(15)
محاذ تي ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي خاموشي ڇانيل هئي، جيڪا ڪنهن
ايندڙ زبردست طوفان جو ڏس ڏئي رهي هئي. جيڪي خبرون
پئي آيون، تن مان معلوم ٿي ٿيو ته صرف ڪي معمولي
جهڙپون پئي ٿيون. ميريسئف ۽ استروچڪوف ٻئي
تجربيڪار سپاهي هئا، تن ڄاتو ٿي ته گشت ڪندڙ ٽولين
جي معمولي جهڙپن جو مطلب ڇا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به
ته خاموشي جيتري ڊگهي ٿيندي وڃي ۽ هيءَ خاموش ڇڪ
ڇڪان جيتري گهڻي دير تائين قائم رهندي، طوفان
ايترو ئي وڌيڪ خوفناڪ هوندو.
هڪ ڏينهن خبرنامي ۾ سوويت يونين جي هيرو نشاني باز استيپان
ايووشڪن جو حوالو هو، جنهن ڪنهن هنڌ ڏاکڻي محاذ تي
پنجويهن جرمنن کي ماريو هو ۽ هاڻ سندس هٿان مرندڙ
جرمن سپاهين جو تعداد ٻن سون تائين پهچي ويو هو.
گووزديف جو هڪ خط آيو هو، پر هن اهو بلڪل ڪونه
لکيو هو ته هاڻ هو ڪٿي آهي ۽ ڇا پيو ڪري؟ البت هن
اهو لکيو هو ته هو پنهنجي اڳوڻي ڪمانڊر ياول
روتمستروف وٽ پهچي ويو آهي ۽ هو ڏاڍو خوش آهي. هن
اليڪسيءَ کي لکيو ته خط ملڻ تي هو انيوتا کي فقط
هڪڙي سٽ جو خط لکي ۽ اهو به ته هن پاڻ به انيوتا
کي خط لکيو هو، پر خبر ناهي ته انيوتا کي خط ملن
ٿا يا نه؟
انهن ٻنهي ڳالهين مان ڪنهن به فوجيءَ کي بنهه صاف خبر پئجي سگهي
ٿي ته ڪنهن هنڌ ڏاکڻي محاذ تي ڪو وڏو طوفان اچڻو
آهي. اليڪسيءَ انيوتا کي هڪ خط لکيو ۽ گڏوگڏ
گووزديف کي به خط لکي، کيس پروفيسر جي ڏاڙهي مُڇون
رکڻ وارو مشورو پڻ ٻڌايائين.
وارڊ نمبر 42 ۾ هڪ خوشگوار واقعو ٿيو. هڪ فرمان جاري ٿيو، جنهن
موجب استروچڪوف کي سوويت يونين جو ’هيرو‘ جو خطاب
مليو. ليڪن هيءَ مسرت بخشيندڙ خبر به استروچڪوف کي
خوش رکي نه سگهي. هو ٻيهر خاموش ۽ اجهاڻو اجهاڻو
پئي لڳو ۽ پنهنجي زخمي گوڏن کي گهٽ وڌ پيو
ڳالهائيندو هو، جن کيس هن – هڻ هڻان واري دور ۾
بستري تي سمهاري ڇڏيو هو. هن جي غمگينيءَ جو هڪڙو
ٻيو به سبب هو، جنهن کي هو لڪائڻ جي تمام گهڻي
ڪوشش ڪندو هو، پر انهيءَ راز جي اليڪسيءَ کي بنهه
اوچتو ئي خبر پئجي ويئي.
هاڻ اليڪسيءَ جو ذهن فقط هڪ نقطي تي کتل هو ته هلڻ سکجي ۽ بس.
تنهن ڪري کيس خبر ئي ڪانه پئي ته سندس چوطرف ڇا
پيو وهي واپري؟ هو روزانو مقرر ڪيل پروگرام تي
سختيءَ سان عمل ڪندو هو. اهو ٽن ڪلاڪن جو پروگرام
هو. هڪ هڪ ڪلاڪ صبح، منجهند ۽ شام. هو پنهنجي نقلي
پيرن سان هلڻ جي مشق ڪندو هو. شروع ۾ ته ٻين وارڊن
جا مريض ڏاڍو بيزار ٿياــــــــــــ جيڏي مهل ڏس،
تيڏي مهل هو گهڙيءَ جي ڪانٽي وانگر بنهه پابنديءَ
سان نيري پهراڻ ۾ هڪ پاڇولي وانگر نڪرندو هو ۽ هنن
جي کليل دروازن وٽان ٿڙندو ٿاٻڙندو لنگهندو هو.
اهي کيس خاص وقتن تي ڏسڻ جا ايترا هيراڪ ٿي ويا
هئا جو هڪ ڏينهن جڏهن اليڪسي زڪام جي ڪري ٻاهر
ڪونه نڪتو ته خاص ماڻهو موڪلي، سندس حال پڇيائون
ته همراهه ڪيئن آهي؟
هو صبح جو ورزش ڪندو هو ۽ پوءِ ڪرسيءَ تي ويهي پيرن کي انهيءَ
چرپر تي هيريندو هو، جيڪي هوائي جهاز هلائڻ لاءِ
نهايت ضروري هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ايتري
دير تائين ورزش ڪندو هو، جو سندس مغز ۾ چڪر اچي
ويندا هئا ۽ سندس ڪنن ۾ توتڙيون وڄڻ لڳنديون هيون.
سندس اکين اڳيان تارا نچڻ لڳندا هئا ۽ سندس پيرن
هيٺان زمين کسڪڻ لڳندي هئي. جڏهن به ائين ٿيندو
هو، تڏهن هو مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهندو هو ۽ ٿوري دير
ليٽي پوندو هو ته جيئن جلد ئي ٻيهر سندس قوت بحال
ٿئي ۽ هو هلڻ واري ورزش ۾ وقفو نه وجهي.
ان ڏينهن به هو ايتري دير تائين هليو هو جو سندس دماغ چڪرائجي
ويو ۽ کيس ڪابه شيءِ نظر ڪانه پئي آئي. هو
هٿوراڙيون ڏيندو وارڊ ۾ داخل ٿيو ۽ وڃي پنهنجي
بستري تي ڪري پيو. جڏهن سندس هوش بحال ٿيو ته هن
ڪجهه آواز ٻڌا ــــــــــ ڪلاوديا جو پرسڪون ۽ ڪي
قدر طنز ڀريو آواز ۽ استروچڪوف جو التجا ۽ منٿ
وارو آواز. ٻئي ڄڻا ڳالهه ٻولهه ۾ ايترا ته محو
هئا جو کين اليڪسيءَ جي اچڻ جي به سڌ ڪانه پئي.
”يقين ڪر، آءٌ بنهه سنجيدگيءَ سان پيو چوان. ڇا توکي سمجهه ۾
ڪونه ٿو اچي؟ تون عورت آهين يا نه؟“
”ها، آءٌ بلڪل عورت آهيان، پر منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون ان
موضوع تي سنجيدگيءَ سان ڳالهائي به سگهين ٿو ۽ ٻي
ڳالهه ته مون کي تنهنجي سنجيدگيءَ جي به ضرورت
ڪانهي.“
استروچڪوف کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ هن رڙ ڪري چيو:
”آءٌ توسان محبت ڪريان ٿو. مون تي لعنت هجي. تون عورت ڪين آهين،
تون ته پٿر جو بوتو آهين، جنهن کي ڪجهه به نظر نٿو
اچي. سمجهيئي؟“ ائين چئي هن منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽
دريءَ جي شيشي تي آڱريون وڄائڻ لڳو.
ڪلاوديا هڪ تجربيڪار نرس وانگر آهستي آهستي ۽ احتياط سان قدم
کڻندي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳي.
”ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڇا تون مون کي جواب ڪونه ڏيندينءَ؟“ ”ان
باري ۾ ڳالهائڻ جي نه هيءَ جاءِ آهي ۽ نه وقت. آءٌ
هينئر ڊيوٽيءَ تي آهيان.“
”تون صاف صاف ڇو نٿي ڳالهائين؟ مون کي ستائين ڇا لاءِ پئي؟ جواب
ڏي مون کي.“ ميجر جي آواز ۾ ڏاڍو درد ڀريل هو.
ڪلاوديا دروازي وٽ بيهي رهي. اونداهي ورانڊي جي پس منظر ۾ هن جو
سهڻو سلوڻو ۽ دلڪش وجود اڃا به وڌيڪ نمايان ٿي ويو
هو. ميريسئف کي ڪڏهن شڪ شبهو به ڪونه ٿيو هو ته
هيءَ ماٺيڻي نرس، جيڪا هاڻ جوان ڪانه رهي هئي،
پنهنجي ڪردار ۾ ايڏي ثابت قدم ٿي سگهي ٿي. هوءَ
ڳاٽ اوچو ڪريو، دروازي وٽ بيٺي هئي ۽ ائين پئي لڳو
ڄڻ ميجر کي ڪنهن اوچي مينار تان ڏسي رهي هجي.
”تمام سٺو.“ هن چيو، ”ته هاڻي صاف صاف ٻڌ ـــــــــــ آءٌ توسان
پيار نٿي ڪريان ۽ شايد آءٌ توسان ڪڏهن به محبت ڪري
نه سگهنديس.“
هوءَ هلي ويئي. ميجر ڌڙام ڪري بستري تي ڪري پيو ۽ وهاڻي ۾ منهن
لڪائي ڇڏيائين. هاڻي اليڪسيءَ کي سمجهه ۾ اچي ويو
ته گذريل ڏينهن کان ميجر جو رويو ايترو عجيب ڇو
هو؟
واقعي هو ڏاڍي اذيت برداشت ڪري رهيو هوندو. اليڪسيءَ کي مٿس ترس
اچڻ لڳو ۽ گڏوگڏ هو خوش به ٿيو. ميجر بستري تان
اٿيو ته اليڪسي مٿانئس مسخري ڪرڻ کان سواءِ رهي نه
سگهيو.
”هاڻ ٻڌاءِ ڪامريڊ ميجر ته آءٌ تنهنجي ٻوٿ تي کانگهارو هڻان يا
نه؟“
جيڪڏهن اليڪسيءَ کي ذرو به خبر هجي ها ته سندس اهي لفظ هن تي ڪو
اثر ڇڏيندا ته هو ڪڏهن به اهڙي مسخري ڪونه ڪري ها.
استروچڪوف ڊوڙي اليڪسيءَ جي پلنگ وٽ آيو ۽ انتهائي
افسوس سان چوڻ لڳو: ”هڻ ٿڪ منهنجي منهن تي. آءٌ
آهيان ئي ان لائق. پر هاڻي آءٌ ڇا ڪندس؟ مون کي
ٻڌاءِ، ٻڌاءِ ته هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟ تو اسان جون
ڳالهيون ٻڌيون آهن. ٻڌيون اٿئي نه؟“
هو ٻنهي هٿن سان مٿو جهلي اليڪسيءَ جي پلنگ جي ڪناري تي ويهي
رهيو. هن جو سڄو بدن ڏڪي رهيو هو.
”شايد تو سمجهيو ته مون هن سان کيڏ پئي ڪئي؟ نه، آءٌ هن سان
چالاڪي ڪونه پيو ڪريان. آءٌ سنجيدو آهيان، مون هن
بيوقوف ۽ مورک سان سموري خلوص سان پنهنجي محبت جو
اقرار ڪيو هو.“
شام جو ڪلاوديا معمول مطابق آئي. هوءَ هميشه وانگر خاموش،
مهربان ۽ صابر نظر پئي آئي. هن جي چهري تي راحت
لياڪا پائي رهي هئي. هن ٻين وانگر ميجر ڏانهن به
نهاري مسڪرايو. پر ميجر کي ڏسي کيس گهٻراهٽ ۽ ڊپ
پئي ٿيو. استروچڪوف دريءَ تي ويٺو، ڏندن سان آڱر
جو ننهن ڪٽي رهيو هو ۽ جڏهن ورانڊي ۾ ڪلاوديا جي
پيرن جو آواز پري وڃي رهيو هو، تڏهن هن سندس پويان
نگاهه ڊوڙائي. هن جي چهري تي ڪاوڙ، درد ۽ پيڙا جي
گڏيل ڪيفيت هئي. ”سوويت حور!“ هو گرجيو. ”ڪنهن
احمق هن کي اهو نالو ڏنو آهي؟ هوءَ نرس جي ويس ۾
هڪ شيطان آهي.“
آفيس مان هڪڙي اڌيڙ عمر جي سڪل نرس آئي ۽ پڇڻ لڳي: ”ڇا هتي
اليڪسي ميريسئف هلڻ ڦرڻ وارو ڪو مريض آهي؟“
”نه، هو ڊوڙڻ ڀڄڻ وارو مريض آهي.“ استروچڪوف زور سان چيو.
”آءٌ هتي کل ڀوڳ ڪرڻ ڪانه آئي آهيان.“ نرس سختيءَ سان چيو.
”ميريسئف اليڪسي، سينيئر ليفٽيننٽ، ٽيليفون تي ڪير
توهان کي سڏي رهيو آهي.“
”ڪا جوان ڇوڪري آهي؟“ استروچڪوف ۾ ساهه پئجي ويو ۽ هن نرس کي اک
ڀڃندي چيو.
”مون ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ ڪونه ڏٺو آهي.“ نرس بڙ بڙ ڪندي ۽ ڏاڍي
شان سان وارڊ مان نڪري ويئي.
اليڪسيءَ بستري تان ٽپ ڏنو. هن خوشيءَ مان ٻهڪندي لڪڻ جي سهاري
سان هلندي، وڃي نرس کي جهليو ۽ واقعي ورانڊي ۾
ڊوڙندي هو نرس کان به اڳيان نڪري ويو. هڪ مهيني
کان وٺي هو اوليا جي جواب جو انتظار ڪري رهيو هو.
هن جي دماغ ۾ هي خيال ڊوڙي ويو: ”شايد هوءَ ئي
هجي!“ ليڪن ائين ٿي نٿو سگهي. ههڙي زماني ۾ هوءَ
اسٽان گراڊ کان ماسڪو اچي ئي نٿي سگهي. تنهن کان
سواءِ کيس منهنجو اسپتال ۾ ڏس ڪنهن ڏنو هوندو؟ هن
ته اوليا کي لکيو هو ته هو ماسڪو جي ٻهراڙين ۾
محاذ جي پٺيان ڪنهن آفيس ۾ ڪم پيو ڪري. پر ان لمحي
کيس معجزي تي يقين اچي ويو ۽ کيس محسوس به نه ٿيو
ته ڪو هو نقلي پيرن سان ڊوڙي رهيو آهي ۽ پهريون
ڀيرو ڊوڙي رهيو آهي.
هن آواز جهٽڻو کنيو ۽ کيس هڪ خوشگوار، گهرو ۽ بنهه اجنبي آواز
ٻڌڻ ۾ آيو. هن آواز پڇيو ته وارڊ نمبر 42 جي
اليڪسيءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي؟ اليڪسيءَ
ڏاڍي تيز ۽ ڪاوڙ ڀريل لهجي ۾ جواب ڏنو، ڄڻڪ ان
سوال ۾ ڪا دل آزاريءَ جي ڳالهه هئي: ”ها!“
هڪ پل لاءِ ڪوبه آواز ڪونه آيو. هاڻي هي آواز گهٽيل هو ۽ منجهس
هڪ قسم جي ڪشمڪش هئي. هن زحمت لاءِ معافي گهري.
صاف ظاهر هو ته کيس اليڪسيءَ جي کهري انداز مان
تڪليف پهتي هئي. هن وڏيءَ جاکوڙ کان ڪم وٺندي چوڻ
شروع ڪيو: ”آءٌ انيوتا آهيان، گووزديف جي هڪ دوست،
توهان مون کي ڪونه ٿا سڃاڻو؟“
”ڇا تون انيوتا آهين؟ انيوتا؟ آءٌ توکي تمام چڱيءَ طرح سڃاڻان
ٿو. گريشا مون کي تنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو
هو.........“ ”هو آهي ڪٿي؟ هن کي ٿيو ڇا جو هو
بلڪل اوچتو ئي اوچتو هليو ويو؟ گهگهو وڳو هو ته
آءٌ ٻاهر نڪتي هيس. توکي خبر هجڻ کپي ته آءٌ ترت
علاج واري جٿي ۾ شامل آهيان. اتان آءٌ موٽيس ته هو
غائب هو. هن نه پنهنجو پتو ڇڏيو ۽ نه ڪا چٺي
چپاٽي...... پيارا اليوشا....... اوه معاف ڪجو،
ائين پئي اوهان کي مخاطب ڪريان، آءٌ به توهان کي
چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. مون کي هن جي باري ۾ ڏاڍي
پريشاني آهي. آءٌ اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته هينئر ڪٿي
آهي ۽ ايترو جلد هو ڇو هليو ويو هو.........؟“
اليڪسيءَ جي دل جذبات جي گرميءَ کان وهلورجي ويئي. هن کي پنهنجي
دوست جي لاءِ ڏاڍي خوشي ٿي. هن مسخري کي غلط فهمي
ٿي هئي. ڏاڍو جذباتي آهي. ته چئبو ته مخلص ڇوڪريون
سپاهيءَ جي معذور ٿيڻ جي ڪري کانئس خوف کائي منهن
نٿيون موڙين. ان جو مطلب هي ٿيو ته هو به ڪنهن تي
ڀروسو ڪري سگهي ٿو، جيڪا هن جي لاءِ پريشان ٿيندي
هوندي ۽ هن کي ساڳيءَ طرح ڳولي رهي هوندي، جيئن
انيوتا پئي ڳولي. اهو خيال سندس دماغ ۾ بجليءَ
وانگر ڊوڙي ويو. هو آواز جهٽڻي ۾ رڙيون ڪرڻ لڳو ۽
جوش کان ڏڪي رهيو هو.
”انيوتا! سڀڪجهه ٺيڪ آهي. هو هڪ افسوسناڪ غلط فهميءَ جو شڪار ٿي
ويو هو. هو هاڻ بنهه ٺيڪ آهي ۽ ٻيهر محاذ تي وڙهي
رهيو آهي. ها، محاذ تي وڙهندڙ سپاهين کي پوسٽ باڪس
نمبر 42531 جي پتي تي خط لکي سگهجي ٿو. ٻي ڳالهه
ٻڌ، هو ڏاڙهي پيو رکي. الله جو قسم انيوتا! هڪ
شاندار قسم جي ڏاڙهي...... جهڙي........ جهڙي ڇاپي
مارن جي ڏاڙهي هوندي آهي، ڏاڙهي ڏاڍي سهڻي لڳندي
آهي.“
انيوتا کي ڏاڙهيءَ وارو خيال ڪجهه آئڙيو ڪونه. هن جي خيال ۾ اها
هڪ غير ضروري شيءِ هئي. اليڪسي اها ڳالهه ٻڌي اڃا
به وڌيڪ خوش ٿيو. هن وراڻيو ته انهيءَ صورت ۾ ته
گريشا منٽ ۾ ڏاڙهي چٽ ڪري ڇڏيندو. حالانڪ هر
ماڻهوءَ جو خيال هو ته ڏاڙهي کيس ڏاڍي ٺهي ٿي.
نيٺ جڏهن هنن ٻنهي آواز جهٽڻو رکيو، تڏهن هو ٻئي پاڻ ۾ گهرا
دوست بنجي چڪا هئا. اها ڳالهه طئي ٿي ته ميريسئف
اسپتال مان وڃڻ کان اڳ ۾ کيس ٽيليفون ڪندو. وارڊ
ڏانهن واپس ويندي کيس ياد آيو ته پاڻ ٽيليفون ٻڌڻ
لاءِ ڊوڙندو آيو هو. هن ٻيهر ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر
بيڪار، نقلي پيرن جهٽڪن جي ڪري سندس ٽنگن ۾ زبردست
سور جون سوٽون اُڀري رهيون هيون ۽ سور جي پيڙا سڄي
بدن ۾ ڊوڙي رهي هئي. پر پرواه ناهي، هو اڄ نه ٿو
ڊوڙي سگهي ته سڀاڻي ضرور ڊوڙندو. جيڪڏهن پرهينءَ
نه ته ان کان هڪ ڏينهن پوءِ، پر هو ڊوڙندو ضرور.
سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. يقينًا هو ڊوڙڻ ۽ هوائي جهاز
اڏائڻ لائق ٿي ويندو. هو يقيني طور ٻيهر وڙهي
سگهندو ۽ ڇاڪاڻ ته کيس عهد ڪرڻ جو شوق هو، تنهن
ڪري هن عهد ڪيو ته پهرين فضائي جنگ ۾ حصو وٺڻ ۽
پهريون جرمن هوائي جهاز ڪيرائڻ کان پوءِ هو اوليا
کي خط لکندو ۽ کيس سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو. پوءِ
نتيجو چاهي ڪهڙو به وڃي نڪري. |