سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آفتاب ادب عرف ساهت جو سج

 

صفحو :3  

دنيا جي ٻولين جي هڪ ئي برادري آهي

 

ٻولين جي ماهرن ۽ فيلالاجي (Philology) جي عالمن، ڪن لفظن جي هڪ جهڙائيءَ سبب دنيا جي زبانن جا ٽي قسم مقرر ڪيا آهن. اهي ئي ٽي قسم دنيا جون بنيادي زبانون آهن، ٻيون هزارين زبانون انهن مان ئي ڦُٽيون آهن. (1) آريائي يا آرين (Aryan)، (2) توراني يا ترينين (Turanian) (3) سامي يا سمٽڪ (Semitic).

پهرئين قسم جي زبانن مان هي آهن: سنسڪرت، فارسي، انگريزي، فرينچ، لئٽن، وغيره.

ٻئي قسم مان چيني، تاتاري، ترڪي، وغيره.

ٽئين، قسم مان عربي، عبراني، ڪلداني، سرياني، وغيره.

دنيا ۾ جئن سڀ انسان انسانيت جي ڪري هڪ ٻئي جي برادري آهن، فقط جدا جدا ملڪن ۾ رهڻ ڪري ئي جدا جدا نمونو ۽ ڌار ڌار رهت سهت رکن ٿا، تئن سڀني انسانن جون ٻوليون به قريب قريب هڪ ئي ڪُلَ مان آهن، جيتوڻيڪ جدا جدا ملڪن ۾ وڃي، هنن جدا جدا روپ ورتو آهي.

جيڪڏهن ڪنهن ضرورت وقت، بلڪ بنا ضرورت، به، ڪنهن هڪڙي ملڪ جو ماڻهو ٻئي ملڪ جي ماڻهوءَ کي مدد يا خدمت جي آڇ ڪري، فقط انسانيت جي جذبي سببان، ته ڇا اها انسانيت آهي، جو هن جي مدد ۽ خدمت قبولڻ کان انڪار ڪجي ۽ کيس هٿ ڇنڊ ڪري، تڙي ڪڍي؟ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا ٻولي ٻي ٻوليءَ جي اچي ساٿياڻي ٿئي يا ساهيڙي بنجي، ته اهو هرگز مناسب نه آهي، جو هن کي پاڻ وٽان تڙي ڪڍجي. اها نه انسانيت آهي ۽ نه انتر راشٽريه (انٽرنيشنل International) اصول جي مطابق.

ڪي ڳالهيون بيشڪ اهڙيون آهن، جي ڀلي فقط پنهنجي مڪل جون ئي قبول ڪرڻ گهرجن- جهڙيون صنعتون ۽ هنر- پر تن ۾ به جيڪي هنر، پنهنجي ملڪ ۾ ميسر ٿي نٿا سگهن، سي ٻاهرين ۽ ڌارين ملڪن جا به قبول ڪيا وڃن ٿا، جهڙو ڪتابن ۽ اخبارن ڇاپڻ جو هنر.

ڀلي ڪوشش ڪجي ته اهو هنر به پنهجي ديس ۾ چالو ٿئي، پر چالو ٿين بعد چئبو ته نيٺ ڌاريون. ڇا ڪوبه عقلمند پسند ڪندو ته ڇاپڻ جي بديشي ايجاد کي ڇڏي، اڳئين زماني وانگي ويهي هٿن سان لکجي ۽ ڪانهن جون ڪلڪون گسائجن؟

ٻوليون اهڙين شين جي شمار ۾ نه ٿيون اچن. هو جيتري قدر ڪشاديون هونديون، اوتري قدر ڪمائتيون ٿينديون. ٻولين جي ڪشادگي ٻن ڳالهين تي منحصر آهي (1) سندين ذات جي سڌريلائي، ۽ (2) ٻين سڌريل ٻولين جي مدد حاصل ڪرڻ جي لياقت- جئن مٿي لکي چڪو آهيان.

ٻولين جي هڪ برادري هجڻ جو وڏو دليل هڪڙو هي آهي، ته دنيا جي ڀني سڌريل ٻولين هڪ ٻئي سان لفظن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، ۽ انهيءَ ڏي وٺ ۾ ڪو عار ۽ عيب نه سمجهيو اٿن- جئن ته انگريزي، فرينچ ۽ جرمنيءَ وغيره ٻولين، عربي ۽ عيرانيءَ مان ڪيئي لفظ ورتا آهن، نه ته انگريزي، فرينچ وغيره آرين ٻوليون آهن، ۽ عربي، عبراني وغيره سامي زبانون. انهيءَ ئي برادريءَ جي رواج موجب، اسان جي سڌريل سنڌي ٻوليءَ به ٻاهران لفظن جو چڱو چوکو ذخيرو هٿ ڪيو آهي، ۽ جڏهن جڏهن جهَٽُ لڳو اٿس، تڏهن ٻاهرئين مال مان گهڻو ڪجهه گڏ ڪيو اٿس. سنڌي ٻولي ته آهي ئي آرين ٻولين جي ذات مان هڪڙي مُک. فارسي به ساڳئي بنياد مان آهي، سو جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ فارسيءَ کان لفظ ورتا، ته هن کي هر طرح حق هو؛ پر جڏهن ته ٻين سڌريل آرين ٻولين سڌريل سامي ٻولين کان وقت بوقت مدد پئي ورتي آهي، تڏهن اسان جي سنڌيءَ ڪهڙو گناهه ڪيو؟ هن کي پنهنجن ٻين ڀينرن کان پُٺ تي پوڻ ڇو گهرجي- خاص انهيءَ طرح حالت ۾، جنهن حالت ۾ اهي سامي ٻوليون سندس پاڙيسري آهن؟

ادبي ٻولي ”عام“ ٻولي کان اوچي

هوندي آهي، ۽ اوچي هئڻ گهرجي.

”عام“ ٻولي جنهن کي نج ٻولي سڏيو وڃي ٿو، سا پنهنجي جاءِ تي ضرور علم ۽ نج هئڻ گهرجي. انهيءَ ۾ اوچا اوچا لفظ، اوکا اوکا فُقرا، تڪ دار ۽ جوڙي وال جملا، لغنت مان ڳولي معنيٰ معلوم ڪرڻ جهڙا لفظ ۽ ان مشهور يا گهٽ چالو اکر نه هئڻ گهرجن؛ نڪي گهڻا استعارا ۽ تشبيهون، اشارا ۽ ڪِنايا ڪم آڻجن.

باقي ادب ٻولي، جا ڳالهائيندڙ جي اعليٰ خيالن جو آئينو ۽ پڙهندڙ کي اعليٰ خيال بنائڻ جو هڪڙو ئي وسيلو آهي، سا ضرور اوچي درجي جي هوندي آهي ۽ هئڻ گهرجي. ادبي زبان ۾ شيريني ۽ رنگيني، تحرين ۾ دلپذيري، تقرير ۽ تاثير، علميت جو جلوو ۽ جمال، بيان جي بلندي ۽ بالائي، خيالن جي عروج ۾ پرواز، دلنشين نموني ۾ جذبن جو اظهار، حقيقت ۽ مجاز جي امتياز- اهي ۽ اهڙيون صفتون ئي اهت جو سينگار ۽ ادب جو زيب آهن. اهي تيسين پيدا ئي ٿي نه سگهنديون، جيسين ٻولي اوچي درجي تي پهتل نه هوندي. بازاري ۽ ’گهرو‘ ٻوليءَ کي ادبي ۽ علمي ٻولي سڏي نٿو سگهجي. ادبي ٻوليءَ جي، نظم توڻي نثر ۾، لفظ بلڪل صحيح، اُچار بلڪ پورا ۽ اعرابون بلڪل اصلي هئڻ گهرجن. بازاري ۽ گهرو ٻوليءَ جا لفظ ادبي ٻوليءَ جو جزو تڏهن ٿي سگهندا، جڏهن صحيح صورت ۾ اصلي حالت ۾ هوندا. جيڪڏهن بازارين ۽ گهرن ۾ گُل کي غُل، گلاب کي غلاب؛ گناه کي غناه، خر کي کر، خراب کي کراب، غريب کي گريب، غبار کي گُبار، جلاب کي زلاب، جگر کي زگر، همراه کي هرماه، وڪالت کي وڪلات، وزارت کي وزرات، نقصان کي نشڪان، محتاج کي موٿاج، ويران کي بيران، بخشڻ کي بشڪڻ، شڪرکي شخر، شربت کي سربت، سُرڪي کي شُرڪو، باغ کي باگ، بندوق کي دنبوخ، رسيد کي رشيد، ڪاغذ کي ڪاڳر، موسم کي موسوم، محروم کي محروم اچاريو ويندو، ته انهن غعلط اچاريل لفظن جي جاءِ ادبي ٻوليءَ ۾ نه آهي، نڪي ڪو عالم پاڻ انهيءَ طرح اچاري، پاڻ کي صحيح ٻولي ۽ ادبي زبان جو عالم ۽ ماهر سڏائي سگهندو. ادبي زبان يا ساهتيه ٻولي، علمي زبان کي ئي چئبو، جنهن ۾ علم جي ميزان ۾ توريل لفظ ئي اچي سگهن ٿا ۽ ڪم آڻي سگهجن ٿا. جيڪڏهن بازاري ٻوليءَ جي ڀرتي ادبي ٻوليءَ ۾ ڪبي، ته پوءِ صحيح  ۽ غلط جو سنڌو ۽ سيڙهو هليو ويندو، ۽ ادبي ٻولي ڳاڙهن چانورن ۽ اڻ ڌوتل مڱن جي دال مان ٺهيل هڪ کچڻي ٿي پوندي.

”عام“ ٻوليءَ ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ ڏاس ۽ پشم، سُٽ ۽ ريشم، ڳڙ ۽ کنڊ جهوپڙي ۽ محلات، چراغ ۽ چنڊ وارو فرق آهي. ”عام“ ٻولي هڪ خودرو ۽ جهنگلي باغ مثل آهي، جنهن ۾ ميويدار وڻ ۽ گلدار ٿڌا به هوندا آهن، گاهه ۽ ڪنڊا به. ادبي ٻولي هڪ سينگاريل باغ ۽ رٿائتي پوکيل چمن وانگي آهي، جنهن ۾ ڪنڊا ڪک ته ڪين ڏسبا، پر گاهه به ڪينچيءَ سان ڪتري، اهڙو ته بيهاريل هوندو آهي، جو پاڻ چمن جي خوبصورتي ۽ سوڀيا وڌائيندو آهي. ادبي ٻولي؛ علمي ۽ قلمي، ڪلامي ۽ ڪمالي، جلالي ۽ جمالو ٻولي آهي. ادبي ٻوليءَ کي بازاري ۽ بول چالي ٻولي سمجهڻ ساڻس ڄڻ بي ادبي ڪرڻي آهي.

جئن ٻين ملڪن ۽ ٻين پرڳڻن ۾ ”عام“ ٻولي ۽ علمي ٻولي، بازاري ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ فرق سمجهيو وڃي ٿو، منجهانس غلط لفظ ۽ غلط اچار ڪڍي، کيس پاڪ ۽ صاف، صحيح ۽ سلامت بنيايو وڃي ٿو ۽ انهيءَ لاءِ لعنت جا صحيح ۽ سلامت بنايو وڃي ٿو ۽ انهيءَ لاءِ لعنت جا صحيح ۽ سالم ڪتاب لکيا وڃن ٿا، تئن اسان کي به پنهنجي پياري ادبي ٻوليءَ لاءِ انتظار ڪرڻ گهرجي.

 

غلط العام ۽ غلط العوام

 

”غلط العام“ علم ادب ۾ هڪ مشهور اصولي جملو آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن کي به معلوم آهي ۽ هو ڪنهن غلط لفظ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.

مون ڏٺو آهي ته ”غلط العام“ جو مطلب اڪثر غلط سمجهيو وڃي ٿو. ”غلط العام“ جي معنيٰ هيءَ سمجهي وڃي ٿي: ”جيڪو لفظ عام لوڪ يعني اڻ پڙهيل يا ڳوٺاڻا اچارين، اهو صحيح آهي.“

حقيقت ۾ انهيءَ فقري جي اها معنيٰ غلط آهي. ”غلط العام“ لفظ اصل ۾ آهي ”الغلط العام“ جنهن جي معنيٰ اصل آهي: ”اهو لفظ، جو اڻ پڙهيل توڻي پڙهيل يعني عام طرح سڄي ملڪ جا سڀ رهاڪو هڪ جهڙو غلط اچارين“- يعني، نه فقط اڻ پڙهيل عام ماڻهو، هڪ پڙهيل خاص ماڻهو نه انهيءَ لفظ کي غلط اچارڻ تي هري ويل هجن. اهڙيءَ صورت ۾ اهڙو غلط لفظ به صحيح چئبو، جهڙيءَ طرح، عام طرح ”قفل“ کي ”قلف“ چيو وڃي ٿو. جڏهن ته عام ۽ خاص پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل، عام جام ”قفل“ کي ”قلف“ چوڻ تي هريل آهن، تڏهن اهو صحيح چئبو، غلط نه چئبو؛ پر  همراهه کي هرماه، طفل کي طلف چوڻ بلڪل غلط آهي، ڇو جو همراه کي هرماه، طفل کي طلف فقط ”عام“ ۽ اڻ پڙهيل ئي چوندا آهن: پڙهيل ”هرماه“ ۽ ”طلف“ ڪڏهن به ڪين چوندا آهن.

جيڪي لفظ عام لوڪ يعني اڻ پڙهيل غلط اچاريندا آهن، انهن کي ”غلط العوام“ چئبو، نه ”غلط العام“. ”غلط العوام“ لفظ ڪنهن به صورت ۾ صحيح ڪين چئبا ۽ انهن لاءِ علمي ۽ ادبي زبان ۾ ڪابه جاءِ ڪانهي. ”غلط العوام“ بازاري لفظ ٿي سگهن ٿا، علمي ۽ ادبي لفظ نٿا ٿي سگهن. ساڳيءَ طرح، جيڪي غلط لفظ فقط مسلمان غلط استعمال ڪن ۽ هندو نه، يا فقط هندو اچارين ۽ مسلمانن نه، ته اهڙا لفظ به ”غلط العام“ ۾ داخل نه چئبا. ”غلط العام“ اهي لفظ چئبا، جن کي ملڪ جا سڀ باشندا ۽ سڀ فرقا هڪ جهڙو غلط اچارين ۽ غلط لکن- ته اهڙا لفظ غلط هوندي به صحيح چئبا. ڪيترائي سنسڪرت شبد جي سنڌي زبان جو سنئون سڌو جزو آهن، تن کي مسلمان غلط اچاريندا آهن ۽ هندو صحيح چوندا ۽ ڳالهائيندا آهن. اهڙي طرح ڪيترائي عربي ۽ فارسي لفظ، جي سنڌي زبان جو سڌو سئون جزو آهن، سي هندو غلط پڙهن ۽ غلط ڪم آڻين ٿا- ته اهڙا غلط اچاريل لفظ ”غلط العام“ چئي نه سگهبا. ادبي ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ صحيح اچارن سان ئي ڪم آڻڻا آهن. مثال لاءِ ”وِ وَيڪ“ (پهرئين واو جي زبر ۽ ٻئي واو جي زير سان) ڪري، اچاريندا آهن- اهو اچار صفا غلط چئبو ”اَشراف“ (پهرئين حرف جي زير سان) صحيح آهي، مگر ڏسڻا وائسڻا پڙهيل هندو ”اِشراف“ (پهرئين حرف جي زير سان) ڪري پڙهندا آهن، جو غلط اچار آهي. ادب ۽ ساهت ۾ اهڙا نقص روا نه آهن. الب عربيءَ جا اهڙا لفظ، جي، عام ۽ خاص، هندو ۽ مسلمان ڪن اعرابن وغيره جي ڦيرڦار سان هڪ جهڙو غلط اچارين ته اهي ”غلط العام“ واري قاعدي ۾ اچي، صحيح سڏجي سگهجن ٿا: جهڙو، ”مقابَلو“ (بي جي زير سان) مُقابَلو“، (بي جي زير سان)، ”مُبالَغو“ مان ”مبالِغو“، ”مُعامَلو“ مان ”مُعامِلو“، ”مباحَثو“ مان مُباحِثُ“، ”مُشابَهت“ (بي جي زير سان) مان ”مُشابِهت“ (بي جي زير سان). برخلاف ان جي، ”تَجمــُّل“ (ميم جي شد ۽ پيش سان) کي تُجۡمَلُ (جيم ساڪن ۽ ميم جي زير سان) ”تفافُل“ (في جي پيش سان) کي ”تفافِلُ“ (في جي زير سان)، ”اَشراف“ (الف جي زير سان) کي ”اِشراف“ (الف جي زير سان)، جَذبو (جيم جي زير سان) کي جُذبو (جيم جي پيش سان) پڙهڻ بلڪل غلط آهي. اهڙيون غلطيون ”غلط العام“ ۾ داخل نه آهن.

تسنيد

جيڪڏهن ڪن حرفن، يا ڪن حرفن جي اعرابن جي ڦيرڦار يا اڳ پوءِ ٿيڻ سان، ڪو هندي لفظ عربيءَ ۾ اچي ته اِن حالت کي ”تعريب“ چئبو آهي، ۽ اُنهيءَ لفظ کي ”مُعَر ّب“- جهڙيءَ طرح هندي لفظ ”چندن“ عربيءَ ۾ مُعر َّب بنجي، ”صندل“ ٿيو، ”ڪپور“، ”ڪافور“ ۽ ”جائپل“، ”جائفل“ يا ”جعفر“.

جيڪڏهن عربيءَ جو لفظ مٿيئن حالت سان فارسيءَ ۾ آيو ته انهيءَ کي ”تفريس“ چئبو، ۽ انهيءَ لفظ کي ”مُفَر َّس“.

ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن عربي، فارسي، يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جو لفظ ڪن حرفن، يا ڪن اعرابن جي ڦيرپار، يا هيٺ مٿي ۽ اڳ پوءِ ٿين سان سنڌيءَ ۾ عام طرح چالو ٿي ويو، ته انهيءَ حالت کي ”تسنيد“ چئبو ۽ انهيءَ لفظ کي ”مُسَنــّدُ“.

جهڙيطرح ”عماري“ مان ”هنڀاري“، ”قفل“ مان ”قُلف“، ”سَر“ مان ”سِرُ“، ”عطۡر“ مان ”عَطر“، ”زُيان“ مان زِيان“، ”دَلُو“ مان دِلوۡ“، ”قُومَ“ مان ”ٿُومَ“، ”بصل“ مان ”بصر“، ”مِطرقه“ مان ”مُترڪو“، اهي ۽ اهڙا ٻيا سوين عربي لفظ سنڌيءَ ۾ مُسنــّد ٿي چڪا آهن. انهيءَ طرح، جيڪي به لفظ ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ آيل آهن، سي بدليل حالت ۽ ڦِريل صورت ۾ ئي صحيح چئبا، بشرطيڪ ملڪ جا سڀ باشندا عام ، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل انهيءَ طرح ئي انهن کي ڳالهائيندا هجن.

هيءَ حالت اسان جي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ گهڻي موجود آهي، ۽ گهڻين ئي ٻولين جا گهڻائي مُسنــَّد لفظ منجهس موجود آهن. ڏسجي ٿو ته دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين ۾ به هيءَ حالت ججهي قدر موجود آهي.

 

تحريف

 

”تحريف“ اهڙيءَ حالت کي چئبو آهي، جو بي علم يا ڪي علم وارا به خواه مخواه سَنون سِڌن ۽ صحيح لفظن کي پنهنجي اڄاڻپ سبب ڦيرائي بگيڙي، غلط ۽ غير صحيح اچارين؛ مگر ملڪ جي سڀني قومن جي پڙهيل ۽ باخبر، ڳالهائڻ وقت، صحيح تلفظُ سان اچاريندا هجن. جهڙيءَ طرح ڪي عام اڻ پڙهيل ماڻهو ”همراهه“ کي ”هرماه“، ”طفل“ کي ”طلف“ ۽ ”گل“ کي ”غُل“، ”گلاب“ کي غلاب“، ”خوش“ کي کُس“، ”خاص“ کي ”کاش“ چوندا آهن. اهڙن لفظن کي ”مُحَرفَ“ چئبو آهي.

ادب ۽ ساهت ۾ مُحَرف لفظن جو استعمال هرگز جائز ڪينهي. اهڙا کريل لفظ بلڪل غلط چئبا. ”تحريف“ جي معنيٰ ئي آهي بگاڙڻ، ۽ مُحَرف جي معنيٰ آهي بگاڙيل. اهڙن لفظن کي ادبي ۽ علمي ٻوليءَ ۾ به ڪو وزن ڪونهي.

”تحريف“ جو تعلق لفظن کان سواءِ معنيٰ سان به آهي؛ يعني ڪنهن لفظ کي عام اڻ پرهيل ماڻهو اهڙيءَ معنيٰ ۾ ڪم آڻين؛ جا معنيٰ حقيقت ۾ انهيءَ لفظ جي نه هجي، نِڪي انهن اڻ پڙهيل ماڻهن واريءَ معنيٰ ۾ پڙهيل ڪم آڻيندا هجن. جهڙيءَ طرح ”حال محرم“ کي اڻ پڙهيل ”حال محروم“ يا ”مرحوم“ کي ”محروم“  چوندا آهن. اها ”معنوي تحريف“ چئبي، جا ”لفظي تحريف“ کان به وڌيڪ ناجائز آهي. ”مَحۡرمَ“ جي معنيٰ آهي ”واقف“، ۽ ”محروم“ جي معنيٰ اهي ”جنهن تي خدا جي رحمت هجي“. ڏسو ته ”تحريف معنوي“ هڪ چڱي معنيٰ واري لفظ کي ڪيتري قدر نه بڇڙي معنيٰ وارو بنائي سگهي ٿي!

”دخيل“ اهڙي لفظ کي چئبو آهي، جو هڪڙيءَ ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ داخل ٿيو هجي ۽ اصلوڪي ٻوليءَ واري صورت ۾ ئي هوبهو قائم رهيو هجي. جهڙيءَ طرح ڪِتاب، قلم، ڪاغذ، مضمون، اخبار؛ وڪيل، اصيل، فيصلو، قسمت، قيمت، نصيب، طبيب، حبيب، حڪيم، دوا، علاج، ديوان، عامل، مُنشي، وغيره وغيره. دخيل لفظ سنڌيءَ ۾ بيشمار آهن، جي عربي، فارسي، ترڪي ۽ انگريزيءَ وغيره مان آيل آهن.

ڏسجي ٿو ته دخيل لفظن جو سلسلو سنڌي توڻي دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين ۾ اڃا به هليو اچي ٿو ۽ انهيءَ طرح سڀ ڪنهن سڌريل ٻوليءَ جو ادب ۽ ساهت وڌندو رهي ٿو.

 

سنڌيءَ ۾ دخيل لفظن جي مختصر لسٽ

سنڌيءَ ۾ ڪيترين ئي ٻولين مان دخيل لفظ آيل آهن، ۽ ايتر آيل آهن، جن جو سمارئي ڪري نٿو سگهجي. رڳو فارسي، عربي ۽ ترڪيءَ مان آيل نه آهن، پر انگريزيءَ مان به ايترا آيل آهن، جن جي حد ۽ حساب ئي ڪونهي. آءٌ مثال طور هرهڪ ٻوليءَ مان آيل لفظن جي مختصر فهرست لکان ٿو.

 

عربيءَ مان آيل دخيل لفظ

دِيوان، عامل، مُنشي، وڪيل، اصيل، قاعدو، قانون؛ علم، ڪاغَذ، حِساب، ڪتاب، صفحو، وَرق، جُلد، حَرف، لَفظ، معنيٰ، مضمون، تحرير، تقرير، علم، عمل، تعيلم؛ مدرسو، استاد، سبق، امتحان، سُوال، جَواب، صحيح، غلط، عاليم، جاهِل، عَدل، عادِل، انصاف، مُنصِف، امانت، امِين، فيصلو، فتوا، دولت، مال، امير، وَزير، وزارت، وڪالت، اظهار، بَيان، باب، فصل، ربيع، خريف، عَقل، اڪابِر، رِسالو، فوج، مَحلات، مُشڪلات، حڪيم، حاڪم، طبيب، حبيب، عشق، عاشق، معشوق. مجنون، مفتون، مَحفل، مَجلس، شَمع، طمع، مَرضُ، مَريض، دوا، شَفا، علاج، صِحَت، اتفاق، اتحاد، الفت، شعر، شاعر، نظم، نثر، انقلات، اسباب، بندوق، قَتل، قاتِل، حَيات، موت، قوم، جماعت، مُلڪ، مَمالڪ، مَلائِڪ، عُمر، وَقت، سَن، تاريخ، اَجَل، جِسم، جشو، رُوح، راحَت، وَعدو، وَفا، مُخالف، مُوافق، تمام، حِيلو، وَسِيلو، فَنا، بَقا، صُوفي، فقير، مُرشد، مُريد، غريب، غَني، نَفعو، نُقصان، عام، خاص، خَلق، خِلقت، خالِق، مَخلُوق، رَعيــَّت، بَغاوت، ضِلعو، تَعلِقو، ظاهر، باطن، انسان، حيوان، شَخص، جَذبو، جُنون، اشتِها، اشتهار، طَعام، دَعوت، عداوت، مَطلَب، مَقصَد، مُراد، خيال، خوف، خَطرو، بَر، هَوا، مَضبوط؛ خَط، لِفافو، مُقرري، موقُوفي، اسِتِعفا، دِين، دُنيا، عاقِتَ، آخِرتَ، موقِعو، مُبارڪَ، داخِل، خارجِ، شراب، شربت، شَڪُّ، شُبهو، رُخصت، اجازَت، اَلبت، اِنتظار، عام، خاص، صَرّاف، حَجام، دَرزي، شَرِير، شَرارت، شُروع، دائم، قائم، صاف، صَفا، صَدري، قَمِيص، مَدَد، اِمداد، مَنصوبو، مَعلوم، اِختيار، مُختيار، قيد، قيدي، قَبول، مَنظور، تَحَرَّڪ، تَعلــُّق، باهه، فَتح، صُلح، حال، حالَت، صَلاح، صَواب، خطا، ثواب، عذاب، شِڪل، شَباهت، شَرط، سُروط، مَحفو، سُريتِ، عُبار، بُخار، جَمال، ڪمال، ڪَمالِيت، زَواليت، صُورت، تَصوِير، اِيمان، عَقِيدو، شاهد، شهيد، عَرش، ڪُرسي، اسرار، اشراف، ورَثو، ترڪو، تَجــَّلو، تحقيقات، تڪبير، تقدير، جلسو، تقرير، جلسو، تقرير، طاقت، طعنو، لِباس، جوراب، هِمت، حِشمت، قدر، قيمت، اِقرار، اِنڪار، فِڪر، غَمُّ، فَرحت، فَساد، فِهرست، سَير، غَير، شَرُّ، خَير، وغيره.

هي اڍائي سؤ کن لفظن نموني طور، هتي لکيا اٿم، جي قدرتي طور بنا خاص ڪوشش سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ آيل ۽ آندل آهن. اهي ۽ اهڙا هزارين دخيل (يا، ڪجهه ڦيرگهير سان مسند ٿيل) لفظ هندن، مسلمانن، شهرين ۽ ڳوٺاڻن وٽ عام جام ڳالهايا وڃن ٿا.

 

فارسي دخيل لفظن جي مختصر فهرست

آواز، آزار، آزاد، گرفتار، آبرو، آئينو، آبادي، بربادي، آرام، بي آرامي، آه، آگاهه، بار، باري، بافتو، شبنم، پشم، ريشم، پردو، پاسخاطري، دهل، دمامو، ڪوفتو، ڪباب، رنگ، رباب خوشي، شادي، خدا، خودي، مُردو، مُردار، زنده باد، بندو، بندگي، زندگي، گندگي، دوست، دشمن، هر روز، هر سال، هر هرتي، آمدني، روانگي، پيدائش، ويراني، پريشاني، صدي، هزار، گل، بلبل، باغ، بستان، چمن، گلستان، گلشن، گلزار، بارش، بهار، ناز، انداز، راز، نياز، ڪاريگري، هُنُر، آبدار، ڪاردار، دِلِ، جانِ، جانِور، شڪار، درد، دردناڪ، داستان، گَرُ (بيماري)، آزمايش، آزمودو، آزمودگار، جلد، بنا دير، ڪارخانو، باردانو، ڪاروبار، زبردست، زبردست، بيداد، بيدل، زر، زمين، زميندار، ڪاشتگار، سرمايه دار، مزدور، تازو، مرد، مردانو، زنانو، تارازي، ڪُهنو، در دروازو، آسمان، آستانو، درگاه، بارگاه، تنگ، ڪشادو، رنگين، رنگارنگ، رنگ برنگي، تيار، خوار، سڪار، دربار، بادشاه، شهنشاه، لشڪر، شهزادو، شهزادي، بارود، فرزند، دلبند، دلپسندد، تير، ڪمان، يار، همراه، چرخو، تار، پير، پير مرد، جوان، نوجوان، جوش، هوش، ديوانو، مست، مستي، بيگانو، چُست، سُست، نيڪي، بدي، گرمي، سردي، بي اندازي، بي شمار، شال، دوشالو، شاخ، درخت داناءُ، نادان، سُود، زيان، دام، زنجير، هستي، نيستي، درويش، تونگر، آرزان، گِران، بي بها، بيجا، روپوش، رُومال، دامَن، گريبان، پيرهن، شلوار، دُور، نِزدِيڪ، سرڪاري، خانگي، خاندا، خانداني، نوڪر، چاڪَر، نوڪر شاهي، شير، دلير، روانو، آب دانو، پيشوا، پيشگير، ته اخنو، بالاخانو، پائخانو، پاڪي، پائجامو، ڪوشِش، سرجوشي، زور، شور، بخت، تخت، مزو، مزيدار، پيغام، پيغمبر، نماز، روزو، دوزخ، بِهِشت، گشت، سوار، پيادو، انجام، انجامنامو، دستاويز، بندوبست، آتش، آتشبازي، فرياد، فريادي، سزا، سزاياب، سخت، نرم، سرد، گرم، زخم، مرهم، جنگ، سپاهي، چيڪ، چاش، چاشني، چپاتي، ڪفگير، چلم، انجير، بادام، پسته، توت، شهتوت، بهيدانه، ناسپاتي، وغيره.

هي ڏيڍ سؤ کن فارسي لفظ آهن، جي سنڌ جا عام ۽ خاص پبلڪ ۾ عام جام ڳالهايا وڃن ٿا. اِهڙا نج فارسي لفظ (يا ڪجهه ڦير گهير سان مسند ٿي) سنڌيءَ ۾ ايترا آهن، جن جو شمار ڪرڻ ئي مشڪل آهي.

جيڪڏهن اهڙا عربي ۽ فارسي لفظ سنڌي مان ڪڍي ڇڏجن، ته نه ’عام‘ سنڌي ٻولي پنهنجو ڪم ڏئي سگهي، ۽ نه خاص ادبي سنڌي قائم رهي سگهي.

 

ڪن ٿورن ترڪي لفظن جي لسٽ

ترڪ سپاهي مغل بادشاهن جي زماني ۾ هندستان ۽ سنڌ ۾ گهڻو وقت رهيا. سنڌ ۾ اڃا تائين به ذات جا تُرڪ مسلمان موجود آهن. اهي ترڪ ذات جا، تعلقي دادو جي خداآباد ۽ ڦڪن جي ڳوٺ ۾ مون پاڻ ڏٺا آهن. اهي صفا سنڌي ڳوٺاڻا آهن. منجهن ڪابه نشاني ترڪن جي ڪانهي- نه صورت، نه شڪل- نه لباس نه ٻولي. هو نج سنڌي آهن؛ فقط ذات جا ترڪ سڏائيندا آهن. انهن ترڪن جي ڪري، ڪي ٿورا ترڪي لفظ به سنڌيءَ ۾ اچي ويا، پر اهڙا ترڪي لفظ سنڌيءَ ۾ اٽي ۾ لوڻ مثل آهن. اجهي هيٺيان ڪي ترڪي لفظ سنڌيءَ ۾ موجود آهن: چقمق، چاقو، قينچي، چاق، چليمچي، چغل، چِقَ (دروازي تي ٽنگڻ واري)، چمچو، چُغو، قابو، قُلي، بيرق، بغچو يا بقچو (بجڪو)، غاليچو، قلندر، قليج، قَنمچي (گهوڙي لاءِ چهبڪ) اوطاق، بورچي، اُزبڪ، سوغات، بيگ، بيگم، چِي (هي لفظ جدا نه ايندو آهي، ڪن اِسمن ۾ گڏيل هوندو آهي، جهڙو گهڙيالچي، نغارچي، مشعلچي)، قاشقو (چمچو)، طمانچو) قَنات، سوغات (اڃا ٻيا به اهڙا لفظ لڀندا مگر ٿورا). 

انگريزي دخيل لفظن جي لسٽ

انگريزن جي حڪومت کان پوءِ، انهن سان لڙهه وچڙ رکڻ، يورپ جي نون ايجادن ۽ انگريزي تعليم جي ڪري، سنڌيءَ ۾ انگريزي جا به سدها لفظ داخل ٿي ويا آهن، جي سنڌي ٻوليءَ جو جزو ٿي ويا آهن ۽ اهڙا لفظ اڃا به داخل ٿيندا رهن ٿا ۽ داخل ٿيندا رهندا. آءٌ ڪي ٿورا اهڙا لفظ مثال طور هتي لکان ٿو:

ريل، لائين، اسٽيشن. ٽڪيٽ، ٽائيم، مارڪيٽ، اسڪول، ماستر، هيڊ ماستر، ڪاليج، پروفيسر، ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر، اسپتال، ڪورٽ، ڪيس، سَمَن، وارنٽ، پوسٽ، آفيس، آفيسر، اسٽام، وي.پي، مني آرڊر، پارسل، مئنيجر، ايڊيٽر، مئجسٽريٽ، جج، بليف؛ ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪمشنر، گورنر، جنرل، گورنمينٽ، مِنسٽر، في، ڊگري، بئنڪ، سوسائٽي، ائسوسي ايشن، باٿلي، گلاس جَڳ، پليٽ، ڪوپ، ساسر، ٽوال، واچ، واچ ميڪر، ڪوٽ، واس، ڪوٽ، پتلون، بوٽ، سليپر، ڊيرس، سويٽر، بٽن، فلالين، درجن يا ڊزن، نوٽ، ووٽ، ووٽر، لسٽ، اسيمبلي، ڪائونسل، ڪاؤنسلر، لوفر، لاليٽن، ڪالرا، پلنگ، لوڪل بورڊ، ميونسپالٽي، ممبر، نمبر، آنرري، اسپيشل، ريزيڊنٽ، پريزيڊنٽ، چئرمن، وائس پريزيڊنٽ، وائس چئرمن، سيڪرٽري، جائنٽ سيڪرٽري، ليڊر، پليڊر، ڪلارڪ، سپريڊنٽ، اسسٽنٽ، پوليس سي-آءِ. ڊي، انسپيڪٽر، سب انسپيڪٽر، اسٽاف، اردلي، پينشن، پينشنر، رپورٽ، نوٽ بڪ، نوٽ پيپر، مارڪ، ٽيلي گراف، ٽيليفون، گراموفون، رڪارڊ، ريڊيو، لاؤڊ اسپيڪر، اسٽيج، اسپيچ، اِسپيڪر، ريزوليوشن، بِل، پبلڪ، اِسڪرو، روڊ، بگي، موٽر، ڪار، بَنس، ربڙ، ٽاير، ٽيوب، لاري، پاسينجر، پاس، پاسپورٽ، انڊپين، پينسل، رائفل، پستول، سڪيولر، آرڊر، اِسٽيم، اِسِٽيمر، اسپرٽ، اليڪٽري، گاسليٽ، پيٽرول، مشن، رون (رائونڊ)، ڪمپائوند، ڪؤنين، ڊوز، ڊپازٽ، اَڊوَنس، ڪلاس، فرسٽ ڪلاس، سيڪنڊ ڪلاس، انٽر ڪلاس، ٿرڊ ڪلاس، هوٽل، ڪيڪ، بسڪوٽ، ڪافي، لمليٽ، سوڍا، آرنج، راسبيري، پيناپل، چاڪليٽ، ڊبل، سنگل، باڪَس، ٽفن، باڪَس، ماچيس، ڊڪشنري، ڪارڊ، رجسٽر، پارسل، بلٽي، ڪٻاٽ، الماري، ٽيبل، بينچ، اِسٽول، ڇاپ (شاپ)، گدام، چيمبر، جيل، جيلر، سپريڊنٽ، ڊپارٽمنٽ، فُل، پريس، تائيپ، ڪمپازيٽر، ائڊريس، پلئٽ فارم، ڪواٽر، هيڊ ڪواٽر، بم، ڪانگريس، ڪانفرنس، ليگ، پوزيشن، پيگ، ڊسمس، فيملي، وغيره.

هي ٻه سؤ کن انگريزي لفظ لکيا ويا آهن، جي هوبهو، يا ڪجهه ڦيرگهير سن مُسنــّد ٿي، اسان جي سنڌيءَ ۾ اچي ويا آهن. هي ٿورا لکيا اٿم، پر انهيءَ کان گهڻو گهڻا انگريزي لفظ سنڌيءَ ۾ ڪم ايندا رهن ٿا، ۽ ڏسجي ٿو ته وقت بوقت وڌندا ئي رهن ٿا.

 

انگريزيءَ کان سواءِ ٻين يورپين ٻولين جا لفظ سنڌيءَ ۾

ڏسجي ٿو ته انگريزيءَ کان سواءِ ٻين يورپين ٻولين جا لفظ به سنڌيءَ ۾ ”دخيل“ يا ڪجهه ڦيرگهير سان مَسنــَّد ٿي آيل آهن؛ آءٌ ڪي ٿورا مثال پيش ڪريان ٿو.

اَمليٽ (فرينچ)، ڪمرو (اٽالين)، نيلام يا ليلام (پورچگيز)؛ پادري (لئٽن)؛ فالٽو (پورچگيز)، ڦيٿ (فِٽا- پورچگيز)، پگهار (پگا- پورچگيز)، ٽرينگ (ٽرنڪ- پورچگيز).

انصاف سان ڏسبو ته اهي انگريزي ۽ ٻين يورپين ٻولين جا لفظ سنڌيءَ ۾ زور زبردستيءَ سان آندل نه آهن. نڪي ڪنهن ڪوشش سان سنڌيءَ ۾ ٽنبيا ويا آهن. هي قدرتي طور ۽ سڀاويڪ انگريزن جي اثر سان پاڻهيءَ سنڌيءَ ۾، ساڳيءَ طرح سڄي هندستان ۾ پکرجي ويا آهن. جهڙيءَ طرح اهي انگريزي لفظ پاڻهيءَ سنڌيءَ ۾ آيا آهن، تهڙيءَ طرح ئي عربي، فارسي ۽ ترڪي لفظ به قدرتي طرح سنڌيءَ ۾ آيل آهن. انهن سڀني ٻولين جا ”دخيل“ توني مُسنــَّد لفظ، هاڻي سنڌيءَ جو جزو ۽ عضوو ٿي ويا آهن، جن کي جيڪڏهن ڪپي، ٽُڪي، سنڌيءَ جي جسم کان جدا ڪبو، ته سنڌي ويچاري، جا ادبي اوج کي پهتل آهي، ۽ دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين وانگي، پيرين سيرين ٿيل آهي، سا لنگڙي لُولڙي ۽ منڊي ٽنڊي ٿي پوندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org