چوٿون حصو
(1)
1943ع جي گرمين ۾ هڪ ڏينهن، جڏهن فضا گرم هئي، هڪڙي ڀڳل ٽٽل ٽرڪ
ٻنين وچان هڪ ڪچي رستي تان وڃي رهي هئي. رستو کڏن
۽ کوٻن وارو بنهه خراب هو، تنهن ڪري ٽرڪ ڌڪا ٿاٻا
کائيندي، گهوگهاٽ ڪندي، اڳتي وڌندي ٿي ويئي ۽
پويان ڌوڙ جا ڪڪر اڏائيندي پئي وئي. سندس ٻنهي
پاسن کان ڀڳل ٽٽل تختن تي ”جنگ جي ميدان جي ٽپال“
لکيل هو.
ٽرڪ ٽپال جي ٿيلهن ۽ تازين اخبارن جي بنڊلن سان سٿي پئي هئي. ان
۾ هوائي فوج واري ورديءَ ۾ ٻه فوجي ويٺل هئا. سندن
مٿن ۾ ڊگهيون ٽوپيون پاتل هيون، جن ۾ نيريون ڦيتون
لڳل هيون. هو به ٽرڪ جي لوڏن ۽ جهٽڪن سان گڏ لڏي ۽
جهومي رهيا هئا. ٻنهي مان ننڍي عمر وارو همراهه
سندس ڪلهن تي ٽانڪيل نون ٻلن مان هوائي فوج جو
سرجنٽ ميجر ٿي لڳو. سنهري وارن واري انهيءَ نوجوان
جو بدن ڏاڍو مضبوط ۽ ٺاهوڪڙو هو. سندس چهري تي
معصوميت جي اهڙي ته لطيف نرمي هئي، جو ائين پئي
لڳو ته سندس وڻندڙ ۽ شفاف چهري هيٺان ڊوڙندڙ رت
لياڪا پائي رهيو آهي. سندس عمر اوڻيهه ورهيه هئي.
هو ائين پئي پيش آيو، ڄڻ ته هن دنيا جون سرديون ۽
گرميون چڱي طرح ڏٺيون آهن. هن ڏند ڪرٽي ٿڪ ٿي
اڇلائي ۽ ڳري آواز ۾ دشمنن کي گاريون پئي ڏنائين.
آڱر جهڙو ٿلهو سگريٽ ٺاهي ٿي پيتائين ۽ هر شيءِ
کان بي نياز نظر اچڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، پر انهن
سمورين ڳالهين جي باوجود به هيءَ ڳالهه صاف ظاهر
هئي ته هو پهريون ڀيرو محاذ تي وڃي رهيو هو، تنهن
ڪري گهٻرايل هو. رستي جي ٻنهي پاسن کان جنگ جي
تباه ڪارين جا پيل نشان، جن ۾ تباه ٿيل ٽينڪون،
ڪيرايل هوائي جهاز ۽ بمن جي ڌماڪن سان ٺهيل زمين ۾
کڏا به شامل هئا، ان نوجوان لاءِ حيرت ۽ تعجب جا
جذبا پيدا ڪري رهيا هئا.
ٻئي طرف اهو صاف چٽو پئي ڏسڻ ۾ آيو ته سندس ساٿي، جيڪو سينيئر
ليفٽيننٽ هو، واقعي پراڻو سپاهي هو ۽ گهڻيون ئي
سرديون توڙي گرميون ڏسي ويٺو هو. آس پاس جي قدرتي
منظرن جو مٿس ڪو خاص اثر ڪونه ٿي پيو. جنگ جي تباه
ڪارين جا نشان ڏسي کيس ذرو به حيرت ۽ تعجب ڪونه ٿي
ٿيو.
اهو آفيسر اخبار جي بنڊلن جي ڍڳ تي آرام ڪرسي جهڙي جاءِ ٺاهي،
هڪ انوکي ۽ ڳري آبنوسي لڪڻ جي مٺ تي ڏاڙهي ٽڪائي
اوجهري رهيو هو. ان لڪڻ تي سونهري گلڪاري ٿيل هئي.
ٽرڪ جي ڌڏڪن تي هن اکيون کوليون ٿي ۽ مسڪرائي چئني
طرفن نگاهه وجهندي گرم ۽ سڳنڌ واسيل هوا ۾ زور زور
سان ساه کڻڻ ٿي شروع ڪيا. کيس رستي کان ٿورو
پرڀرو، جهومندڙ ڳاڙهاڻ مائل ڊگهي گاه جي ڇوليون
هڻندڙ سمنڊ مٿان پري کان ٻه دٻا نظر آيا. هن هڪدم
ڊرائيور کي چيو ته ٽرڪ کي رستي تان لاهي، هڪ پاسي
ڪري ۽ کيس وڻن جي جهڳٽي ڏانهن هلڻ جو اشارو
ڪيائين.
گهٽ عمر واري سپاهيءَ جي چپن تي مرڪ پکڙجي ويئي. بظاهر هوائي
جهاز تمام پري ائين بيڪار چڪر هڻي رهيا هئا. ائين
پئي لڳو ته کين هن اڪيلي ٽرڪ جي ڪا خاص ڳڻتي
ڪانهي.
جيئن ئي ٽرڪ وڻن وٽ موجود کڏي وٽ پهتي ته سينيئر ليفٽيننٽ ٻاهر
نڪتو ۽ گاهه تي ويهندي غور سان رستي جو جائزو وٺڻ
لڳو.
”تون آخر هي سمورو ڪهڙو هنگامو پيو پيدا ڪرين.......؟“ ننڍي عمر
واري سپاهيءَ چيو ۽ طنز ڀريءَ نظر سان ان آفيسر کي
ڏٺو،. پر ان کان پهرين جو هو جملو پورو ڪري،
سينيئر آفيسر منهن ڀر زمين تي ڪري پيو ۽ رڙ ڪري
چيائين:
”زمين تي ليٽي پئو.“
بلڪل ان وقت ٻه وڏا وڏا پاڇولا انجڻ جي گوڙ سان گڏ لنگهيا.
”اڙي، هو ته باهه لڳائڻ وارا بم وسائي رهيا آهن،
هاڻي ته هو ٽرڪن پويان بنهه ڪات ڪهاڙا کڻي پئجي
ويا آهن.“ ٽرڪ ڊرائيور چيو.
”شڪاري آهن.“ سينيئر ليفٽيننٽ اڃا به وڌيڪ آرام گاهه تي ليٽي
پيو ۽ اطمينان سان ورندي ڏنائين. ”اسان کي اڃا
انتظار ڪرڻ گهرجي. هو جلد ئي ٻيهر موٽي ايندا. هو
رستي تي چڪر ڪاٽي رهيا آهن. ڇوڪرا، توکي ٽرڪ اڃا
به وڌيڪ پٺيان، هن برچ جي وڻ هيٺان ڪاهي اچي
بيهارڻ کپي ها.“
هن اها ڳالهه ايتري ته اطمينان سان چئي، ڄڻ جرمن هوابازن هينئر
هينئر کيس پنهنجي سموري منصوبي کان واقف ڪري ڇڏيو
هجي. ٽپال گاڏي سان گڏ هڪ ٽپال ڇوڪري پڻ گڏ هئي.
هوءَ نوجوان ڇوڪري هئي. ان وقت هن جو چهرو سڄو
هيڊو ٿي ويو هو. سندس مٽي هاڻن چپن تي هڪ ڪمزور ۽
پريشان مرڪ پکڙيل هئي. هوءَ ڌُنڌلي نظرن سان
پرسڪون آسمان کي تڪي رهي هئي، جنهن تي اونهاري جي
موسم جا ڪڪر هڪٻئي پٺيان تري رهيا هئا. سرجنٽ
ميجر، جيڪو دل ئي دل ۾ عجيب قسم جي گهٻراهٽ محسوس
ڪري رهيو هو، تنهن حقيقت ۾ هن ڇوڪريءَ کي ئي ٻڌائڻ
خاطر ڏاڍي لاپرواهيءَ سان چيو:
”چڱو، ته ائين آهي ته اسان اڳتي وڌون، هتي ويهي وقت ڇو برباد
ڪيون؟ جو ماڻهو ڦاسي تي چڙهڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي،
سو پاڻيءَ ۾ ٻڏي ته ڪونه مرندو.......!“
سينيئر ليفٽيننٽ خاموشيءَ سان گاهه جو ڪک چٻاڙيندي ان نوجوان
ڏانهن ڏٺو. ان وقت سندس ڪاوڙيل اکين ۾ تمام هلڪي
چمڪ پيدا ٿي.
”ٻڌ ڇوڪرا! ان کان اڳ جو توکي هن جو مزو چکڻو پوي، تون اها چوڻي
وساري ڇڏ. هڪ ٻي ڳالهه به ياد رک ڪامريڊ سرجنٽ
ميجر! محاذ تي توکي بالا عملدارن جي حڪمن جي پيروي
ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪم آهي ’زمين تي سمهي پئو!‘ ته
توکي سمهي پوڻ گهرجي.“
هوائي جهازن جو گوڙ ٻيهر ٻڌڻ ۾ آيو. ٻئي جهاز بنهه هيٺ اڏامندا
رستي جي مٿان پئي ويا. هو ايترا ته هيٺ هئا جو
سندن پرن تي لکيل اکر ۽ نشان چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا.
سينيئر ليفٽيننٽ گهڙي ڏٺي ۽ حڪم ڏنو:
”خطرو ختم ٿيو. اچو ته هلون. هن هنڌ کان اسين جيترو جلد پري
هليا وڃون، اوترو ئي بهتر آهي.“
ٽرڪ اڳتي هلڻ لڳي ته نوجوان سينيئر ليفٽيننٽ کان پڇيو: ”توکي
اها خبر ڪيئن پئي ته هو هاڻي ڪونه ايندا ۽ هاڻي
اڳتي سفر محفوظ آهي؟“
”اها ڳالهه ته بنهه صاف چٽي آهي ته هي هوائي جهاز ”ميسرز“ يعني
”م ي 109“ آهن، جن ۾ مني ڪلاڪ کان وڌيڪ جو ٻارڻ
ڪونه هوندو آهي. هينئر سندن ٻارڻ ختم چڪو آهي ۽ هو
ٻيو ٻارڻ کڻڻ وياآهن.“
هاڻي نوجوان وڌيڪ غور سان آسمان جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. هن
چاهيو ٿي ته هاڻي ”ميسرز“ کي ڏسڻ جي خبر پاڻ
ٻڌائي. پر هوا ايتري صاف شفاف هئي ۽ منجهس گلن ۽
گاهه جي سرهاڻ ايتري ته واسيل هئي، جو هو بي
اختيار ئي جهازن جو خطرو وساري، پنهنجي خوشگوار
آواز ۾ ان وقت محاذن تي مقبول گيت ڳائڻ لڳو. هي
گيت ان سپاهيءَ جي باري ۾ هو، جيڪو محاذ تي خندق ۾
پيو پنهنجي محبوبه لاءِ تڙپي رهيو هو.
”ڇا توکي ’ريبي نا‘ وارو گيت ياد آهي؟ سندس همراهه پڇيو. نوجوان
”ها“ ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ اهو پراڻو گيت ڳائڻ لڳو.
”يار تون صحيح نموني ۾ ڪونه پيو ڳائين. هي ڪو مزاحيه گيت ته
ڪونهي. هن گيت ڳائڻ لاءِ ته توکي پنهنجي دل چيري
رکڻ کپي.“ پوءِ هن پاڻ آهستي آهستي سريلي آواز ۾
ڳائڻ شروع ڪيو.
ٿوري دير کان پوءِ ڊرائيور ٽرڪ بيهاري ۽ ڪيبن مان ٽپالي ڇوڪري
نڪري آئي.
”مون توهان کي ڳائيندي ٻڌو، سو سوچيم ته آءٌ به توهان سان گڏجي
ڳايان....“ ۽ پوءِ ٽنهي ڄڻن گڏجي ڳائڻ شروع ڪيو.
نوجوان کي مزو اچي ويو، هن پنهنجي ٿيلهي مان باجو
ڪڍيو ۽ وڄائڻ لڳو. هو ڳائڻ ۾ ايترو ته محو هئا جو
جڏهن ڊرائيور اوچتو بريڪ لڳايو ته هو ڏڪي ويا ۽
ٽرڪ مان ڪرندي ڪرندي بچيا. هنن ڏٺو ته رستي جي
ڪناري تي هڪ ٽرڪ اٿلي پئي آهي ۽ سندس ڦيٿا مٿي
آهن. نوجوان جو رنگ ڦري هيڊو ٿي ويو، پر سندس ساٿي
ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو ۽ ڊوڙندو ٽرڪ ڏانهن ويو. هو عجيب
نموني ۾ ٿڙندو ۽ منڊڪائيندو ٽرڪ ڏانهن ويو. ٿوري
دير بعد ٽپال گاڏيءَ وارو ڊرائيور ڪئبن مان هڪ
ڪوارٽر ماسٽر ڪيپٽن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. سندس مٿو
شيشي سان ڪٽجي ويو هو ۽ چهري تي رهڙون آيون هيس.
هن جو چهرو ڪاراٽجي ويو هو. سينيئر ليفٽيننٽ ڏسي
چيو: ”هي ته مري چڪو آهي. ٻيو ڪير ٽرڪ ۾ آهي؟“
”ها، ڊرائيور آهي.“ ٽپال گاڏي جي ڊرائيور چيو.
”تون اتي پري بيٺو ڇا پيو ڪرين؟ اچ، اچي اسان جو هٿ ونڊاءِ.“
سينيئر ليفٽيننٽ پري بيٺل اداس نوجوان کي ڇينڀيو.
”ڇا تون ڪڏهن رت ڪونه ڏٺو آهي؟ تون رت ڏسڻ تي پاڻ
کي هيري ڇڏ. اڳيان توکي تمام گهڻو رت ڏسڻو آهي.
ها، هي آهي شڪارين جو ڪيل شڪار.“
ڊرائيور اڃا جيئرو هو. هو آهستي آهستي ڪِنجهي رهيو هو، پر سندس
اکيون پوريل هيون. کيس ڪوبه ظاهري ڌڪ يا زخم ڏسڻ ۾
ڪونه ٿي آيو، پر معلوم ٿي ٿيو ته جيڏي مهل بم ٽرڪ
کي لڳو هو ۽ ٽرڪ کڏ ۾ وڃي ڪري هئي، تڏهن ڊرائيور
جي ڇاتي زور سان ٽرڪ جي اسٽيئرنگ سان لڳي هوندي ۽
هو اتي ڦاسي پيو هو. سينيئر ليفٽيننٽ کيس کڻي ٽپال
گاڏي ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنو. ليفٽيننٽ وٽ ڪپڙي جي هڪڙي
ٽڪر ۾ ويڙهيل هڪ بلڪل نئون فوجي ڪوٽ موجود هو. هن
اهو ڪوٽ زخميءَ جي لاءِ وڇايو. هو ٽرڪ جي فرش تي
ويهي رهيو ۽ زخمي جو مٿو پنهنجي جوٽ تي رکي
ڇڏيائين ۽ حڪم ڏنائين ته جيترو ممڪن ٿي سگهي،
اوترو تيز ڀڄي هلو. زخميءَ جي مٿي کي ڏاڍي پاٻوه
سان سهارو ڏيندي کيس پنهنجو ڪو پراڻو خيال ياد اچي
ويو ۽ هن مسڪرائي ڏنو.
سج لڙي چڪو هو. شام جي ويل هئي. ٽرڪ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿي.
اهو ڳوٺ ڪنهن ننڍي هوائي دستي جي ڪمانڊ پوسٽ هئي.
گهرن اڳيان لانڍين ۽ ڇپرن ۾، جتي ڳوٺاڻا پنهنجو
چوپايو مال ٻڌندا هئا، يا هر پانجاري ۽ ڪوڏر ڪهاڙي
رکندا هئا، اتي موٽرون ۽ جيپون بيٺل هيون. ننڍين
ننڍين جهوپڙين ۾ نيرين ڦيتن واريون ٽوپيون پاتل
سپاهي پئي ڏٺا ۽ ٽائپ رائٽر جي کٽ کٽ جو آواز پئي
آيو. هڪڙي ڪوٺڙيءَ مان ٽيليگراف جو آواز مسلسل پئي
آيو.
هي ڳوٺ مکيه رستي ۽ ننڍن ننڍن رستن کان بنهه پاسيرو هو. ائين
پئي لڳو ته هن ويران ۽ گاهه سان ڍڪيل واديءَ ۾ هي
ڳوٺ هڪ نشانيءَ طور رهجي ويو آهي ته جيئن ايندڙ
اچي ڏسن ته هٽلر جي حملي کان اڳ هن خطي جا ماڻهو
ڪهڙي نه خوشگوار ۽ پرسڪون زندگي گذاريندا هئا.
زخمي ماڻهوءَ کي هڪ جهوپڙيءَ ۾ پهچايو ويو، جنهن تي ڳاڙهي
منڌيئڙي وارو جهنڊو لڳل هو. پوءِ ٽرڪ اُن ڳوٺ اندر
داخل ٿي ۽ هڪ صاف سٿري جاءِ جي اڳيان وڃي بيٺي.
هيءَ ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت هئي. پهري تي بيٺل
مشين گن واري سپاهيءَ کي ڏسڻ سان اندازو ٿي ٿيو ته
هي عملي جو هيڊڪوارٽر آهي.
”آءٌ ونگ ڪمانڊر سان ملڻ چاهيان ٿو.“ سينيئر ليفٽيننٽ پٽيوالي
کي چيو، جيڪو دريءَ وٽ ويٺو هڪ رسالي جو معمو حل
ڪري رهيو هو.
”ڪرنل صاحب واندو ڪونهي.“ پٽيوالي ورندي ڏني.
”ان کي چئو ته مون وٽ هوائي فوج جي اسٽاف هيڊڪوارٽر جي عملي
واري شعبي جو هڪ تمام ضروري خط آهي.“
”توهان کي انتظار ڪرڻو پوندو. ڪرنل صاحب هن وقت هوائي اسڪائوٽن
جي هڪ گروه سان پيو ڳالهائي ۽ سندس چوڻ آهي ته کيس
کوٽي نه ڪيو وڃي. توهان باغ ۾ وڃي ٿوري دير ويهي
وقت گذاريو.“
پٽيوالو وري معمو حل ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ هي نووارد ٻاهر وڃي گلن جي
ڪونڊين جي پاسي ۾ پيل بينچ تي ويهي رهيا.
ڪرنل جي آفيس هڪ ڪشادي ڪمري ۾ هئي. ڪاٺ جي اگهاڙين ڀتين واري هن
ڪمري ۾ فقط هڪڙي ميز پيل هئي، جنهن تي جنگ جا
ٽيليفون رکيل هئا. هڪ وڏو نقشو رکيل هو ۽ پاسي ۾
ئي ڳاڙهي پينسل پئي هئي. ڪرنل ننڍي قد ۽ ڀريل بدن
وارو زنده دل ماڻهو هو. هو هٿ پٺيان ٻڌي ٽهلي رهيو
هو ۽ سوچ ۾ ٻڏل هو. هو اتي فوجي انداز ۾ بيٺل ٻن
هوابازن جي پاسي مان ٻه ڀيرا لنگهي ويو، پوءِ هڪدم
هو انهن جي سامهون ٿي بيٺو ۽ ڪجهه سواليه نگاهن
سان کين ڏسڻ لڳو:
”سينيئر ليفٽيننٽ اليڪسي ميريسئف حاضر آهي.“
سانوري آفيسر بوٽ جي کُڙين کي زور سان وڄائي سلام ڪندي چيو.
”سرجنٽ ميجر اليڪساندر پتروف.“ نوجوان تعارف ڪرايو ۽ هن پڻ فوجي
سلامي پيش ڪئي.
”ونگ ڪمانڊر، ڪرنل ايوانوف.“ جواب ۾ چيف گرجيو. ”خط؟“
ميريسئف کيس خط ڏنو. هن جلدي جلدي پڙهيو ۽ چيو: ”تمام سٺو،
اوهين ڏاڍي وقت تي پهتا آهيو. پر هنن ايترا ٿورا
ماڻهو ڇو موڪليا آهن؟“ اوچتو کيس ڪا ڳالهه ياد آئي
۽ سندس چهري تي حيرت جهڙي ڪيفيت ڇانئجي وئي. ”هڪ
منٽ ترسجو.“ سندس وات مان بي اختيار نڪتو. ”ڇا تون
ميريسئف آهين؟ هوائي فوج جي عملي جي مهندار مون کي
تنهنجي باري ۾ ٽيليفون تي چيو هو ۽ مون کي خبردار
ڪيو هئائين ته تون.......“
”اها ڪا اهم ڳالهه ڪانهي، ڪامريد ڪرنل!“ اليڪسيءَ ڳالهه ڪاٽيندي
چيو. سندس لهجو ڏاڍو رکو هو. ”اوهان رڳو مون کي
منهنجا فرائض پورا ڪرڻ جي اجازت ڏيو.“
ڪرنل سينيئر ليفٽيننٽ کي تجسس ڀريل نگاهن سان ڏٺو ۽ ڪنڌ لوڏيندي
مسڪرائي منظوري ڏيئي ڇڏي.
”ٺيڪ آهي. پٽيوالا! هنن کي عملي جي مهندار وٽ وٺي وڃ ۽ منهنجي
طرفان کيس حڪم ڏي ته هنن جي کاڌي پيتي ۽ سمهڻ جو
بندوبست ڪيو وڃي. اهو به چئج ته هنن کي گارد ڪيپٽن
چيسلوف جي اسڪوارڊن ۾ شامل ڪيو وڃي.“
پتروف جو خيال هو ته ونگ ڪمانڊر ضرورت کان وڌيڪ هنگامو ڪندڙ
ماڻهو هو. اليڪسيءَ کي هو ڏاڍو پسند آيو. کيس اهڙا
ماڻهو، جيڪي ڦڙتائيءَ سان ڪم ڪن، کن پل ۾ معاملي
کي سمجهي سگهن، صفائي سان سوچي سگهن ۽ قطعي فيصلا
ڪري سگهن، ڏاڍا وڻندا هئا.
(2)
جيئن جيئن اليڪسي منزل کي ويجهو پهچندو ويو، تيئن تيئن سندس
بيچينيءَ ۾ واڌارو ٿيندو پئي ويو. ايتري قدر جو هن
پتروف کي پوري ماني به کائڻ ڪانه ڏني. هو ٻئي ڄڻا
تيل واري ٽرڪ ۾ چڙهي هوائي اڏي تي پهتا. هوائي اڏو
ڳوٺ کان پري هڪ چراگاه ۾ هو. اتي پهچي هن اسڪوارڊن
ڪمانڊرن، هوائي دستي جي اڳواڻ چيسلوف سان پنهنجو
تعارف ڪرايو. هو هڪ سدائين ڪاوڙيل ۽ ٿور ڳالهائو
شخص هو، پر تنهن هوندي به هو ڏاڍو نيڪدل ۽ پرخلوص
ماڻهو هو. هن رڳو رسمي ڳالهيون ڪونه ڪيون، پر هو
کين سڌو گاه سان ڍڪيل مٽيءَ جي هڪ ڇاپري وٽ وٺي
ويو، جتي ٻه بلڪل نوان چمڪندڙ نيري رنگ جا ”لا 5“
هوائي جهاز بيٺا هئا ۽ انهن تي يارنهن ۽ ٻارنهن
نمبر لڳل هئا. هي اهي هوائي جهاز هئا، جيڪي انهن
نوجوانن کي اڏائڻ لاءِ ڏنا ويا هئا. هنن باقي شام
جو رهيل وقت اتي ئي گذاريو.
هو پنهنجي ڌن ۾ ايترو ته محو ٿي ويا جو کين ڳوٺ ڏانهن ويندڙ
آخري ٽرڪ ۾ وڃڻو پيو، جنهن ڪري کين ماني تان به هٿ
کڻڻو پيو. پر ان سان کين ڪا گهڻي پريشاني ڪانه ٿي،
ڇو ته سندن سامان ۾ خشڪ کاڌو موجود هو. باقي رهائش
جو مسئلو اڃا موجود هو. سموريون جهوپڙيون هوابازن
سان ڳتيون پيون هيون. ڪيترين ئي گنجائش کان وڌيڪ
ڀريل جهوپڙين جا چڪر لڳائڻ ۽ اتي جي رهواسين طرفان
کين رهائڻ کان انڪار ۽ اجائي بڪ بڪ ٻڌڻ کان پوءِ
ڪوارٽر ماسٽر پنهنجي فلسفاڻي راءِ جو اظهار ڪيو ته
ڪوٺيون رٻڙ جون ته ٺهيل ڪونهن، جو کين ڇڪي وڏو ڪري
سگهجي. ان هنن ٻنهي نوجوانن کي پاسي واري مڪان ۾
ئي جهوڪي ڇڏيو ۽ چيو ته: ”اڄوڪي رات ته ڏکي سکي
هتي ئي گذاريو. باقي صبح جي ڳالهه صبح سان.“
ان جهوپڙيءَ ۾ اڳي ئي نَو ماڻهو موجود هئا. گاسليٽ وارو ڏيو
ٽمڪي رهيو هو، جيڪو شيل جي خول مان ٺاهيو ويو هو.
ڏيئي جي جهڪي جهڪي روشني ننڊ ۾ سُتل انسانن کي
اجاگر ڪري رهي هئي. انهن مان ڪي کٽن تي ته ڪي تختن
تي ۽ ڪي ته وري رڳو پراڙ وڇائي پٽ تي ئي ستا پيا
هئا. انهن نون ڄڻن کان سواءِ ان جهوپڙي جي پوڙهي
مالڪياڻي ۽ سندس نوجوان ڌيءُ به موجود هيون، جيڪي
جاءِ جي کوٽ هئڻ سبب وڏي روسي چلهي جي مٿئين حصي
تي ستيون پيون هيون.
نووارد چانئٺ تي بيهي رهيا ۽ سوچ ۾ پئجي ويا ته انهن ستل ماڻهن
مٿان ڪيئن ٽپي اڳتي وڃجي؟ تيستائين مٿان پوڙهيءَ
هڪل ڪئي:
”وڃو وڃو، هتي جاءِ ڪانهي. ڪانهي هتي جاءِ. ڏسو ڪونه ٿا ته هتي
پهرين به گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن؟ توهان
کي وري ڪٿان جاءِ ڏيون، ڇا ڇت ۾ ٽنگهي ڇڏيون توهان
کي؟“
پتروف ته ايترو توائي ٿي ويو، جو مرڳو پوئتي ڀڄڻ تي هو، پر
اليڪسي احتياط سان قدم کڻندو ميز ڏانهن وڌيو.
”ناني، اسان کي رڳو هڪڙي ڪنڊ کپي، جتي اسان رڳو
ماني کائي سگهون. سڄو ڏينهن ڪجهه به ڪونه کاڌو
اٿئون. تون اسان کي فقط هڪڙي ٿالهي ۽ ٻه پياليون
ڏي. هتي اسين سمهي توکي تنگ ڪونه ڪنداسين. اڄ ته
چڱي خاصي گرمي آهي. اسين ٻاهر باغ ۾ ئي سمهي
پونداسين.“
چُلهي جي ڇت تان ان بيزار پوڙهيءَ جي پٺيان ٻه اگهاڙا پير ظاهر
ٿيا. هڪڙي نازڪ پري پيڪر ماٺ ميٺ ۾ چلهي تان ترڪي
هيٺ لٿي ۽ ستل ماڻهن جي وچان ڏاڍي مهارت سان پاڻ
سنڀالي ورانڊي جي دروازي ۾ گم ٿي ويئي. ستت ئي
هوءَ ڪجهه ٿالهيون ۽ رنگين پياليون کڻي آئي. پهرين
ته پتروف سمجهيو ته هوءَ ڪا ننڍڙي ڇوڪري آهي، پر
جڏهن هوءَ ميز وٽ پهتي ۽ جڏهن زرد سوجهري سندس
چهري کي اونده مان اجاگر ڪيو، تڏهن هن ڏٺو ته هوءَ
ته جوان جماڻ ڇوڪري هئي. ڏاڍي ملوڪڙي ۽ ڏاڍي سهڻي
ڇوڪري. ها، البت سندس ڇنل ڦاٽل ڪپڙن سندس بيمثال
حسن کي ڪجهه ڪسو ڪري وڌو هو.
”مارينا، او مارينا! هيڏانهن اچ ڏائڻ.“ پوڙهيءَ اتان ئي وٺي
هاءِ گهوڙا ڪئي، پر ڇوڪريءَ کيس ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري
ڇڏيو. هن ڏاڍي ڦڙتائيءَ سان ميز تي اخبار وڇائي،
ٿالهيون، پياليون ۽ چمچا رکيا. هوءَ بار بار آڏيءَ
اک سان پتروف کي ڏسي رهي هئي.
”چڱو، هاڻي توهين ماني کائو. مون کي اميد آهي ته توهان کي ماني
کائڻ ۾ مزو ايندو. ڪنهن شيءِ جي وڍڻ جي يا گرم ڪرڻ
جي ضرورت هجي ته مون کي ٻڌائجو. ها، هڪڙي ڳالهه
ذهن ۾ رکجو ته ڪوارٽر ماسٽر چيو آهي ته ٻاهر پڌر ۾
ٽانڊو نه ٻارجو.“ ڇوڪريءَ چيو.
”مارينا! هيڏانهن اچ.“ پوڙهيءَ سڏ ڪيس.
”هن ڏانهن ڌيان نه ڏيو. هوءَ ڏاڍي ڊنل آهي. هن جي ذهن ۾ جرمن
سپاهين جو ڀوت سوار ٿي ويو آهي.“ ڇوڪريءَ چيو.
”رات جو سپاهين کي ڏسي ٿي ته منهنجي لاءِ پريشان
ٿيو وڃي ٿي. توهان دل ۾ نه ڪجو. رڳو رات جو ائين
ٿي ڪري، باقي ڏينهن جو هوءَ بنهه ٺيڪ هوندي آهي.“
ميريسئف جي ٿيلهي مان ٿوري کٽاڻ، گوشت جو هڪ دٻو، ٻه سڪل مڇيون،
جن تي لوڻ لڳل هو ۽ هڪ ڊبل روٽي ملي. پتروف وٽ رڳو
گوشت ۽ ڊبل روٽي هئي. مارينا اهي سڀ شيون پنهنجي
ننڍڙن ننڍڙن پر مضبوط هٿن سان وڍيون ۽ انهن کي
ٿالهين ۾ اهڙي طرح سجائي رکيو جو ڏسڻ سان وات ۾
پاڻي ڀرجي ٿي ويو. سندس گهاٽن پلڪن ۾ لڪل اکيون ور
ور ڏيئي پتروف جي چهري جو جائزو وٺڻ لڳيون. پتروف
پڻ کيس لڪ چوريءَ ۾ پئي ڏٺو. جڏهن ٻنهي جون اکيون
ٿي مليون ته ٻئي ڄڻا ڳاڙها ٿي ٿي ويا. سندن ڀرون
تاڻجي ٿي ويا ۽ هنن منهن ڦيرائي ٿي ڇڏيو. هنن ٻنهي
پاڻ ۾ سڌي طرح نه پر ميريسئف جي معرفت ٿي ڳالهايو.
انهن کي ڏسي اليڪسيءَ کي ڏاڍو مزو آيو. کيس مزو به
آيو ته هو ڏاڍو غمگين به ٿي ويو. هو ٻئي ڪيڏا نه
خوش ۽ جوان هئا. انهن جي ڀيٽ ۾ هن پاڻ کي پوڙهو ۽
ٿڪل محسوس ڪيو.
”مارينا! تو وٽ ڪجهه ونگا ته ڪونه هوندا، هان؟“ اليڪسيءَ پڇيو.
”آهن ته سهي.“ ڇوڪريءَ شرارت ڀريل مسڪراهٽ سان چيو. ”۽ شايد
ڪجهه اٻاريل پٽاٽا به هجن؟“
”ها، آهن پر جي تون ڍنگ سان گهرين ته!“
پوءِ هوءَ ستلن مٿان بنا آواز جي ٽپ ڏيندي ڪمري کان ٻاهر نڪري
ويئي، ڄڻ ته ڪو پتنگ هئي.
”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ! آخر تون هڪ نئين ۽ اوپري ڇوڪريءَ سان
ايترو حجائتو ڪيئن ٿو ٿي وڃين؟ هن کان پٽاٽا گهرڻ
۽......“ پتروف احتجاج ڪيو.
ميريسئف هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو:
”دوست ٻڌ، تنهنجو ڇا خيال آهي، تون ڪٿي آهين؟ اسان جنگ جي محاذ
تي آهيون، آهي نه ائين؟ هتي اسان کي زندگيءَ جا
باقي بچيل ڏينهن زندهه دليءَ سان گذارڻا آهن. او
ناني، تون پنهنجي وڦل بند ڪر. هيٺ هليا ۽ اچي اسان
سان گڏ ماني کاءُ.“
پنهنجي منهن وڦلندي ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندي پوڙهي هيٺ لهي آئي ۽ ميز وٽ
پهچندي ئي کٽاڻ تي شروع ٿي ويئي. پوءِ خبر پئي ته
جنگ کان اڳ کيس کٽاڻ ڏاڍي وڻندي هئي.
چارئي ڄڻا ميز جي چوڌاري ويٺا ۽ ستلن جي کونگهرن ۽ ننڊ ۾ وڦل جي
ساز تي ويهي مزي مزي سان ماني کائڻ لڳا. اليڪسي
سمورو وقت ڳالهائيندو رهيو. هو ڪنهن وقت پوڙهي سان
کل ڀڳ ڪرڻ ٿي لڳو ته ڪيڏي مهل مارينا کي کلائڻ جي
ڪوشش ٿي ڪيائين. آخرڪار پاڻ کي فوجي فضا ۾ محسوس
ڪندي، هن ان شيءِ جو ڀرپور مزو وٺڻ شروع ڪيو. کيس
محسوس ٿيو ته هو مدتن کان پوءِ ۽ سڄي ملڪ ۾ آواره
گهمڻ کان پوءِ پنهنجي گهر موٽي آيو هو.
ماني ختم ٿيڻ مهل تائين کين خبر پئجي ويئي ته هي ڳوٺ دشمن جي
عتاب کان ائين بچيو آهي، جو هي ڳوٺ جرمن فوج
پنهنجو هيڊ ڪوارٽر بنايو هو. جڏهن روسي فوج پيش
قدمي شروع ڪئي، تڏهن جرمن فوج ائين افراتفريءَ ۾
ڀاڄ کاڌي جو کين هي ڳوٺ تباه ڪرڻ به وسري ويو.
فاشي جرمنن پوڙهيءَ جي روبرو سندس وڏي ڌيءَ جي لڄ
لٽي ۽ اهڙو ته وحشي پڻي ۽ بي حيائيءَ جو مظاهرو
ڪيو، جو نيٺ هوءَ ويچاري چري ٿي پئي ۽ کوه ۾ ٽپو
ڏيئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين. سڄا سارا اٺ مهينا،
جيستائين فاشي جرمن هن ضلعي ۾ رهيا، مارينا گهر جي
پٺيان تهه خاني ۾ لڪي پئي هئي، جنهن جو گس پراڙ ۽
گند ڪچري سان ڍڪيو پيو هو. پورن اٺن مهينن تائين
مارينا سج جي روشني به ڪانه ڏٺي. ماڻس کيس ماني ۽
پاڻي دونهن نڪرڻ واري ڏر مان ڏيندي رهندي هئي.
اليڪسي جيترو گهڻو ڇوڪريءَ سان کل ڀوڳ ڪندو رهيو،
اوترو ئي گهڻو هوءَ وري پتروف کي ڏسندي رهي. سندس
چنچل ۽ شرميلين اکين ۾ هڪ قسم جي واکاڻ جهلڪي رهي
هئي.
هنن کلندي ۽ ڀوڳن ڪندي ماني کائي ورتي. مارينا ڪفايت کان ڪم
وٺندي بچيل شيون ساري سنڀالي اليڪسيءَ جي ٿيلهي ۾
رکيون ۽ چيو ته ڏکئي وقت ۾ هر شيءِ سپاهيءَ جي ڪم
اچي ٿي. ان کان پوءِ هن ماڻس کي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽
پوءِ مڙي هنن کي چيائين:
”ٻڌو، جڏهن ڪوارٽر ماسٽر توهان کي هتي ڇڏي ئي ويو آهي ته پوءِ
اڄوڪي رات هتي ترسي پئو. اڄوڪي رات ئي ته آهي.
توهان مٿي چلهي تي سمهي پئو. اسين هيٺ تهه خاني ۾
ٿيون وڃون. سفر کان پوءِ توهان کي آرام جي ضرورت
هوندي. اسين سڀاڻي توهان جي لاءِ جاءِ جو بندوبست
ڪري وٺنداسين.“
”ڪيئن ٿو ڀائين يار، ڇوڪري سٺي آهي نه؟“ ميريسئف پراڙ تي ليٽندي
پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجا هٿ پير ايترو
ته زور سان ٽيڙي ڇڏيا جو منجهانئن ٺڪاءَ نڪري ويا.
”خراب ڪانهي.“ پتروف بناوتي بي نيازيءَ سان چيو.
”تو ڏٺو پئي ته ڪيئن نه هن توکي گهوري گهوري پئي ڏٺو!“
”نه، مون ته ڪونه ڏٺو. هوءَ ته سمورو وقت توسان کل ڀوڳ ڪري رهي
هئي.“
هڪ منٽ کان پوءِ کيس رڳو ساه کڻڻ جو آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيو، ليڪن
ميريسئف سمهي نه سگهيو. ٿڌي ۽ پرسڪون پراڙ تي
ليٽندي هن ڏٺو ته مارينا ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ ڪجهه
ڳولڻ لڳي. هر هر سندس نگاه چُلهي ڏانهن کڄيو ٿي
وئي. هن ميز تي رکيل ڏيئي کي وسايو ۽ ڪيترا ئي
ڀيرا لڪ چوريءَ چُلهي ڏانهن نهاريائين ۽ ستل ماڻهن
وچان آهستي آهستي قدم کڻندي دروازي مان نڪري وئي.
خبر ناهي ڇو کيس چتين لڳل ڇنل ڦاٽل ٿڳڙين ۾ لڪل هن
سندر ۽ نازڪ ڇوڪريءَ کي ڏسي اليڪسيءَ جي روح ۾ هڪ
قسم جي اداسي ۽ سڪون جو احساس ٿيو. سمهڻ جو مسئلو
حل ٿي ويو هو. صبح جو کيس پهريون جنگي اڏام تي
وڃڻو هو. ساڻس گڏ پتروف هو. ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ هو
سٺو ڇوڪر ٿي لڳو. پهرين نظر ۾ مارينا سندس عشق ۾
گرفتار ٿي وئي هئي. خير، ٺيڪ آهي، سٺو ٿئي جو هو
ٿوري دير آرام ڪري وٺي.
هن پاسو ورايو. پراڙ ۾ سرسراهٽ ٿي ۽ هو بي خبر ٿي سمهي پيو.
جڏهن هو اٿيو ته کيس محسوس ٿيو ته ڪو وڏو حادثو ٿي چڪو آهي.
هڪدم ته کين سمجهه ۾ ئي ڪونه آيو ته ڳالهه ڇا آهي؟
پر هڪ سپاهيءَ جي فطري جذبي تحت هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽
پنهنجو پستول سنڀاليو. کيس خبر نٿي پئي ته هو ڪٿي
آهي؟ ڪڙي دونهي جا ڪڪر، جن مان ٿوم جهڙي بوءِ پئي
آئي، هر شيءِ کي وڪوڙي ويا هئا ۽ جڏهن دونهون ختم
ٿيو ته کيس پنهنجي مٿي مٿان عجيب ۽ وڏا وڏا تارا
ٽمڪندا نظر آيا. ڏينهن جهڙي روشني پکڙيل هئي. هن
ڏٺو ته جهوپڙيءَ جي ڀتين جا ٻُنڌا ماچس جي تيلين
وانگر ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. ڇت اکڙي پيئي هئي ۽
داسا پري پيا هئا ۽ پويان ڪا شيءِ سڙي رهي هئي.
سندس ڪنن ۾ ڪنجهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. کيس هوائي
جهازن ۽ انهن مان ڪرندڙ بمن جا خوفناڪ آواز ٻڌڻ ۾
آيا.
”سمهي پئه.“ هن پتروف کي رڙ ڪري چيو، جيڪو مٽيءَ جي ڍڳن ۾ چُلهي
جي ڇت تي ويٺو پنهنجي چوڌاري وحشت مان نهاري رهيو
هو. ”چُر پُر نه، خاموش پيو رهه.“ هن اُٿي ڀڄڻ جي
خواهش کي دٻائي ڇڏيو. اها خواهش رات جو بمباريءَ
وقت هر شخص جي دل ۾ پيدا ٿئي ٿي – جنهن طرف به
آيو، نڪ سڌو ڀڄندو وڃ، جيستائين دم ۾ دم آهي،
تيستائين ڀڄندو وڃ ـــــــــــ!
بمبار نظر نٿي آيا. هو هوائي ڇٽين ۾ ٻڌل راڪيٽن جي روشنيءَ جي ۾
ڳوٺ مٿان چڪر ڏيئي رهيا هئا، پر انهيءَ روشنيءَ ۾
ڪرندڙ بم صاف صاف نظر پئي آيا. هواباز چلهي سان
چهٽي ويا، جيڪو هر بم ڌماڪي سان لڏي ٿي ويو. پوءِ
بمبارن جو آواز پري گم ٿيندو ويو ۽ سانت ڇانئجڻ
لڳي. ”ها، انهن اسان کي ٿورو ڌونڌاڙيو آهي. هاڻي
اسين تازا توانا ٿي وياسين.“ اليڪسيءَ پرسڪون
بنجندي چيو ۽ پنهنجي ڪپڙن تان پراڙ ۽ مٽي ڇنڊڻ
لڳو.
”پر انهن ماڻهن جو ڇا ٿيو، جيڪي هتي ستل هئا؟“ پتروف خوف وچان
پڇيو ۽ پنهنجي ڏڪندڙ واڇن ۽ آترويلائي کي روڪيندي
چيو. ”۽ مارينا؟“
هو چلهي تان لٿا. ميريسئف وٽ هٿ بتي هئي. هن ٽڙيل پکڙيل تختن ۽
ٻُنڌن هيٺان ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس ڪجهه به نظر
ڪونه آيو. پوءِ کين خبر پئي ته هوابازن خبرداريءَ
جو اطلاع ٻڌي ورتو هو ۽ سڀئي ڀڄي وڃي خندقن ۾ لڪا
هئا. ميريسئف ۽ پتروف سمورن مٽيءَ جي ڍڳن کي
ڳوليو، پر کين مارينا ۽ ماڻس جو ڪوبه پتو ڪونه
پيو. هنن سڏ ڪيا، پر کين ڪوبه جواب ڪونه مليو. آخر
هنن جو ڪهڙو حشر ٿيو؟ ڇا هو هن بمباريءَ کان بچي
نه سگهيون؟
ڳولا ڪندڙ ٽوليون رستي تي اچي چڪيون هيون ۽ امن بحال ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري رهيون هيون. انجنيئرنگ جي دستي جا ماڻهو
باهه وسائي رهيا هئا. مٽيءَ کي هٽائي، انهيءَ مان
لاشن ۽ زخمين کي ڪڍي رهيا هئا. پٽيوالا رستن تي
ڊوڙي رهيا هئا ۽ هوابازن جا نالا پڪاري رهيا هئا.
رجمينٽ هڪدم هڪ ٻئي مرڪز تي پهچائي ويئي. هوابازن
۽ مسترين کي هوائي اڏي تي گڏ ڪيو ويو ته جيئن پره
ڦٽندي ئي هو پنهنجا هوائي جهاز کڻي اڏامن. ڳڻپ مان
خبر پئي ته جاني نقصان ڪو ايترو گهڻو ڪونه ٿيو هو.
هڪ هواباز زخمي ٿيو هو، توڙي مستري ۽ پنهنجي چوڪين
تي پهرو ڏيندڙ ڪيترا ئي سپاهي ماريا ويا هئا.
اندازو هو ته ڳوٺاڻا به ڪيترا ئي مارجي ويا هئا،
پر ڪيترا؟ سو اونداهيءَ ۽ افراتفريءَ جي ڪري چٽو
چئي نٿو سگهجي.
صبح جو تڙڪي نڪرڻ بعد ميريسئف ۽ پتروف ان گهر وٽان لنگهيا، جتي
هنن رات گذاري هئي. هنن جي دل اها ڳالهه قبول ئي
ڪانه پئي ڪئي. هو کن پل لاءِ بيهي رهيا. ٻنڌن ۽
ڪاٺين جي انبارن وچان انجنيئرنگ جي دستي جا ٻه
سپاهي هڪ اسٽريچر کنيو پئي آيا، جنهن تي رت ۾ ٻڏل
چادر ۾ ويڙهيل لاش هو. ”ڪير آهي؟“ پتروف پڇيو. هن
جو چهرو زرد هو ۽ خراب انديشن سبب سندس دل ڀرجي
آئي.
”هڪ پوڙهي ۽ هڪ ڇوڪري، اسان کي تهه خاني مان مليون. کين ڪرندڙ
سرن جا ڌڪ لڳل آهن. هو ڌڪ سان ئي مري ويون. خبر
ناهي ته هي لاش ڪنهن جوان ڇوڪريءَ جو آهي يا ڪنهن
معصوم ٻچڙيءَ جو؟ ايترو ته ننڍڙي آهي جو خبر ئي
نٿي پوي. مکڙي مان ڏاڍي سهڻي من مهڻي ٿي لڳي. سندس
ڇاتيءَ تي سرون ڪريون آهن. ڏاڍي خوبصورت آهي، بنهه
ڪنهن معصوم ٻارڙيءَ وانگر.“
........ ان رات جرمنن پنهنجو آخري وڏو حملو ڪيو ۽ روسي فوجن تي
حملو ڪري، هنن ڪورسڪ جي اها جنگ شروع ڪري ڏني،
جيڪا سندن لاءِ موت جو پيغام بڻي.
(3)
اڃا سج ڪونه اڀريو هو. اونهاري جي مختصر رات جي تاريڪ ترين گهڙي
هئي. پر هوائي اڏي تي گرم ٿيندڙ هوائي جهازن جي
انجڻن جو گوڙ لڳو پيو هو. ماڪ ۾ ڀنل ڇٻر تي نقشو
پکڙيو پيو هو. اڳواڻ چيسلوف نقشي تي جهڪي پنهنجي
هوابازن کي نئون هوائي اڏو ۽ ان جو رستو ڏيکاري
رهيو هو.
”اکيون کليل رکو ۽ هڪ ٻئي کي نظرن کان پري ٿيڻ نه ڏيو. هوائي
اڏو جنگ جي بنهه اڳين صفن ۾ آهي.“
نئون هوائي اڏو واقعي جنگ جي مورچي جي بنهه ويجهو هو. نقشي تي
مورچي جو نشان بلو پينسل سان ٺهيل هو. سج جي پهرين
ڪرڻن آسمان کي روشن ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ٻيو دستو
پنهنجي اڳواڻ جي پويان اڏاڻو، تڏهن اڃا ٻنين ۾
گلابي ڌنڌ ڇانيل هو. هڪٻئي جي ڀرسان اڏامندي هوائي
جهازن ڏکڻ جو رخ رکيو.
ميريسئف ۽ پتروف ٻئي ڄڻا پنهنجي پهرين اڏام ۾ هڪ ٻئي جي ويجهو
اڏامندا رهيا. ان مختصر اڏام ۾ ٻنهي ڄڻن هڪٻئي کي
سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي.
نئون هوائي اڏو پيادل رجمينٽ جي پٺيان هو. جيڪڏهن جرمنن کي انهن
جي خبر پئجي وڃي ها ته اهي ڳرين توپن سان ئي نه،
پر هلڪي توپن سان به کين پنهنجو نشانو بنائي سگهيا
پئي، پر انهن وٽ ايترو وقت ڪٿي هو جو اهي پنهنجي
نڪ هيٺان موجود هوائي اڏي جي ڳولڻ جو انتظام ڪن.
اڃا اونداهي ئي هئي جو هنن روسي فوجن جي مورچن تي
گولا وسائڻ شروع ڪري ڏنا. ڌماڪن سان آسمان ڏري
رهيو هو. هر منٽ بعد ائين ٿي لڳو، ڄڻ گهاٽو جهنگ
هوا ۾ اڏامندو هجي. انهيءَ گوڙ گهمسان واريءَ
اونداهيءَ ۾ ڪنهن شيءِ جي خبر وٺڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه
هئي. سج هڪ ميرانجهڙي ڳاڙهي ٿالهيءَ وانگر هو.
هڪ مهينو اڳ روسي هوابازن جرمنن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ
جيڪو آسماني دورو ڪيو هو، سو ڪو بيڪار ڪونه ثابت
ٿيو هو. ان مان جرمن اڳواڻن جي ارادن جي ڀليءَ ڀت
پروڙ پئجي پئي سگهي. انهن جي فوجن جي پوزيشن ۽
مورچا بندي جو احوال نقشي تي موجود هو. جرمن
پنهنجي عادت مطابق غافل ۽ ستل دشمن جي پٺيءَ ۾
خنجر هڻڻ جا منصوبا ٺاهي رهيا هئا، پر دشمن رڳو
اهو محسوس پئي ڪرايو ته هو ستل ۽ غافل آهي ۽ هٿ
وٺي کين لالچائي اهڙي ته ڦندي ۾ ڦاسايائين جو سندن
بچڻ محال ٿي پيو هو. ڪوڙيون[1]
ميلن تي پکڙيل محاذ توپن جي تيارين جو گوڙ گهمسان
اڃا ختم ئي ڪونه ٿيو هو ۽ اڃا جرمنن جا ڪن پنهنجي
توپن جي آوازن سان ئي ٻوڙا ٿي رهيا هئا ۽ بارود جي
دونهن جا ڪڪر سندن صفن تي اڃا ڇانيل هئا ته کين
بنهه پنهنجي ئي خندقن تي بمن جا سرخ گولا ڪرندا
نظر آيا. روسي توپن جا گولا پوري نشاني تي ٿي
ڪريا. انهن جرمنن جي سموريءَ محاذ تي بم ڪونه ٿي
اڇلايا، پر ڪن خاص خاص مرڪزن کي نشانو ٿي بنايو.
هنن پلين، زمين اندر لڪل گولي بارود جي ذخيرن ۽
ڪمانڊ پوسٽن کي نشانو بنايو.
جرمن گولاباريءَ وڌيڪ هڪ خوفناڪ جنگ جي صورت اختيار ڪري ورتي،
جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان مختلف قسمن جي هزارين توپن
حصو ورتو. جڏهن اڳواڻ چيسلوف جو دستو هوائي اڏي تي
لٿو، تڏهن زمين ڏڪي ويئي ۽ ڌماڪا آسمان ڏاري رهيا
هئا. رجمينٽ جي هوائي اڏي مٿان بمبارن جا ولرن جا
ولر لهندا رهيا.
دستن کي حڪمن ڏنو ويو ته اهي ”ٻئي مرحلي لاءِ“ تيار رهن، جنهن
جو مطلب هو ته هواباز پنهنجي هوائي جهازن جي ڪاڪ
پٽ ۾ موجود هجن ۽ جيئن ئي پهريون راڪيٽ هوا ۾ بلند
ٿئي ته هو هليا وڃن.
ميريسئف پنهنجي بيقرار ساٿيءَ کي ڏٺو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو ته:
”اسان جي عمر لڳ ڀڳ هڪ جيتري آهي. هو 19 سالن جو
آهي ۽ آءٌ 23 سالن جو. مرد ماڻهوءَ لاءِ چئن سالن
جو فرق ڪو ايڏو وڏو ڪونهي. پر پوءِ به پنهنجي
ساٿيءَ جي ڀرسان هن پاڻ کي هڪ تجربيڪار، سنجيدو ۽
ٿڪل پوڙهو ماڻهو محسوس ڪيو. پتروف بيقراريءَ مان
ڪاڪ پٽ ۾ ويهي پنهنجا هٿ مهٽي رهيو هو، کلي رهيو
هو ۽ مٿان لنگهندڙ روسي هوائي جهازن سان رڙيون ڪري
ڳالهائي رهيو هو ۽ اليڪسي ان مهل پنهنجي جاءِ تي
ٽنگون ٽيڙيو آرام سان ويٺو هو. هو پرسڪون هو. هن
جا پير ڪونه هئا، تنهن ڪري سڄي دنيا جي هوابازن جي
مقابلي ۾ سندس لاءِ هوائي جهاز اڏائڻ ڏاڍو مشڪل
هو. پر پوءِ به هو پريشان ڪونه هو. هن کي پنهنجي
فن تي پورو يقين ۽ پنهنجي وڍيل ٽنگن تي پورو ڀروسو
هو.
شام تائين رجمينٽ ”ٻئي مرحلي“ ۾ رهي، ڪنهن سبب جي ڪري هنن کي
بچت ۾ رکيو ويو. ظاهر هو ته هنن ضرورت کان اڳ هنن
جي پوزيشن ظاهر ڪرڻ نٿي چاهي.
رجمينٽ کي سمهڻ لاءِ جيڪي خندقون مليون هيون، سي جرمن فوجن
ٺاهيون هيون. اهي خندقون ان زماني ۾ ٺاهيون ويون
هيون، جڏهن هتي جرمنن جو قبضو هو.
ميريسئف ۽ پتروف کليل آسمان هيٺ سمهڻ لاءِ پنهنجا ٽپڙ پکيڙيا.
کين ڪپڙن لاهڻ کان سواءِ ئي سمهڻ جو حڪم هو.
اليڪسيءَ رڳو پنهنجي پيرن جا ڌاڳا ڪجهه ڍرا ڪيا.
هو سڌو سنئون ستو پيو هو ۽ آسمان کي تڪي رهيو هو.
پتروف هڪدم سمهي پيو. هو ننڊ ۾ کونگهرا هڻندو
رهيو، وڦلندو رهيو، واڇون ٽيڙيندو ۽ چپ چوسيندو
رهيو. هو هڪ ٻار وانگر ٽونڊڙو ٿيو ستو پيو هو.
ميريسئف پنهنجو فوجي ڪوٽ مٿانئس وجهي ڇڏيو. جڏهن
هن محسوس ڪيو ته کيس ننڊ نٿي اچي ته هو سيءَ ۾
ڏڪندو اٿيو ۽ پنهنجا هٿ ۽ پير زور زور سان هلائڻ
لڳو ته جيئن ڪجهه گرم ٿئي ۽ پوءِ هو هڪ وڻ جي ڪريل
ٿڙ تي وڃي ويهي رهيو.
توپن جو بِگل وڳو. ڪٿي ڪٿي فقط چند توبچين ايڪڙ ٻيڪڙ گولا
وسايا. انهن مان ڪي گولا هوائي اڏي جي آس پاس
ڪريا. اليڪسيءَ انهن ڌماڪن ڏانهن مڙي به ڪونه ڏٺو.
سندس نگاهون لڙائيءَ واري مورچي ڏانهن ڄميل هيون.
اونڌه ۾ به مورچو چٽو ڏسڻ ۾ پئي آيو. ان وقت لڙيءَ
رات جو پڻ زبردست لڙائي ٿي رهي هئي.
رات جي بمبارن جو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ سمورو محاذ گولين جي گرجدار
آواز سان ٻري رهيو هو، پر برچ وڻن جي پالوندرن تي
ڦيرا ڏيندڙن ڀونئرن جي ڀونڀاٽ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿي
پيو. جهنگل جي گهراين مان ڪٿان هڪ عقاب انساني
آواز ۾ دانهن ڪئي هي سٺو سنوڻ ڪونه هو. گهاٽن وڻن
۾ هڪ بلبل ڳائي رهي هئي. سندس دل مان ڏينهن وارو
خوف ختم ٿي ويو هو. پهرين ته هن هٻڪي هٻڪي ٿي
ڳايو، ڄڻڪ پنهنجي آواز جو امتحان وٺندي هجي، پر
پوءِ ڀرپور نموني ۾ ڳائڻ لڳي. ايتري قدر جو ٻيون
بلبلون پڻ ڳائڻ لڳيون ۽ ٿوري دير کان پوءِ سڄو
محاذ هر طرف کان مٺڙن نغمن سان گونجڻ لڳو. تڏهن ته
ڪورسڪ جون بلبلون سڄي دنيا ۾ مشهور آهن!
هاڻي بلبلن جي نغمن سان سمورو آسمان گونججي رهيو هو. اليڪسي،
جنهن کي صبح جو ڪنهن ڪميشن جي سامهون نه، بلڪ خود
موت جي سامهون امتحان لاءِ وڃڻو هو، بلبلن جي
انهيءَ گڏجي ڳائڻ واري شور ۾ جاڳندو رهيو. سندس
خيالن جو مرڪز ايندڙ صبح ڪونه هو، نه ئي ايندڙ جنگ
هئي، نه ڪو موت جو امڪان هو. سندس خيالن جو مرڪز
ته اها ڏور رهندڙ بلبل هئي، جنهن ڪنهن وقت ڪامي
شين جي ٻاهران سندس لاءِ هڪ نغمو ڳاتو هو. سندس
خيال ۾ هن جي ”پنهنجي“ بلبل، پنهنجي اوليا رچيل
هئي.
اوڀر ۾ آسمان جو رنگ پيلو ٿي ويو. آهستي آهستي بلبلن جا نغما
توپن جي ڌماڪن ۾ گم ٿي ويا ۽ سج آهستي آهستي جنگ
جي ميدان مٿان اڀريو.
|