سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آفتاب ادب عرف ساهت جو سج

 

صفحو : 8

تشبيهون ۽ استعارا، مجاز ۽ ڪمايا جيئن ٻين سڌيل ٻولين ۾ هوندا آهن، تيئن سنڌيءَ ۾ به آهن؛ پر ادبي زبان جي ترقيءَ خاطر، سنڌيءَ پنهنجي ملڪي وجودات مان تشبيهن ۽ استعارفن، مجازن ۽ ڪناين ٺاهڻ کان سواءِ ٻين ٻولين جو به اهڙو اَسباب پاڻ وٽ ڇڪي آندو آهي. مثلاً گل ۽ بلبل، شيرين ۽ فرهاد، چنگ ۽ رباب، شراب ۽ ڪباب، صراحي ۽ ساقي، شمع ۽ پروانو، ميڪده ۽ ميخانہ، ڪاڪل مسڪين، دام زلف، لب لعلين، اَهو چشم، نرگس چشم، اُهو گردن، تيغ ابرو، تير مزگان، شمشاد قد، سرو قامت، صنوبر بالا، خزان و بهار، نازڪ اندامي، ڪبڪ خرامي، وغيره وغيره.

جيتوڻيڪ اهڙو اِضافو شاعرن لاءِ بيشڪ هڪ نعمت ٿي پيو آهي- انهن جي ذريعي هو پنهنجا جذبات ڪشادي طرح  ظاهر ڪري سگهن ٿا ۽ شعر جي دقيقه سنجيءَ ۾ گهٽ وقت محسوس ڪن ٿا-پر، تنهن هوندي به ائين ٿيڻ نه گهرجي، جو پنهنجا ملڪي محاورا ۽ تلازما صفا ترڪ ڪري ڇڏجن. بيشڪ ادبي باغ ۾ بهار پيدا ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن جا گل ۽ گلبن به پوکجن، مگر عام ادبي تفريح گاهن ۾ عام پسند ٻوٽا به ضرور لڳائجن. سنڌي عاشق لاءِ ”سهڻي ۽ ميهار، عمر ۽ مارئي، سسئي ۽ پنهون، مومل ۽ مينڌرو، ٿر ۽ ملير، دادلو درياء ۽ ڪَچو گهرو، مينهن جي سنگهرن جا آواز، عمر جو ڪوٽ ۽ مارُن جا ماڳ، اوڳا اُٺ ۽ بيابانن جون ڀٽون، پهاڙي پنڌ ۽ واريءَ ون ڊٻون، اوجاڳا ۽ اوسيئڙا، راتيون وهامڻ ۽ پرهه جون باکون ڪڍڻ، اُٺن جو پلاڻڻ ۽ ڪرهن جو ڪرهڻ، تنگ مهارون، تربرا، جتن جو جڙڻ، ”ٻاروچي ٻولي ڪري، پنهون نال نيڻ“، اِهي ۽ اهڙا تلازمائي دل ۾ ڇپندڙ ۽ دل کيچيندر ثابت ٿيندا، ۽ اِهي ترڪيبون ئي سنڌي عاشق جي جذبات جي ترجماني ڪنديون. انهيءَ ڪري سنڌي شاعرن کي اهڙيون پياريون ورجيسون پهريائين خيال ۾ رکڻ گهرجڻ.

 

حقيقت ۽ مجاز ۾ فرق

 

”حقيقت ۽ مجاز“ جي حقيقت، مٿي مٿي لکي وئي آهي، جنهن مان ٻنهي جو فرق معلوم ٿي سگهي ٿو. وڌيڪ صفائيءَ لاءِ وري به بيان ڪريان ٿو. ”ڏس ته گل آهي؟“ ”گل“ باغ جي گل کي چئبو آهي، ۽ ”گل“ ماڻهو جو نالو به هوندو آهي. جيڪڏهن چوندڙ جو ملطب آهي ”باغ وارو گل“ ته اها ”حقيقت“ چئبي، ۽ جيڏهن چوندڙ جي مراد آهي اُهو ماڻهو، جنهن جو نالو ”گُل“ آهي ته اهو مجاز چئبو.

 

استعاري، مجاز مرسل ۽ ڪنايي ۾ تفاوت

”استعاري“ ۽ ”مجاز مرسل“ ۾ لفظن جي لغوي ۽ حقيقي معنيٰ نه وٺبي آهي. جيڪڏهن وٺبي ته مصمون بي مطلبو ٿي پوندو. ”شينهن ترار پئي هلائي“- انهيءَ فقي ۾ جيڪڏهن ”شينهن“ جي معنيٰ مشهور درندو جانور وٺبي، ته اهو ترار ڪيئن هلائيندو؟ پوءِ اهو جمو ئي بي معنيٰ ٿي پوندو. انهيءَ ڪري اهڙي جملي ۾ ضرورت مجازي معنيٰ وٺبي- يعني، ”پهلوان“. باقي ”ڪنايو“، سو جيتوڻيڪ منجهس اصلي ۽ حقيقي معنيٰ نه وٺبي آهي، پر جيڪڏهن کڻي وٺبي، ته به جملو بي معنيٰ نه ٿيندو. ”فلاڻي جون ٻانهون ڊگهيون آهن“- انهيءَ جملي ۾ ”ڊگهيون ٻانهون“ حقيقي معنيٰ ۾ نه آهن، بلڪ ”ٻانهون ڊگهيون“ معنيٰ ”وڏي پهچ“. پر جيڪڏهن انهيءَ جملي جي معنيٰ وٺبي ”ڊگهيون ٻانهون“ ته به جملو بي معنيٰ نه ٿيندو، ڇو ته ڪن ماڻهن جون ٻانهون ننڍيون ٿينديون آهن ۽ جون وڏيون. جيتوڻيڪ حقيقي معنيٰ وٺڻ سان ڪلام ۾ ڪا ڪماليت نه رهندي، ته به ڪانه ڪا مناسب معنيٰ ضرور نڪرندي.

 

استعاري ۽ تشبيہ ۾ فرق

”استعارو“ درحقيقت ”نشبيہ“ جو ئي نمونو آهي. فرق فقط هي آهي، جو ”تشبيہ“ ۾ حرف تشبيہ ايندو آهي، جنهنڪري مشبہ ۽ مشبہ بہ جدا جدا سمجهيا ويندا آهن، ۽ ”استعاري“ ۾ ”مستعار“ خود ”مستعارمنہ“ بنايو ويندو آهي. ”فلاڻو شينهن جهڙو آهي“- انهيءَ جملي ۾ تشبيہ آهي، ۽ حرف تشبيہ آندل آهي، جنهنڪري ”فلاڻو“ ٻي شئي ۽ ”شينهن“ ٻي شئي سمجهي وڃي ٿي. ”فلاڻو شينهن آهي“- انهيءَ جملي ۾ ”فلاڻو“ کي خود ”شينهن“ ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

 

علم معاني

”علم معاني“ اهڙن قاعدن جي مجموعي کي چئبو آهي، جن جي ذريعي لفظن جي حالتن کي واقف ٿجي ۽ ڳالهائيندڙ، يا لکندڙ پنهنجي مراد بيان ڪرڻ ۾ معنوي غلطي نه ڪري. ٻين لفظن ۾ ”ڪلام فصيح ۽ بلغ، ۽ ڪلام غير فصيح ۽ غير بليغ ۾ فرق ڪري سگهجي“. هن مان اوهين سمجهندا ته علم معانيءَ ۾ فقط ٻن ڳالهين جو بيان هوندو.

(1) فصاحت، (2) بلاغت.

فصاحت: جڏهن ته ”علم معاني“ جي عالمن وٽ ”لفظ، جملو ۽ ڳالهائيندڙ“ اِهي ٽيئي فصيح چئي سگهجن ٿا، تڏهن انهن ٽنهي جو بيان الڳ الڳ ڪجي ٿو.

لفظ فصيح، اهڙي لفظ کي چئبو آهي، جنهن ۾ (الف) [1]، نه اهڙا حرف هجن، جن جي ڪري انهيءَ لفظ پڙهڻ ۾ زبان کي ڏکيائي يا ڳرائي معلوم ٿئي. جهڙيءَ طرح لفظ ”رڙهڻ“ جنهن ۾ ”ڙهه“ ۽ ”ڻ“ جي گڏجڻ ڪري لفظ ئي ڳرو ۽ اڙانگو ٿي پيو، (ب) [2]، اهڙا آڏا اُبتا ۽ هيٺ مٿي حرف هجن، جي لفظ جي اصليت جي برخلاف هجن- جهڙيءَ طرح لفظ ”هرماهه“، جو ”همراهه“ جي بگڙيل صورت آهي؛ (ج) [3]، نه منجهس جهنگلي نموني جو اُچار هجي، جو ادبي رنگ کان بيرنگ هجي- جهڙيءَ طرح شُرڪو موٿاج، کاش.

ڪلام فصيح- اهڙيءَ عبارت کي چئبو آهي، جنهن ۾ (الف) [4]، زبان تي ڳرائي پيدا ڪندڙ لفظ نه هجن- جهڙيءَ طرح ”ڳڙ جي ٻيڙي روهڙيءَ کان رڙهندي وئي“؛ منجهس اهڙا جملا نه هجن، جي ورجيسن ۽ محاوري جي برخلاف هجن- جهڙيءَ طرح ”گل لُڻڻ“ اِهو سنڌي محاوري جي برخلاف آهي: محاورو آهي ”گل پَٽڻ“ يا ”گل ڇنڻ“. (ب) [5]، منجهس اهڙا جملا ۽ اهڙيون ترڪيبون نه هجن، جن جو مطلب ۽ مراد سمجهڻ ئي مشڪل ٿي پوي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(1) تنهنجي ڳولڻ لئي اکيون منهنجون آليون،

پر نه آئين هٿِ اکيون ٻوٽيم کڻي.

- ”حڪيم“

پهرين مصرع ۾ ڳولڻ لاءِ اکين جو اُٿڻ ظاهر ڪري سمجهه ۾ ئي نٿو اچي. ڇو ته ”اکين جو اُٿڻ“ چئبو آهي ”اکين جي پچڻ“ کي. جنهن جون اکيون پچنديون، سو ڪنهن شئي کي ڳوليندو ڪيئن؟ ٻيءَ مصرع جو مطلب به صاف سمجهه ۾ نٿو اچي. ڪنهن جي نه هٿ اچن ڪري، اکيون ٻوٽيون ڪنهن؟ پر شاعر جر مرياد آهي ته ”تُنهنجي ڳولڻ لاءِ منهنجون اکيون تياري ٿيون ۽ سنڀري بيٺيون. ڳولا گهڻي ڪيائون، پر هٿ نه آئين. آخر نااميد ٿي، مري ويس“. (1) ”اوهان جـٖـي، گهمندي گهمندي گهر اچي نڪتس“. اِها عبارت غير فصيح آهي. محاوري موجب، هن طرح هئڻ گهرجي: ”گهمندي گهمندي، اوهان جي گهر اچي نڪتس“.

(مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن)

(2) در ڪينڪي ڇڏيندس، جي تون تڙين به، تنهنجو،

    ساري اِتي گذاريان ڇڏ يار عمر پنهنجي!

- ”حڪيم“

انهيءَ شعر جو مضمون هن طرح هئڻ گهربو هو: ”جي تون تڙين، ته به تنهنجو در ڪين ڇڏيندس. ڇڏ يار، ته ساري عمر اِتي گذاريان!“ انهيءَ شعر کي ڦيرائي هيئن لکجي ته شعر فصيح ٿي پوندو:

در ڪينڪي ڇڏيندس تنهنجو، تڙين جي تون، ته به،

ڇڏ، يار، عمر پنهنجي ساري اِتي گذاريان!

- ”حڪيم“

(د)[6]، اهڙو ڪلام، جنهن ۾ هڪ ٻئي پٺيان لاڳيتيون اِضافتون نه هجن- جهڙيءَ طرح ”بلبل، باغ جي گل جي خوشبو جي سنگهڻ جي لاءِ حيران ۽ پريشان آهي“-  مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

يار جي ديدار جي گلزار جي ديدار لاءِ،

منهنجي دِيدُن جي نظر جي لاءِ سرمو خاڪ دوست.

- ”حڪيم“

پهرين مصرع ۾ اضافتن جو اجتماع آهي، جي هڪٻئي سان لاڳيتيون آهن، انهيءَ ڪري شعر غير فصيح چئبو. اِهو شعر هن طرح هجي ته فصيح چئبو:

(مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات)

گلزار روئي يار جي ديدار واسطي،

نيڻن جي لاءِ منهنجي، ٿيو سرمو خاڪ دوست.

– ”حڪيم“

فصيح ڳالهائيندڙ اهو چئبو، جنهن جو سخن ۽ ڪالام فصاحت جي برخلاف مٿي ذڪر ڪيل عيبن کان آجو هجي. هو فصيح ڪلام ڳالهائڻ تي قادر هجي. ڳالهائڻ ۾ نه لغت جي لحاظ موجب غلطي ڪري نه صرف ۽ نحو ۽ قاعدن جو النگهن ڪري، ۽ نه علم معانيءَ جي لحاظ کي نظرانداز ڪري. جنهن ڳالهائيندڙ ۾ اهي اوصاف نه هوندا، ته اهو ”انسان ناطق“ کڻي چئبو، پر نه انسان فصيح.

بلاغت: ڪلام بليغ چيو آهي اهڙي ڪلام کي، جنهن ۾ فصاحت جون سموريون صفتون ته لڀن، پر وڌيڪ هي گُڻ به منجهس هجي، جو جاءِ، وقت ۽ حالت مطابق هجي. غم جي وقت، مجلس ۽ حالت ۾ ڪوبه خوشيءَ جو اظهار نه هجي، شاديءَ جي وقت مجلس ۽ حالت ۾ غم جو ڪلمو زبان تي نه اچي. ڪنهن معزز ۽ بزرگ ماڻهو جي ڪٽنب جي ڳالهه ڪرڻي هجي ته ”پڻس، ماڻس، جوڻس، ڌيڻس، پٽس“ ڪري نه چئجي. اهو نمونو بازاري ۽ بلاغت جي برخلاف چئبو، جهڙو جنهن جو شان، تهڙو ئي شاندار ڪلام ۽ شاندار لفظ ڪم آڻجن. اهڙا لفظ هن طرح چئجن: سندن پتا يا والد، سنديس ماتا يا والده، سنديس گهر واري يا بيبي، سنديس نياڻي يا دختر، سندس پت يا فرزند. اهڙن لفظن کان سواءِ، ”س“ ضمر غائب اهڙن هنڌن ڪم آڻن اڳلي جي بيعزتي آهي. اڳلي کي ڪنهن ڳالهه جي خبر ئي نه هجي ۽ کيس خبر ڏيڻي هجي، ته معمولي ڪلام ڪم آڻبو. مثلاً ”جج ڪورٽ ۾ اچي ويو آهي“. اڳلي کي ڪنهن ٿيل ڳالهه ۾ شڪ هجي، ته ان کي خبر ڏيڻ وقت ڪلام ۾ زور ڏبو ۽ ذرا تاڪبدي لفظ وڌائڻو پوندو. مثلاً، ڪنهن کي جج جي اچڻ ۾ شڪ آهي ته مٿيون جملو هن طرح چئبو: ”جج پڪ ڪورٽ ۾ اچي ويو آهي“. جيڪڏهن ڪنهن کي جج جي اچي وڃڻ کان صفا انڪار آهي ته اهڙي ماڻهو کي جج جي اچڻ بابت هن طرح چئبو: ”ايمانَ سَئنهُن (يا خدا جو قسم) جج ڪورٽ ۾ پڪ اچي ويو آهي.“ انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته ”بليغ انسان“ اهو چئبو، جو فصيح ۽ بلاغت ۽ حالتن مطابق به ڳالهائي. هاڻي آءٌ فصاحت ۽ بلاغت جي تفصيل بيان ڪرڻ کان اڳ ڪن واسطيدار ڳالهين جو ذڪر ڪريان ٿو.

 

طبع صحيح ۽ ذوق سليم

طبع صحيح ۽ ذوق سليم، فصيح ۽ بليغ انسان لاءِ ضروري وصفتون آهن، مگر اهي خداداد ۽ ڏاتار جي ڏات آهن. ڏسجي ٿو ته ڪيترائي انسان انهيءَ نعمت کان محروم آهن. تعليم يافته ٿيڻ بعد به هن ۾ نه طبع صحيح جي روشني موجود ڏسبي آهي ۽ نه ذوق سليم جو نُور. هن کي اها خبر ئي ڪانه هوندي آهي ته فصاحت ۽ بلاغت آهي ڇا؟ ڪَنڊا آهن يا گل؟ سُٽ آهي يا پَت؟ پشم آهي، يا ريشم؟ طبع صحيح هڪ ڪاريگر وانگي آهي، ۽ عمدو ڪلام سنديس ڪاريگريءَ جو هڪ نمونو. ڪاريگر جيتريقدر پنهنجي هنر ۾ هوشيار ۽ فن ۾ فائق هوندو، اوتريقدر سندس ڪم ساراهه جوڳو، بلڪ بينظير ٿيندو.

 

اديبن ۽ مصنفن جا ڪتاب ڏسڻ گهرجن

”بلاغت“ ۾ ڪماليت حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪامل اديبن ۽ بيلغ مصنفن جا ڪتاب ضرور ڏسجن. اهڙا مضمون، جي بلاغت جي قاعدن مطابق لکيل هجن، سي بلاغت جي قاعدن معلوم ٿيڻ بعد انهيءَ باري ۾ پوري رهبري ڪندا. فقط قاعدا پڙهڻ ڪافي نه آهي، پر انهن جي عملي نقشو اديبن جي نظم ۽ نثر ۾ ئي ڏسجي سگهجي ٿو. اهڙا اديب، جي سَنَد لائق هجن انهن جو ڪلام شاهديءَ ۾ پيش ڪري سگهجي، ڪي ٿورا ۽ خاص درجي جا ئي هونا آهن. ”علم معاني“ پرهڻ کان پوءِ ئي کري ۽ کوٽي جي خبر پوندي آهي.

 

مضمون جي بيهڪ

جيتوڻيڪ بليغ ڪلام لاءِ ٺاهوڪا لفظ ۽ عمديون معنائون ضروري آهن، ته به مضمون جي بيهڪ ضرور سهڻي ۽ ٺاهو هجي. اکر اکر سان ائين جَڙڪيل هجي، جيئن زيور تي هيرا، لفظ لفظ سان ائين جڪڙيل هجي، جيئن زنجير جون ڪڙيون. لفظ ڪهڙا به کڻي اعليٰ درجي جا هوندا، پر جيڪڏهن ماڳائتا ۽ برمحل ڪم آندل نه هوندا، ته ڪلام ۽ مضمون ۾ بلاغت واري بيهڪ نه بيهندي انهيءَ کي اصلاح ۾ ”بندش“ چئبو آهي- جهڙيءَ طرح ”ڪالهه وڏيرو گهوڙي تي چڙهيو هو“- هن جملي ۾ چوندڙ جو مقصد آهي وقت ٻڌائڻ، يعني وڏيرو ڪالهه گهوڙي تي چڙهيو آهي وقت ٻڌائڻ، يعني وڏيرو ڪالهه گهوڙي تي چڙهيو هو“- هن جملي ۾ مقصد آهي ته وڏيرو گهوڙي تي چڙهيو هو، نه ڪو ٻيو. جيڪڏهن پهرئين مقصد لاءِ پويون جملو ڪم آڻبو ته ڪلام جي بندش ۽ بيهڪ ٽٽي پوندي. مقصد جو لفظ ابتدا ۾ ئي ڪم آڻبو آهي. نه وچ ۾.

 

مَسند، مُسند اِليہ ۽ اِسناد

جئن علم نحو ۾ ”مبتدا“ ۽ ”خبر“ هوندي آهي، تئن علم معاني ۾ ”مُسنَد“ ”مُسد اِليہ“ هوندو آهي، ۽ انهن ٻنهي جو جيڪو پاڻ ۾ تعلق يا لاڳاپو هوندو آهي، تنهن کي ”اِسناد“ چئبو آهي. مسند اليہ ”مبتدا“ ۽ مسند ”خبر“ جي بجاءِ هوندا آهن. مثلاً، ”دَنُو ڌن وارو آهي“. ”ڌنو“ نحو ۾ مبتدا ۽ مبتدا ۽ علم معاني موجب مُسندا اليہ آهي، ”ڌن وارو“ نحو موجب خبر ۽ علم معاني ۾ مُسنَد؛ ۽ لفظ ”آهي“ اِسناد.

 

مجاز لغوي ۽ مجاز عقلي

”مجاز لغوي“ ۽ مجاز عقلي جو بحث علم معاني ۾ گهڻو آهي، انهيءَ ڪري مختصر طرح سمجهاڻي لکان ٿو:

”مجاز لغوي“ لفظن ۾ لڀندو آهي، ۽ ”مجاز عقلي“ جملن ۾.

”مجاز لغوي“، اهڙي مفرد لفظ ۾ لڀندو آهي، جڏهن اهو لفظ پنهنجي حقيقي معنيٰ جي بجاءِ، ڪنهن ٻيءَ مناسب معنيٰ ۾ ڪم اچي- جهڙيءَ طرح ”شينهن“ ”پهلوان“ جي معنيٰ ۾.

”مجاز عقلي“، اهڙي جملي ۾ هوندي آهي، جنهن جو مطلب عقل سان ئي سمجهه ۾ ايندو آهي، نه لغت سان- جهريءَ طرح ”بهار ڏاڍا گل ٽيڙيا آهن“: هن جملي ۾ ”مجاز عقلي“ ڪم آندل آهي، عقل ئي سمجهي سگهي ٿو ته حقيقت ۾ گل ٽيڙڻ خالق ۽ اُپائڻهار جو ئي ڪم آهي، نه بهار جو، پر مجازي طرح، اهو ڪم بهار جو چئبو.

هاڻي، آءٌ علم معانيءَ موجب ڪلام جا ڪي نڪتا بيان ڪريان ٿو، جي فصاحت ۽ بلاغت لاءِ گهربل ۽ ضروري آهي.

علم معانيءَ جي ڪن نڪتن جا نمونا

”مُسنداليہ“ ڪيترن ئي هنڌ نه آڻيو آهي، جنهن ڪري پاڻ مضمون ۾ بلاغت پيدا ٿيندي آهي-

(1) جڏهن ”مُسندليہ“ جو آڻڻ غير ضروري، بلڪ اجايو سمجهجي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

آهيان مجنون، آهيان بلبل، آهين ليليٰ، آهين گل،

آيهان قمري، آهيان ڪوئ، اهين سرو، آهين بار.

- ”حڪيم“

هن ۾ مُسنداليہ ”آءٌ“ يا ”تون“ آندل نه آهي. ”آءٌ آهيان مجنون، آءٌ آهيان بلبل، تون آهين ليليٰ، تون آهين گل“ چوڻ ڪلام ۾ اجائي واڌ ۽ ڊيگهه ڪرڻي آهي. جڏهن ”آهيان ۽ آهين“ ۾ ضمير متڪلم ۽ ضمير حاضر اڳيئي موجود آهي، تڏهن ”آءٌ ۽ تون“ جو ضرور ئي ڪونهي.

(2)”مسنداليہ ڏانهن ڳالهائيندڙ کي ڌڪار هجي، ته ڳالهائڻ وقت ان جو نالو نه وٺندو- مثال:

 

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

تنهنجي در تي ٿو ڏسان هو روسياه،

جِيءُ چَلِي ٿو رک ٿئي، منهنجا سڄڻ!

- ”حڪيم“

”هو روسياه“ اشارو آهي ”رقيب“ ڏانهن، جنهن جو نالو وٺڻ عاشق کي ڌڪار وچان پسند نه آهي.

(3) ڊگهي ڪلام کي مختصر ڪرڻ لاءِ ”مسنداليہ“ نه آڻجي- مثال:

(مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعل)

”وڃين ٿو ڪاڏي اي نادان دل جليا عاشق!

نه کاءُ ٿاٻا ٻئي در مٿي!“ چيمُ، ”آيس!“

-”حڪيم“

عاشق جڏهن معشوق جي بيپرواهي ڏسي، معشوق کان رُسي هلي ٿو، هن لاءِ ته من مٿس ڪو اثر ٿئي، تڏهن معشوق مهر ڪري کيس سڏي ٿو ۽ ٻئي در تي ٿاٻن کائڻ کان روڪيس ٿو. عاشق اهڙي مهر ڏسي، جواب ۾ چوي ٿو: ”آيس“- ”آءٌ آيس“ نٿو چوي، هن لاءِ ته متان ڪلام ڊگهو ٿئي ۽ محبوب اَڌ ٻڌو هليو وڃي.

(4) جڏهن نا.لو وٺڻ بي ادبي سمجهي وڃي-

مثال:

(مفتعلاتن مفتعلاتن مفتعلاتن مفتعلائن)

اُهي جڳ جو وارث والي، شان سندس اَ اُوچو عالي،

ڪين ڇڏيندم هٿڙين خالي، سائين منهنجو سرجنهار.

-”حڪيم“

هن ۾ ”الله“ يا ”پرميشر“ نه آندو ويو آهي. شاعر انهيءَ خيال سان ته اهڙو پاڪ نالو ناپاڪ زبان تي ڪيئن آڻيان! ادب وچان ائين ڪيو آهي.

(5) جڏهن ڪنهن جو نالو لڪائڻ ئي مناسب سمجهيو وڃي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

”ڪهڙو تو وٽ هو پيارا ويٺو، اهڙي پيار سان؟“

-”منهنجو نوڪر هو، ملازم هو ۽ هو خدمتگذار!“

-”حڪيم“

حقيقت ۾ نه ڪو نوڪر هو، نه ڪو خدمتگار هو، بلڪ رقيب هو، پر محبوب ان جو نالو لڪائڻ مناسب سمجهيو.

ڪٿي ڪٿي پاڻ ”مسنداليہ“ هروڀرو به آڻبو آهي.

(1) جڏهن نالو وٺڻ ضرور سمجهيو وڃي- مثال!

(فعولن فعولن فعولن فعولن)

ڏسي گل کي بلبل حيران پريشان،

پسي برگ گل وارا ڪانڊارجي ويس.

–”حڪيم“

هتي بلبل جو نالو ظاهر ڪرڻ ضروري هو، ڇو ته شاعر سندس پَرن ۽ کنڀراٽين کي گل جي پنن سان تشبيہ ڏني آهي. حيرت ۽ پريشانيءَ ۾ انسان جي بدن جا وار ڪانڊاربا آهن. اُهائي حالت بلبل جي ڏيکاريل آهي. بلبل جا به وار ڪانڊاربا آهن، ۽ سنديس کنڀڙاٽيون ٽڙي وينديون آهن، جيئن گل جي مکڙيءَ جا پن ٽڙندا آهن ۽ مکڙي گل جي صورت ۾ ايندي آهي.

(2) ڪُند ذهن جي اڳيان ”مسنداليہ“ ظاهر ڪري ڏيکاربو آهي، تا ته هو صفا سمجهي ته هيءَ ڳالهه فلاڻي بابت آهي- مثال:

(فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن)

ڇو ڪرين مون کي نصيحت ٿو اجائي ناصح!

ناصح مشفق محبوب منهنجو اهي، بس.

-”حڪيم“

”ناصح“ ڪند ذهن، ”محبوب“ مسنداليہ.

(3) تعظيم خاطر نالو ظاهر ڪيو آهي- مثال:

(مفعولن مفاعيلن مفعول مفاعيلن)

جي حسن مليو توکي، اي حسن جا مالڪ، ڏس!

اَللهَ ڪيو مون تي، پڻ عشق جو احسان!

-”حڪيم“

هن ۾ مسنداليہ ”الله“ آهي.

(4) مسنداليہ جي نالي وٺڻ سان مزو ايندو هجي-

مثال:

(فعولن فعولن فعولن فعولن)

رهي شل سدا تنهنجي جاني، جواني!

ڏسين ڪونه ڏک شال جسماني، جاني!

-”حڪيم“

هن ۾ مسنداليہ ”جاني“ آهي، جنهن جي نالي وٺڻ ھ مان مزو ايندو آهي.

(5) مسنداليہ جي صفائيءَ ۽ سڃاڻپ لاءِ اضافت آڻجي، ۽ کيس مضاف بنائجي- مثال:

 

(فعولن فعولن فعولن فعل)

سندءِ تيغ آبرو، سندُم سِرُ ۽ گردڻ،

هجن شال هڪٻئي سان گڏ سَڏ، سدائين!

–”حڪيم“

هن ۾ ”تيغ ابرو، سِر ۽ گردن“ اهي تئي مسنداليہ آهن، مگر حرف اِضافت ”سندو“ سان ضمير حاضر ”ءِ“ ۽ ضمير متڪلم ”مِ“ ڏانهن مضاف آهن هن لاءِ ته تيغ ابرو ڪنهن ٻئي جا نه، پر يار جي، سِرُ ۽ گردن ڪنهن ٻئي جا نه، پر عاشق جا مقرر سمجهيا وڃن.

[ نوٽ: ”اِضافت“ ٻن اسمن جي وچ ۾ ٿيندي آهي. پهرئين اسم کي مُضاف ۽ بئي کي مضاف اليہ چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ اضافت جي نشاني ”جو، جا، جِي، سَندو“، وغيره ايندي آهي. جهڙي طرح ”باغ جو ميوو“، ”باغ جا گل“، ”باغ جي هوا“، سَندُس، سَندُم، سَندءِ، سَندُوَ، پُٽُس، پُٽُم، پُٽُنهِين، ٻُٽُوَ، وغيره.]

(6) ڪڏهن ڪڏهن ظاهر نالي جي بجاءِ مسنداليہ ضمر موصول آڻبو آهي:

(الف) ناواقف ٻڌندڙ کي ڪجهه جي وصفن کان واقف ڪرڻو هوندو آهي، ۽ نالو ٻڌائڻ مقصد نه هوندو آهي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

ڪالهه جنهن تڙپايو ٿي مون کي، ڏنئين آرام اڄ،

هو جو ڪلهه نامهربان، اڄ آهي سوئي مهربان.

-”حڪيم“

”جنهن“ ۽ ”جو“ ضمير موصول آهن، جيڪي مسنداليہ جي بجاءِ آيل آهن.

(2) غلط فهمي دور ڪرڻ لاءِ خود مسنداليه جي بجاءِ ضمير موصول آندو ويندو آهي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

جيڪي تو مون سان ڪيو، سو سڀ سٺم،

جيڪي هن کان پوءِ ڪندين، سهندم پيو.

-”حڪيم“

محبوب کي متان غلط فهمي هجي ته هيل تائين ته سندس عاشق سور ۽ سختيون سهندو آيو آهي. شايد هن کان پوءِ نه سهي سگهي. انهيءَ غلط فهميءَ دور ڪرڻ لاءِ منسداليه (سختيون) جي بجاءِ ضمير موصول ”جيڪي“ ڪم آندو ويو آهي.

(ج) ڪنهن مصيبت کي وري ياد نه ڪرڻ لاءِ ظاهر مسنداليه جي بدران ضمير موصول ڪم آڻبو آهي-


[1] . اصطلاح ۾ ان کي تنافر چئبو آهي.

[2] . انهيءَ کي مخالفت قياس لغوي چئبو آهي.

[3] . انهيءَ کي غرابت چئبو آهي.

[4] . انهيءَ کي ضعف تاليف چئبو آهي.

[5] . انهيءَ کي تعقيد چئبو آهي.

[6] . هن کي توالِي اِضافات چئبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org