سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آفتاب ادب عرف ساهت جو سج

 

صفحو :2 

ادبي ٻوليءَ جون لياقتون

 

دنيا ۾ هزارين ٻوليون آهن، جن مان ڪي سڌريل ۽ ادبي آهن ۽ ڪي جهنگلي ۽ اڻ سڌريل.

اڻ سڌريل ٻولين ۾ ادب ۽ ساهت جو ذخيرو يا ته بِنِهه ڪونه هوندو آهي يا هوندو آهي ته بلڪل گهٽ. اِهو ڇو؟ اِهو هن ڪري، جو اڻ سڌريل ۽ جهنگلي ٻولين ۾ اُها ڪشش، اُهو مقناطيسي اثر، اُهو قُرب ۽ ميلاپ ۽ اها هر دلعزيزي ڪانه هوندي آهي، جا ڪنهن ادبي زبان ۾ هُئڻ گهرجي. ملڪ جا اهي ڀاڱا يا ٽڪرا، جن ۾ سڌريل انسان ۽ انسان جي گوناگون ضرورتن جا اسباب موجود هوندا آهن، يا اهي ڀاڱا، جن جو لڳ لاڳاپو ملڪ جي سڌريل ڀاڱن سان هندو آهي، تن  ڀاڱن ۾ ئي ادبي زبان ۽ سڌريل ساهتيه جنم وٺندي آهي.

ادبي ۽ سڌريل ٻوليءَ جي لياقتن مان ڪي لياقتون هيٺ لکجن ٿيون: انهن لياقتن جي ڪسوٽيءَ تي ٻولين کي پرکڻ سان ئي خبر پئجي سگهندي ته هيءَ يا هوءَ ادبي زبان آهي يا نه.

(1) ادبي زبان اها چئبي، جنهن جي حرفن ۽ لفظن جا آواز، بد آواز جانورن جهڙا نه هجن، بلڪ سُريلا ۽ سوادي هجن. منجهن مڪروهيت ۽ گراني يا ته بلڪل نه هجي، يا هجي ته بلڪل گهٽ.

(2) ادبي زبان ۾ اصطلاح ۽ محاورا، تشبيهون ۽ ڪنايا، مثال ۽ پهاڪا گهڻا هوندا آهن، انهيءَ ڪري فصاحت ۽ بلاغت جون خوبيون به منجهس ججهيون هونديون آهن، جي قدرت جي نظارن ۽ انقلابن موجب، ملڪ جي رسمن ۽ رواجن پٽاندر، ماڻهن جي طبيعتن ۽ سڀائن موافق گهڙيل هونديون آهن.

(3) دنيا جي هر ڪنهن شي جا نالا ۽ هر ڪنهن معنيٰ جا لفظ ادبي زبان ۾ لڀندا آهن: جيڪڏهن ڪن لفظن ۽ نالن جي وٽس گهٽتائي هوندي آهي، ته ٻئي هنڌان به هٿ ڪري، پورائو ڪندي آهي.

(4) ادبي زبان ۾ هڪ معنيٰ لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون هونديون آهن.

(5) هر قافيه ۽ تُڪ ڀائي لفظ، پڻ سرحرفيءَ وارا لفظ به ادبي زبان جي خاص خوبين مان هڪڙي خوبي آهي.

(6) ادبي زبان ڌارين ٻولين مان به ڪيترائي لفظ پاڻ وٽ آڻي، پنهنجا بنائي ڇڏيندي آهي، يعني منجهس جذب ۽ هضم ڪرڻ جي طاقت چڱي هوندي آهي. جيتوڻيڪ کڻي وٽس ادبي لفظن جي ڪمي ۽ ڪوتاهي نه به هجي، ته به پنهنجي ساهت وڌائڻ ۽ سينگارن لاءِ بنا ڪنهن هٽڪ ۽ هٻڪ جي، ٻين ادبي ٻولين کان به مدد وٺڻ عيب نه سمجهندي آهي.

(7) ادبي ٻوليءَ جي هيءَ به خاصيت هوندي آهي، جو ٻين ٻولين کي پنهنجي ذخيري ۽ خزاني مان مدد ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ۽ ڪنجوسي نه ڪري، بلڪ ڪشاديءَ دل سان سخاوت جو هٿ ڊگهيري، پنهنجو مال کڻي ٻئي جي اڳيان رکي.

(8) جئن جئن دنيا ۾ علم ۽ هنر پيا وڌندا، سائنسن جا ايجاد پيا ٿيندا، نيون نيون شيون پيون معلوم ٿينديون، نوان نوان اصطلاح پيا گهڙبا، تئن تئن سڌريل ۽ ادبي زبان اهڙن علمن ۽ هنرن، اهڙن اصطلاحن ۽ ايجادن جي معنائن لاءِ پاڻ وٽان نه، ته ٻين سڌرين ۽ ادبي ٻولين مان وٺي، ڪي نه ڪي لفظ پيش ڪري سگهندي، ۽ انهيءَ ڏس ۾ پوءِ تي نه پوندي.

(9) ادبي زبان ۾ هيءَ به لياقت هوندي آهي، جو هن ۾ جيڪڏهن انسائيڪلو پيڊيا Encyclopoedia يعني علمن ۽ هنرن جو ذخيرو تيار ڪجي، ته ڪري سگهجي.

(10) ادبي زبان ۾ صرف ۽ نحو جا قاعدا ۽ قانون جاچبا  کڻي، ته قدرت جي طرفان برابر موجود هوندا، جن کي ترتيب ڏيئي، عملي صورت ۾ آڻي سگهبو.

(11) سڌريل ۽ ادبي زبان ۾ ”علم بديع و بيان“ ۽ ”علم معاني“ جو خزانو (جنهن جو بيان هيٺ ايندو) خوب ڀريل هوندو.

اهي ڪجهه ٿوريون لياقتون ڄاڻايون ويون آهن، جي ادبي زبانن ۾ لڀنديون آهن.

 

عام ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ فرق

 

مٿي جيڪي لکيو ويو آهي، تنهن مان صاف سمجهه ۾ ايندو ته عام ٻوليءَ ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو فرق آهي. عام طرح عام ٻوليءَ ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ فرق سمجهيو نٿو وڃي. ”عام ٻولي“ عالمن ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جو هڪ وسيلو آهي، مگر ”ادبي ٻولي“ خاص عالمن ۽ پڙهيلن، يا قدرتي ڏات ڏنلن جي خاص ٻولي آهي. ”عام“ ٻولي علمي ٻولي ٿي نه ٿي سگهي. هوءَ فقط ٻول چال ۽ عام گفتگو جي ئي ڪم اچي سگهي ٿي. صرف ۽ نحو، فلسفو ۽ منطق، بديع ۽ بيان، هيئت ۽ هندسو، ۽ اهڙا ٻيا علوم ۽ فنون فقط ادبي زبان ۾ ئي لکي سگهجن ٿا. اِهي ۽ انهن جهڙا ٻيا علم، اهڙا ڪينهن، جي اسان جا عام ماڻهو سمجهي سگهجن. اهڙن علمن جا اصول ۽ فروع خاص الخاص دماغن مان نڪتل، ۽ ڪن خاص دماغن لاءِ هوندا آهن.

ادبي زبان جو مالِڪ نه فقط پنهنجا جَذبا، بلڪ پاڻ کان سواءِ ٻين جا جذبا به ترتيباتي طريقي ۽ وڪيلاڻي انداز ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو، جو ”عام“ ٻولي ڳالهائيندڙ عام ماڻهو هوند هرگز ڪري نه سگهي. هڪڙو اديب ناظم هجي توڻي ناثر، شاعر هجي توڻي غير شاعر، نه فقط ٿلهيون ٿلهيون ڳالهيون ۽ آسان آسان نڪتا چڱي پيرايي ۾ بيان ڪري سگهي ٿو، بلڪ سنهي ۾ سنها جذبا ۽ باريڪ ۾ باريڪ نُڪتا به هو سولائيءَ سان نوڪ زبان يا نوڪ قلم تي آڻي سگهي ٿو.

جذبن جو اظهار لفظن ۾ پيش ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪينهي. جيڪي اکين سان ڏسي سگهجي ٿو، سو ٻئي کي سولائيءَ سان ڏيکاري سگهجي ٿو، پر جيڪي اکين سان ڏسڻ ممڪن نه آهي، تنهن جو چِٽُ چِٽي، پيش ڪرڻ- ۽ اهڙيءَ طرح پيش ڪرڻ، جو اُها نامعلوم حالت خود ٻڌندڙ ۾ پيدا ٿي وڃي- وڏو مشڪل ڪم آهي. اِهو مشڪل ڪم به هڪ ادب دان عالم هتان آسان ٿي  سگهي ٿو.

ادبي ۽ سڌريل زبان قدرت جي هرهڪ ڪشش تي قبضو ڪري سگهي ٿي، قدرت جا ڳجها ۽ پڌرا نظارا ادب دان اِنسان جي ضابطي کان ٻاهر نه آهن. هڪڙو ادب دان انسان، جيڪڏهن هڪ طرف پنهنجي ادبي ۽ ساهيته جي وسيلي علوم ۽ فنون جا اصول ۽ فروع، نڪتا ۽ راز، خاص انداز ۾، علم وارن جي اڳيان رکي سگهي ٿو، ته ٻئي طرف ٻئي انداز ۽ ٻئي نموني ۾ ڪي عام حقيقتون عام لوڪن کي به سندين سمجهه آهر سمجهائي سگهي ٿو.

 

سنڌي سچ پچ ادبي زبان آهي

 

مٿئين بيان معلوم ڪرڻ کان پوءِ جاچي ڏسبو، ته پنهنجي سنڌي ٻولي سچ پچ ادبي ۽ سڌريل ٻولي آهي. منجهس اُهي سڀئي گڻ گهڻا يا ٿورا ضرور موجود آهن، جي مٿي بيان ڪيا ويا آهن.

(1) سنڌي هڪ سهڻي، سندر ۽ سلوڻي ٻولي آهي؛ (2) منجهس هڪ معنيٰ لاءِ گهڻا معنائون موجود آهن؛ (3) منجهس جذبن جي اظهار جا اسبابا ۽ اوزار به چڱا چوکا لڀن ٿا؛ (4) منجهس چقمق واري ڪشِشِ به آهي، جو ڌاريان لفظ ڇڪيو پنهنجا بنايو ڇڏي.

سنڌي، صلح ڪل ۽ صلح پسند، ملنسار ۽ هردلعزيز زبان آهي. هن آسپاس ۽ آڙي پاڙي سان هميشه چڱو رهايو ۽ سُهڻو     سلوڪ رکيو. سندس ويجها پاڙيسري  ”اِيران“ ۽ ”عربستان“  آهن، ۽ پر انهان پاڙيسري ترڪستان ۽ مغلاڻو ملڪ. اِهو ئي سبب آهي، جو هن پنهنجي پاڙيسرين کان پنهنجي ساهت وڌائڻ ۽ اُن کي رونقدار رڪڻ لاءِ لفظن جو معقول ذخيرو هٿ ڪيو آهي، جنهنڪري منجهس عربي، فارسي ۽ ترڪي لفظ بيشمار ڀريل آهن ۽ اهڙيءَ طرح ڀريل آهن، جن مان ڪي ته سڃاڻڻ ۾ ئي نٿا اچن ته هي ڪي ڌاريان آهن. اُچارن ۽ آوازن سميت هو صفا سنڌي ٿي ويا آهن. هن بابت اڳتي هلي هڪ جدا باب لکيو ويندو، جنهن مان ڏسبو ته ڪئن نه سنڌي زبان پنهنجن پاڙيسرين ٻولين مان ڪيترائي لفظ ڇڪي ورتا آهن، ۽ انهن کي پنهنجو بنائي ڇڏيو اٿس! اوهين اهڙا لفظ پڙهي، حيران ٿيندؤ ۽ اچرج ۾ پوندؤ. سنڌ ۾ عرب ۽ ايراني ماڻهو مهمان ٿي آيا، ۽ پنهنجي ميزبان (مهماندار) لاءِ پنهنجي ملڪ مان سوغات طور ڪيترائي لذيذ لفظ پاڻ سان کڻي آيا، جي اچي ميزبان اڳيان تحفي طور رکيائون. ميزبان يعني سنڌيءَ ٻوليءَ شڪريي سان اهي تحفا قبول ڪيا ۽ پنهنجي شاندار محلات ۾ انهن کي جاءِ ڏني.

سنڌي ٻوليءَ هڙئون توڻي وڙئون اهو سڀڪجهه موجود ڪيو آهي، جو دنيا جي سڌريل ۽ ادبي زبانن ۾ موجود آهي. منجهس نظم به آهي ۽ نثر به. سندس نظم ۾ جيڪڏهن عاشقن جون آهُون ۽ دانهون آهن، جي ٻڌندڙن جي ڪنن مان گهڙي، سندين دلين ۾ درد پيدا ڪن ٿيون، ته قدرتي نظارن ۽ نمائن جي بيان ڪرڻ سان به پنهنجي سنڌيءَ جي نظم، ڏسندڙ جي نظر کي جي قادر جي قدرت ۽ زماني جي انقلابن ڏانهن ڇڪي ۽ گهِلي وڃي ٿي. دل جي اُمنگن ۽ جذبن کي اندرئين فضا مان ڪڍي، ٻاهرئين فضا يا سطح تي آڻي ٿي. هوءَ باطن کي ظاهر ۽ ظاهر کي باطن بنائڻ جي به وڏي لياقت رکي ٿي. روحاني روشني ۽ جسماني جوت پکيڙڻ واري برقي طاقت به منجهس واه جا آهي. هو فقيراڻي ٻولي به آهي، ۽ اميراڻي زبان به!

غرض ته سنڌيءَ ۾ اُها مڻيا ۽ مهما موجود آهي، جنهن جي عام ۽ خاص ضرورت هن ڳالهائيندڙ زبان ۽ هِنن ٻڌندڙ ڪنن کي هر وقت هوندي آهي.

 

ٻولين جي اڏاوت ۽ بناوت

 

دنيا جون سڀ ٻوليون هنن ٽن جُزن مان ٺهيلون آهن:

(1) اسم، (2) فعل، (3) حرف. اهي ٽيئي جزا ٻولين لاءِ ضروري آهن. انهن مان مکيه جزا آهن ”اسم“، ۽ ”فعل“. ”حرف“، اسمن ۽ فعلن کي پاڻ ۾ ملائڻ جو واسطو ۽ وسيلو آهي. هو اسم کي فعل سان ڳنڍي هڪ مُرڪب جملي جي صورت ۾ آڻي ٿو. جيڪڏهن ڪي ٻوليون ٻين ٻولين کان مدد وٺنديون آهن، ته به گهڻو ڪري ٻين ٻولين مان فقط اسم پاڻ وٽ آڻينديون آهن. فعل ۽ حرف پنهنجا ئي قائم رکنديون آهن؛ پر جيڪڏهن ٻين ٻولين مان ڪي فعل پاڻ آڻڻ قبول ڪنديون آهن، ته به انهن ٻولين جا اسم پنهنجن فعلن جي روپ ۾ بدلائي، قبولينديون آهن.

سنڌيءَ ۾ به ساڳي حالت ڏسجي ٿي. سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري اسم ئي داخل ٿيل ڏسجن ٿا، ۽ فعل به انهن اسمن مان ئي بنايل آهن. جهرو قبول مان قبولڻ، بدل مان بدلائڻ ۽ بدلجڻ، ايذاءُ مان ايذائڻ ۽ ايذائجڻ، همت مان همتائڻ، ضرب مان ضربڻ ۽ ضربجڻ؛ آرام مان آرامڻ ۽ آرامجڻ، رسيد مان رسڻ ۽ رسائڻ، آزموده مان آزمائڻ ۽ آزمائجڻ، رنگ مان رڱڻ ۽ رنڱاڻ، آواز مان آزارڻ ۽ آزارجڻ، حرص مان حرصائڻ ۽ حرصجڻ، نوازش مان نوازڻ ۽ نوازجڻ، شرم مان شرمائجڻ، دفن مان دفنائڻ ۽ دفنجڻ. اهڙا سوين فعل سنڌيءَ ۾ آهن، جي عربي ۽ فارسيءَ جي اسمن مان ٺهيل آهن. پوءِ جيئن خالص سنڌي فعلن مان اسم فاعل ۽ مفعول وغيره ٺهندا آهن، تيئن عربي اسمن مان ٺهيل فعلن جا به اسم فاعل ۽ اسم مفعول جڙندا آهن. انهيءَ کان سواءِ ”بي“ (ي) نسبت جي به عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ورتل آهي. جهڙيءَ طرح حيدرآبادي، خدا آبادي، شهدادپوري، شڪارپوري، لاڙڪاڻي، جيڪب آبادي وغيره.

 

هاڻوڪي چالو سنڌيءَ ڪهڙين ٻين ٻولين مان اثر قبول ڪيو آهي؟

هاڻوڪي چالو سنڌي ٻولي، جا هندو ۽ مسلمان، عام طرح توڻي خاص طرح، تقرير توڻي تحرير ۾، ڪم آڻين ٿا، ۽ جا صدين کان وٺي، سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جا عام ٻوليءَ طور، يا ادبي ٻوليءَ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي، سا گهڻي ڀاڱي سنسڪرت، چڱي ڀاڱي عربي، موچاري ڀاڱي فارسي ۽ ٿوري ڀاڱي ترڪي ۽ ڪجهه ڀاڱي انگريزيءَ مان مُرڪب ۽ مُرَتب ٿيل آهي.

سنسڪرت سنديس ماتا آهي، عربي ۽ فارسي وغيره سندس پالنا ڪندڙ ۽ مُڙَبِي. سنسڪرت کيس ڄنيو، عربي ۽ فارسيءَ وغيره کيس اڃا به لائق بنايو ۽ ادبي اوج تي پهچايو. عربي ۽ فارسي وغيره جا هزارين اسم موجود آهن، پر ڪي اسم فعلن جي صورت ۾ آڻي به ڪم آندا آهن، پر ڪي اسم فعلن جي صورت ۾ آڻي به ڪم آندا وڃن ٿا. هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته سنڌي جيتوڻيڪ سنسڪرت مان ڄاول آهي، ته به هوءَ سنسڪرت واريءَ ساڳيءَ صورت ۾ نه رهي آهي. هن، سنسڪرت لفظن تي به سنڌ جي سر زمين جو اثر وجهي، ان جو منهن مهانڊو ئي سنڌي بنائي ڇڏيو آهي. مثال لاءِ هيٺيان لفظ ڏسو:

”پورن“ مان ”پورو“، ”پرنتو“ مان ”پر“، ”نيتر“ مان ”نرت“، ”سانس“ مان ”ساه“، ”پتر“ مان ”پٽ“، ”چندرمان“ مان ”چنڊ، ”سورج“ مان ”سج“، ”جڳتر“ مان ”جڳ“، ”يوگ“ مان ”جوڳ“، ”مانس“ يا ”منش“ مان ”ماڻهو“، ”هي“ (حرف ندا) مان ”اي“، ”ناش“ مان ”ناس“، ”لڪشمي“ مان ”لڇمي“، ”اکشر“مان ”اکر“، ”لڪشڻ“ مان ”لڇڻ“، ”ڪَشڻ“ مان ”کِنَ“، ”رَڪش“ مان ”رڇ“، ”ڪشار“ مان ”کارُ“، ”سنشا“ مان ”نُنهنُ“، ”سوچي“ مان ”سئي“، ”ميگهه“ مان مِينهن“، ”مِتر“ مان ”مِٽ“، ”سوتر“ مان ”سُٽ“، ”ڪنڀ ڪار“ مان ”ڪنڀار“، ”سورن ڪارن“ مان ”سونار“، ”چرم ڪار“ مان ”چمار“، ”سڪنڌ“ مان ”ڪنڌ“، ”سٿول“ مان ”ٿلهو“، مان ”ٿاڦڻ“، ”شاڪ“ مان ”ساڳ“، ”مَڌيه“ مان ”منجهه“، ”ڪدا“ مان ”ڪڏهن“، ”يدا“ مان ”جڏهن“، ”تڏا“ مان ”تڏهن“، ”ڪسيه“ مان ”ڪنهن“، ”يسيه“ مان ”جنهن“، ”تسيه“ مان ”تنهن“، وغيره.

جنهن صورت ۾ اِها حقيقت آهي ته چالو سنڌي، سنسڪرت، عربي، فارسي، ترڪي ۽ ڪجهه قدر انگريزيءَ جي ترڪيب سان ئي تير ٿيل آهي، انهن ٻولين جو اثر صدين لاڪر مٿس پيل آهي ۽ انهيءَ اثر ڪري سندس شان گهٽيو ڪينهي، پاڻ وڌيو آ هي، کيس فائدو ئي رهيو آهي، اٻوڇي ڪانه پُهتي آهي، تنهن صورت ۾ انهن زبانن کي به عزت ۽ محبت جي نگاه سان ڏسڻ گهرجي ۽ ضرورت وقت يا ساهت جي واڌاري لاءِ، انهن ئي زبانن مان ڪجهه حاصل ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ۾ ڪا اربع خطا ڪانهي.

جڏهن ته سنڌيءَ ۾ يورپ جي زبان (انگريزي) مان به مدد وٺڻ، يا انهن جي لفظن قبول ڪرڻ ۾ عيب ۽ عار سمجهيو نٿو وڃي، ٻولي جا ستن سمنڊن پار جي آهي، جا مغربي آهي،. مشرقي ڪينهي؛ يوروپين آهي، ايشائي ڪينهي؛ جا پوريءَ طرح پراهين ۽ ڌارين آهي، ويجهي مائٽياڻي ڪينهي؛ تڏهن مشرقي ۽ ايشائي ٻولين (عربي ۽ فارسي) جي ملاوت ۽ مدد کان ڇو پري ڀڄجي- جي اسان جون پاڙيسري به آهن ۽ هر وقت مددگار به ٿي رهيون آهن، جن سان اسان جا جهونا ناتا ۽ قديم تعلقات به آهن، اڳي به انهن اسان جي ٻوليءَ سان چڱائي پير ڀريا هئا ۽ هاڻي به اهو پاڻ کي سنڌيءَ جي حوالي ڪرڻ کان منهن نه ٿيون موڙين.

اسان جي سنڌيءَ جي بنياد ۾ ئي اِها لياقت آهي؛ جو هن ڪنهن به اڻ سڌريل ۽ جهنگلي ٻوليءَ سان نينهن نه لاتو. هن بروهڪي ۽ مڪرانڪي ٻوليءَ کي ويجهو به اچڻ نه ڇڏيو، توڻي ڪ اهي ٻوليون به پاڙيسري هيون.

 

جيڪڏهن سنڌيءَ مان ٻين ٻولين جا لفظ صفا ڪڍي ڇڏجن ته باقي سنڌيءَ جو ڇا حال رهندو؟

اچو ته آزمائي ڏسون! فرض ڪريو ته چالو سنڌيءَ مان ذات عربي ۽ ذات فارسي وغيره لفظ ڪڍي ٿا ڇڏيون ۽ هنن کي بيگناهه سنڌي نيڪاليءَ جي سزا ٿا ڏيون ۽ پوءِ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ شروع ٿا ڪريون- ڇا اهڙيءَ صورت ۾، اسين پنهنجن خيالن جي ڏي وٺ ۽ پنهنجن جذبن جو اظهار، پنهنجن مقصدن ۽ مرادن جي نرواري، پنهنجين خواهشن ۽ تمنائن جي ترجماني، پوريءَ طرح ڪري سگهنداسين؟ يا مضمون ۽ ڪلام ۾ ادبي وسعت ۽ ساهتي صنعت قائم رکي سگهنداسين؟ شهر ۾ ڪوتا ۾ رنگيني ۽ شيريني آڻي سگهنداسين؟ علوم ۽ فنون جي ڪتابن لاءِ ڪي سهڻا ۽ سليس اصطلاح موجود ڪري سگهنداسين؟ گفتار ۽ گويائيءَ ۾ ميٺاج ۽ مزو، سواد ۽ سلوڻپ پيدا ڪري سگهنداسين؟ زبان جي آواز ۾ لطافت ۽ نزاڪت رهي سگهندي؟ جي شيون هتي جون آهن ئي ڪين، جي ٻاهران آيون آهن ۽ پنهنجن نالن سميت آيون آهن، انهن تان به هٿ کڻنداسين؟ نالن سميت آيون آهن، انهن تان به هٿ کڻنداسين؟ هن آزمايش ۾ عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ انگريزي لفظن کي به نيڪالي ڏيڻي پوندي، انگريزي اصطلاح به خارج ڪرڻا پوندا، ڇو جو انگريزي ٻولي ڪا سنڌي زبان جي چاچي ماسي ڪينهي، جنهن کي اکين  جي جاءِ ڏيون ۽ سيني ۾ سانڍيون ۽ وچان ئي قديم تعلقات ۽ پراڻي سنٻنڌ وارين ٻولين کي نيڪالي ڏيون! آخر قديم تعلقات جو لحاظ ڇڏي، بي لحاظ ڇو ٿيون؟

 

ٻوليون قدرتي طرح روپ وٺن ٿيون

 

ٻوليون قدرت طرفان ئي ڪا صورت وٺي، چالو ٿين ٿيون، قدرتي طرح ئي وڌن ويجهن ٿيون ۽ گوناگون رنگن ۾ رڱجن ٿيون، ڪنهن خاص ڪوشش سان ڪين ٿيون ٺهن؛ يعني ٻوليون ٺاهيون ڪينهن، ٺهنديون آهن. سڌريل ٻوليون، پورب ۽ پڇم، اتر ۽ ڏکڻ جي آب هوا جو اثر ضرور قبول ڪنديون آهن. پاڙي ۾ رهي، پاڻ کي پاڙي جي اثر کان محفوظ رکي ۽ بچائي نه سگهنديون آهن. ڪنهن پاڙي ۾ رهن ۽ پاڙي جي اثر کان پاڻ بچائين، ائين ناممڪن آهي. ڪپڙن سوڌو درياءَ ۾ ڪاهي پون ۽ ٽُٻي هڻڻ ۽ پوءِ به سمجهڻ ته پاڻيءَ کان ڪپڙا بچن، اهو قانون قدرت جي برخلاف آهي.

انهيءَ ڪو به شڪ ڪونهي ته ٻوليون ٺهن پاڻهئي ٿيون ۽ پاڙي اوڙي جو اثر به ضرور قبول ڪن ٿيون، مگر عالم ۽ ماهر ان هن کي سانئٽفڪ بنائين ٿا. انهن جا اصول ۽ فروع ٺاهين ٿا، انهن جي گرامر (صرف ۽ نحو) جا قاعدا ۽ قانون جوڙين ٿا، انهن ۾ آيل غلطين جا سڌارا ڪن ٿا، ادب ۽ ساهت جي باغ جي باغباني ڪن ٿا، لفظن جي گلن ۽ ٻوٽڻ کي مناسب ۽ ٺهڪندڙ جاين تي پوکين ٿا، ساهت جي چمڪندڙ جواهرات کي ٻوليءَ جي زيور ۾ جڙين ٿا، ساهت جو صحن غلطين جي ڪنڊن ۽ ڪکن کان صاف ڪن ٿا. باقي هيءَ ڪوشش ڪرڻ بلڪل عبث آهي ته زماني جي انقلاب ۽ گُردِش موجب ۽ پاڙي جي قدرتي اثر ۽ صحت سبب، آسپاس کان آيل اکر ٻوليءَ مان تڙي ڪڍجن، ۽ انهن جي آمَد کي روڪي ڇڏجي، ۽ ٻوليءَ جي اهڙي حالت بنائجي، جي سونڊ مُنهن ۾ پايو ويٺي هجي، ڪنهن کي به ويجهو اچڻ نه ڇڏي- ٻين ٻولين جي ملاوت سان فصاحت ۽ بلاغت جو ذخيرو ٻوليءَ ۾ واڌ ۽ ترقي ڪري ته به انهيءَ کي قبول ڪجي؛ اها ڪوشش نه فقط عبث آهي، بلڪ اياڻپ به آهي.

 

سڌريل ٻولين ۾ انقلاب ضرور ايندو آهي

 

آءٌ مٿي ڄاڻائي چڪو آهيان ته ٻوليون پاڻهئي ٺهنديون آهن، زور زبردستيءَ سان ڪين ٺاهيون وينديون آهن. ٻولين جي ادب ۽ ساهت ۾ جيڪو انقلاب ايندو آهي، سو قدرتي ايندو آهي ۽ قدرتي طرح ايندو رهندو.

سڌريل ٻولين ۾ ٻه مکيه لياقتون هونديون آهن: (1) ٻين سڌريل ٻولين تي اثر ڪرڻ، (2) ٻين سڌريل ٻولين جو اثر قبولڻ. سڌريل قومن ۽ سڌريل ٻولين جي اها ڪشاده دلي چئبي. سڌريل ٻولين ۾ اڇوتپڻو ۽ تنگدلي نه هوندي آهي. ڪن حالتن ۾ ته سڌريل ٻوليون ٻين سڌريل ٻولين مان اثر قبولڻ ۽ لفظن وٺڻ لاءِ لاچار ۽ مجبور ٿينديون آهن- جڏهن انهن وٽ ڪن معنائن لاءِ لفظ ۽ ڪن مسمــُّائُن لاءِ اسم موجود نه هوندا آهن؛ خاص طرح، جڏهن جديد ايجادن ۽ نَون اصطلاحن لاءِ منجهن ٺهڪندڙ لفظ ۽ اسم نه لڀندا آهن.

ٻولين ۾ عام انقلاب (عام ٻوليءَ ۾ نَون لفظن جو اچڻ) يا خاص انقلاب (ادبي زبان ۾ جديد اصطلاحن ۽ جديد لفظن جو داخل ٿيڻ) اڪثر اسپاس جي سڌريل يا لهه وچڙهه رکندڙ ٻولين جي ئي اثر سببان ٿيندو آهي. هڪڙي ملڪ جا ماڻهو ٻئي ملڪ جي سير ۽ سفر تي ويندا آهن؛ ٻئي ملڪ جا ماڻهو وري انهيءَ ملڪ ۾ گهمڻ ڦِرڻ ايندا آهن؛ اهڙيءَ طرح ٻن ملڪن جي وچ ۾ واپاري ناتا رهندا آهن؛ هڪڙي قوم تي ٻيءَ قوم جي حڪومت ٿيندي آهي، يا هڪڙي ئي ملڪ ۾ جدا جدا ڌرمن ۽ مذهبن وارا گڏ گذاريندا ۽ گڏ اٿندا وهندا آهن. انهن ۽ اهڙين حالتن ۾ ئي هڪڙيون ٻوليون بي اختيار ٻين ٻولين تي اثر ڪنديون، يا انهن کان اثر پرائينديون آهن. اهڙو اثر قدرتي طرح ٿيندو آهي ۽ انهيءَ کان ڪابه سڌريل ٻولي پاڻ بچائي نه ٿي سگهي. ٻولين جي درميان اها ڏي وٺ هلندي آئي آهي ۽ هلندي رهندي. سڌريل ٻويلن ۾ مقناطيسي ڪَشِش ۽ چقمق واري ڇِڪ هوندي آهي. جيڪي ٻوليون ٻين جي لفظن کي پاڻ ڏي ڇِڪي وٺن ٿيون، تن ۾ پاڻَ وڌيڪ مقناطيسي طاقت چئبي. انساني طاقت ۽ ڪوشش ڪنهن به ٻوليءَ جي اهڙي مقناطيسي طاقت کي، جا قدرت جي طرفان منجهس رکيل آهي، بيڪار بنائي نه ٿي سگهي. دنيا جي ٻولين جو فلسفو جاچي ڏسبو ته اهو ئي مٿيون منطقي قاعدو سڀني ۾ موجود منلدو.

ٻين ٻولين جي خزاني مان ڪجهه مال هٿ ڪرڻ، ٻين ٻولين جي جواهرات سان پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ، ٻين ٻولين جي ادبي گلن مان ڪي سهڻا گل چونڊي، پنهنجي ادبي گلدستي ۾ وجهڻ، ٻين ٻولين جي عطرستان مان ڪي وڻندڙ واس وٺڻ، ٻين ٻولين جي نقاشخانن مان ڪي سندر صورتون ۽ چڱا چٽ نقل ڪرڻ- قوت ناطقه (ڳالهائيندڙ قُوت) جي هڪ خاص خوبي ۽ خاصيت آهي. سڌريل ٻوليءَ جو ساگر هميشه وڏو ۽ ويڪرو هوندو آهي. آسپاس جون نديون ۽ نالا منجهس پوندا ته هو هضم ڪري ويندو. سڌريل ٻوليءَ جو درياءُ اٿاهه هوندو آهي. هو پنهنجي سيلاپ سان هميشه آڙي کي سيراب ۽ سرسبز ڪندو  رهندو آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جو ٻين سڌريل ٻولين کان اثر نه قبولڻ، اڻ سڌريلائي ۽ ڪم بختي، تنگ دامنيءَ ۽ نڀاڳ جي نشاني آهي. نه اها قوم سڌريل ۽ فراخد سڏبي، جا ٻين قومن سان راهه رسم، ربط ضبط ۽ وڻج واپار نه رکي؛ نه اها ٻولي سڌريل ۽ دنيا جي ضرورتن پوري ڪرڻ واري ٻولي چئبي، جا ٻين ٻولين جي لڙهه وچڙ ۽ پاڇي کان به پري ڀڄي. اها خاصيت وحشي جانورن ۽ جهنگلي ٻولين جي آهي.

بلبل ۽ جهرڪيءَ جو مثال وٺو! ڪانوَ ۽ طوطي جي طبيعت جاچيو! بلبل ۽ طوطو به وحشي ٽاهڙ پکي آهين، مگر جڏهن کين سڌارجي ٿو، ته سندين وحشياني طبيعت انساني طبيعت سان جهٽ رليو مليو وڃي. بلبل کي هِرڻ بعد ڀلي اُڏائي ڇڏيو، ته به اوهان جو گهر ۽ در ڇڏڻ ڪين چاهيندي، طوطو پڃري ۾ رهي به انساني ٻوليون ٻوليندو رهندو. ساڳي ڪوشش جهرڪيءَ ۽ ڪانوَ سان ڪيتري به وٺبي، ته به هو سڌرندائي ڪين؛ نڪي ماڻهن سان ميل کائيندا ۽ نڪي ڪا سنوَت ڏيندا. اهو ئي جهنگلپڻو منجهن هوندو، جو سندن سڀاءَ ۾ رکيل آهي.

دنيا ۾ سڀڪا شي سڌاري جي محتاج آهي. ڪي سڌريل. پر سُڌرڻ جي لياقت ڪن ۾ هوندي آهي ۽ ڪن ۾ نه. جن ۾ اهڙو مادو هوندو آهي، سي پاڻ کي به سوڀياوان ڪندا آهن ۽ دنيا جي سوڀيا ۾ به واڌارو ڪندا آهن. ٻوليون به انهن مان ئي آهن، جي سڌرن ۽ سڌارن جون لياقتون رکن ٿيون- سواءِ جهنگلي ٻولين جي.

 

دنيا جي هاڻوڪين سڀني زنده ۽ سڌريل ٻولين ۾ ٻين ٻولين جي ملاوت ٿي چڪي آهي ۽ ٿيندي رهي ٿي.اچو ته دنيا جي هاڻوڪين سڌريل ۽ زنده ٻولين تي نظر ڦيرائينديون، جن جي زنده ۽ سڌريل هجڻ ۾ ڪنهن به ناقص ۽ ڪامل کي ڪلام ۽ شڪ ڪونهي، جن جي ساهت ۽ ادب دنيا ۾ تسليم ٿيل آهي، جن جو لٽريچر دنيا جي ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ پهتل آهي.

ايران جي هاڻوڪي پارسيءَ ۾ ٻه حصا ڏکئي ۾ ڏکيا ۽ چِندُ ۾ چِندُ عربي لفظ موجود ٿي ويا آهن. ايرانين محسوس ڪيو ته سندين زبان ۾ نوَن اصطلاحن ۽ جديد ايجادن جي لاءِ پاڻ وٽ لفظن جو پورو زخيرو موجود ڪونهي، انهيءَ ڪري هنن، بنا هتڪ، عربي زبان جي مدد دل کولي ورتي ۽ ايتري ورتي جنهن جي حد ۽ حساب مشڪل آهي، نتيجو هي آهي، جو ايراني زبان (فارسي) جي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته اڄ ڪلهه جي ايراني فارسي ٻه حصا عربي آهي ۽ هڪ حصو فارسي!

فارسي زبان جو مثال شايد ڪن نون تعليم يافتن سنڌي سڄڻن کي نه آئڙي. ڇو؟ سو بيان ڪرڻ جو ضرور ڪونهي. تنهنڪري، آءٌ انگريزي، فرينچ ۽ جرمنيءَ جهڙين عالمگير ادبي ۽ لٽرري، سانئٽفڪ ۽ سڌريل زبانن جو مثال پيش ڪريان ٿو، جن کي منهنجا نوان تعليم يافتا ڀائر به مون کي يقين آهي ته حد سڌريل ۽ بهترين علمي زبانون سمجهندا هوندا.

انهن ٽنهي زبانن کي کولي ڦولهي ۽ جاچي جوچي ڏسبو ته انهن ۾ وڏو حصو ڌارين ٻولين جو ئي ڏسڻ ۾ ايندو. انهن ٽنهي زبانن جي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته وڏو حصو انهن ٻولين جو لئٽن (Latin) ۽ يوناني (Greek) زبانن مان ئي آيل آهي، ۽ باقي حصو فرينچ، انگريزي ۽ جرمن جو آهي، تنهن کان سواءِ، منجهن، عربي، عيراني، ترڪي ۽ فارسيءَ جو به گهڻو دخل ڏسجي ٿو، جن مان ڪي سامي (Semitic) زبانون سڏيون وڃن ٿيون، ۽ يوروپين زبانن لاءِ بلڪل ڌاريون آهن.

هاڻوڪي اٽالين (Atalian) ۽ هسپاني (Spainsh) زبانون به لئٽن مان ئي بنجي راس ٿيون آهن، يا هئن چئجي ته لئٽن ٻولي پنهنجي اصلوڪي شڪل مٽائي، اٽالين ۽ هسپاني زبان جي صورت وٺي بيٺي آهي.

جيڪڏهن ڌارين ٻولين جو عمل ۽ دخل انهن زبانن لاءِ ناجائز ۽ بيجا دست اندازي، يا هڪ قسم جو بگاڙو ۽ انهن جي نِجِپَڻَ لاءِ نقصانڪار چئبو، ته پوءِ دنيا ۾ ڪابه زنده ٻولي پنهنجي اصلي ۽ بنيادي حالت ۾ نه لڀندي. هان! ڪي اهڙيون زباون بيشڪ لڀنديون، جي وحشي ۽ جهنگلي سمجهيون وڃن ٿيون- جهڙيون آفريڪا، آسٽريليا ۽ آمريڪا جي ڪن ڀاڱن ۽ خود هندستان جي ڪن حصن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. انگريزي، فرينچ ۽ جرمن لٽريچر ۾ ڌارين ٻولين جا لفظ اهڙي ته پوزيشن اختيار ڪري چڪا آهن، جي ڪيتريءَ ئي ڪوشش سان به ڪڍي نٿا سگهجن ۽ نه نڪري سگهن ٿا. هو انهن زبانن جي ڊڪشنرين ۽ لغت جي ڪتابن جا اهم ۽ ضروري جزا ٿي چڪا آهن، ۽ لغت ۾ انهن کي عزت ۽ اصليت وارو درجو ڏنو ويو آهي. انهيءَ حالت جي اڃا به ڪا انتها ڪانه ٿي آهي. اهو سلسلو سال بسال وڌندو ئي رهي ٿو.

آءٌ مثال طور، ڪي مثال عربي زبان جي انهن لفظن جا پيش ڪريان ٿو، جي روپ جي ڊاڪٽريءَ ۾ اڃا به چالو آهن. جيتوڻيڪ روپ جي ڊاڪٽري سائنس، ڪماليت جي درجي کي پهتل چئي وڃي ٿي، ۽ طبي سائنس جا يوروپين موجد، طبي تشريح (Anatomy)، طبي اصطلاحن، طبي دوائن ۽ ڊاڪٽري اوزان لاءِ پاڻ وٽان به لفظ ۽ اصطلاح موجود ڪري سگهيا ٿي، ته به هنن عربيءَ جهڙي ڌارينءَ زبان جي لفظن ۽ اصطلاحن  قبولڻ کان ڪوبه عار ڪونه ڪيو.

ٻئي صفحي تي، مختصر فهرست اهڙن لفظن جي پڙهو ۽ سڌريل ٻولين جي ڪشاده دلي ڏسو!

انگريزي ٻوليءَ ۾ عربي طبي لفظ

 

عربي لفظ

معنيٰ جي سمجهاڻي

انگريزي لفظ

غان غرابا

عربيءَ ۾ انهي سوجھ کي چوندا آهن، جا جنهن عضوي ۾ ٿيندي آهي، سو ڪارو ٿي پوندو آهي

گيگنرين Gangrene

طروخانطير

۽ ٿيندي ٿيندي بي حس ٿي ويندو آهي.

ٽروڪينٽر Trochanter

اوديما

رانَ جي هڏي ۾ مٿئين پاسي ٻن اُڀريل گول هڏن کي چئبو آهي.

ايڊيما Oedema

ذيابيطس

مٺي پيشابن جي مشهوري بيماري.

ڊايابيٽيز Diabetes

دِرهم

تورَ جي هڪڙي قسم جو وٽُ.

ڊرام Dram

قولون

انساني آنڊن مان پنجون نمبر آنڊو.

ڪولن Colon

ماليخوليا

اڌ چريائيءَ جي بيماري.

ميلن ڪوليا Melancholia

دياغرغما

اهو پردو، جو ڇاتيءَ ۽ پيٽ جي وچ ۾ آهي.

ڊايا فرام Diaphragm

بانقراس

هڪڙو عضوو آهي جو تريءَ مان ڦُٽي، ٻارنهن آڱري آنڊي تائين پهچي ٿو.

پَنڪرياس Pancreas

اورطي

انهيءَ رتائين رڳ جو نالو آهي، جا دل مان ڦٽي ٿي، ۽ ساري بدن ۾ سندس شاخون ڦهليل آهن.

اي آرٽا Aorta

ڪيلوس

جڏهن غذا پيٽ ۾ پهچي ٿي ۽ جوَنَ جي آش جهڙي ٿئي ٿي.

ڪائِل Chyle

ڪيموس

جڏهن غذا مان بنيل آش، رت جي صورت ۾ اچي ئي.

ڪايم Chyme

اغديدوس

آنورن جو اهو حصو، جتان منيءَ جو نيڪال ٿئي ٿو.

اپيڊڊمس Apididmis

فاراطنين

پيٽ جي هڪڙي پردي جو نالو.

پريٽونيم Peritoneum

آون

اٽڪل اڍائي تولن جي وزن جو نالو آهي.

آونس Ounce

باسليق

هڪڙيءَ رڳ جو نالو آهي، جنهن مان سِير ڇوڙبي آهي.

بسيلڪ Basilic

قيفال

هيءُ به هڪڙيءَ رڳ جو نالو آهي، جنهن مان سِير ڇوڙبي آهي.

ڪفيلڪ Caphelic

فائاظير

جنهن سرائيءَ سان بند ٿيل پيشاب ڪڍجي.

ڪئيٽر Cathetar

صافن

پير جي هڪڙي رڳ جو نالو، جنهن مان سير ڇوڙبي آهي.

سفينس      Saphenous

نَرنيه

اک جي چمڪندڙ پردي جو نالو، جو سفيديءَ سان مليل آهي.

ڪارنيا          Cornea

سقمونيا

هڪڙيءَ مشهور دوا جو نالو، جا دست آڻيندڙ آهي.

اسڪيموني Secammonium

قولنج

هڪڙي آنڊي جو نالو، جنهن جي سخت سور کي قولنج چئبو آهي.

ڪالڪ             Colic

ابي ليميا

مِرگهيءَ جو نالو.

اپي لپسي     Epilepsy

ايلاوس

اُلٽي جي رستي پائخاني اچڻ جي بيماري.

الي آس            Ileus

ذوسنطاريا

دستن جي هڪڙي بيماري.

ڊسينٽري      Dysentry

مانيا

چريائيءَ جي بيماري.

مي نيا            Mania

فلغموني

هڪڙي قسم جي گرم سوڄ.

فلي گموني Phlegmoneous

قاطوخس

اهڙيءَ بيماريءَ جو نالو، جنهن جي ڪري انسان ويٺل يا بيٺل حالت ۾ ئي سڪي وڃي.

ڪيٽالپسي   Catalepsy

قوما

گهري ننڊ.

ڪوما             Coma

طاطانس

ڪنڌ سُڪي وڃڻ جي بيماري.

ٽي ٽي نس     Tetanus

عربي لفظ

 

عربي لفظ

انگريزي لفظ

ڪباب چيني

ڪيوبب                  Cubeb

زنجبيل

زنجبيرس            Zingeberis

قرنفل (لونگ)

ڪيريو فلاء

افيون (آفيم)

اوپيم                     Opium

صندل

سينٽل                   Santal

سنا (مڪي)

سينا                      Senna

قئبيل

ڪميله                  Kamala

 

انگريزيءَ ۾ دوائن کان سواءِ، ٻين شين جا عربي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ

 

قنديل (عربي)

ڪينڊلCandle                 

البت (عربي)

البيٽ                    Albet

ڪچو (هندي)

ڪچا                    Kutcha

شڪر (فارسي)

شُگر                      Sugar

قطن (عربي ڪپهه)

ڪاٽن                    Cotton

الف. بي. تي (عربي)

الفابيٽ                 Alphabet

پڪو (هندي)

پڪا                      Pucca

سنت (هندي)

سينٽ                     Saint

لڪ (عربي)

لئڪ                       Lac

اصطبل (عربي)

اسٽيبل                  Stable

سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي ۽ فارسي

وغيره لفظ ڪڏهن آيا ۽ ڪئن آيا؟

مٿي پڙهي آيا آهيو ته دنيا ۾ هڪڙا ملڪ ٻين پاڙي وارن ملڪن سان، ۽ هڪڙا پرڳڻا ٻين پرڳڻن سا، وڻج ۽ واپار، ڏيتي ۽ ليتي، سير ۽ سفر جي سانگي، اچ وڃ ۽ لهه وچڙ رکندا آهن، ۽ اهو ئي طرقو سڌريل ملڪن جو هوندو آهي. سڌريل قومون پنهنجا شاگرد ٻين ملڪن ڏانهن موڪلينديون رهيون آهن ۽ موڪلينديون رهن ٿيون. پنهنجا ٻيڙا ۽ جهاز پنهنجن ڪِشتيبانن ۽ خلاصِين جي هٿان، پر انهن دِسين تي پهچائينديون رهيون آهن ۽ پهچائينديون رهن ٿيون.

تاريخن جي پراڻن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ديس جا رهاڪو، عرب مسلمانن جي راڄ کان به اڳ، پنهنجن پاڙي وارن ملڪن (ايران ۽ عربستان) سان واپاري ڳنڍ سنڍ ۽ تجارتي تعلقات رکندا هئا. نه فقط ايترو، پر خود ايران ۽ عربستان جا واپاري به عراق، بندر عباس، بوشهر ۽ بصري کان سنڌ جي سامونڊي ۽ دريائي بندرن مان ٿيندا، گجرات پاسي، ۽ سامونڊي ۽ دريائي ڪنارن تي وسندڙ شهرن ۽ واپاري منڊين تائين ايندا ويندا هئا.

اهڙيءَ طرح، سنڌ جا هندو واپاري به ايران، افغانستان، عربستان، بلخ ۽ بخارا تائين وڃي پهچندا هئا. انهيءَ اچ وڃ جي ڪري، ڪيترن ئي لفظن جي به اچ وڃ ٿيندي رهي. اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾، جڏهن سنڌ جي مسلمان عربن جو راڄ ٿيو، تڏهن مسلمانن جو لشڪر عراق ۽ شيراز مان ٿيندو، لس ٻيلي جي رستي سنڌ ۾ پهتو، جنهن پاڻ سان ڪيترائي عربي ۽ فارسي لفظ آندا. انهيءَ وقت ڪيترائي عربي ۽ ايراني سوداگر سنڌ ۾ گهر ڪري اچي ويٺا، تنهن کان سواءِ، جهازن جي آفيسرن ۽ خلاصين به دنيا جي پر انهن ڀاڱن ۾ پهچي ڪيترن ئي ٻولين جا لفظ پاڻ سان آندا.

اٺين صديءَ عيسوي ۾، عباسي خليفن جي حڪومت وقت، سنڌ جون ڪيتريون ئي قومون بغداد ۾ اينديون وينديون رهيون. ”تاريخ بغداد“ (عربي) ۾ لکيل آهي ته سنڌ جي هڪڙي  وڏي قوم خليفي هارون رشيد وٽ جنگلي کاتي ۾ ملازم هئي، جنهن کي ”زط“ سڏيندا هئا. اِها ”زط“ قوم اها ساڳي آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ”جتُ“ سڏيو وڃي ٿو. سن 133 هجري يعني اٺين صديءَ عيسويءَ ۾، بغداد جي خليفن سنڌ مان ڪيترائي پنڊت ۽ ودوانن بغداد ۾ رهي، حساب ۽ طبي ڪتابن جا عربي ۾ ترجما ڪيا. حڪومت جي طرفان انهن ڏينهن ۾ هڪ زبردست علمي کاتو قائم ٿيل هو، جنهن ۾ قسمين قسمين علمن جا ترجما ٻين ٻولين مان عربيءَ ۾ ڪيا ويندا هئا. انهيءَ وقت، ڪيترائي سنڌي ۽ هندي اصطلاح، دوائن ۽ خوشبوين جا نالا عربيءَ ۾ داخل ٿي ويا، جي اڃا تائين ان ۾ موجود آهن.

جهازن مٿان جيڪي ”پلنگ“ پيل هوندا آهن، تن کي سنڌ ۽ هند جا رهاڪو پلنگ چوندا هئا ته عرب ساڳئي لفظ کي ”بلنج“ چوڻ لڳا. ساڳيءَ طرح عربيءَ ۾ ”چندن“ کي ”صندل“، ”ڪپور“ کي ”ڪافور“، ”ڪرن ڦول“ کي ”قرنفل“ (لونگ، ”ڀَتَ“ (جيڪو چانورن وغيره مان رڌبو آهي) ”بَهَط“، ”انب کي ”امبج“ چوندا رهيا. ”ڪافور“ جهڙو لفظ ته قرآن شريف ۾ به آيل آهي.

سن 220 هجري يعني نائين صديءَ عيسويءَ ۾، بزرگ بن شهريار ملاح هڪڙي جهاز جو آفيسر سنڌ ۾ آيو هو. انهيءَ عربيءَ ۾ هڪ سفرنامو، نالي ”عجائب الهند“ لکيو آهي. هن انهيءَ ڪتاب ۾ ٻيا به ڪيترائي هندي لفظ لکيا آهن، جي عربيءَ ۾ آيل آهن. هن پنهنجي انهيءَ سفر نامي لکيو آهي ته ”الور جي راجا، بکر جي مسلمان حاڪم کان، هڪڙي عربي ڄاڻندڙ عالم جي ٻانهن گهُري، جنهن تي بکر جي مسلمان حاڪم، هڪ عربي دان عالم، الور جي راجا وٽ ڏياري موڪليو. انهيءَ عالم پهچڻ شرط راجا جي ساراهه ۾ هڪڙو فيصلو سنڌي زبان ۾ ٺاهي، پيش ڪيو.“

بغداد جو مشهور سيلاني اصطخري، سن 340 هجري يعني ڏهين صدي عيسويءَ ۾، سير ڪندو، سنڌ جي مشهور شهر بکر ۾ آيو هو. اهو پنهنجي سفر نامي (صفحي 77، ڇاپ ليدن) ۾ لکي ٿو ته ”بکر، ملتان ۽ ان جي آسپاس عربي ۽ سنڌي، ٻئي ٻوليون، چالو آهن.“

بغداد جو ٻيو مشهور سياح ابن حرقل به پنهنجي سفر نامي (صفح 232، ڇاپ ليڊن) ۾، ڏهين صدي عيسوي ۾، ساڳي ڳالهه لکي آهي ته ”انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي بکر شهر ۽ ان جي آسپاس ۽ سنڌي ٻوليءَ جو رواج هو.“

بشاري مقدسي نالي سياح، سن 375 هجري (مطابق 985 عيسوي) ۾، جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن ديپل ۾ به آيو هو. اهو پنهنجي سفر نامي (صفحي 479، ڇاپ ليڊن) ۾ لکي ٿو ته ”ديبل بندر (جنهن کي ڪي تاريخ نويس موجوده ٺٽو شهر ڪري سمجهن ٿا) سمنڊ جي ڪناري تي آهي، جنهن جي چوڌاري سو وسندڙ شهر ۽ ڳوٺ آهن. اتي جا رهاڪو گهڻو ڪري هندو آهن. سمنڊ جو پاڻي شهر جي ڀتين سان روز اچي ٽڪرجي ٿو. ديبل جا هندو سڀ سوداگر آهن، جن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي.“ اڄ به ٺٽي جا ڪيترائي هندو واپاري ۽ سندن ٻار عربي زبان ڳالهائيندا آهن.

مٿين ثابتين مان هيٺيون ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون:

(1) سنڌ جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ خود هندو به عام طرح عربي ٻولي: ٻوليءَ طور ڳالهائي سگهندا هئا. اڃا مسلمانن جي حڪومت کي ايترا ڏينهن ئي ڪين گذريا هئا، نڪي ڪي عربيءَ جا اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا هئا، جنهن ڪري چئجي کڻي ته جلد ئي عربيءَ جا اهڙا ڪي ماهر ٿي ويا هوندا، جو مادري زبان ”سنڌيءَ“ وانگي عربي به ٻوليءَ طور ڪم آڻڻ لڳا هجن.

(2) مسلماني حڪومت کان ئي اڳ، سنڌ جا هندو واپاري واپار سانگي عربستان وڃڻ سب عربي ڳالهائي سگهندا هئا.

(3) جڏهن ته هندي لفظ ”ڪپور“ قرآن شريف جي زمان يکان ئي اڳ ”ڪافور“ بنجي، عربي زبان ۾ آيل ۽ عربي لغت جو جزو بنيل آهي، جنهن ڪري ئي قرآن شريف جي اعليٰ زبان ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، تڏهن ڪير قبول ڪندو ته سنڌ جي هندن جي اچ وڃ عربستان ڏانهن مسلماني حڪومت کان اڳ ڪانه هئي، ۽ عربي لفظ زبردستيءَ سان سنڌيءَ جي پوءِ مڙهيا ويا آهن؟

(4) مسلماني حڪومت وقت به، ٺٽي جا هندو سوداگر هميشه وانگر سوداگري ئي ڪندا رهندا هئا. جڏهن بغدادي خليفن جي حڪومت ۾ سڌار ۽ واڌارا ٿيا، ملڪن سان واپار ويو ۽ تجارتي منڊيون قائم ٿيون، بغداد انهن سڀني ڳالهين جو مرڪز بنيو؛ تڏهن سنڌ جا ڪي واپاري، عربي ممالڪ ۾ عام طرح ۽ بغداد ۾ خاص طرح ويا هوندا، سي سڀاويڪ عربي لفظ جو نئون ذخيرو اڳي کان به اڳرو هٿ ڪري آيا هوندا. جئن جئن ملڪ ۽ قومون وڌيڪ سڌرن ٿيون؛ تئن تئن انهن جي ٻوليءَ ۾ به گهڻو سڌارو ۽ وڌيڪ واڌارو ٿئي ٿو. اهڙي وقت، گهڻا علم، گهڻا اسباب؛ گهڻيون شيون ۽ گهڻيون ضرورتون اچي ٿيون پرگهٽ ٿين، جنهن ڪري لفظن ۽ اصطلاحن جو ذخيرو قدرتي طرح وڌي ٿو ۽ هو گهرن ۽ بازارين، محفلن ۽ مجلسن، سرڪاري ۽ دربار، وهنوار ۽ ڪاروبار ۾ علم جام ڪم اچڻ لڳن ٿا. اهو قدرت جو هڪ اٽل قانون آهي ۽ سمي جو هڪڙو ضروري نيم.

(5) انهيءَ سمي، سنڌ جي هنڌن ۽ عربي يا ٻين ٻولين کان ڪابه نفرت ۽ ڇوت ڇات ڪانه هئي، نڪي هو عربي ٻوليءَ کي پنهنجي سڀيتا جي ابتڙ سمجهندا هئا.

(6) جيڪي ودوان ۽ پنڊت بغداد ۾ هنديءَ مان عربيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ ويا ۽ اتي ورهين جا ورهيه رهي، عربيءَ ۾ هندي ڪتابن جا ترجما ڪيائون، سي ضرور اڳيئي عربيءَ جا اهڙا ته عالم ۽ ماهر هوندا، جي ترجمي جهڙو ڏکيو ڪم ڪري سگهيا. علمي ڪتابن جي ترجمي جو ڪم عربيءَ ۾ تسين ڪو ڪونه ڪري سگهندو، جيسين اهو علمي اصطلاحن کان پورو واقف ۽ عربي لغت جو پورو عالم نه هوندو.ڱ

(7) جڏهن ته سنڌ جا هندو عربي زبان پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ روانگي ڳالهائي سگهندا هئا ۽ ان کي پنهنجي سڀيتا جي برخلاف ڪين سمجهندا هئا،  تڏهن جيڪڏهن سنڌي زبان ۾ عربي لفظ داخل ٿيا ۽ ٿيندا رهيا ته ڇا ٿي پيو؟

(8) جڏهن ته سنڌ جا هندو 12-13 سؤ سال اڳ عربي ڄاڻندا ۽ ڳالهائيندا هئا، واپار خاطر عربستان به ويندا هئا ۽ واپاري ڏيتي ليتي به عربن سان رکندا هئا، تڏهن بنا ڪنهن شڪ شبهي جي معلوم ٿو ٿئي ته هو ضرور عربي رسم الخط (لکڻي) به ڄاڻندا هوندا ۽ اها رسم الخط عربيءَ جي موافق ئي هوندي.

(9) جڏهن ته سنڌ جا هندو 12-13 سؤ سال اڳ عربي ڳالهائي ۽ لکي سگهندا هئا، تڏهن  ائين چوڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي ته عربي زبان ۾ سنڌي هندن جي پراڻي ادبي ۽ ساهتي سڀيتا ۾ داخل هئي. اهو انهن لاءِ فخر هو ته هو ٻين ملڪن جون زبانون ڄاڻن ٿا. اها هنن جي اعليٰ لياقت ۽ قابليت هئي، جو ٻين زبانن ڳالهائڻ تي به اهڙا قادر هئا، جهڙا پنهنجي مادري زبان ڳالهائڻ تي.

 

ٻين ٻولين مان لفظن اچڻ ۽ آڻڻ مان فائدو آهي يا نقصان؟

هر هڪ ڳالهه جا ٻه پاسا هوندا آهن: (1) فائدو، ۽ (2) نقصان، يعني هرهڪ شئي ۾ فائدو به هوندو آهي ۽ نقصان به. هيءَ ڳالهه به سڀاويڪ آهي، جو هر هڪ ماڻهو فائدو ۽ نقصان ٻئي خيال ۾ آڻيندو آهي ۽ ٻنهي کي توريندو ۽ تڪيندو آهي. هو تور تڪ بعد ضرور فائديمند پاسو ئي پسند ڪندو، نه ته به گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن شي جي فائدي ۽ نقصان کي عقل واري ساهميءَ جي ٻن پُڙن ۾ وجهندو. جيڪڏهن فائدي وارو پُڙُ لَڙي بيٺو، ته ڪجهه نقصان جي موجودگيءَ هوندي به اها شي پسند ڪندو.

اسان کي به انهيءَ اصول موجب جاچڻ گهرجي ته سنڌي زبان ۾ ٻين ٻولين مان لفظن اچڻ يا آڻڻ مان ڪَسُ آهي يا ڪثر، نفعو آهي يا نقصان، فائدو آهي ڇيهو؟

ويچار ڪرڻ سان، مون کي هڪ سنڌي هجڻ جي حيثيت ۾ ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته ٻين ٻولين مان لفظن جي اچڻ يا آڻڻ ڪري، اسان جي سنڌيءَ کي فائدو ئي فائدو آهي، نقصان ڪونهي.

وري به اسان کي ٻئي هنڌان ڪجهه نه ڪجهه ملي ٿو، ڪجهه نه ڪجهه پِڙ پوي ٿو ۽ ڪجهه نه ڪجهه هٿ اچي ٿو. اسان وٽان ڪجهه وڃي ته ڪونه ٿو، نَڪي اسان کان ڪجهه کسجي ٿو. ٻاهرين ٻولين مان آيل لفظ اسان جي خدمت ڪن ٿا، اسان کي مدد ڏين ٿا، اسان جي همراهي ڪن ٿا ۽ اسان جو بار کڻن ٿا. اهي اسان وٽ مالڪ ٿي، ڪين ٿا اچي وهن. ڪيترائي ته ويچارا پنهنجي ملڪ جو لباس ئي لاهي، اسان جي ملڪ جي پوشاڪ پهري، اسان جا ادبي ڀاتي ۽ ساهتي ساٿي ٿي وڃن ٿا. هو شڪل شاهبت ۾ ئي سنڌي بنجي وڃن ٿا، پر جيڪي اصلوڪي روپ ۾ رهن ٿا، سي به اسان جي زبان سان ڪو سينو ڪونه ٿا ساهين. هو به اسان جا ديس ڀائي ۽ وطني ٿي ٿا وڃن. هنن جي اچڻ يا آڻن سان اسان جي ٻوليءَ ۾ واڌارو ٿئي ٿو، کوٽ ڪانه ٿي ٿئي. ڪيترين ئي معنائن لاءِ ججها لفظ ۽ گهڻا اسم موجود ٿين ٿا. ڪيتريون ئي اهڙيون معنائون ۽ شيون آهن، جن لاءِ اسان وٽ پنهنجا لفظ ۽ اسم ڪينهن، ته اهي ٻاهريان لفظ اسان جي کوٽ پوري ڪن ٿا. ڪيتريون ئي اهڙي معنائون ۽ شيون ئي معنائن ۽ سين لاءِ ٻاهران آيل يا آندل لفظ واڌارو ڪري، اسان جي ادبي ذخيري کي وڌائين ٿا.

ادبي ذخيري جي ڪشادگي جهڙي هڪڙي نثر نويس لاءِ ضروري آهي، تهڙي هڪ نظم نويس لاءِ، بلڪ نظم نويس ۽ شاعِر لاءِ وڌيڪ ۽ تمام وڌيڪ ضروري آهي. شاعر جڏهن شعر لکي ٿو، تڏهن هن لاءِ ڪاغذ جو ميدان تنگ، قلم جو گهوڙو لنگ ۽ طبيعت جو حال رنگ برنگ ٿئي ٿو. هن کي نثر نويس وانگي ڪاغذ ڇوٽ ڪارا ڪرڻا ڪينهن، هن جو قلم هل هلان ڪري، ميدان ڪين ماري سگهندو، هن جي طبيعت جو حال هڪ رنگ تي نه هوندو. هن کي شعر جي ڪوزي ۾ درياءَ ليٽائڻو ۽ نظم جي لوٽي ۾ شعر جي ڪوزي ۾ درياءَ ليٽائڻو ۽ نطم جي لوٽي ۾ سمنڊ سمائڻو آهي. هن کي جيڪي چوڻو ۽ لکڻو آهي، توري ۽ تڪي چوڻو آهي. انهن تنگ دائرن ۾ ڦاٿل شاعرن لاءِ ادب جي ڪشادگي ۽ ساهت جي وسعت ضروري آهي. جيڪڏهن زبان جي لفظي خزاني ۾ مال مَئو ۽ قسمين قسمين هوندو، ته هو پنهنجي ڪم ۾ جلد ئي ڪامياب ٿيندو ۽ چڱو ڪامياب ٿيندو. خيالن ۽ جذبن جي اظهار لاءِ بيشمار لفظ هن جي اڳيان قطارون ٻڌي، اچي بيهندا ۽ ڪرڻ لاءِ پاڻ آڇيندا. جيڪڏهن ادب ۽ ساهت جو دائرو تنگ ۽ محدود ۽ خزانو ڳاڻ ڳڻيو هوندو، ته ويچاري شاعر کي جيڪا تڪليف پهچي سگهي ٿي، سا شاعرن کان ئي پڇڻ گهرجي. قافيه دار ۽ وزندار شعر لاءِ تُڪدار لفظن جي ضرورت ٿئي ٿي. پنهنجا يا ٻاهران آيل يا آندل لفظ اهڙي وقت جيڪو ڪم ڏين ٿا، تنهن جو قدر به هڪ ڪامِل شاعر کي ئي هوندو.

نثر نويس جي حالت به ڪا گهٽ محتاجي ڪينهي. هن وٽ به جيتري قدر ادب جو خزانو ججهو ۽ ساهت جو ذخيرو زور هوندو، اوتري قدر هو پنهنجي خيالن ۽ جذبن جو ڏيئو وڌيڪ روشن ۽ پنهنجن جذبن جو صحن وڌيڪ گلشن بنائي سگهندو. هو پنهنجي مضمون کي رنگ برنگ ۽ پنهنجي ڪاغذ کي چين جو ارڙنگ ڪري ڏيکاريندو. هو دنيا جي حقيقتن کي سولائيءَ سان ۽ دنيا جي واقعات کي آساني سان هوبهو چِٽي ۽ بيان ڪري سگهندو. هن کي جيڪڏهن ساڳيو مقدس ۽ ساڳيو مطلب ور ور ڏئي، بيان ڪرڻو هوندو ته اهو مضمون ڀيري ڀيري جدا نموني ۾، دفعي به دفعي ٻين ٻين لفظن جي زور تي پنهنجي نثر ۾ به شعر جو شان پيدا ڪرڻ سگهندو. انهيءَ طرح هو هڪ عاليشان نثر نويس ۽ شاندار مضمون نگار بنجي سگهي ٿو. ٻاهريان لفظ جڏهن پاڻ وٽ آيا، تڏهن هو ڌاريان چئبائي نه، پنهنجائي چئبا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org