(4)
ڪورسڪ جي زبردست جنگ انهيءَ خون خرابي سان هلندي رهي. پهريون
جرمنن جو منصوبو هو ته ڪورسڪ جي ڏکڻ ۽ اتر ۾ اسان
جي دفاعي لائين کي ٽوڙي روسي فوج جي ڪورسڪ واري
جٿي کي چوطرف گهيرو ڪري، اتي ”جرمن اسٽالن گراڊ“
جو بنياد رکجي، پر روسي فوج جي بچاءَ واري ثابت
قدميءَ سندس منصوبن تان پاڻي ڦيري ڇڏيو. ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ جرمن اڳواڻن محسوس ڪيو ته هو اسان
جي دفاعي لائين ٽوڙڻ ۾ ناڪام ويندا، پر جيڪڏهن
ڪامياب به ٿيا ته سندن نقصان ايترو ته گهڻو ٿي چڪو
هوندو، جو اڳيان وڌي گهيرو وجهڻ لاءِ وٽن ڪي گهڻا
سپاهي ڪونه بچندا. پر هاڻي ته تمام گهڻي دير ٿي
چڪي هئي.
روسي ڪمان جرمن حملن جو جواب انهن فوجن جي مدد سان ڏنو، جيڪي
هتي بچاءَ وارا مورچا سنڀالي ويٺيون هيون. روسي
ڪمان جرمنن جي انهيءَ خوفناڪ ۽ جان ٽوڙ جنگ جو
نظارو ڪري رهي هئي. هن پنهنجي بچت وارين فوجن کي
پري رکي ڇڏيو هو ۽ دشمن جي ٿڪجڻ ۽ بيوس ٿيڻ جو
انتظار ڪري رهي هئي. جيئن اليڪسيءَ کي پوءِ معلوم
ٿيو ته سندس رجمينٽ جو ڪم هي هو ته هوءَ ان فوج جي
حفاظت ڪري، جيڪا جوابي حملي لاءِ صفون ٻڌيو بيٺي
هئي، تنهن ڪري اهي ٽينڪن ۽ هوائي فوج جا دستا، جن
کي ساڻس گڏ حملو ڪرڻو هو، سي هن عظيم جنگ جي شروع
۾ خاموش تماشو ڏسندا رهيا. جڏهن دشمن جون سموريون
فوجون ڇڪجي جنگ جي ميدان ۾ اچي ويون، تڏهن هوائي
اڏي تي ”ٻئي مرحلي“ جو حڪم ختم ٿيو ۽ هوابازن کي
خندقن ۾ ڪپڙا لاهي سمهڻ جي اجازت ملي.
صبح جو وقت هو. سج جا ڪرڻا خندق اندر فرش تي پئجي رهيا هئا. هي
ٻئي دوست تختن تي ستا پيا هئا. اوچتو مٿي رستي تي
تيز تيز قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ڪنهن هڪل ڪئي
”ٽپالي!“ محاذ تي اهو لفظ جادوءَ جو اثر رکي ٿو.
ٻنهي ڄڻن گڏوگڏ پنهنجا ڪمبل لاهي ڦٽا ڪيا ۽ جيستائين اليڪسي
پنهنجي پيرن جا ڌاڳا ٻڌي، تيستائين پتروف ڊوڙي
ٻاهر نڪري ويو. هن ٽپاليءَ کي وڃي جهليو ۽
اليڪسيءَ لاءِ ٻن خطن سوڌو ڏاڍي سوڀاري شان سان
اندر آيو. هڪڙو خط سندس ماءُ جو ۽ هڪ خط اوليا جو.
اليڪسيءَ اڳيان وڌي کانئس ٻئي خط ڦري ورتا. عين
انهيءَ پل هوائي اڏي تان بگل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو،
جيڪو هوابازن کي پنهنجي پنهنجي جهاز تائين پهچڻ جو
اطلاع ڏئي رهيو هو.
ميريسئف ٻنهي خطن کي پنهنجي ورديءَ ۾ وڌو ۽ ٿوري دير کان پوءِ
کيس انهن جي ڳالهه ئي وسري وئي. هو پتروف جي پٺيان
جهنگل جي ان رستي تي هلڻ لڳو، جيڪو هوائي جهازن
ڏانهن ٿي ويو. هو ڪافي تيز ڀڄي رهيو هو. هو پنهنجي
لڪڻ جي سهاري هلي رهيو هو ۽ بنهه معمولي منڊڪائي
رهيو هو. جڏهن هو هوائي جهاز وٽ پهتو، تڏهن ان جو
ڪاڪ پٽ کليل هو ۽ منهن ۾ ماتا وارو مستري، جيڪو
ڳالهه ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏيندو هو، بي صبريءَ سان
سندس انتظار ڪري رهيو هو.
انجڻ گوڙ ڪيو. ميريسئف پنهنجي دستي جي اڳواڻ جهاز نمبر6 کي
گهوري رهيو هو. اڳواڻ چيسلوف پنهنجي هوائي جهاز کي
ڊوڙايو ۽ کلي ميدان ۾ نڪري ويو. هن ٻانهن مٿي ڪئي،
جنهن جو مطلب هو ”بنهه تيار رهو!“ ٻيون انجڻون به
گوڙ ۽ شور ڪرڻ لڳيون.
جڏهن اليڪسي پنهنجي هوائي جهاز ڏانهن ڊوڙندو پئي ويو ته اوڏيءَ
مهل کيس ٻئي هواباز ٻڌايو هو ته هاڻي ٽينڪون پيش
قدمي ڪري رهيون آهن، جنهن جو مطلب هي هو ته هاڻي
جنگي هوائي جهازن کي ٽينڪن جي ان رستي جي حفاظت
ڪرڻي پوندي، جيڪو دشمن جي ڀاڄ کاڌل مورچن وٽان
ٿيندو ٿي ويو. انهيءَ جو مطلب ڇا هو؟ يقينًا ان جو
مطلب ڪا پرسڪون اڏام ڪانه هئي. اويرو يا سويرو
دشمن سان ضرور ڇتي ويڙهه ٿيندي. هاڻي امتحان جو
وقت پيو اچي. هاڻي هو ثابت ڪندو ته هو ڪنهن به
هواباز کان گهٽ ناهي ۽ اهو ته هن پنهنجو مقصد حاصل
ڪري ورتو آهي.
اليڪسي ٿورو گهٻرايل ٿي لڳو. انهيءَ جو مطلب اهو ڪونه هو ته ڪو
هو موت کان ڊنل هو. ان جو ڪارڻ خطري جو اهو احساس
به ڪونه هو، جيڪو بهادر کان بهادر ۽ پرسڪون کان
پرسڪون ماڻهوءَ کي به متاثر ڪري ٿو ڇڏي. ڪا ٻي
شيءِ هئي، جيڪا کيس پريشان ڪري رهي هئي. ڇا اسلحه
خاني وارن مشين گنن ۽ توپن جي جانچ ڪري ورتي آهي؟
ڇا سندس نئين هوائي ٽوپلي ۾ ڪن ۾ آواز پهچائيندڙ
اوزار لڳايو ويو آهي، جنهن جي آزمائش اڃا ڪانه ٿي
هئي؟ ڇا پتروف پٺيان رهجي ته نه ويندو، يا هو دشمن
سان وڙهڻ ۾ ضرورت کان زياد تيزي ته ڪونه
ڏيکاريندو؟ لڪڻ ڪٿي آهي؟ هن واسيلي واسيلي وچ جو
تحفو وڃائڻ نٿي چاهيو. کيس اها به پريشاني هئي ته
هو خندق ۾ جيڪو ڪتاب ڇڏي آيو هو، سو ڪير کڻي نه
وڃي. هو انهن ئي خيالن ۾ هو، تيستائين هٿ هيٺ ٿيو
۽ ڪاڪ پٽ جي ڇت بند ڪئي وئي.
ٽن هوائي جهازن جي هڪ ٽولي هوا ۾ اڏاڻي، پوءِ ٻي ۽ ان کان پوءِ
ٽين. ميريسئف ٻي ٽوليءَ ۾ هو. هو جنگ جي اڳئين صف
جي مٿان پهتا. عجيب منظر هو. بمن جي گولن سان زمين
۾ پرڻ وانگر ڏر، کڏون، کوٻا ٺهي پيا هئا. سموري
تباهه حال وادي هيٺ ٿيندڙ جنگ ۾ پيدا ٿيندڙ پيلي
روشنيءَ سان چمڪي رهي هئي. هي سڀ ڪجهه مٿان بلندي
تان ڪيترو نه معمولي، رانديڪي جهڙو ۽ عجيب نظر اچي
رهيو هو. ماڻهوءَ کي مشڪل سان يقين ٿي آيو ته هيٺ
هر شيءِ سڙي رهي آهي، گوڙ ڪري رهي آهي، لڏي رهي
آهي ۽ ڌڙڪي رهي آهي.
هو لڙائيءَ جي اڳئين صف تان اڪري اڳتي هليا ويا. دشمن جي پٺيان
هڪ چڪر لڳايو ۽ ٻيهر لڙائيءَ واري لائين پار ڪئي.
ڪنهن به مٿن گولي ڪانه هلائي. ماڻهو هيٺ ئي پنهنجي
مصيبتن ۾ ايترا ته ورتل هئا، جو مٿانئن ڦيرا ڏيندڙ
نون جهازن ڏانهن ڪنهن به توجه ڪونه ڏنو. پر ٽينڪون
ڪٿي آهن؟ او اهي! ميريسئف کين جهنگل مان سرندو
ٻاهر نڪرندي ڏٺو. جلد ئي قطارن ۾ وڏي تعداد ۾ اهي
جهنگل مان نڪري آيون، رستن ۽ کڏن کوٻن مان اڳتي
وڌنديون رهيون. اوڏيءَ مهل هن ڪن ۾ آواز پهچائيندڙ
اوزار (ايئر فون) ۾ اڳواڻ چيسلوف جو آواز ٻڌو:
”خبردار! آءٌ آهيان چيتو ٽي، چيتو ٽي! ساڄي طرف جرمن هوائي
جهاز! ساڄي طرف!“
اليڪسيءَ پنهنجي سامهون هڪ آڏي ليڪ ڏٺي. هي اڳواڻ جو هوائي جهاز
هو. هوائي جهاز ڌڏڪا کاڌا، جنهن جو مطلب هو ته
”اهو ئي ڪريو، جيئن آءٌ ڪريان.“
ميريسئف پاڻ سان گڏ واري هوائي جهاز لاءِ ساڳيو حڪم دهرايو. هن
مڙي ڏٺو: سندس ساٿي بنهه سندس ويجهو اڏامي رهيو
آهي. ٺيڪ آهي ڀاءُ!
”مڙس ٿي مقابلو ڪجانءِ.“ هن رڙ ڪري چيو.
”تون فڪر نه ڪر.“ موٽ ملي.
هن ٻيهر آواز ٻڌو:
”آءٌ آهيان چيتو ٽي، چيتو ٽي! مون سان گڏ اچو.“
دشمن ويجهو هو، بلڪل سندس هيٺان. انهن جي قطار ائين هئي، جو هڪ
جي پٺيان ٻيو جهاز هو. هي انداز جرمنن کي ڏاڍو
وڻندو هو. هي ”يونڪرس 87“ جو دستو هو، هڪ انجڻ
وارن غوطو کائيندڙ جهازن جو دستو. هي اهي خوفناڪ
بمبار هئا، جن پولينڊ، فرانس، هالينڊ، ڊنمارڪ،
بيلجيم ۽ يوگوسلاويا جي لڙائين ۾ ڏاڍي شهرت حاصل
ڪئي هئي. انهن جي باري ۾ سڄي دنيا جي اخبارن، جنگ
جي شروع ۾ وار ڪانڊاريندڙ داستان ڇاپيا هئا، پر
روس جي لامحدود وسعتن ۾ انهن جا ڌاڻا نڪري ويا
هئا. تمام گهڻين لڙائين ۾ روسي هوابازن سندن
ڪيتريون ئي ڪمزوريون پروڙي ورتيون هيون ۽ هاڻي
اسان جا هواباز انهن ”يونڪرس“ کي هڪ معمولي شڪار
سمجهندا هئا، ڄڻ ته اهي ڪي جهنگلي تتر يا سها هجن،
جن جي شڪار لاءِ ڪنهن قابل شڪاريءَ جي ضرورت ڪانه
هئي.
اڳواڻ چيسلوف سڌو دشمن سان ڪونه ٽڪريو. هن هڪ چڪر لڳايو.
ميريسئف سوچيو ته ”هوشيار اڳواڻ سج کي پنهنجي
پويان ڪرڻ ٿو چاهي“ ته جيئن سج جي اولڙي کان بچي
سگهجي. هن هي به سوچيو ته ايتري احتياط کان ڪم
وٺي، انهن تي حملو ڪرڻ ڪري انهن معمولي جهازن جي
اجائي عزت ڪئي پئي وڃي، پر پوءِ به احتياط ڪرڻ ۾
ڪو نقصان ڪونهي.
هن ٻيهر مڙي ڏٺو. پتروف سندس پٺيان هو.
جرمن دستو هاڻي سندس ساڄي هٿ تي هو. اليڪسيءَ پنهنجي اڳواڻ جي
حڪم جا آخري لفظ ٻڌا:
”چيتو ٽي، وارو ڪريو.“
هن ڏٺو ته چيسلوف ۽ سندس ساٿي دشمن جي پاسي کان ڳجهه وانگر جهپو
هنيو. بنهه ويجهي ”يونڪرس“ تي گولين جي برسات
اُٺي. يونڪرس ڪري پيو ۽ چيسلوف ۽ سندس ساٿي ۽ ٽيون
هواباز، ٽئي جرمن هوائي جهازن جي صف ۾ پيل ڏار مان
هيٺ نڪري ويا.
جرمنن هڪدم پنهنجون صفون درست ڪيون.
اليڪسيءَ اشارو ڏنو ۽ هن رڙ ڪري چوڻ ٿي چاهيو ”وارو ڪريو“ پر هو
جذبات ۾ ايترو ته وهلورجي ويو، جو سندس وات مان
رڳو ”وارو....... وارو....... وارو.........“ ئي
نڪري سگهيو ۽ وڌيڪ ڪجهه به چئي نه سگهيو.
هو گهت ڏيئي هيٺ ٿي ويو هو ۽ کيس سڪون ۽ آرام سان اڏامندڙ جرمن
جهازن جي قطارن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿي
آيو. هن ان هوائي جهاز کي نشانو بنايو، جنهن
چيسلوف طرفان ڪيرايل جهاز جي جاءِ اچي ڀري هئي.
سندس ڪنن ۾ گونج ٻڌڻ ۾ آئي. سندس دل اهڙي ته تيز ۽
وحشت سان ڌڙڪڻ لڳي جو سندس نڙي سڪي خشڪ ٿي ويئي ۽
گلو گهٽجڻ لڳو. هن پنهنجي چونڊيل شڪار کي نشاني جي
سوراخ ۾ رکيو ۽ پنهنجي ٻنهي آڱوٺن کي گهوڙن تي رکي
ان طرف وڌيو. سرمائي رنگ جي دونهين جون لڪيرون
سندس پاسي مان لنگهي ويون. اڙي! هو ته گوليون
وسائي رهيا آهن. نشانو خالي ويو. ٺيڪ آهي، وري
ٻيهر! هن ڀيري اڃا به وڌيڪ ويجهڙائيءَ کان! ڪوبه
نقصان ڪونه پهتو. پتروف جو ڪهڙو حال آهي؟ هن کي به
ڪو نقصان ڪونه پهتو آهي. هو کاٻي طرف آهي. دشمن جو
وار خالي ويو. شاباس ڇوڪرا! جرمن هوائي جهاز جو
پاسو سائيز ۾ وڌندو ويو. سندس آڱوٺن اليومينم جي
ٿڌن بٽڻن کي محسوس ڪيو. اڃا ٿورو ويجهو
ٿيان......!
هيءَ اها گهڙي هئي، جڏهن اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته هو پاڻ بنهه
هوائي جهاز جو هڪ پرزو ٿي ويو آهي. هن انجڻ جو
ڌڙڪڻ ائين ٿي محسوس ڪيو، ڄڻڪ سندس دل جو ڌڙڪڻ هجي.
هن جي سموري وجود هوائي جهاز جي پرن ۽ چرخيءَ جو
ڦڙڪڻ محسوس ڪيو ۽ کيس لڳو ته هن جي نقلي پيرن ۾ پڻ
سرت اچي ويئي آهي ۽ اهي کيس ۽ هوائي جهاز جي تيز
چرپر جي سموري وابستگيءَ ۾ ڪابه رڪاوٽ نٿا وجهن
ـــــــ نشاني تان هٽي ويندڙ جرمن جهاز کي هن ٻيهر
پنهنجي نشاني تي آندو ۽ گهوڙا دٻائي ڇڏيا. هن نه
ته گولين جا ٺڪاءَ ٻڌا ۽ نه ئي گولين جو وسڪارو
ڏٺو، پر پوءِ به کيس يقين هو ته سندس نشانو خالي
ڪونه ويو آهي. هن نشاني تان نظر هٽائي ته کيس دشمن
جو ٻيو جهاز به ڪرندو ڏسڻ ۾ آيو. ڇا هن ٻه جهاز
ڪيرايا آهن؟ نه، هيءُ پتروف جو ڪارنامو هو. هو
سندس ساڄي پاسي کان هو. بنهه نئين نڪور هواباز
لاءِ اها ڳالهه ڪا خواب مثل ڪانه هئي. کيس پنهنجي
ڪاميابيءَ کان وڌيڪ پتروف جي ڪاميابيءَ تي خوشي
ٿي.
جرمن هوابازن جي قطارن ۾ پيل شگاف مان ٻي ٽولي به لنگهي ويئي ۽
تڏهن ئي اصل تماشو شروع ٿي ويو. جرمن هوائي جهازن
جي ٻي کيپ اچي وئي. ان ۾ نسبتًا گهٽ تجربيڪار
هواباز هئا، ڇو ته انهن پنهنجي صفن کي ٽوڙڻ شروع
ڪري ڏنو هو. چيسلوف جي ٽوليءَ جا جهاز ٽڙيل پکڙيل
يونڪرس تي ڪاهي پيا ۽ انهن کي ڀڄائي ڇڏيائون. هنن
انهن کي مجبور ڪيو ته پنهنجا بم خود پنهنجن مورچن
تي وسائين. اڳواڻ چيسلوف جي مهم واري ڳالهه هاڻ
سمجهه ۾ آئي هئي...... هن جو مقصد هو ته دشمن کي
پنهنجي مورچن تي بم وسائڻ تي مجبور ڪيو وڃي. سج کي
پنهنجي پٺيان ڪرڻ ڪو هن جو اصل مقصد ڪونه هو.
جرمنن جي پهرين قطار ٻيهر درست ٿي ويئي ۽ يونڪرس ان طرف اڏامڻ
لڳا، جتان ٽينڪن وڇوٽي پيدا ڪئي هئي. ٽينءَ ٽوليءَ
جو حملو ڪامياب ڪونه ٿيو. جرمن جي جهازن مان ڪوبه
جهاز ڪونه ڪريو، ويتر روسي جهازن مان هڪ جهاز
گهٽجي ويو هو. ان کي جرمن توپچيءَ ڪيرايو هو. هو
اتي پهچي رهيا هئا، جتي ٽينڪن پنهنجي حملن ۾ تيزي
پيدا ڪري ڇڏي هئي. هاڻي گهڻو مٿي وڃڻ جي ضرورت
ڪانه هئي. چيسلوف هيٺان ئي حملي ڪرڻ جو خطرو ٻولي
کنيو. اليڪسيءَ دل ئي دل ۾ سندس تائيد ڪئي. هو خود
بيقرار هو ته پاسيرو حملو ڪري ”لا -5“ جي شاندار
خوبين جو ڀرپور فائدو وٺجي ۽ دشمن جي پيٽ کي ”چيري
ڦاڙي“ ڇڏجي. پهرين ٽولي مٿي گوليون هلائڻ شروع ڪري
ڇڏيون. ٻه جرمن هوائي جهاز صف مان غائب ٿي ويا.
انهن مان هڪ ته پڪ سان وچان اڌو اڌ ٿي ويو هو.
”هليا، مون سان گڏ اچ.“ ميريسئف رڙ ڪري پتروف کي چيوـــــ زمين
بنهه ابتي ٿي نچڻ لڳي. اليڪسي پنهنجي جاءِ تي ڪري
پيو، ڄڻ ته کيس ڪو زبردست ڌڪ لڳو هجي. کيس پنهنجي
وات ۽ چپن تي رت جو ذائقو محسوس ٿيو. سندس اکين ۾
ڳاڙهي ڌنڌ ڇانئجي ويئي. اوڏيءَ مهل کيس هڪ يونڪرس
جو پيٽ نظر آيو ۽ هن گهوڙا دٻائي ڇڏيا. هوائي جهاز
تيل جي ٽانڪين ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪدم ڦاٽي پيو ۽
دونهين ۾ غائب ٿي ويو.
هو انهيءَ شعلن گاڏڙ دونهي جي بادلن مان لنگهي ويو. سندس ساٿي
سندس ساڄي پاسي کان اڏامي رهيو هو. آسمان بلڪل
خالي هو. پري ڪڪرن جي پس منظر ۾، اُفق تي کيس ننڍا
ننڍا نقطا ڏسڻ ۾ پئي آيا. هي اهي يونڪرس هئا، جيڪي
هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا هئا. هن گهڙي ڏٺي ۽
حيران ٿي ويو، هن جي ليکي هيءَ ويڙهه اڌ ڪلاڪ کن
هلي هوندي ۽ سندس ٻارڻ هاڻي ختم ٿيڻ تي هوندو. پر
واچ پئي ٻڌايو ته اهو سڀ ڪجهه شروع کان آخر تائين
فقط ساڍن ٽن منٽن ۾ ختم ٿي ويو هو.
”جيئرو آهين؟“ هن پنهنجي ساٿيءَ کان پڇيو، جيڪو ساڄي پاسي کان
ڦري کاٻي پاسي اچي چڪو هو.
هن قسمين قسمين آوازن جي شور ۾ پري کان خوشيءَ جي نشي ۾ ٻڏل
آواز ٻڌو: ”ها زنده آهيان....... هيٺ، ٿورو هيٺ
ڏس.....“
هيٺ رڳو دونهون ئي دونهون هو. هنڌ هنڌ تي جرمن هوائي جهاز سڙي
رهيا هئا ۽ خاموش فضا ۾ گهاٽي دونهين جا ڪڪر سڌا
آسمان ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، پر اليڪسيءَ انهن
جلندڙ جهازن کي ڏسڻ بدران پنهنجي نظر انهن ساواڻ
مائل سرمائي ڀونئرن تي ڄمائي رکي، جيڪي ٻنين ۾ پري
پري تائين اڏامندي نظر اچي رهيا هئا.
اڳواڻ چيسلوف جي دستي جي نون هوائي جهازن مان ٻه واپس اڏي تي
ڪونه پهتا. انهن جي عيوض دشمن جا نو يونڪرس جهاز
ڪيرايا ويا هئا. جيڪڏهن جهازن جي ڳڻپ جي حساب کان
ڏٺو وڃي ته نون جي عيوض ٻن جو فرق وڏي فتح جو ثبوت
هو، پر ٻن ساٿين جي مارجي وڃڻ ڪري فتح جي خوشي،
خوشي ڪانه رهي هئي. پنهنجن هوائي جهازن مان لهڻ
بعد هوابازن نه ته جنگ جي باري ۾ خوشيءَ جو اظهار
ڪيو، نه وري فتح جا نعرا هنيا ۽ نه ئي خطري ٽري
وڃڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ زنده دليءَ جو مظاهرو
ڪيو. هو ڏکويل دل سان پنهنجي عملي جي مهندار وٽ
آيا، هنن خشڪ ۽ ڪاروباري جملن ۾ پنهنجي مهم جي
نتيجن جي رپورٽ ڏني ۽ هڪ ٻئي سان اکيون ملائڻ کان
سواءِ ئي هليا ويا.
اليڪسي رجمينٽ ۾ نئون هو، تنهن ڪري هو انهن ماڻهن کي ڪونه
سڃاڻندو هو، جيڪي مارجي ويا هئا. پر سندس ڪيفيت پڻ
ساڳي هئي. اڄ سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان
انتهائي اهم واقعو ٿيو هو. هي اهو واقعو هو، جنهن
جي لاءِ هو پنهنجي جسم ۽ دماغ جي سموريءَ قوت سان
جاکوڙ ڪندو رهيو هو ۽ انهيءَ تي ئي سندس سڄي
مستقبل جو دارومدار هو – بنهه ٺيڪ ٺاڪ ٿي پنهنجي
صفن ۾ واپسي – اڄ اهو خواب پورو ٿي چڪو هو. هن
اسپتال جي بستري تي ۽ پوءِ جڏهن هو هلڻ ۽ نچڻ سکي
رهيو هو، نه ڄاڻان ڪيترا ڀيرا انهيءَ گهڙيءَ جا
خواب ڏٺا هئا. ان عرصي دوران جڏهن هو هواباز جي
حيثيت ۾ ٻيهر پنهنجو فن سکڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪري
رهيو هو، تڏهن به هن هر گهڙيءَ اهو ئي خواب ڏٺو هو
۽ هاڻي جڏهن سندس پراڻو خواب پورو ٿيڻ جو ڏينهن
اچي چڪو هو، جڏهن هن ٻه جرمن جهاز تباه ڪيا هئا ۽
جڏهن هو ٻيهر هوابازن جي صفن ۾ شامل ٿي چڪو هو،
تڏهن هن ٻين هوابازن وانگر پنهنجي ڪاميابيءَ جي
رپورٽ عملي جي مهندار کي ڏني، جنگ جي حالات تي
روشني وڌي ۽ پنهنجي ساٿيءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ پوءِ
برچ جي وڻن جي ڇانو ۾ ويهي رهيو.
پتروف واحد شخص هو، جيڪو هوائي ميدان ۾ ڊوڙي رهيو هو. هن جو مٿو
اگهاڙو هو ۽ سندس سونهري وار هوا ۾ اڏامي رهيا
هئا. جيڪو به ماڻهو کيس گڏيو ٿي، هو ان جي ٻانهن
جهلي کيس پنهنجو قصو ٻڌائڻ لڳي ٿي ويو.
”هو بنهه منهنجي ڀرسان هو..... هڪ هٿ جي فاصلي تي ئي
سمجهو....... ٻڌ ته سهي....... مون ڏٺو ته سينيئر
ليفٽيننٽ دشمن جي اڳواڻ کي نشانو پيو بنائي ۽ پوءِ
مون ان جي پاسي واري جهاز کي نشانو بنايو ۽
ٺا.........!“
هو ڊوڙندو اليڪسيءَ وٽ پهتو ۽ سندس ڀرسان نرم گاهه تي ليٽي پيو
۽ ٽنگون ٽيڙي پئجي رهيو. هو وري ٽپ ڏئي اٿيو ۽
چيائين: ”اڄ ته تو بنهه ڪي شاندار ڪرتب ڏيکاريا
هئا! تمام بهترين. منهنجو ته ساهه هيٺيون هيٺ ۽
مٿيون مٿي رهجي ويو هو. تو ڏٺو ته مون دشمن کي
ڪيئن نشانو بنايو؟ ٻڌ ته سهي........ آءٌ تنهنجي
پٺيان اڏامندو رهيس ۽ هاڻي هو منهنجي بلڪل ويجهو
نظر آيو، بلڪل ائين، جيئن تون ويٺو آهين.........“
”هڪ منٽ ترسجانءِ دوست.“ اليڪسيءَ پنهنجي کيسي ۾ هٿ هڻندي چيو.
”هو خط، اڙي اهي خط ڪيڏانهن ويا؟“ هن کي اهي خط
ياد آيا، جيڪي کيس انهيءَ ڏينهن مليا هئا. جڏهن هن
کيسن ۾ خط ڪونه ڏٺا ته کيس ٿڌو پگهر نڪري آيو. هن
پنهنجو هٿ ورديءَ اندر هنيو ۽ سر سر ڪندڙ لفافن کي
محسوس ڪري اطمينان جو ساه کنيائين. هن اوليا جو خط
هٿ ۾ کنيو ۽ انهيءَ داستان کان بي نياز ٿي لفافو
کولڻ لڳو، جيڪو سندس دوست کيس ٻڌائي رهيو هو.
بنهه انهيءَ ساعت آسمان ۾ هڪ راڪيٽ ڦاٽو. هواباز ٽپ ڏيئي اٿيا ۽
ڊوڙي وڃي جهاز ۾ ويٺا. هن لفافو رکي ڇڏيو. هو هڪ
لفظ به پڙهي نه سگهيو هو. خط کولڻ مهل کيس ڪا سخت
شيءِ پڻ محسوس ٿي هئي. هوائي جهاز هلائيندي به هو
خطن جي گرمي محسوس ڪري رهيو هو ۽ هو حيران هو ته
آخر اوليا کيس ڇا موڪليو آهي؟
ان ڏينهن، جڏهن ٽينڪن واري فوج دشمن جي مورچن ۾ ڏرڙ وجهي ڇڏيا
هئا، تڏهن گارڊ جنگي جهازن جي دستي لاءِ، جن ۾
اليڪسي پڻ شامل هو، هڪ ڇتي ويڙهه جو آغاز ٿيو هو.
جٿن پويان جٿا اڏامي رهيا هئا. پهريون جٿو اڃا هيٺ
لٿو ئي مس ٿي ته ٻيو جٿو اڏاميو ٿي. هوابازن ان
ڏينهن کاڌي لاءِ به ڪاڪ پٽ ڪونه ڇڏيو. کين اتي ئي
کاڌو پهچايو ويو، پر ڪوبه کاڌي جي موڊ ۾ ڪونه هو.
مانيءَ جو گرهه کين نڙيءَ ۾ ڦاسي ٿي پيو.
اڳواڻ چيسلوف جو جٿو ٻيهر هيٺ زمين تي لٿو. جهاز ڊوڙي وڃي جهنگل
۾ پهتا. سندن ٽانڪين ۾ تيل ڀرجڻ لڳو. اليڪسي ڪاڪ
پٽ ۾ ويٺو ٿڪاوٽ جي مٺي مٺي سور جي احساس سان
مسڪرائي رهيو هو ۽ بي صبريءَ سان آسمان کي گهوري
رهيو هو.
جڏهن شام جو انڌيرو ڇانئجڻ لڳو، تڏهن وڃي هوابازن کي ڪا موڪل
ملي. ميريسئف پنهنجي رهائش ڏانهن وڃڻ لڳو، پر هن
جهنگل مان لنگهندڙ ٿوري پنڌ وارو رستو ڪونه اختيار
ڪيو. هن پنهنجي خيالن کي گڏ ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ سڄي
ڏينهن جي گوڙ شور کان پوءِ آرام ڪرڻ ٿي چاهيو. کيس
سڄي ڏينهن جي وٺ پڪڙ کان پوءِ سڪون جي تلاش هئي.
ائين پئي لڳو، ڄڻ ته اڄوڪو ڏينهن کٽندو ئي ڪونه!
هو پنهنجي خيالن ۾ گم رستو ڏيو پئي ويو ته اوچتو سندس پٺيان هڪ
جيپ اچي بيٺي. پٺيان مڙڻ کان سواءِ ئي اليڪسيءَ
سمجهي ورتو ته اهو ونگ ڪمانڊر ئي هوندو. سندس ڪنن
جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ هو پنهنجي لڪڻ سان
زمين کوٽڻ لڳو. پر اوچتو هن ڪرنل جو آواز ٻڌو:
”او يار! تون هتي ڇا پيو ڪرين؟ آءٌ آهيان سو چئني پاسن پيو توکي
ڳوليان. هر ماڻهو پنهنجي بهادر هيري جي باري ۾ پيو
پڇا ڪري ۽ تون آهين سو هتي گاهه ۾ لڪو پيو آهين.“
ڪرنل ٽپ ڏيئي جيپ مان لٿو. هن کي جيپ هلائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو
۽ واندڪائيءَ ۾ ڪار ۾ چڙهي هيڏانهن هوڏانهن پيو
گهمندو ڦرندو هو. هو گهڻو ڪري نيرو وڳو پائيندو
هو، تنهن ڪري ٻين مسترين جي وچ ۾ رڳو پنهنجي ڊگهي
ٽوپيءَ ۽ مخصوص مهانڊن جي ڪري ئي سڃاڻجي سگهندو
هو.
اليڪسي اڃان تائين پنهنجن خيالن ۾ ٻڏل لڪڻ سان زمين کوٽي رهيو
هو. ڪرنل سندس ڪلهن تي هٿ رکيا ۽ چيائين:
”يار! بيهه ته توکي ڍؤ ڪري ڏسي ته وٺان! هونءَ ڀاءُ توکي خدا ئي
سمجهي. اهڙي ته ڪا خاص ڳالهه نظر ڪانه ٿي اچي.
هاڻي آءٌ توکي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌايان. تون
جڏهن اسان وٽ پهتو هئين، تڏهن فوجي هيڊ ڪوارٽر ۾
جيڪي ڪجهه تنهنجي باري ۾ چيو پئي ويو، ان جي
باوجود به مون کي يقين ڪونه ٿي آيو ته ڪو تون جنگ
۾ ڪامياب ٿيندين، پر تو ته جنگ ۾ سوڀ حاصل ڪري ئي
ڏيکاري ۽ اها به ڪهڙي طرح......! هيءَ ڌرتي، هي
اسان جو روس، اسان جي ماءُ آهي. پڪ سان تون پنهنجي
ماءُ جي ٿڃ جو ٿورو لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهين. توکي
مبارڪون هجن دوست! آءٌ تنهنجو دل جي گهرائين سان
قدر ٿو ڪريان ۽ توکي شاباس ٿو ڏيان. تون واقعي
اڙٻنگ انسان آهين، مٿير مڙس آهين. تون ئي ڌرتيءَ
جو ڌڻي آهين. ڌرتيءَ کي تو جهڙن ٻچڙن تي ناز آهي.
هليا ته توکي جيپ ۾ گهر پهچائي اچان.........“
جيپ مڙي ۽ رستي تي ڀڄڻ لڳي. هر موڙ تي هوءَ چريائپ واري انداز ۾
مڙي ٿي ۽ سڄي هڪ پاسي جهڪيو ٿي وئي. ”ٻڌاءِ، شايد
توکي ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي، شايد توکي ڪنهن قسم
جي تڪليف هجي؟ ڪنهن به قسم جي مدد گهرڻ ۾ حجاب نه
ڪجانءِ، ڇو ته تون ان جو پورو حقدار آهين.“ ڪرنل
چيو. هو ڏاڍي هوشياريءَ سان جهنگل ۽ رهائشي جاين
وچ ۾ جيپ کي ڊوڙائي رهيو هو.
”مون کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ڪانهي، ڪامريڊ جرنل! آءٌ ڪنهن به
طرح ٻين کان مختلف ڪونه آهيان. ڏاڍو ڪو سٺو ٿئي جو
ماڻهو اها ڳالهه وساري ڇڏين ته منهنجا ڪي پير
ڪونهن.“ اليڪسيءَ جواب ڏنو.
”ها، تون بلڪل ٺيڪ ٿو چوين. ڪهڙي جاءِ آهي تنهنجي؟ هيءَ؟“ ڪرنل
هڪ جهٽڪي سان جيپ روڪي ۽ اڃا ميريسئف لٿو ئي مس
هو، تيسين جيپ زوزاٽ ڪندي هلي ويئي.
اليڪسي خندق ۾ ڪونه ويو. هو خوشبوءَ سان معطر ماحول ۾ برچ جي هڪ
وڻ هيٺان ليٽي پيو ۽ ڏاڍي احتياط سان لفافي مان
اوليا جو خط کوليائين. هڪ تصوير لفافي مان ترڪي
وڃي هيٺ ڪري. اليڪسيءَ هڪدم اها کڻي ورتي. سندس دل
ڏاڍي تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي.
تصوير مان هڪ ڄاتل سڃاتل چهرو کيس گهوري رهيو هو، پر پوءِ به
هاڻي ان چهري کي سڃاڻڻ ڏکيو پئي لڳو. هيءَ اوليا
هئي، جيڪا فوجي لباس پايو بيٺي هئي. گلي تائين بند
فوجي وردي، پيٽي ”سرخ ستاري“ جو ٻلو ۽ گارد دستي
جو ٻلو ۽ اهو سڀ ڪجهه کيس ڪيترو ٺهيو ٿي! هوءَ
آفيسر جي ورديءَ ۾ هڪ نازڪ ۽ تمام خوبصورت ڇوڪرو
پئي لڳي.
ها، بس ڇوڪري جي چهري تي رڳو ٿڪاوٽ هئي ۽ سندس وڏين وڏين،
ڪشادين ۽ چمڪدار اکين ۾ جوانيءَ جي اها جوت ڪانه
هئي، جيڪا ان جي عمر ۾ ٿيندي آهي. هونءَ ته هي
اکيون دل ۾ جاءِ ڪنديون پئي ويون.
اليڪسي ڪيتري دير تائين ٽڪ ٻڌي انهن اکڙين کي گهوريندو رهيو.
سندس دل هڪ اهڙي ناقابل بيان مٺي درد ۽ پيڙا سان
پُر هئي، جا ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي محبوب ۽ پياري
گيت کي پري کان آهستي آهستي ٻڌڻ سان جاڳندي آهي.
کيس سندس کيسي مان اوليا جي پراڻي تصوير ملي. هوءَ
ڇيٽ جو فراڪ پايو سفيد تارن جهڙي موتئي جي گلن جي
جهڳٽن ۾ ويٺي هئي. هيءَ عجيب ڳالهه آهي، جو وردي
پاتل ڇوڪري، جنهن جون اکيون ٿڪل ٿي لڳيون ۽ جنهن
کي هن ڪڏهن انهيءَ انداز ۾ ڏٺو به ڪين هو، کيس ڇيٽ
جي فراڪ واري ڇوڪريءَ کان وڌيڪ پياري ٿي لڳي. نئين
تصوير جي پٺيان لکيل هو: ”سدائين ياد رکجانءِ.“
خط مختصر هو پر بامقصد هو. هاڻي هيءَ ڇوڪري انجنيئرنگ پلٽڻ جي
ڪمانڊر هئي. ها، پر اها پلٽڻ هاڻي جنگ جي ميدان تي
وڙهي ڪانه پئي ۽ هاڻ پرامن تعمير جو ڪم ڪري رهي
هئي. هيءَ اسٽالن گراڊ جي ٻيهر تعمير ۾ هٿ ونڊائي
رهي هئي. هن پنهنجي باري ۾ بنهه گهٽ لکيو هو، پر
هوءَ هڪ عظيم شهر جو ذڪر ڪندي جذبات ۾ بلڪل
وهلورجي ويئي هئي. هن ان جي مٽيءَ جي ڍيرن ۽ کنڊرن
جي باري ۾ لکيو هو، جن ۾ نئون پساه پئجي رهيو هو.
هن عورتن، ڇوڪرين ۽ نوجوانن جي باري ۾ لکيو هو،
جيڪي ملڪ جي سمورن حصن مان شهر جي اڏاوت لاءِ آيا
هئا. هو خندقن، تهه خانن، سرنگن ۽ غارن ۾ رهيا پيا
هئا، جيڪي جنگ کان پوءِ ائين خالي پيون هيون. هو
ريل گاڏيءَ جي دٻن ۽ ڪکائن جهوپڙن ۾ رهندا هئا. هن
لکيو هو ته ماڻهو چون ٿا ته هر ان شخص کي هڪڙي
جاءِ ملندي، جن شهر جي تعمير ۾ ڀرپور حصو ورتو
هوندو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اليڪسي کي به
يقين اچڻ گهرجي ته جنگ کان پوءِ کين هڪڙو گوشو
ضرور ملي ويندو.
انڌيرو ڇانئجي ويو هو. اليڪسيءَ خط جون آخري سٽون هٿ بتيءَ جي
روشنيءَ ۾ پڙهيون. جڏهن هن خط پڙهي ورتو، تڏهن وري
تصوير تي روشني وڌائين. هوءَ ورديءَ ۾ پنهنجي تيز
۽ پرخلوص نظرن سان کيس گهورڻ لڳي. ”منهنجي مٺڙي!
مون کي خبر آهي ته توتي ڏاڍو ڪٺن وقت آيو
آهي...... هن ظالم جنگ توکي به بخش ڪونه ڪيو، پر
اها تنهنجي همت ۽ حوصلو ڦُري ڪونه سگهي آهي. ڇا
تون منهنجو اوسيئڙو ڪري رهي آهين؟ تون انتظار ڪر،
آءٌ ايندس، ضرور ايندس. تون مون سان محبت ٿي ڪرين؟
ڪندي رهج، منهنجي مٺڙي! تون هميشه مون کي پيار
ڪندي رهجان.“ پوءِ هڪدم اليڪسيءَ شرمندگي محسوس
ڪئي، جو هن ارڙهن مهينن تائين هن کان، اسٽالن گراڊ
جي هڪ مجاهدڻ کان پنهنجي بدقسمتيءَ جي ڳالهه لڪائي
رکي هئي. هن جي دل چاهيو ته هو هڪدم خندق اندر وڃي
۽ اوليا کي هر شيءِ جي باري ۾ صاف صاف لکي ڇڏي.
پوءِ هوءَ پاڻ فيصلو ڪري ۽ اهو ڪم جيترو جلدي ٿي
سگهي، اوترو ئي سٺو آهي. سڀ ڪجهه طئي ٿي وڃي ته
ٻنهي لاءِ سهوليت ٿي پوي.
ان ڏينهن جي ڪارنامي کان پوءِ هاڻ هو هن سان اکيون اکين ۾ ملائي
ڳالهائي سگهيو ٿي. هاڻي هو نه رڳو هوائي جهاز
اڏائي رهيو هو، پر وڙهي به رهيو هو. ڇا هن عهد
ڪونه ڪيو هو ته جڏهن يا ته سندس سموريون اميدون ۽
آسرا، جاکوڙ ۽ جدوجهد بنهه ڇيهون ڇيهون ٿي
وينديون، يا وري هو ٻين سپاهين جي صفن ۾ برابريءَ
جي حيثيت ۾ شامل ٿي ويندو، تڏهن هو کيس پاڻ متعلق
سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو؟ هاڻي هن پنهنجو مقصد حاصل
ڪري ورتو هو. هن جيڪي ٻه هوائي جهاز ڪيرايا هئا،
تن کي سڀني ڏٺو هو. ان ڏينهن ڊيوٽيءَ تي موجود
آفيسر دستي جي روزنامچي ۾ به داخل ڪيا هئا ۽
انهيءَ جي رپورٽ ڊويزنل فوجي هيڊ ڪوارٽر ۽ ماسڪو
پڻ موڪلي وئي هئي.
هي سڀ ڪجهه سچ هو. هن پنهنجو واعدو پاڙيو هو ۽ هاڻي هو اوليا کي
سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهيو ٿي، پر ٿورو سوچيو ته سهي
”جهرڪيءَ“ جهڙو جهاز اسان جي ويڙهو هوائي جهاز جي
شاني شريڪ آهي؟ هڪ قابل توپچي پنهنجي ڪمال جو ثبوت
اهو ته پيش ڪونه ڪندو ته مون سهو ماريو هو. ڪيئن؟
اليڪسي اڃا تائين برچ جي وڻ هيٺ نرم ڇٻر تي ويٺو هو، جنهن کي
ماڪ پُسائي ڇڏيو هو. هن هڪ ڀيرو وري تصوير کيسي
مان ڪڍي ۽ ان کي هنج ۾ رکيو ۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾
ان تي نظر ڄمائي، خيالن ۾ گم ٿي ويو. ڳچ دير کان
پوءِ اليڪسيءَ هڪ ٿڌو ساه ڀريو ۽ تصوير کيسي ۾
وجهي ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ خندق ۾ هليو ويو، جتي پتروف
سنئون ڊگهو ٿيو پيو هو ۽ اگهور ننڊ ۾ زور زور سان
کونگهرا هڻي رهيو هو. |