرم
دستانا هئا. هن اهي دستانا پنهنجي ڌاريل سهن جي
وارن مان ٺاهيا هئا. هن لکيو هو ته وٽس هينئر سهن
جو يڪو ولر آهي. هڪ نر، هڪ مادي ۽ سندن ست ٻچا. خط
جي آخر ۾ هن سڀ کان اهم ڳالهه جي باري ۾ لکيو هو:
”جرمنن کي اسٽالن گراڊ مان ڀڄائي ڪڍيو ويو هو.
تمام گهڻا جرمن ماريا ويا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي
ته انهن جو بنهه هڪ وڏو جنرل به قيد ٿيو هو ۽ ها،
جرمنن کي ڀڄائي ڪڍڻ کان پوءِ اوليا پنجن ڏينهن جي
موڪل تي هتي آئي هئي. هوءَ مون وٽ ترسي هئي، ڇاڪاڻ
ته سندس گهر بم سان تباهه ٿي ويو هو. هاڻي هوءَ
انجنيئرنگ دستي ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ ليفٽيننٽ جي عهدي تي
پهچي وئي آهي. سندس ڪلهو زخمي ٿي پيو هو، پر هاڻي
هوءَ ٺيڪ ٺاڪ آهي. کيس هڪ ٻلو به ڏنو ويو هو. ڪهڙي
قسم جو ٻلو.......؟ سا ڳالهه جهونيءَ کي ٻڌائڻ
وسري وئي هئي. سندس گهر ۾ رهڻ دوران اوليا رڳو ستي
پئي هوندي هئي ۽ جيڏي مهل جاڳندي هئي، اوڏيءَ مهل
اليڪسيءَ جي باري ۾ پڇندي رهندي هئي. هوءَ تاش جي
پتن جي فال ڪڍندي هئي ۽ هر ڀيري چوڪڙيءَ جي راڻي
ڦلوءَ جي بادشاه مٿان نڪرندي هئي. اليڪسيءَ کي
چڱيءَ طرح خبر هئي ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ ماڻس
لکيو هو ته جيستائين سندس تعلق آهي ته هوءَ پاڻ
انهيءَ چوڪڙيءَ جي راڻيءَ کان بهتر ٻي ڪنهن نُنهن
جي خواهش ڪانه ٿي رکي.
اليڪسيءَ ماڻس جي انهيءَ تدبير تي مسڪرائي ڏنو ۽ هن گهڻي احتياط
سان ”چوڪڙيءَ جي راڻي“ جو سرمائي لفافو کوليو. هي
ڪو ڊگهو خط ڪونه هو. اوليا لکيو هو ته ”خندقن“ جي
کوٽائي کان پوءِ سندس ”انجنيئرنگ بٽالين“ جي
بهترين ڪارڪنن کي باضابطا فوجي انجنيئرنگ دستي ۾
شامل ڪيو ويو هو. هاڻي سندس عهدو ليفٽيننٽ ٽيڪنيشن
هو. کيس ”ڳاڙهي جهنڊي“ جو ٻلو مليو هو. هن لکيو هو
ته مٿن هينئر ڏاڍو ڪٺن وقت اچي ويو آهي. هر شيءِ،
کُرپي کان وٺي دٻي جي گوشت تائين والگا جي ٻئي
پاسان آڻڻي ٿي پوي ۽ اتي مسلسل مشين گنن جي بمباري
ٿيندي رهي ٿي. شهر جي هڪڙي به عمارت پنهنجي جاءِ
تي سلامت ڪانه رهي هئي. سموري ايراضي بمن جي ڌماڪن
سان ٺهيل کڏن کوٻن سان سٿي پئي هئي.
اوليا لکيو هو ته هوءَ جڏهن اسپتال مان نڪتي ته هوءَ ۽ سندس ٻيا
ساٿي ڪار ۾ اسٽالن گراد جي رستن تان لنگهيا هئا ۽
هنن ڏٺو هو ته جرمنن جي لاشن جا انبار لڳا پيا
هئا، جن کي هڪ يڪي قبر ۾ پورڻ جو بندوبست پئي ٿيو
۽ ٻيا ڪيترا ئي لاش اڃا رستن جي ڪنارن تي ائين ئي
پيا هئا. ”ڪيڏي نه منهنجي دل ۾ خواهش اڀري ته
تنهنجو دوست ٽينڪ مين، جنهن جو سمورو خاندان نيست
ونابود ڪيو ويو هو، سو هتي اچي ۽ اچي پاڻ اکين سان
ڏسي. آءٌ چوان ٿي ته اهي منظر فلمائڻ کپن ۽ اهڙن
ٽينڪ مينن جهڙن دوستن کي ڏيکارڻ کپن ته ڪيئن نه
اسان دشمنن کان سندن پورو پورو بدلو ورتو آهي.“ هن
آخر ۾ لکيو هو (اليڪسيءَ انهن غير واضح جُملي کي
ڪئين ڀيرا پڙهيو هو) ته هاڻي هوءَ محسوس ڪري ٿي ته
اسٽالن گراڊ واري لڙائيءَ کان پوءِ هوءَ ان سورمن
جي سورمي جي لائق ٿي وئي آهي. هي خط تڪڙ ۾ لکيل هو
۽ ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي، جتي گاڏي ٿوري دير بيٺي
هئي، دٻي ۾ وڌو ويو هو. خبر ناهي ته ڪيڏانهن پئي
ويا؟ تنهن ڪري خط ۾ پتو به ڪونه لکيل هو. نتيجي
طور جيستائين کيس ٻيو خط نٿو پهچي، تيستائين
اليڪسيءَ نه ته کيس خط لکي سگهيو ۽ نه ئي اهو
ٻڌائي سگهيو ته هوءَ ڇوڪري، نازڪ ۽ ننڍڙي ڇوڪري،
جنهن گهمسان جي جنگ ۾ ايتري ته جانفشانيءَ سان ڪم
ڪيو هو، حقيقت ۾ هوءَ پاڻ ”سورمن جي سورمي“ هئي.
هن لفافي کي اٿلايو ۽ هن ڏٺو ته چٽو لکيل هو: گارد
جونيئر ليفٽيننٽ ٽيڪنيشن، اولگا......
جيڏيءَ مهل به اليڪسيءَ کي هوائي اڏي تي مهلت ملندي هئي ته هو
هي خط ڪڍندو هو ۽ وري پڙهندو هو ۽ ڪيترن ڏينهن
تائين هي خط هوائي اڏي تي جگر کي ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ ۽
”9 الف“ جي ڪلاس روم ۾، جيڪو هيستائين سندس ٺڪاڻو
هو، سندس دل کي گرم ڪندو رهيو.
آخرڪار استاد نائوموسف سندس چڪاس واري اڏام مقرر ڪئي. کيس هڪ
”اوت 2“ هوائي جهاز اڏائڻو هو. ان اڏام جو معائنو
استاد کي نه، پر چيف آف اسٽاف کي خود ڪرڻو
هوــــــــ انهيءَ ڦڙتيلي ۽ ڏٽي مٽي ليفٽيننٽ ڪرنل
کي، جنهن سندس اچڻ تي هن جو استقبال انتهائي
سردمهري سان ڪيو هو.
اها خبر هوندي به ته زمين تان سندس سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ۽
اهو به معلوم هوندي ته اڄ سندس قسمت جو فيصلو ٿيڻو
آهي، اليڪسيءَ ان ڏينهن ڪمال ڪري ڇڏيو. هن انهيءَ
ننڍڙي جهاز کي ايتري ته مهارت، ڦڙتائيءَ ۽
خوبصورتيءَ سان اڏايو جو بي اختيار ليفٽيننٽ ڪرنل
جي وات مان واهه واهه نڪري ويئي. جڏهن ميريسئف
هوائي جهاز مان لٿو ۽ چيف جي سامهون اچي حاضر ٿيو
ته نائوموف جي اک جي پڇڙيءَ مان جهلڪندڙ خوشيءَ ۽
جوش مان ئي هو سمجهي ويو ته هو امتحان ۾ پاس ٿي
ويو آهي.
”تو وٽ هوابازيءَ جو هڪ شاندار انداز آهي. ها، تون ئي اهو
هواباز آهين، جنهن لاءِ آءٌ چوان ٿو ته ”خود الله
سائين پنهنجي هٿن سان ٺاهيو آهي.“ ليفٽيننٽ ڪرنل
گرجدار آواز ۾ چيو: ”ٻڌ، ڇا تون هتي استاد جي
حيثيت ۾ پنهنجو فرض پورو ڪري سگهين ٿو؟ اسان کي تو
جهڙن ماڻهن جي سخت ضرورت آهي.“
ميريسئف بنهه صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
”ٺيڪ آهي، تون احمق آهين. وڙهي ته ڪير به سگهي ٿو، پر تون هتي
رهي ماڻهن کي اڏامڻ سيکاريندين ۽ پاڻ جهڙا ڪئين
هواباز پيدا ڪري سگهندين.“
اوچتو ليفٽيننٽ ڪرنل جي نظر وڃي اليڪسيءَ جي لڪڻ تي پيئي، جنهن
جي سهاري تي هو بيٺو هو. ڪرنل سڄو ڳاڙهي ٿي ويو.
”ته تو سان اڃا تائين هيءَ مصيبت چهٽي پئي آهي. هيڏانهن کڻ، مون
کي ڏي! ڇا تنهنجو خيال آهي ته تون هي لڪڻ کڻي پڪنڪ
ملهائڻ نڪتو آهين؟ تون ڪنهن ٿڌي سڙڪ تي گهمي ته نه
رهيو آهين...... چيو نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 48 ڪلاڪ
گارڊ روم ۾ بند...... بهترين هواباز، تنهنجو مٿو
ڦري ويو آهي. هاڻي تون وري هوائي جهاز جي پَرَ تي
چوڪڙيءَ جو يڪو ٺاهيندو نظر ايندين. 48 ڪلاڪ بند!
تو ٻڌو ته مون ڇا چيو؟“
ليفٽيننٽ ڪرنل، ميريسئف جي هٿ مان لڪڻ وٺي ورتو ۽ ڪا اهڙي سخت
شيءِ ڳولڻ لڳو، جنهن تي هڻي هو ان کي ڀڃي ڇڏي.
”ڪامريڊ ليفٽيننٽ، مون کي ڪجهه چوڻ جي اجازت ڏيو. هن جا پير
ڪونهن.“ استاد نائوموف وچ ۾ ڳالهايو.
عملي جي مهندار جو چهرو اڃا به وڌيڪ ڳاڙهو ٿي ويو. سندس اکيون
ٻاهر نڪري آيون ۽ هو زور زور سان ساهه کڻڻ لڳو.
”ڇا مطلب آهي تنهنجو؟ ڇا تون مون کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش پيو
ڪرين؟ ڇا جيڪو ڪجهه استاد چيو آهي، سو سڀ سچ آهي؟“
ميريسئف ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ ٻڏل اکين سان پنهنجي قيمتي لڪڻ ڏانهن
ڏٺو، جيڪو ان وقت تباهيءَ جي خطري ۾ گهيريل هو.
واقعي هاڻي هو واسيلي واسيلي وچ جي ڏنل سوکڙيءَ کي
پاڻ کان بنهه ڌار ڪونه ڪندو هو.
ليفٽيننٽ ڪرنل شڪي نظرن سان انهن دوستن کي ڏٺو ۽ وڏي آواز ۾
چيائين:
”ٺيڪ آهي......... جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ پنهنجا پير
ڏيکار...... هونهن.......!“
اليڪسي پهرئين درجي جي بهترين سرٽيفڪيٽ سان سکيا واري اسڪول مان
رخصت ڪيو ويو. ان ڪاوڙيل ليفٽيننٽ ڪرنل، ان جهوني
”هوائي بگهڙ“ سڀني کان وڌيڪ اليڪسيءَ جي مهارت ۽
ڪمال جي تعريف ڪئي ۽ جيڏي مهل شاباس ۽ تحسين ڏيڻ
تي پيو ته هن ذرو به ڪنجوسائي ڪانه ڪئي. هن سفارش
ڪئي ته ”ميريسئف بنهه ڦڙتيلو ۽ تجربيڪار ۽ مضبوط
قوت ارادي جو مالڪ هواباز آهي ۽ هوابازيءَ جي ڪنهن
به شعبي ۾ هر قسم جا فرائض پورا ڪري سگهي ٿو.“
(10)
ميريسئف سياري جا پويان ڏينهن ۽ بهار جي شروعات جو زمانو اعليٰ
هوابازيءَ جي اسڪول ۾ گذاريو. هي هڪ پراڻي طرز جو
اسڪول هو. هتي هڪ بهترين هوائي اڏو هو، رهائش جو
پڻ بهترين بندوبست هو ۽ لاجواب ڪلب گهر هو، جتي
ڪڏهن ڪڏهن ماسڪو جون ٿيٽر ڪمپنيون اچي پروگرام پيش
ڪنديون هيون. هي اسڪول به سڄو شاگردن سان ڀريو پيو
هو. پر هتي جنگ کان پهرين وارا قاعدا قانون رائج
هئا ۽ انهن تي سختيءَ سان عمل ٿيندو هو ۽ شاگردن
کي ورديءَ وغيره جي معاملي ۾ بنهه ننڍين ننڍين
ڳالهين تي به خاص توجهه ڏيڻو پوندو هو. ڇو ته
جيڪڏهن بوٽ پالش نه هوندي هئي يا ڪوٽ جو ڪو ٻيڙو
ڇنل هوندو هو ته ان ڏوهاريءَ کي به ٻه ڪلاڪ ورزش
ڪرڻي پوندي هئي.
هوابازن جو هڪ وڏو گروهه، جنهن ۾ اليڪسي پڻ شامل هو، هڪ نئين
قسم جو روسي جنگي جهاز اڏائڻ جي مشق ڪري رهيو هو.
سکيا تمام تفصيل واري هئي، جنهن ۾ انجڻ ۽ ٻين حصن
جو مطالعو پڻ شامل هو. ليڪچر جي وقت اليڪسي اهو
ڏسي حيران ٿي ويندو هو ته سندس غير حاضري واري
مختصر عرصي دوران روسي هوابازيءَ ۾ ڪيڏي نه شاندار
پيش قدمي ٿي آهي. جنگ جي شروعات ۾ جيڪي ڳالهيون
وڏن ڪارنامن ۽ شاهڪارن جي حيثيت اختيار ڪري چڪيون
هيون، سي هاڻي پراڻيون گٺل پيٺل ٿي لڳيون. تيز
رفتار ”ابابيل“ ۽ آرامده ”ميگس“، جن کي شروع ۾
ڏاڍي اهميت حاصل هئي، هاڻي انهن کي هٽائي، سندن
جاءِ تي جنگ دوران ايجاد ٿيل جديد هوائي جهاز آندا
پئي ويا. جديد ترين نموني جا شاندار ”ياڪس“، ”لا
5“، جيڪي هاڻي عام ٿي چڪا هئا ۽ ٻن ماڻهو وارو
”ابل“. هي اڏامندڙ ٽينڪون، جيڪي زمين تي پاڪي ڦيري
ڇڏينديون هيون ۽ دشمن تي گوليون، بم ۽ شيل
وسائينديون وينديون هيون. جرمنن بدحواسي ۾ انهن کي
پنهنجي لاءِ ”موت جا ڪارا ديو“ جو نالو ڏيئي ڇڏيو
هو. جنگ ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن جي حڪمت ۽ دانش جيڪي
نوان هوائي جهاز ايجاد ڪيا هئا، انهن جي ڪري فضائي
جنگ جو فن ڏاڍو منجهيل ۽ ڏکيو ٿي پيو هو. هواباز
جي لاءِ نه رڳو پنهنجي هوائي جهاز جي ڄاڻ ۽ ناقابل
تسخير همت ئي ڪافي هئي، پر هوا ۾ ترت سڌو رستو
ڳولي لهڻ، فضائي جنگ کي ان جي مختلف حصن ۾ ورهائي
ڇڏڻ ۽ اڪثر موقعن تي حڪم جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ
ئي لڙائي جو فيصلو ڪرڻ ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ جي صلاحيت
جو هجڻ پڻ نهايت ضروري هو.
هي سڀ ڪجهه ڏاڍو دلچسپ هو، پر خوفناڪ ۽ زبردست پيش قدميءَ جي
جنگ ته محاذ تي ٿي رهي هئي ۽ روشن ۽ شاندار ڪلاس
روم ۾، هڪ آرامده ۽ ڪاري ڍڪ واري ڊيسڪ جي سامهون
ويهي ليڪچر ٻڌندي ميريسئف جي دل محاذ تي وڃڻ لاءِ
تڙپندي رهندي هئي.
هن جي جيءَ چاهيو ٿي ته هو جنگ جي فضا ۾ ساه کڻي. هن جسماني درد
۽ پيڙا تي قابو پائڻ سکي ورتو هو. هن کي ناممڪن کي
ممڪن بنائڻ جو گُر اچي ويو هو. پر زبردستي ۽
مجبورًا مٿس مڙهيل بيڪاريءَ جي ڪوفت تي ضابطو رکڻ
جي قوت اراديءَ کان هو اڃا محروم هو ۽ هفتن جا
هفتا هو اسڪول جي چئني طرفن اداس اداس ۽ وائڙو
وائڙو ۽ ڪاوڙيل ڪاوڙيل وڙ ڪندو رهندو هو.
خوش قسمتيءَ سان ميجر استروچڪوف به انهن ڏينهن ۾ ان اسڪول ۾
موجود هو. هن عادت موجب پنهنجو پاڻ کي نئين ماحول
۾ هيري، سڀني سان ياري رکي ڇڏي هئي. هو اليڪسيءَ
جي اداسيءَ جو سبب سمجهي ويو هو. هڪ ڀيري کيس
چيائين ته ”يار، دل ڇو ٿو لاهين؟ اڃان ته اسان جي
وڙهڻ لاءِ گهڻو وقت بچيل آهي. ڏسين ڪونه ٿو ته اڃا
برلن گهڻو پري آهي. اسان کي اڃا سوين ميل اڳتي
وڌڻو آهي. اسان کي پنهنجو حصو ملي ويندو. تون
گهٻراءِ نه، خوب دل کولي وڙهنداسون.“
اليڪسي ۽ استروچڪوف هوابازيءَ جي مشق شروع ڪري ڇڏي هئي. اليڪسي
هاڻي ”لا 5“ هوائي جهاز کان گهڻو واقف ٿي چڪو هو.
آخرڪار اهو وقت به آيو، جڏهن سموري ٽوليءَ کي قطار
۾ بيهاريو ويو. هر شخص پنهنجي صلاحيت ۽ فن جو
مظاهرو ڪرڻ لاءِ بي چين هو. سڀني کان اڳ ڪير ٿو
اڏامي؟ اها چڻ ڀڻ پئي ٿي. تيستائين استاد
استروچڪوف جو نالو پڪاريو. ميجر جون اکيون چمڪي
ويون ۽ هو معنيٰ ڀريل انداز ۾ مسڪرائي پنهنجي
هوائي ڇٽي جو ڪشو ٻڌندي ڪاڪ پٽ ۾ ويٺو ۽ سينڍ
وڄائڻ لڳو.
ميجر استروچڪوف سمورا مقرر ڪرتب پورا ڪري واپس لٿو. جڏهن هو ٽپ
ڏيئي ڪاڪپٽ مان هيٺ لٿو، تڏهن هو جوش ۽ هيجان مان
بنهه وهلور پئي ويو. هو اسڪول جي ڪنهن ڇوڪر وانگر
خوشيءَ مان مرڳو نچي رهيو هو.
”يار، هيءَ مشين ته ڪانهي. هي ڪو وائلن آهي وائلن. الله جو سنهن
ته وائلن آهي.“ هو سهڪي رهيو هو ۽ پنهنجي استاد جي
ڳالهه به ڪانه ٿي ٻڌائين، جيڪو کيس انهيءَ چريائپ
تي جُٺ ڪري رهيو هو. هن اليڪسيءَ کي ڀاڪر وجهي زور
ڏنو ۽ چيو:
”زندگي ڏاڍي ڀلي آهي، اليوشا!“
واقعي، هي هڪ لاجواب هوائي جهاز هو. هر شخص کي ان ڳالهه تي
اتفاق هو. ميريسئف جو وارو آيو، هن پنهنجي پيرن کي
ڌاڳي سان هوائي جهاز جي پيڊل سان ٻڌو ۽ هوا ۾ بلند
ٿي ويو. هن هڪدم محسوس ڪيو ته هي گهوڙو هن جهڙي
بنا پيرن واري هسوار لاءِ ضرورت کان وڌيڪ تيز
رفتار آهي، تنهن ڪري هن لاءِ وڌيڪ احتياط جي ضرورت
هئي. جڏهن هوائي جهاز هوا ۾ بلند ٿيو، تڏهن اليڪسي
۽ هوائي جهاز ۾ اها هم آهنگي پيدا ٿي نه سگهي،
جيڪا هوابازي کي پرمسرت بنائي ٿي. هو انتهائي عمدو
هوائي جهاز هو، جيڪو هواباز جي هر اشاري کي محسوس
ڪري وٺندو هو ۽ يڪدم ان مطابق عمل ڪندو هو. جيتري
قدر هڪدم محسوس ڪرڻ جي صلاحيت جو تعلق هو ته هو
واقعي وائلن هو. هاڻي وڃي اليڪسيءَ کي پنهنجي
ناقابل تلافي نقصان جو اندازو ٿيو. کيس محسوس ٿيو
ته سندس نقلي پير ڪيترا نه بي حس آهن. هن محسوس
ڪيو ته هن جي بهترين هوائي جهاز ۾ بهترين نقلي
پير، بهترين سکيا جي باوجود به جيئرن جاڳندن ۽
لچڪيدار پيرن جي جاءِ پوري نٿا ڪري سگهن.
هوائي جهاز ڏاڍي سهوليت سان هوا کي چيريندو اڏامندو رهيو ۽
اسٽيئرنگ جي بنهه هلڪي کان هلڪي اشاري تي لبيڪ
چئي، ان مطابق عمل ڪندو رهيو. ليڪن اليڪسي ڊڄي
رهيو هو. هن محسوس ڪيو ته جيڏي مهل هو رخ بدلائي
ٿو، اوڏيءَ مهل سندس نقلي پير ڪجهه سستي ٿا
ڏيکارين. انهن ۾ اها هم آهنگي ڪانه هئي، جيڪا هڪ
هواباز لاءِ هڪ قسم جو قدرتي ردعمل بنجي ويندي
آهي. انهيءَ سستيءَ سبب هوائي جهاز هيٺ مٿي ٿي
سگهي ٿو ۽ اها شيءِ موت جو سبب به بنجي سگهي ٿي.
اليڪسيءَ پاڻ کي سرڪس جي پابند گهوڙي وانگر محسوس
ڪيو. هو بزدل ڪونه هو، هو موت کان ڪونه ٿي ڊنو. هن
ته پنهنجي هوائي ڇٽيءَ جي جانچ پڙتال کان سواءِ ئي
اڏامڻ شروع ڪيو هو. پر هن کي ڊپ رڳو اهو هو ته
سندس بنهه ننڍڙي ڀل به کيس ويڙهو فوج مان خارج
ڪرائي سگهي ٿي ۽ سندس محبوب ترين پيشي جو دروازو
سندس لاءِ هميشه لاءِ بند ٿي ويندو. هن ٻيڻي ٽيڻي
احتياط کان ڪم ورتو ۽ جڏهن هن هوائي جهاز هيٺ
لاٿو، تڏهن هو ڪافي بدحواس هو. سندس پيرن جي بي
حسيءَ سبب هو هوائي جهاز صحيح نموني ۾ لاهي ڪونه
سگهيو هو.
اليڪسي ڪاڪ پٽ مان لٿو ته بنهه خاموش هو ۽ سندس موڊ ٺيڪ ڪونه
هو. سندس ساٿين ۽ استاد پنهنجي ڳڻتي لڪائيندي سندس
واکاڻ ڪئي ۽ کيس مبارڪباد ڏني، ليڪن انهيءَ مروت ۽
لحاظ سان کيس وڌيڪ صدمو پهتو. هن هٿ جي اشاري سان
کين هڪ طرف هٽايو ۽ پاڻ پنهنجا پير گهليندو، ٿڙندو
۽ ٿاٻڙندو اسڪول طرف وڃڻ لڳو. ناڪامي به جنگي
هوائي جهاز ۾ ويهڻ کان پوءِــــــــ! ڪمند به تڏهن
ٽٽو، جڏهن آسمان باقي ٻه ٽي هٿ وڃي بچيو هو! اپريل
جي ان صبح کان پوءِ، جڏهن سندس هوائي جهاز چيڙ جي
وڻن سان ٽڪرايو هو، هي سڀ کان وڏو حادثو هو. هن نه
منجهند جي ماني کاڌي ۽ نه ئي رات جو کاڌو کائڻ
ويو. اسڪول جي قاعدي جي خلاف ورزي ڪندي هو ڏينهن
جي وقت ٻانهن سيراندي ڏيو ستو پيو هو. ڪنهن به،
جنهن کي سندس درد ۽ پيڙا جي خبر هئي، کيس تنگ ڪونه
ڪيو. نه ته سندس پاسي مان لنگهي ويندڙ آفيسرن
کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ نه ئي اسڪول جي پٽيوالي.
استروچڪوف اندر آيو ۽ ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش
ڪيائين، پر جڏهن کيس ڪوبه جواب نه مليو، تڏهن هو
افسوس ڪندو واپس هليو ويو.
استروچڪوف جي ڪمري مان ٻاهر وڃڻ شرط ئي اسڪول جو سياسي آفيسر،
ليفٽيننٽ ڪرنل ڪپوستين اندر آيو. هو ننڍي قد جو
معمولي شڪل وارو ماڻهو هو. هن جي اکين تي ٿلهن
شيشن واري عينڪ چڙهيل هئي ۽ کيس تمام ويڪري وردي
پاتل هئي، جيڪا کيس ٻوريءَ وانگر ٿي لڳي. هتي جا
شاگرد بين الاقوامي مسئلن تي سندس ليڪچر ٻڌڻ لاءِ
آتا هوندا هئا. انهن ليڪچرن دوران هي معمولي ماڻهو
منجهن فخر جو احساس پيدا ڪري ڇڏيندو هو ته هو هن
عظيم جنگ جا سپاهي آهن. ليڪن وري اهي ئي شاگرد کيس
هڪ آفيسر جي حيثيت ۾ ڪابه اهميت ڪانه ڏيندا هئا.
هو هن کي هڪ غير فوجي ماڻهو سمجهندا هئا، جيڪو
اتفاق سان هوائي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو هو ۽ جنهن کي
هوابازيءَ متعلق ڪابه خبر ڪانه هئي. هن ميريسئف
ڏانهن ڪوبه توجهه ڪونه ڏنو ۽ ڪمري ۾ چئني طرف نظر
ڊوڙائي ۽ هوا کي سونگهيو ۽ هڪدم ڪاوڙجي چيائين:
”هتي سگريٽ ڪنهن پيتو آهي؟ سگريٽ پيئڻ لاءِ جڏهن الڳ ڪمرو موجود
آهي ته پوءِ هتي ڇو؟ ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، آخر
هن جو مطلب ڇا آهي؟“
”آءٌ سگريٽ ڪونه پيئندو آهيان.“ اليڪسيءَ بي نيازيءَ سان چيو ۽
پنهنجي بستري تي پيو رهيو.
”۽ تون هتي ڇو پيو آهين؟ ڇا توکي اسڪول جي قاعدن جي خبر ڪانهي؟
جڏهن ڪو اعليٰ عملدار اندر اچي ٿو ته تون اٿي ڇو
نٿو بيهين؟ اٿي مٿي!“
هي حڪم ڪونه هو، پر ان جي ابتڙ هي ڳالهيون هڪ غير فوجي، مهذب ۽
نرم انداز ۾ چيون ويون هيون. پر ميريسئف بي
نيازيءَ سان ان حڪم جي تعميل ڪئي ۽ هو اٿي پنهنجي
بستري وٽ فوجي انداز ۾ بيهي رهيو.
”ها، هاڻي ٺيڪ آهي. ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ! هاڻي ڀلي ويهي رهو
۽ اچ ته ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪريون.“ ڪپوستين حوصلو
وڌائيندڙ انداز ۾ چيو.
”ڇا جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪريون؟“
”تنهنجي باري ۾. هليا ته ٻاهر هلون. آءٌ سگريٽ پيئڻ چاهيان ٿو ۽
هتي سگريٽ پيئڻ جي منع آهي.“
هو ٻاهر ورانڊي ۾ ويا، جتي جهڪي روشني هئي. بليڪ آئوٽ جي سبب
بجليءَ جا بلب نيري رنگ سان رنگيا ويا هئا. هو
دريءَ وٽ بيهي رهيا. ڪپوستين سلفيءَ جا سوٽا ڀرڻ
لڳو. هر سوٽي سان سندس ويڪرو ۽ فڪرمند چهرو ٻهڪي
ٿي ويو.
”اڄ آءٌ تنهنجي استاد جي خبر وٺندس.“ هن چيو.
”سو ڇا جي لاءِ؟“
”اسڪول جي آفيسرن جي موڪل کان سواءِ هن توکي هوائي جهاز ۾ مٿي
موڪليو. ان لاءِ....... تون مون کي ائين ڇو گهوري
رهيو آهين؟ حقيقت ۾ ته آءٌ پاڻ جُٺ جو لائق آهيان
جو مون اڳ ۾ توسان ڇو ڪونه ڳالهايو هو؟ مون وٽ
ايترو وقت ڪونهي. هر وقت مصروف ٿو رهان. آءٌ
چاهيان ٿو، پر..... ڇڏ انهن ڳالهين کي. ڏس
ميريسئف! تنهنجي لاءِ هوابازي ڪا سولي ڳالهه ڪانهي
۽ ان ڪري ئي آءٌ تنهنجي استاد جي خبر وٺڻ چاهيان
ٿو.“
اليڪسيءَ ڪجهه نه ڳالهايو. هو حيران ٿي سوچيندو رهيو ته هي
سلفيءَ جا سوٽا هڻندڙ شخص ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل
ماڻهو آهي؟ ڇا هو ڪو آفيسري لائين جو ماڻهو هو،
جيڪو فقط ان ڪري ڪاوڙيو پيو هلي ته ڪنهن سندس
حاڪماڻي برتري کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو ۽ اسڪول جي
هڪ غير معمولي واقعي جو کيس اطلاع ڪونه ڏنو هو يا
هو هڪ حقير عملدار هو، جنهن قاعدن مان وڃي اهو
نقطو ڳولي ڪڍيو هو، جنهن سبب انهن ماڻهن لاءِ
هوابازي تي بندش هئي، جيڪي جسماني طور ٺيڪ نه هئا،
يا ڪو ساڙيلو ۽ ضدي هو، جيڪو پنهنجي طاقت جي
مظاهري ڪرڻ جي تلاش ۾ رهندو آهي؟ آخر هو ڇا ٿو
چاهي؟ آخر هو ان وقت ڇو آيو آهي، جنهن وقت هونئن
به اليڪسيءَ جي دل ٽٽي پئي هئي ۽ سندس دل چاهيو
پئي ته پنهنجي گلي ۾ ڦاهيءَ جو ڦندو وجهي
ڇڏي.......!
هن جي دل چاهيو ته هن ماڻهوءَ کي ٿڏو هڻي هتان ڊوڙائي ڪڍي. پر
هن ڏاڍي مشڪل سان پاڻ تي ضبط ڪيو. ڪيترن مهينن جي
مصيبتن ۽ اذيتن کيس ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ۾ جلد
بازيءَ کان بچڻ جو ڏس ڏنو هو ۽ سبق پڙهايو هو. کيس
ان معمولي ماڻهو ڪپوستين ۾ ڪميسار وروبيوف جي هلڪي
هلڪي جهلڪ نظر آئي، جنهن کي اليڪسي سچو انسان
چوندو هو. ڪپوستين جي سلفيءَ جي روشني ڀڙڪي ٿي ۽
وري جهڪي ٿي ٿي ويئي، هو ڳالهائيندو رهيو:
”ٻڌ ميريسئف! آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪرڻ ڪونه ٿو چاهيان، پر تون چاهي
ڇا به سمجهين، باقي تون دنيا جو اڪيلو ماڻهو آهين،
جنهن جا پير ڪونهن، تنهن هوندي به لڙاڪو هوائي
جهاز اڏائي رهيو آهين ـــــــ ها، دنيا جو واحد
شخص! آءٌ تنهنجي جنگي فوجي دستي ۾ واپسيءَ جي
خواهش جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان. واقعي اهو جذبو
واکاڻ جوڳو آهي، پر ان ۾ ڪا خاص ڳالهه به ڪانهي.
اهڙي زماني ۾ هر شخص فتح حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وس
آهر سڀ ڪجهه ڪري ٿو......“ هن ٻيهر سلفيءَ جي
اڳئين حصي کي صاف ڪيو، ڄڻ هو اُن سلفيءَ ۾ گم هو.
اليڪسيءَ کي اها ئي ڳالهه سٺي ڪانه لڳي. هو هن جي
ڳالهه ٻڌڻ لاءِ بيتاب هو. ڪپوستين پنهنجي سلفيءَ
کي درست ڪيو ۽ ڳالهائيندو رهيو، ڄڻ ته کيس اهو
ڄاڻڻ جي پرواهه ئي ڪانه هئي ته انهن لفظن جو مٿس
ڪهڙو اثر ٿي رهيو آهي؟
”هي سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف جو ذاتي معاملو ڪونهي. نقطو هي آهي
ته تنهنجا پير ڪونهن، پر پوءِ به تون اهو هنر ۽
مهارت حاصل ڪئي آهي، جيڪا هيستائين دنيا جي نظرن ۾
فقط هڪڙو ماڻهو حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪو بدني لحاظ
کان بنهه درست ۽ چاق چڱو ڀلو هجي ۽ اهو به سون ۾
هڪڙو. تون فقط شهري ميريسئف نه آهين، پر تون هڪ
عظيم تجربو ڪندڙ ماڻهو آهين...... تنهن ڪري چوان
ٿو ته اسين توسان هڪ معمولي هواباز وارو سلوڪ نٿا
ڪري سگهون، اسان کي اهو حق ناهي. سمجهيئي؟ تو هڪ
انتهائي اهم تجربو شروع ڪيو آهي ۽ اسان جو فرض آهي
ته اسين تنهنجي هر طرح سان مدد ڪريون. پر ڪهڙي
طرح؟ اهو تون ٻڌاءِ ته اسين تنهنجي مدد ڪهڙي طرح
ڪريون؟“
هن واعدو ڪيو ته هو اسڪول جي مهندار سان ملي طئي ڪندو ته
اليڪسيءَ لاءِ وڌيڪ اڏامڻ جو بندوبست ڪري ۽
اليڪسيءَ کي چيو وڃي ته هو خود پنهنجي لاءِ سکيا
جو پروگرام مرتب ڪري.
”پوءِ ان ۾ ته تمام گهڻو ٻارڻ زيان ٿيندو.“ اليڪسيءَ افسوس سان
چيو ۽ ان تي حيران ٿي ويو ۽ هن ننڍي قد واري
معمولي ماڻهوءَ ڪيتري نه سادگيءَ سان سندس سمورن
انديشن کي ختم ڪري ڇڏيو هو.
”بيشڪ ٻارڻ هڪ اهم شيءِ آهي، سو به خاص ڪري هن وقت، جڏهن تيل جي
هڪ هڪ ڦڙي جي ڏاڍي اهميت آهي. پر تيل کان به وڌ
ٻيون شيون قيمتي آهن.“ ڪپوستين وراڻيو.
ٻئي ڏينهن کان ميريسئف اڪيلي سر مشق ڪرڻ شروع ڪري ڏني. هن هي ڪم
رڳو ان مستقل مزاجيءَ سان ڪونه ٿي ڪيو، جنهن نموني
هو هلڻ، ڊوڙڻ ۽ نچڻ جي مشق ڪرڻ جي زماني ۾ ڪندو
هو. پر هن هي ڪم اهڙي انداز ۾ شروع ڪيو، ڄڻ کيس ڪا
طاقت مٿي کڻي رهي آهي. هن هر شيءِ، هر نقطي، هر
گُرَ جو انتهائي باريڪ بينيءَ سان، بنهه شروعات
کان ۽ انتهائي ذهانت سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻ شروع
ڪيو ۽ نئين سر، نئين جوش ۽ ولولي سان پنهنجي مهم ۾
جنبي ويو. آهستي آهستي هن محسوس ڪيو ته هو ترقي
ڪري رهيو آهي ۽ ساڻس سندس بي جان پير ۽ هوائي جهاز
جا پرزا مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح هڪ
ڀيرو وري به هو پنهنجي منزل کي ويجهو، بنهه ويجهو
پهچي رهيو هو ۽ سندس مايوسيون آهستي آهستي ختم ٿي
رهيون هيون. |