سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آفتاب ادب عرف ساهت جو سج

 

صفحو : 5 

تنهن کان سواءِ، هندو شاعرن جا ڏوهيڙا بِرج ڀاشا ۾ اڃا تائين به مشهور آهن، جن ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ ڀريا پيا آهن..

سڪندر لوڌيءَ جي زماني ۾، ڪبير ڀڳت بنارس جو باشندو مشهور صوفي شاعِر ٿي گذريو آهي. هو اڻ پڙهيل هو. ڀڳت صاحب، گرو رامانند جو چيلو هو، پوءِ پاڻ ايڏي وڏي درجي کي وڃي پهتو، جو پنهنجو هڪڙو خلاصو پنٿ برپا ڪيائين، جنهن کي ”ڪبير پنٿ“ چيو وڃي ٿو. هنن وڏا وڏا ڪتاب ٺاهيا. اهڙي بزرگ جي ڏوهيڙن ۾ به بيشمار فارسي ۽ عربي لفظ موجود آهن. هن جو هڪڙو ڏوهيڙو مثال طور هتي لکان ٿو:

دِن گوايو دُني سي، نه آئيو هاٿِ،

پير ڪهاڙي ماريو گا، ڦل اپني هاٿِ؛

ڪبير سرير سراءِ هي، ڪِبون سوئي سک چين،

ڪوچ نگارا سانس ڪا، باجت هي دِن رين.

هن ڏوهيڙي ۾ هيٺان فارسي ۽ عربي لفظ آهن:

دِن (عربي)، دُني (دنيا- عربي)، سَراءِ (مسافر خانو- فارسي)، ڪوچ (فارسي، نگارا (نقاره- عربي).

گرونانڪ صاحب جن پنجاب ۾ هڪڙي خاص قسم جي ”پنجابي هندي“ ڳالهائيندا هئا ۽ سندن گرنٿ صاحب به انهيءَ ئي ٻوليءَ ۾ رچيل اهي، پر سندن گرنٿ ۾ عربي ۽ فارسي لفظ ايتري قدير ته گهڻا رل مل ٿيل آهن، جو ڪنهن به ٻئي هندي ڪتاب ۾ نه ڏسبا.

گرونانڪ صاحب جن سن 9000 هجري، مطابق 1550 عيسويءَ، ۾ هن سنسار مان چالاڻو فرمائي، هن زندگيءَ جو چولو مٽايو. انهيءَ کي ساڍا چار سؤ کن سال گذريا آهن. انهيءَ وقت به ”هندي پنجاي“ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو داخِلو، سو به گرونانڪ صاحب جن جهڙي بزرگ جي ”گُرٻاڻيءَ“ ۾ ڏيکاري ٿو ته اهو ڪو زور زبردستيءَ سان ٿيل ڪونه هو، بلڪ هندو مسلم ملاپ سبب ئي ٻنهي ٻولين جو ميلاپ ٿيل هو. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻولين جو ميلاپ دلين جي ميلاپ جي نشاني آهي. گرونانڪ صاحب جن جي ته مشن ئي هئي ”هندو مسلم ايڪتا“: انهيءَ ڪري جيڪي به هندو مسلم ايڪتا جا ڪوڏيا هوندا آهن، سي اکرن ۾ ڪين اڙبا آهن. هن کي يڪ وجودي ۽ انسانيت جوئي عشق هوندو آهي. هو انهيءَ عشق جي چاڙهيءَ تي ئي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن. هو ٻلين کي ڀاڪرين ملائي، ڌرين جي دلين کي پاڻ ۾ مِلائي ڇڏيندا آهن. آءٌ هتي گرو صاحب جن جي گرنٿ مان ٻه ٽي پيارا شلوڪ نموني طور کان ٿو، جي دل کي ڏاڍا پيار لڳن ٿا. گرونانڪ صاحب جن سنسار جي سرجن هار سائينءَ جي دربار ۾ هٿ جوڙي؛ آراڌنا ڪن ٿا ۽ فرمائين ٿا:

ساس ماس سڀ جيو تمهارا، تو هي کرا پيارا؛

نانڪ شاعر. ايو ڪهت هي، سچي پروردگارا.

وارن جاؤن اُن اِڪ بار- تو سدا سلامت، جي نرنڪار.

رڳو هنن ٻن شلوڪن ۾ به ”شاعر“ (عربي). ”پروردگار“ (فارسي)، ”بار“ (فارسي)، ”سلامت“ (عربي) لفظ موجود آهن.

”بابا تسلي داس“ 27 صدي عيسوي ۾ ٿي گذريو آهي. هو ضلعي ”باندا“ (يو- پي) جو مشهور برهمن بزرگ هو. هو شاعر به لاثاني هو ۽ فقير به بي نظير. بابا تسلي داس، رامائن جو ترجمو ڀاشا ۾ ڪيو آهي، جو سڄي هندستان ۾ مشهور آهي؛ تنهن کان سواءِ بابا صاحب ڏوهيڙا به گهڻا چيا آهن. ڏوهيڙن ۾ به ڏسبو ته عربي ۽ فارسي لفظ ڀريا پيا آهن، پر رامائڻ جي ترجمي ۾ به عربي ۽ فارسي لفظ گهڻائي لڀن ٿا.

بابا تسلي داس رامائڻ جي ترجمي ۾ فرمائي ٿو:

سنڪاري سيوڪ سڪل چلي، سوامي رک پائي،

گهر تروتر. بن باگ، بر ڊيرا ديو لگائي.

________________

گهر بسواس بچن هٽ ٻولي- ڪتني بهنگ ڪله پي کولي

_______________

رام انيڪ گريب نواجي- لوڪ بيد بربر دٻراجي

_________________

مايا ڪو مايا ملي، ڪر ڪر لمبي هاٿ،

تلسيداس گريب ڪي ڪوئي نه پوڇي بات.

هنن شعرن ۾ عربي ۽ فارسي لفظن جا اچار جيتوڻيڪ ڀاشا زبان، ۽ انهيءَ طرف جي رهندڙن جي زباني، مجبوريءَ سببان، ڦريل آهن، ته به اهي لفظ صاف صاف عربي ۽ فارسيءَ جا آهن. جهڙيءَ طرح مٿين شعرن ۾ هي لفظ عربي ۽ فارسي آهن: ”تر“ (فارسي)، ”باگ“ (باغ- فارسي)، ”بر“ (عربي)، ”ڪُله“ (ڪُلاه- فارسي). ”گريب نواج“ (غريب نواز- عربي ۽ فارسي)، گني (غني- عربي)، ”گريب“ (غريب- عربي).

ساڳيءَ طرح سورداس جي هنديءَ جي مشهور ڪوي (ساعر) سري ڪرشن جي مهراج جي واکاڻ ۾ گهڻو ڪلام چيو آهي. سندس شعر عام خاص وٽ ڏاڍو مقبول آهي. سندس شعر پڙهبو ۽ ڏسبو، ته ڪوبه عربي ۽ فارسي لفظن کان خالي نه لڀندو. سورداس جي هڪڙي هنڌ فرمايو آهي:

مايا ڌام ڌن ڌنتا، بانڌيون هون اس ساج،

(ساز- فارسي)

سنت سڀئي جانت هون، تو نه آئيو باج،

(باز- فارسي)

کيت بهت ڪاهي تم تاني، سين سني آواج،

(آواز- فارسي)

ديو نه جات پار اتر آئي، چاهت چڙهين جَهَاج،

(جهاز- فارسي)

ليجي پار اتار سون ڪون، مهراج بِرج راج،

نهين ڪرت ڪهت پرڀو تم سون، سد گريب نواج.

(غريب نواز- عربي- فارسي)

مٿين بزرگن ۽ سنتن جي ڪلام مان ثابت ٿئي ٿو ته هنن هندي ڀاشا جي مئو مال هوندي به عربي ۽ فارسيءَ کان ڪن چيدن لفظن وٺڻ ۾ ڪو عار ڪونه ڪيو آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي مِلاوت کان بُڇان نه ڏيکارجي، پنهنجي ٻوليءَ جي ترقيءَ جو دائرو تنگ نه ڪجي. اها تنگ خيالي ۽ تنگدلي چئبي. ٻولين جي واڌاري جي نڪا آهي حد، نڪو حساب. جئن جئن زمانو وڌندو رهي ٿو، تئن تئن ٻوليون به وڌنديون رهن ٿيون. ڏسو ته مٿين هندو بزرگن جون دليون ڪهڙيون نه بزرگ هيون ۽ هنن جو دماغ ڪهڙو نه اعليٰ هو! هنن پنهنجن خاص ڌرمي ڪَنوِتائن (شعرن) ۾ به ٻين ٻولين جي ملاوٽ کير ۾ کنڊ جي برابر سمجهي. هنن عربي ۽ فارسي لفظن کي پنهنجي ڌرمي ڪوتائن ۾ آڻي، وڏي عزت ۽ آڌرڀاءُ ڏني. ڇا جيڪي عربي ۽ فارسيءَ جا انهن لفظن سنتن پنهنجي ڪلام ۾ آندا آهن، انهن جهڙا لفظ هندي يا ڀاشا ۾ نه ٿي ملي سگهيا؟ ڇو نه ٿي ملي سگهيا، برابر ملي سگهيا ٿي، پر هنن  ٻوليءَ ۾ ڇوت ڇات جو مرض نه آندو. هنن جي وقت ۾، عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ اڃا گهڻا آيل ڪين هئا، ته به هنن مالَ ۽ حالَ آهر انهن ٻولين جا لفظ خوشيءَ سان قبوليا ۽ پنهنجي ڪلام ۾ آندا.

جئن جئن دنيا ترقي ڪئي، تئن تئن ٻولين جي آمَد ۾ به ترقي ٿي، ۽ ترقي يافتا لفظ اچڻ لڳا، جن جي اچڻ سان سڀڪنهن ٻوليءَ جي ساهت ۾ سونهن ۽ سينگار وڌڻ لڳو.

 شاهه، سچل، سامي ۽ ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام ۾ عربي ۽ فاسي جا انبار سنڌ ۾ به جن جن، بزرگن ۽ درويشن لوڪ پسند سنڌي لٽريچر جو بنياد وڌو ۽ سنڌي نظم ۽ نثر جي شروعات ڪئي، تن به اهو خيال اصل ڪونه ڪيو ته پنهنجي نظم يا نثر ۾ سنڌي ٻولي هندڪي يا ملسمانڪي ويچار سان لکجي. درويشن ۽ صوفين جو ’ڪلام مسلمانن، توڻي هندن لاءِ هڪ جهڙو هادِي هو. هنن پنهنجي نيڪ نيتيءَ سان جيڪي لکيو، تنهن سڀني جي سيني ۾ گهر ڪيو، ۽ سڀئي سندن ڪلام ۽ ڪمال جا قائل ۽ مائل ٿيا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل صوفيءَ جي ڪلام سان جيتير قدر هندو ڀائرن عزت ۽ محبت ڏيکاري آهي، سا سڀڪنهن کي معلوم آهي. انهن ٻنهي بزرگن جي ڪلام ۾ ٽَصو ُّف ۽ فقيري نڪتن جي ئي اپٽار آهي. انهن جو ڪلام ڪو مذهبي ڪلام ڪينهي، تنهن هوندي به شاهه جي ڪلام ۾ اسلامي مذهبي ڳالهيون به ڀريون پيون آهن، اسلامي عقيدا به لکيل آهن، اسلامي فلسفو به بيان ڪيل آهي، اسلامي لفظ به عام جام ڪم آندل آهن ۽ عربي فارسي لفظ ته اڪيچار آهن. ايترين خاص ڳالهين هوندي به اڄ ڏينهن تائين شاهه جي ڪلام جي عزت ۽ حُب ّ جيڪا هندو ڀائرن کي آهي، سا جڳ پرسد ۽ اَلَم نَشرَح آهي. ڪڏهن به ڪنهن هندو علم دوست انهيءَ ڪري ته شاهه جي رسالي ۾ اسلامي عقيدا ۽ اسلامي اصطلاح، عربيءَ جا جملا ۽ فارسيءَ جا لفظ ڪم آندل آهن، کيس بڇان جوڳو نه سمجهيو. انهيءَ مان ثابت آهي ته ٻولين جي ٻيائي، دلين جي دوئي نه آهي. شاهه جي رسالي ۾ جيڪڏهن پنهنجي وقت جي عام ۽ نج ٻولي لکيل آهي ته منجهس خاص ٻولي به ججهي آندل آهي، جهڙو جهڙو بيان تهڙي تهڙي ٻولي شاهه ڪم آندي آهي.

هي به قبول ڪرڻو پوندو ته جيتوڻيڪ شاهه مِٺي ۽ مزيدر لذيذ ۽ هردل عزيز ٻولي ڪم آندي آهي ۽ منجهس عربيءَ جا اوکا ۽ اُوچا لفظ به ڪم آندا آهن، ته به هوءَ اسان جي موجوده عملي ۽ ادبي ٻوليءَ جهڙي نه آهي- سبب ته شاهه کي نڪو منطق لکڻو هو، جي ريسرچ (Research) يا کوجنا ڪرڻي هئي ۽ نڪي عربي ۽ فارسي وغيره ٻولين جا صحيح اشتقاق لکڻا هئا: انهيءَ ڪري، هن وقت جي ادبي ٻولي؛ قدرتي طرح، اڳئين زماني جي ادبي ٻوليءَ کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ نرالي آهي. آءٌ شاهه، سچل، سامي، بيدل ۽ ٻين سنڌي بزرگن جي ڪلام مان عربي ۽ فارسيءَ جي ملاوٽ جا ڪي ٿورا نمونا پيش ڪريان ٿو.

 

شاهه جي رسالي مان ڪن ٿورن خالص عربي لفظن جي فهرست

عليم، عالَم، اعليٰ، قادر، قائم، واحد، وحده، رازق، رَب َّ، رحيم، حمد، ڪريم، خاص، مولا، حامي، هادِي، صحابي، لاشريڪ، تسبيح، نفس، جام، جنت، اِلا الله، حقيقت، طريقت، معرفت، اِيمان، قلب، قلوب، لِسان، فائف، فرمان، وحدت، ڪثرت، جَل، جلالُه، جمال، ڪمال، سلطان، خَلق، اَجَلُ، قصر، مشاهدو، نظارو، عظيم، سعادت، عِبادت، وصال، رقيب، قَهــَّار، سَنــَّار، عين، سلام، ڪلام، حلال، حرام، انوع؛ شفا، فَرق، صبر مقابلو، شاڪِرُ، مامُوي، حُضوري، لاهوتي، عاجِز، حيلو، وسيلو، بُرقعو، صَلاح، قضا، ڪيف، خمار، ساقي، شراب، توحيد، طير، طيور، ڪبرياءُ، مُلاقي، صوفي، لاڪوفي، جَبار، خفي، جَلي، فُرقان، اِسم اعظم، دَور، مطالع، عزرائيل، سبيل، سابق، عِرفان، بِسم الله، نحُ، صرف، جمع، ڪِراماً ڪاتيبن، سُبحانَ الله، ڪَنزُ، قُدُورِي، ڪافِيه، دؤدِي، اِمامُم، نقطو، خالق، روضو، سعيو، رواج، سجدو، اُمــَّت، نَفسي، نفسي، صراحي، رعد، فِيل، ڪفار، آثار، سيادت، مقابِل،  خليل، فاني، فنا، في الله، تابع، مُلوڪُ، اَ َّول، آخَر، صُبُوح، مجازي، جريد، مَعذُوري، جَفائون، عَبَثُ- هي مون تمام ٿورا لفظ خالص عربيءَ جا شاهه جي رسالي جي ڪن داستانن مان، مٿاڇريءَ طرح، هٿ ڪري نموني طور لکيا آهن، نه ته شاهه جو ڪلام سڄو انهن کان به وڌيڪ خالص عربي لفظن سان ڀريو پيو آهي. هاڻي مٿيان لفظ پڙهو ۽ چئو ته اِهي نج سنڌي ٻوليءَ جا آهن؟ ڇا عام ماڻهو مٿين لفظن مان هي لفظ بنا سمجهائڻ سمجهندا؟ ڇا عام ماڻهو هندو ۽ مسلمان ڳوٺاڻا هي لفظ عام طرح ٻوليءَ ۾ ڪم آڻيندا آهن؟ لِسان، وحدت، ڪثرت، اَجل ُّ، قصر، سعادت، سيادت، وصال، رقيب، عينُ، انواع، ماموري، معذوري، لاهوتي، ڪيف، خمار، ساقي، طَير، طَيُور، ڪبرياءُ، لاڪوفي، خفي، جلي، فرقان، اسلم اعظم، دَور، مُطالع؛ عزرائيل، سبيل، سابِق، عِرفان، نحو، صرف، جمع، ڪراماَ ڪاتبين، ڪَنزُ، قُدُوري، ڪافِيه، نفسي نفسي، صراحي، رعد، فِيل، خليل، في الله، صُبوحُ، مجازي، جريد، عَبَثُ.

 

شاهه جي رسالي مان ڪن ٿورڙن فارسي لفظن جي فهرست

شاهه جي رسالي ۾ فارسي لفظ ٿورا آهن، سڄو رسالو عربي لفظن سان ڀريل آهي، انهيءَ ڪري آءٌ ڪي ٿورا فارسي لفظ شاهه جي رسالي مان هتي لکان ٿو.

خوب، رهنما، رباب، ڪباب، هر زمان، آزار، روبرو، ناؤڪ، رنجوري، دوست، روز، جوش، بوءِ، خوشبوءِ، تَنور، پوشِدو، سردار، ماه، مادر، مست، سينو، بازي، بازنده، ڪلاه، پيالو، خنجر، نيڪ، پرزا پرزا، زيان، تِير، ڪمان، چاڪ، ناز، نُماء، رنگ، غم گذار (غم گسار)؛ ابر، هرجاءِ، ارزان، بدي، سبزا، باغ، بهار، ساز، سلحدار، فرزند، خاتون، لرزيا، تشنگي، عذر خواهي، تنها.

هنن فارسي لفظن ۾ به ڪيترائي لفظ اهڙا آهن، جي عام ماڻهو نه ڳالهائيندا آهن ۽ نه سمجهندا آهن. مثلاً رهنما، هر زمان، ناؤڪ، انجوري، بازنده، غم گذار، اپر، سلحدار، تشنگي، تنها، وغيره وغيره.

 

سچل جي ڪلام مان ڪي عربي لفظ

ضلالت، محڪوم، تقليد، تجريد، تفريد، مُشرڪ، فارغ، مُدعا، عقبيٰ، قلزم، رحل، مُخَنــَّث، خزينته، الفقر فخري، الفقر لايحتاج، القدر، خيانت، لحم، دم (رَتُ)، الاشياء، عينها، اخفانا، عَبِيدي، صُم ّ، بُڪمُ، ڪشف قبور، تمڪين، تلقين، نَفسُڪ، صريح، تلافي، فروعي، طاعت، طباخي، معدومي، رقص، زهد؛ نفلاتي، رجماتي، غماز، نَخوت، سيف، زقوم، ميثاقي، درڪ، مرغول، قالو.

 

ساميءَ جي ڪلام مان ڪي خاص عربي ۽ فارسي لفظ

ساميءَ جا سلوڪ جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي سنسڪرتي سنڌيءَ ۾ آهن سا سنڌي، نه عام ڳالهائي وڃي ٿي ۽ نه خاص، بلڪ هڪڙي قسم جي اهڙي ٻولي آهي، جهڙي ڪو مسلمان عالم گهڻي کان گهڻي عربي مِلائي لِکي- تنهن هوندي به منجهس بيشمار خاص عربي ۽ فارسي لفظ موجود آهن. آءٌ تمام مختصر طرح اهڙا لفظ لکان ٿو.

عربي لفظ- ثابوتي، علاج، فارق، ڪُلــّي، خاص، قلوب، عضوو، غار، قدرت، مُرشِد، صلاح، ڪامِل، معمور، حبيب، صولت، مذڪور، عمل، محڪم، مشغول، حرام، عيد، رَعيــّت، صبوري، الق، مالڪ، غيب، قهار، عدل، تڪيو، ٿالث، خالص، والث (وارث).

فارسي لفظ- شناخت، جفا، خفا، خودي خواري، خام، خواب، گمان، گناه، سخن، برحال، بي شمار وغيره.

ساميءَ جا سلوڪ درسي طرح هندن ۽ مسلمانن کي ورهين کان وٺي پڙهايا وڃن ٿا، مگر ڪڏهن به ڪنهن اعتراض ڪونه ورتو ته ”هيءَ سنسڪرت سان ٽمٽار ٿيل ٻولي، جا عام فهم به نه آهي ۽ ڪن خاص ڄاڻن جي ڄاڻڻ جهڙي آهي، سا زبردستيءَ سان ڇو ٿي مڙهي وڃي؟“ جيڪي اهڙي ٻولي نٿا ڄاڻن، تن جي اها فراخدلي چئبي، جو اهڙي اوکِي ۽ انوکِي ٻوليءَ جو ڪتاب پڙهڻ قبوليائون. هيءُ هڪ وڌيڪ مثال آهي هن حقيقت جو، ته ٻوليءَ ۾ دلين جي دوئي آهي ئي ڪانه.

 

بيدل جي ڪلام مان خاص عربي ۽ فارسي لفظ

بيدل فقير جو ڪلام ته شاهه جي ڪلام کان به وڌيڪ خاص ۽ اعليٰ عربي لفظن سان ڀريو پيو آهي. آءٌ ٿورڙا مثال پيش ڪريان ٿو.

عربي لفظ- خاص الخاص، جَلوا ذاتي، حواس، اَينَماتَو لُوا، ثَم َّ وَ جہ اُلله، في اَنفُسِڪُم،سنبل شهودي، اَلحدُ (اَلاَحَدُ)، صِفاتي، زلف، اِثباتي، رمزين، غمزين، وحدت، ڪثرت،نوع بنوع، لاريب، لاخلافي، تلويح، توضيح، تلافي، تنقيح، في الاصل، اختلافي، مُناظره، طوافي، بشرحاقي، تقويٰ، ساجد، قُم، بِاذنِي.

فارسي لفظ- رمزشناس، مئي، نگار، گلبدن، سرو، سمن، سوسن، لاله، نرگس؛ منصبدار، رخ، گلفام، خزان، بَردا، سرخيل، ارمغان، نِهاني، گريز، هَمه.

بيدل جي ڪلام ۾ عربي لفظن کان فارسي لفظ گهٽ آهن. بيدل جي ڪلام ۾ اهڙا لفظ نج سنڌيءَ جا ۽ عام فهم ڪين چئبا. جيتوڻيڪ فقير صاحب اهو ڪلام عام هندو مسلمانن لاءِ چيو هو. جو اڄ تائين هندو مسلمان ڳائيندا رهن ٿا.

 

رشي ڏيارام گدومل جي ڪتاب مان خاص الخاص عربي لفظ

رِشي ڏيارام گدومل، جو سنڌ جو مشهور مڻيو ۽ چمڪدڙ هيرو ٿي گذريو آهي، تنهن هڪ ڪتاب نالي ”چابُڪَ (مَنَ لاءِ). ۽ رهاڻ“ لکيو آهي، جنهن جي ٻولي عام ۽ خاص سنڌيءَ کان بلڪل نرالي ۽ سنسڪرتي سنڌي آهي. باوجود انهيءَ جي به مٿئين صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ اهڙا ته اوچا اوچا عربي لفظ وڌا آهن، جي خاص الخاص چئي سگهجن ٿا. آءٌ مثال طور بلڪل ڪي ٿورا لفظ انهيءَ ڪتاب جي ڀاڱي 2 ڇاپي 1926ع مان ڪڍي پيش ڪريان ٿو، جن جي ڏسڻ سان سڀڪو سمجهي سگهي ٿو ته اڳين نيڪ انسانن ٻوليءَ بابت ڪهڙي نه فراخدلي ڏيکاري آهي.

جبر، قَدر، مُســَّببُ الاسباب، مُنقطع، طئي، تَبديل، تَرديج، وَجد، سُبحانُ، مڪاشفات، مُطلق، مُعزم، عَيــّار، طارَم، طائِر، قُدسُ، ناطِق، رُوه اَلامِين، اَلحَمد، محدود، عين، عيان، عين اليقين، عين الحيات، نقيض، نغمات، مُخاطبو، وغيره.

رشي ڏيارام جي سڄي ڪتاب ۾ بيشمار عربي لفظن سان گڏ، بي انداز فارسي لفظ پڻ موجود آهن.

 

ڳالهائڻ جي عام ٻولي ڪهڙي (هئڻ) گهرجي؟ اخباري ۽ ڪتابي ٻولي ڪهڙي؟

مٿي جيڪي لکي آيو آهيان، تنهن مان سڀڪو سمجهُو ماڻهو سمجهي سگهندو ته عام ٻولي، جنهن کي ”نج“ ٻولي چئجي، سا ٻي آهي ۽ ڪتابي (ادبي) ٻولي ٻي. ڪتابي يعني ادبي ٻوليءَ جو درجو، درجي بدرجي ”عام“ ٻوليءَ کان مڙيئي اُوچو ۽ اعليٰ آهي. اخباري ٻولي بنهي جي وچ ۾ ڦرندڙ آهي. اخباري ٻولي ڪڏهن عام ٻوليءَ جي روپ ۾ لکجي ٿي ۽ لکڻ گهرجي ۽ ڪڏهن ادبي رنگ ۾. جنه مضمون جو لاڳاپو عام لوڪن سان هوندو. اُهو مضمون عام ٻوليءَ ۾ لکڻ گهرجي ۽ لکڻو پوندو، ۽ جنهن مضمون جو تَعلَــُّق ۽ واسطو خاص علمي ۽ ادبي ماڻهن سان هوندو، اُهو علمي ۽ ادبي زبان ۾ ئي ادا ڪبو. جيڪي علمي ۽ ادبي مخزن آهن، تن ۾ ته ضرور ادبي ٻولي ئي لکڻي پوندي ۽ ادبي محاورا، ادبي اصطلاح ۽ ادي الفاظ ئي ڪم ايندا.

ڪتابن ۾ به ڪتابن جي حالت ۽ حيثيت موجب ئي عمارت لکبيئ جيڪڏهن ڪتابن جو مصمون عام لوڪن، هارين، نارين، مزورن ۽ اَڻپڙهيلن سان واسطو رکندڙ هوندو، ته اهو مضمون اهڙيءَ طرح ٻولي ۾ ئي لکڻو پوندو، جا عام فهم ۽ آسان هجي. هارين نارين، مزورن، ۽ اڻپڙهيلن ۾ هندو، مسلمان ۽ عام ڳوٺاڻا اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن اهڙن مضمونن ۾ ادبي الفااظ ۽ علمي اصطلاح، اوکا اکر ۽ اوچا شبد ڪم آڻا يا اهڙي عربي لفظ لکبا جي هندو ته هندو، مورڳو اڻپڙهيل مسلمان به نه سمجهن، ساڳي طرح جيڪڏهن سنسڪرت ۽ هنديءَ جا اهڙا شبد شامل ڪبا. جي مسلمان ته مسلمان، پر ڳوٺاڻا ۽ اڻپڙهيل هندو به نه سمجهن ته اهڙي ٻولي اڻ سمجهندڙ ٻڌندڙن لاءِ اِنساني ٻولي نه چئبي، بلڪ جنن ۽ ڀوتن جي ٻولي پئي ڀانئبي.

هتي هڪڙو نقل ياد آيو اٿم، جو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ لکان ٿو: هڪڙي عربيءَ جي عالم ڪا زراعتي زمين ورتي اها زمين آباد ڪرايئين. جڏهن پوک ۾ لابارو پيو ۽ فصل ٻار ۾ وڃي گڏ ٿيو تڏهن هڪ دفعي اهو بزرگ سڌ سما وٺڻ ويو. ڏٺائين ته هارين ٻار کي اڃا لوڙهو ڪونه ڏنو هو ۽ فقط ڍنگهر گڏ ڪري رکيا هئائون، انهيءَ ڪري ڀيل ٿيڻ جو امڪان هو. بزرگ جڏهن ڏٺو ته ٻار اڃا بنا لوڙهي پئي آهي، تڏهن پري بيٺل هاريءَ کي هَڪَل ڪري، فرمائڻ لڳو ”او ميان مُزارع! تو اڃا خرمن جي خاربندي ڪانه ڪئي آهي؟“ هاريءَ ويچاري نه ”مُزارع“ جي معنيٰ سمجهي ۽ نه ”خرمن“ ۽ ”خاربنديءَ“ جو مطلب!

هاري حيران ٿي پڇڻ لڳو ته ”قبلا! الاجي ڇا ٿا فرمايو؟“ بزرگ تيئن طيش ۽ غصي ۾ اچي پنهنجو مٿيون ڪلام بلاغت نظام دُهرائڻ لڳو. آخر جڏهن هاريءَ ڪجهه نه سمجهيو، تڏهن بزرگ ڪاوڙ ۾ ڀرجي فرمائڻ لڳو ته ’لاَ حَولَ وَلاقُوةَ‘،جاهلن ۽ مجهولن سان اچي دامن وابسته ٿي آهي!“ غريب هاري وات ڦاڙي حيران رهجي ويو. هن ويچاري جو ڪهڙو قصور؟ هو ڇا سمجهي ته ”مزارع“ ڪهڙي جانور جو نالو آهي؟ ”خرمن“ ڪهڙي بلا آهي؟ ۽ ”خاربندي“ ڪهڙو جيت؟ بزرگُ خاربنديءَ جي پچر ڦٽي ڪندو، خارون کائيندو روانو ٿي ويو.

جيڪڏهن بزرگ پنهنجي انهيءَ جِنــّاتي ڪلام جي بجاءِ رڳو هيئن چوي ها ته ”اوميان هاري! تو اڃا ٻار کي لوڙهو ڇو نه ڏنو آهي؟“ ته نه هاري ويچارو حيران ٿئي ها ۽ نه بزرگ ايترو پريشان. تعليمي ۽ اسڪولي ڪتابن جي ٻوليءَ جو درجو، ضڙور درجي بدرجي مٿاهون ئي ٿيندو ويندو. پهريائين شاگردن کي عام فهم ۽ ٻارن جي سمجهه آهر، پوءِ ٿورو وڌيڪ، تنهن کا پوءِ اڃا به وڌيڪ، آخر ادبي ۽ علمي درجي واري ٻولي سيکارئي آهي، تا ته هو هر نموني جي ٻوليءَ کان واقف ٿي، وڏي هوندي، ضرورت موافق عام ٻولي ۽ خاص ٻولي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگهن.

 

سنڌي زبان هينئر ڪشادي زبان آهي ۽ هن ۾ ڪشادگي ڪيئن آئي؟

ڏسجي ۽ جاچجي ٿو ته اڄڪلهه سنڌي زبان چڱي خاصي ڪشادي زبان آهي. هوءَ هر ڪنهن علم جي ترجمي لاءِ تيار آهي. هن ۾ علمي، فلسفي، منطقي، حڪمتي، ڪيميائي ۽ سائنسي اصطلاح موجود ٿي سگهن ٿا، مگر اها خوبي هن ۾ ڪيئن آئي؟ صاف ظاهر آهي ته عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين جي ئي مِلاوٽ سان آئي. سنڌي زبان جيڪا صورت سنسڪرت مان ورتي، سا فقط عام ٻولي ۽ معمولي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ هئي، مگر علمي ۽ فلسفي، حڪمتي ۽ منطقي علمن لاءِ منجهس سنسڪرت جو مصالو موجود ڪونهي. جيڪڏهن ضرورت وقت اهڙا علمي اصطلاح سنسڪرت مان ڳولي منجهس آڻبا ته اُهي لفظ اهڙا هوندا، جي دنيا ۾ عام طرح ڳالهايا نٿا وڃن ۽ اُهي زبردستيءَ سان کوٽي يا گهڙي، آڻڻا پوندا. جيڪي ٻوليون دنيا ۾ عام طرح ڳالهايون وڃن ٿيون، يا اُهي ڪن سڌريل ملڪن جون چالو ٻوليون آهن ۽ اُنهن جا لفظ دنيا جي علمي جماعتن ۾ عام طرح ڳالهايا ۽ لکيا وڃن ٿا، اُنهن ئي ٻولين مان عملي ۽ سائنسي اصطلاح سنڌيءَ ۾ آڻبا ته اَهڙا اَڻ ڀونيا ۽ اڻ ٻڌل معلوم نه ٿيندا.

هي ته علمي اصطلاح آهن، پر سڄي ٿو ته جن معنائن لاءِ اڳيئي سنڌيءَ ۾ سندس پنهنجا لفظ موجود آهن، انهن معنائن لاءِ ڪيترائي لفظ ٻين ٻولين مان اسان جي سنڌيءَ پاڻ ڏي ڇڪي ورتا آهن، جنهن ڪري ئي سنڌي زبان هينئر ڪُشادي ۽ وسيع ٿي چُڪي آهي، جا ڳالهه سڌريل زبان لاءِ ضروري آهي. ٻين ٻولين جي لفظن سنڌيءَ جي علمي ۽ ادبي شاخ کي نه فقط سرسبز بنايو آهي، بلڪ ميويدار به ڪري ڇڏيو آهي. اسين جيڪڏهن سنڌي زبان کي فقط عام ۽ ”نج“ ٻوليءَ جي دائري ۾ محدود ڪري، پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏينداسين، ته پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته هنن جي تعليم بازاري تعليم ٿي پوندي، هنن جي دماغن ۾ اعليٰ خيالن جي روشني پيدا نه ٿيندي، هن جو علمي مايو ناقص رهندو هو اڻپڙهيلن جهڙا ”پڙهيل“ ٿي پوندا.

اسان کي چالو تعليم تي وڏو اعتراض اهو ئي آهي ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سميت سائنس وغيره جي اهڙي اعليٰ تعليم ئي ڏني نٿي وڃي، جنهن سان اسان جا تعليم يافتا ڪنهن خاص ڳالهه جا مُوجد ٿي سگهن. عام راءِ اِها آهي ته پنهنجي مادري زبان ۾ هر ڪنهن علم ۽ سائنس جي اعليٰ ۽ ڪاوائتي تعليم ڏجي، تا ته پڙهندڙ جڏهن پڙهي واندا ٿين، تڏهن هنن جي دِماغ ۾ ايجاد جي طاقت پيدا ٿئي ۽ هو پنهنجي انهيءَ طاقت سان ڪي اهڙا هنر ايجاد ڪن، جي ملڪ ۽ خَلق لاءِ ڪارائتا ٿين، جئن ولائت ۾ تعليم يافتا وقت بوقت قسمين قسمين ايجاد ڪري، دنيا کي حيرت ۾ وجهندا رهن ٿا. مثال طور انجنيري عام کڻي وٺو! ڇا انجنيري علم جي سکيا ”نج“ سنڌيءَ ۾ ڏئي ۽ وٺي سگهبي؟ ڇا انجنيري علم جا اصطلاح بازاري ٻوليءَ مان ملي سگهندا؟ ضرور اهڙا اصطلاح يا ته انگريزيءَ مان آڻبا، يا ته ايشيا جي ڪنهن اهڙيءَ زنده زابن مان وٺبا، جنهن کان وقت بوقت اسان جي سنڌي زبان ڪشاديءَ دل سان مدد پئي ورتي آهي. پوءِ ڪيئن چئبو ته ”نج“ سنڌي زبان ئي تعليم لاءِ ڪمائتي ٿي سگهي ٿي؟

البت عام لوڪن کي مختصر ۽ عام تعليم لاءِ اعليٰ درجي ٻوليءَ جي ضرورت ڪانهي، پر سڄي ايندڙ نسل کي هروڀرو اعليٰ علمي ترقيءَ کان روڪي، معمولي پڙهيل بنائڻو ته ڪينهي؟ جن سائنسي علمن جي ضرورت دنيا ۾ آهي، سي به ته ڪن نه ڪن کي ضرور پڙهائڻا آهن! اِهي سائنسي علم به ته عام لوڪن لاءِ دنيا ۾ فيد ۽ ضروري آهن! ڇا ڊاڪٽرن ۽ انجنيرن ۽ تندرستيءَ جي اصولن جي ماهرن ۽ ٻين اهڙن هنرن جي ڄاڻن جي ضرورت عام ماڻهن کي نه آهي؟

سنڌي زبان تڏهن ئي علمي ۽ ادبي زبان ٿي سگهي آهي، جڏهن ٻين زنده زبانن کان مدد وٺڻ ۾ عار نه ڪيو اٿس، ۽ تڏهن ئي ترقي ڪري سگهي ٿي، جڏهن زنده زبانن کان مدد وٺڻ ۾ عار نه ڪندي.

 

هندو ودوانن ۽ مسلمانن عالمن، سنڌي خواندن ۽ انگريزي دانن جي سنڌي ٻوليءَ جا نمونا

هيءَ به صاف چوڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اهڙي ادبي زبان، جا پاڻ چئجي ۽ پاڻ سمجهجي، يا مشڪل سان ڪي خاص الخاص ماڻهو سمجهن، سانڪي ادبي زبان چئبي ۽ نڪي اهڙيءَ زبان کي اَدَبُستان ۾ ڪا جاءِ آهي. عربي ۽ فارسيءَ جي غير مشهور لفظن سان ڀري ڳالهائبي ته خود مسلمان به ڪين سمجهندا؛ ساڳيءَ طرح سنسڪرت ۽ هنديءَ جي اوکن شبدن سان ڀري ڳالهائبي، ته هندو به ڪين سمجهندا. آءٌ ٻنهي جا نمونا هتي لکان ٿو.

 

مسلمانڪي ”عالماڻي“ سنڌيءَ جو نمونو

هڪڙي عربيدان عالم جي سنڌيءَ جو نمونو، هڪڙي هاريءَ سان ڳالهائڻ وقت، مٿي لکي چڪو آهيان. واري به مسلمانڪي ”عالماڻي“ سنڌيءَ جو نمونو پيش ڪريان ٿو، جو گهڻو ڪري قابليت ڏيکارڻ لاءِ ڪتابن ۽ اخبارن ۾ لکندا، يا ڪنهن وقت عام ميٽنگن ۽ جلسن ۾ ڳالهائيندا آهن:

”حضرت! آءٌ پنهنجو عنديو بي تحاشا ۽ بالا ستِقصا اوهان جي بالمشافه بيان ڪري نٿو سگهان. منهنجو مضمون اگرچ بلاغت مشحون ڪينهي، نڪي قبائح کان مُستنيٰ ۽ قللزم نصائح جو دُرمڪنون آهي، ته به حتي الوسع سعي بليغ ڪري، اوهان جي خدمت و فيرالميمنت ۾ عرض رکان ٿو. توقع ته اوهين استحضار قلب سان منهنجي معروضات کي اِصڦاءُ ڪندا“.

 

هندو ”ودوان“ جي سنڌيءَ جو نمونو

هندو ”ودوان“ وري هن طرح، پنهنجي وياکياڻ وقت، ٻوليءَ جي مالها پُئي پيش ڪندا آهن:

”سجنو! اوهان جي واڪ، چتريه تي سنشا يوگ آهي. اوهان جي ڀاشا جو سانگ به لڀائيمان آهي. پرنتو مسشڪ جي پرڪرتا ۽ گيان جي پننتا اَشرچيا اُپٽادڪ ٿي به ست جو دگ درشن نٿي ڪرائي. اوهان جي شبدن سان پرتيت ٿئي ٿو ته اوهين ڪنگ ۽ ڪرن ڪٿو بشيشنو جي پريوگ جي چيشٽا ڪري رهيا آهيو. پرنتو سُمرن رهي ته ڪلوشٽ هردي جي آنترڪ ڀاءُ دوبش ۽ وچار شرنيتر کان ٻئي ويڪڻي جي اُتما تي ڪوبه وشيش ڀرياء نٿو پوي.“

هڪڙي ٻئي هندو عالم، پنهنجي هڪڙي سنڌي ڪتاب ۾، اِجهو هن طرح سنڌيءَ ٻوليءَ کي سينگاريو آهي:

سوال- ٻانهن ورائجي ٿي ته ڇوٿي وري؟

جواب- انسان جي مغز ۾ هڪ تنتو آهي، جنهن کي ”گيان تنتو پرنيڻا“ چئجي ٿو. جڏهن ٻانهن ورائڻ جو خيال ڪجي ٿو تڏهن مڻي ٻنڌاست کان وٺي، ڪور پراسٿ تائين زور اچي ٿو، ۽ اهو جڏهن اسڪنڌاسٿ تائين پهچي ٿو، تڏهن ٻانهن وري ٿي.“

سنڌي خواندن جي سنڌي ٻوليءَ جو نمونو لکڻ ضروري نه آهي. هو ويچارا وچٿرا آهن، ۽ وچٿروئي ڳالهائيندا آهن؛ مگر اڄڪلهه جي انگريزيدان جنٽلمينن جي ٻوليءَ جو نمونو لکڻ بلڪل ضروري آهي، ڇو ته اِنهن صاحبزادن جي رهت سهت ۽ بولت چالت ئي نئين نرالي آهي. جيئن هنن جي خوراڪ اور ته پوشاڪ به اور، اُٺُڪ عجيب ته بيٺڪ به عجيب، تيئن هنن جي ٻولي ته ٽولي ٿي؛ انهيءَ ڪري گلزار سخن جي هنن بلبلن جو ترانو ضرور ٻڌڻو ۽ ٻڌائڻو آهي- چمنستان زبان جي هن رنگين گلن جي ادبي بهار ضرور پَسڻي ۽ پسائڻي آهي.

 

انگريزدان جنٽلمينن جي سنڌيءَ جو نمونو

انگريزدان جون پنهنجي دوست مهربان، هم ڪلاس ۽ هم زبان سان اِجهو هن طرح حال ونڊي ۽ احوال اوري ٿو:

”يَرَ! (يار!) اڄ ٽينس جا پورا چار سيٽ کيڏيس، بلڪل ٽائرڊ يٿ پيس. خير! اوور ايڪسر سائيز ٿي پئي، پرائيٽ ونس وڃي ڪمپليٽ ريسٽ وٺندس. لاسٽ نائيٽ به پڪچرس تان ليٽ موٽيو هوس. اڄ اسٽدي به وئي. ويل نيور مائينڊ! اَفٽر آل، گيمس به ته نيسيسري آهن. اسين ته گِواپ ڪري نٿا سگهون. ايگزئم لاءِ پاڻهئي پيو پرپئر ڪبو.“

هاڻي ڪو ٻڌائي ته اهڙي ٻولي، جا يا ته عربي ۽ فارسيءَ جي بلڪل اوچن لفظن، يا سنسڪرت جي اوکن شبدن، يا انگريزيءَ جي اَپ ٽو ڊيٽ ورڊن سان ڀريل هوندي، سا عام يا خاص زبان يا ادبي ۽  ساهتي ٻوليءَ جي قطار ۾ ڪيئن شمار ڪري سگهبي؟

 

ٻاتن جي ٻولي ۽ ٻاتاڻا اُچار

هاڻي اچون ٿا ٻاتن جي ٻوليءَ ۽ سندن ٻاتاڻن اچارن تي. ساريءَ دنيا ۾ ڏسجي ٿو ته ڪي قومون ڪن ٻين قومن جي ٻوليءَ جا ڪي اُچار غلط ۽ ٻاتا اچارينديون آهن. هنن جي زبان صهيح اُچارن تي ورندي ئي ڪينهي. هو لاچار هوندا آهن. هنن جو وس ئي ڪونه هلندو آهي. هو ڄاڻي واڻي اکر بگيڙي ڪين چوندا آهن- قدرت جي طرفان هنن کي صحيح اچارن تي قدرت ئي ڪانه ٿيندي آهي: انهيءَ ڪري غلط اُچار معاف سمجها ويندا آهن- مگر انهيءَ جو مطلب اهو نه هوندو آهي ته انهن جا غلط اُچار انهيءَ ٻوليءَ ۾ جاءِ وٺڻ جا حقدار ٿي سگهن ٿا.

اهڙيءَ طرح ڪي اڻپڙهيل ماڻهو هروڀرو صحيح ۽ سَنون سڌن لفظن کي به غلط اچاريندا آهن، ته انهن جا غلط اُچار به ٻوليءَ ۾ صحيح نه سمجهيا ويندا. انگريز، ت، د، ڙ، ٻ، ڃ، ڏ، ڳ، گه، ڱ، ڻ، صحيح اچاري نه سگهندا آهن ۽ ڳالهائڻ مهل ”ت“ کي ”ٽ“ ۽ ”د“ کي ”ڊ“ ڪري اُچاريندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻين اکرن کي به سندن صحيح اُچارن سان ڪين اُچاريندا آهن. مثلاً ”تون تڪڙو تڪڙو در مان لنگهي وڃ“- انهيءَ جملي کي هو چوندا ”ٽُون ٽَڪرو ٽَڪرو ڊَرَ مان لنگهي وَنج“

ساڳيءَ طرح عَربَ ٻ، ڀ، پ، ق، ٽ، ٺ، ٿ، چ، ڇ، ڃ، ڌ، ڊ، ڏ، گ، ڳ، گهه، ڱ، ڻ صحيح سنڌي اُچارن سان اُچاري نه سگهندا آهن. مِثلاً ”ٻڪري ڀلي آهي؛ کير گهڻو ڏئي ٿي“: ”گل ڦل ڏاڍا ٺاهوڪا ٽريا آهن“: ”سچ پڇو ته اڄ ملڪ ۾ چڱن ماڻهن جي سُڃ آهي.“ اهي جملا عرب ماڻهو هن طرح اچاريندا: ”بَڪري بَلي آهي: ”ڪِير ڪَنو دئي تي“، ”جُل فُلَ دادا تاهوڪا  تِريا آهن.“ ”سَجُ بُجو ته اَجُ ملڪ ۾ جَغَن مانُن جي سُجّ آهي.“

اَيراني ۽ ٻيون روپ ۽ ايشيا جون قومون به ڪيتريون ئي ساڳيءَ طرح ڏسبيون، پر خود هندستان جي ڪيترن ئي پرڳڻن، بلڪ ڪيترن ئي پرڳڻن جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾، ڪيترن ئي حرفن جا اُچار صحيح ادا ڪيا نٿا وڃن.

مثال لاءِ گجراتي قوم ۾ ڪيرائي يو پيءَ جا رهاڪو ”ز“ جو اُچار زبان تي آڻي ئي ڪين سگهندا آهن. ”زبان“ کي جبان“، ”زور زبردستي“ کي ”جور جبردستي“ چوندا ٻڌبا. سنڌ ۾ به ڪيترائي ماڻهو آهن، جي ”ز، ض، ظ ۽ ڙ“ جو اُچار ڪڏهن به صحيح اُچاري نه سگهندا. ڪي ته وري اهڙا آهن، جي ”ڙ“ بجاءِ ته ”ر“، پر اُلٽو ”ر“ جي بدران ”ڙ“ ڪم آڻيندا آهن. اهڙا ماڻهو ”س“ جي جاءِ تي ”ش“، ”ش“ جي عيوض ”س“؛ ”ز“ جي بدران ”ج“، ”ج“ جي بجاءِ ”ز“؛ ”گ“ جي بدران ”غ“، ”غ“ جي بجاءِ ”گ“ اُچاريندا آهن. اهڙن بيوس ماڻهن جا اُچار ٻوليءَ ۾ سَنَدَ ٿي نٿا سگهن. نڪي اُهي غلط اُچاريل لفظ صحيح سمجهي، ٻوليءَ ۾ انهيءَ طرح ڪم آڻبا. جيڪڏهن ڪي اهڙا غلط اُچاريل لفظ پڙهيَن ۽ اڻپڙهين، هندن ۽ مسلمانن، يعني ملڪ يا پرڳڻي جي سڀني رهاڪن وٽ انهيءَ طرح ڪم ايندا هوندا، ته پوءِ اُهي ”غلط العام“ ۾ داخل ٿي سگهن ٿا، جئن مٿي ڄاڻايل آهي.

 

ٻاتن جي ٻوليءَ جا مثال

آءٌ اوهان کي اهڙن بيوس سنڌي ماڻهن جي ٻوليءَ جا مثال ٻڌايان ٿو، جي صحيح لفظن کي بلڪل غلط اُچاريندا آهن. مثالَ لاءِ هي جملو ٻڌو: ”ڳُڙَ جِي ٻيڙي روهڙيءَ کان رِڙهندي وئي“- انهيءَ جملي کي اسان جا اهڙا بيوس سنڌي هن طرح اُچاريندا: ”ڳُرَ جي ٻيري روهريءَ کان رِرَهندي وئي.“ ڪي وري هيٺيون مضمون هيٺئين طرح اُچاريندا آهن:

مُکتيارڪار شاحب! اَشان شان مشٽر شوڀن ڏاڍي جبردشتي لڳائي ڏني آهي. هو ته آهي جر جَمِين جو کاوند، اسين آهيون گريب مِشڪين. هن اسان جو زيرو ۽ زگر ئي زلائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اوهين اشان تان اِهو جُلم لاهيندا، ته اشين شُخر غُجار ٿينداشين ۽ گلام ٿي گجارينداشين. اهان کي جرور اشان جو کيال ۽ لِحاج رکڻو آهي. حجور کي اشان جو عرج آهي ته هِن وکَتِ هجارين ڪم ڇڏي به اشان جو کِيال ڪندا.“

هاڻي اوهين ويچار ڪري ڏسو ته ”ڳر، ٻيري، روهري، رِرَهندي، مکتيار، جبردشتي، جر، جَمين، کاوند، گريب، مِشڪين، زيرو، زگر، زلائي، جُلم. شخر، غُجار، گُلام، جرور، کيال، لحاج، حجور، عرج، وکت، هجارين“- اِهي ۽ اهڙا غلط اُچاريل لفظ ٻوليءَ ۾ ڪئن جاءِ وٺي سگهندا؟ اها عبارت صحيح طرح لکان ٿو، يا ته سمجهي سگهجي ته ٻاتي ٻوليءَ ۾ ڪهڙا لفظ ڦِري ٻيا ٿيا آهن:

”مختيارڪار صاحب! اسن سان مسٽر سوڀن ڏاڍي زبردستي لڳائي ڏني آهي. هو ته آهي زر، زمين جو خاوند، اسين آهيون غريب مسڪين. هِن اسان جو جيرو ۽ جگر جلائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اوهين اسان تان اِهو ظلم لاهيندا ته اسين شڪرگذار ٿينداسين ۽ غلام ٿي گذارينداسين. اوهان کي ضرور اسان جو خيال ۽ لحاظ رکڻو آهي؛ حضور کي اسان جو عرض آهي ته هن وقت هزارين ڪم ڇڏي به اسان جو خيال ڪندا.“

 لاڙ، سري ۽ وچ سنڌ جي ٻولي

اوهين مٿي پڙهي آيا ته سنڌي ٻولي هندن ۽ مسلمانن جي ڇِڪتاڻ سبب وچ ۾ گهلجي گينداڙجي رهي آهي. ٻئي ڌريون هن کي پاڻ ڏي ڇڪي رهيون آهن، جنهنڪري ويچاري هڪ حال ۾ نه آهي. هيءُ به اوهين مٿي معلوم ڪري چڪا آهيو ته عام ۽ نج ٻولي ٻي آهي ۽ ادبي ٻولي ٻي. اهو ورهاڱو دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ ڏسجي ٿو. نه علمي ٻولي ”نج“ ۽ ”عام“ ٿي سگهي ٿي ۽ نه عام ۽ نج ٻولي ”علمي“ ٻولي بنجي سگهي ٿي. علمي ٻولي ضرور علمي اصطلاحن سان ڀريل هوندي، جا عام لوڪ سمجهي ڪين سگهندا، انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي ٻنهي قسمن کي پنهنجي پنهنجي حد ۾ ئي رکڻو آهي. تعليم وٺندڙن لاءِ علمي ۽ ادبي ٻوليءَ کان سواءِ ٻيو چارو ۽ چاڙهو ئي ڪونهي. باقي سنڌ جي اُتر، پکڻ ۽ وچ واريءَ ٻوليءَ تي نظر ڪرڻي آهي.

ڏسجي ٿو ته سنڌ جي لاڙ ۽ سِري جي ٻولين ۾ وڏو فرق آهي. ايتريقدر، جو صدها، بلڪ، هزارها لفظ لاڙ واري حصي جا اهڙا آهن، جي سِري جا ماڻهو بِنِہ سمجهي ڪين سگهندا آهن. اهڙيءَ طرح سِري جي ٻوليءَ ۾ به ڪيئي اهڙا لفظ آهن، جي لاڙ جا ماڻهو مشڪل سمجهندا آهن. انهيءَ کان سواءِ ٿر ۽ ڍٽ جي ٻولي وچان ئي نرالي آهي. شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ ڏسجي ٿو ته سڀڪنهن قسم جي سنڌي ڪم آندل آهي، پر لار جي سنڌي ڪجهه مڙيئي سرس ورتايل آهي. جيتوڻيڪ لاڙ ۽ سِري جي ٻوليءَ جا خاص خاص لفظ ڏاڍا وڻندڙ ۽ پيارا آهن، پر اهي پنهنجي حد ۾ ئي ڪم اچن ٿا؛ لاڙ جي سِري ۾ ۽ سِري جي لاڙ ۾ ڪم نٿا اچن- ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾.

سنڌ جي انهن ٻنهي هنڌن کان سواءِ ٽيون هنڌ آهي ”سنڌ جو وچولو“. سنڌ جي وچولي جي ٻولي وڌيڪ وزنائتي ۽ زياده فصيح آهي. وچولي جي ٻولي، لاڙ ۽ سِري جي ٻولين مان سڌريل صورت ۾ بنيل آهي. وچولي ٻولي، لاڙ ۾ به ۽ سري ۾ به آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي، ۽ اِهائي علمي ۽ ادبي ٻولي سمجهي وڃي ٿي. اڪثر ڪتاب ۽ اخبارون انهيءَ ئي ٻوليءَ ۾ لکيون وڃن ٿيون. تعليمي ڪتاب ته خاص طرح وچولي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن ۽ لکيا وڃن ٿا.

وچولي سنڌ جون حدون، طول (ڊيگهه) ۾، گهڻو ڪري لاڙڪاڻو ۽ ان جي آسپاس کان وٺي، حيدرآباد ۽ ان جي ويجهي پسگردائيءَ تائين آهن؛ عرض (موڪر) ۾، درياء جو اولهه پاسو جبل کان سواءِ ۽ درياء جي اوڀرين ڀر، ساهتي پرڳڻو سڄو. انهن حدن کان سواءِ، اتر پاسو، ٻوليءَ جي ڪري، ”سِرو“ چئبو، ۽ ڏکڻ پاسو ”لاڙ“. لاڙ ۾ ”جڏهن“ کي ”جيهر“، ”تڏهن“ کي ”تيهر“ چوندا آهن. ڪوهستاني سنڌي ”اَسِين“ کي ”اَسُون“ ڳالهائيندا آهن. سِري ۾ ”هتي“ کي هِتڙي“، ”کٽون“ کي ”کٽان“، ”مون“ يا ”آءٌ“ جي بجاءِ ”مان“، ”رکندس“ جي جاءِ تي ”رکندم“ چوندا آهن. مثلا هئن چوندا آهن: ”مان هِتڙي کٽان رکندم“. انهيءَ نموني جي ٻولي خاص پنهنجن ئي حدن ۾ ڳالهائي سگهجي ٿي. ساري سنڌ لاءِ فقط سنڌ جي وچولي واري ٻولي ئي معتبر آهي.

آءٌ ڪتاب وڌي وڃڻ جي انديشي سببان انهن ٽنهي قسمن جي سنڌيءَ جا وڌيڪ مثال ۽ نمونا نٿو لکان ۽ اها ڳالهه پرهندڙن ۽ ايندڙن تي ٿو ڇڏيان.

اِنشاء پردازي

”اِنشاء پردازي“ مضمون نويسيءَ جي اهڙيءَ قابليت ۽ لياقت کي چئبو آهي، جو صرف، نحو، فضاحت ۽ بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مُڪَمــَّل هجي. مضمون جو هرهڪ فقيرو ائين پيو معلوم ٿئي، جئن موتين جي هار جي هڪ پوتل لڙهي، يا گلدستي ۾ ورهايل گلن جي قطارن مان هڪ خوشنما قطار. مضمون جنهن مطلب ۽ مقصد لاءِ لکيل هجي، ان جو هر پهلو نظر ۾ رکجي. خوشيءَ جو مضمون هجي ته منجهس ڪوبه اگُٿل هڙو لفظ نه آڻجي، جو خوشيءَ جي برخلاف هجي. غم جو هجي، ته ڪوبه اهڙو جملو منجهس نه اچي، جو خوشيءَ جي معنيٰ ۾ به ڪم ايندو هجي. جنگ جو ذڪر هجي ته جنگ جا لوازم (جنگ سان لاڳاپو رکندڙ ڳالهيون) چڱيءَ طرح بهادرانه انداز ۾ بيان ڪيل هجن. ٻولي به جنگي نموني جي هجي. صلح جو ذڪر هجي به جنگي نموني جي هجي. صلح جو ذڪر هجي، ته دورانديسي ۽ خود داري، تَدبر ۽ تدبِير سان صلح جا سوڻ ساٺَ ذڪر ۾ اندل هجن. تاريخي مضمون هجي، ته ٻولي به تاريخي ڍنگ جي هجي، نه شاعراني ۽ نه جاهِلاڻي. سياسي مضمون هجي، ته سنجيده، ۽ مُدَبِرانه طرز ۾ لکيل هجي، نه ظريفانه ۽ غير شريفانه نموني ۾. ظريفانه مضمون هجي، ته ظرافت جي خلاف منجهس دل آزار جملا ۽ ڪميڻا جملا نه هجن. بهار جو ذڪر هجي، ته بهار جي خوشهالي ۽ آباديءَ سان واسطو رکندڙ اسباب بيان ڪيل هجن. خزان جي خبر هجي، ته خزان جي خرابي ۽ برباديءَ جو پورو پورو نقشو کينچيل هجي. مضمون ۾ ٻوليءَ جا اهڙا لفظ ڪم آندل نه هجن، جي جهوني زماني ۾ ڪم آڻبا هئا، مگر اڄڪلهه استعمال ۾ نٿا اچن.

ٻاتي ٻولي به انشاء پردازي جي خلاف آهي. ڳوٺاڻن جي غلط اچارن کي به انشاء پردازي جي صحن ۾ پير پائڻ جي اجازت ڪانهي. خط هجي، ته جنهن ڏانهن به لکيل هجي، ان جي مانَ ۽ مرتبي موجب ٻولي ڪم آندل هجي، خط جو مضمون اهڙو مختصر به نه هجي، جنهن جي مراد ۽ مطلب سمجهڻ ۾ مشڪلات معلوم ٿئي. اهڙو طول طويل به نه هجي، جنهن جي لکڻ ۽ پڙهڻ واري جو اجايو وقت زبان ٿئي ۽ پڙهڻ وارو ڪَڪ ٿي پوي. جتي مختصر لکڻ مناسب هجي، تِتي طول طويل نه لکجي، جتي تفصيلوار لکڻو هجي، اُتي مختصر 7 مجمل نه لکجي. عبارت اهڙي ته سهڻي ۽ سلوڻي هجي، جو پڙهندڙن جو وات ئي پاڻي ڪري ڇڏي. لفظ اهڙا ته ڪم آندلهجن، جي ڪنن کي سُريلا ۽ رَسِيلا لڳن ۽ زبان تي تڪڙا ۽ هلڪا هلن. بد آواز ۽ ڳرا لفظ ڪم نه آڻجن. حقيقت، مجاز، تشبيہ، اِسعارو ۽ ڪنايو، جي سڀئي گڏجي، مضمون جي جسم لاءِ جانِ ۽  عبارت جي بدن لاءِ روحُ، ادب جي وجود لاءِ قلبُ ۽ ساهت جيسرير لاءِ ساههُ آهن، سي اهڙيءَ طرح ته آندل هجن، جو انهن جي ڪري مضمون جاندار ۽ عبارت زندهه معلوم پئي ٿئي؛ خاموش ڪاغذ گويا، ۽ ماٺيڻا لفظ ناطق پيا ڀاسجن. مضمون هڪ منڊيءَ مثال هجي، ته لفظ اُن جا نگينا. مضمون هڪ گلدستي گاهه پيو ڄاڻجي، ته لفظ اُن جا رنگين گل. مضمون ڄن جواهيءَ جو دُڪان هجي، ته لفظ اُن جا جواهر ۽ هيرا. مضمون آسمان سمان هجي ته لفظ اُن جا چمڪندڙ تارا. مضمون جيتريقدر رنگين هجي، اوتريقدر شرين؛ مضمون جيتريقدر شيرين هجي، اوتريقدر رنگين. ٻولي بازاري نه هجي، بلڪ ادبي. لفظ غلط آندل نه هجن، بلڪ صحيح. زبان ڦَسِي ۽ بي رسي نه هجي؛ عبارت ڪَسِي ۽ ڪُ چَسِي نهَ. جو لفظ جنهن معنيٰ ۾ ڪم ايندو هجي، اُنهيءَ ئي معنيٰ ۾ آندو وڃي. جيڪڏهن ڳالهه اهڙي هجي، جنهن ۾ طاقت ۽ زور هجي، ته اُڻ بابت مضمون به زوردار هجي. ڪنهن ڪمزور ڳالهه کي زور وٺائڻو هجي، ته لفظ اهڙا ڪم آڻجن، جو مضمون کي زمين تان کڻي، آسمان تي پهچائي ڇڏين. مضمون ۾ دلپذيري ۽ تاثير پيدا ڪرڻو هجي، ته الفاظ به اِهڙا آڻجن، جي دل ۾ چُڀندر ۽ ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي قبضو ڪندڙ هجن. مطلب ته هر هڪ ڳالهه پنهنجي پنهنجي حد ۾ پوريءَ طره ۽ شاندار نموني ۾ آندل هجي. اِنهيءَ کي چئبو آهي ”اِنشاء پردازي“.

اڳئين زماني ۾ فارسي زبان ۾ اِنشاء پردازيءَ جو گهڻو رواج هو. قابل تعليم يافتا، اِنشاء پردازيءَ ۾ وڏو نالو ڪڍندا هئا. قابل انشاء پرداز کي ”مُنشي“ سڏيو ويندو هو. هو فارسيءَ ۾ مضمون لکندا هئا، ته ڄن موتي ويهي پوئندا هئا. اڳئين زماني جا منشي هر ڪنهن مضمون لکڻ تي قادر هوندا هئا. هو حاڪمن جي پاران خانگي خط، سرڪاري خط، ڪاوڙ جا خط، قرب جا خط، غرض ته هر قسم جا خط لکندا ۽ ڪماليت سان لکي سگهندا هئا. ”اِنشاء ابوالفضل“ فارسيءَ ۾ انشاء پردازيءَ جو ڪم وڏي درجي وارو ڪتاب آهي، جو ابوالفضل جي لکيل خطن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ابوالفضل جا اڪبر بادشاهه طرفان حاڪمن ڏانهن لکيل سرڪاري خط ۽ ابوالفضل جا خود اڪبر ۽ ٻين دوستن ڏانهن پنهنجي طرفان لکيلخط گڏ ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ، منجهس ڪيترن ئي ڪتابن جا ديپاچا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن تي تقريظون يا سمالو چنائون ڪٺيون ڪيل آهن. اهي خط ۽ تقريظون پرهجن ٿيون، ته حيرت وٺيو ٿي وڃي. اِنشاء پردازيءَ جو پورو حق ادا ڪيل آهي. اِنشاء پردازيءَ جون سڀ صفتون منجهس موجود آهن.

اڳئين زماني ۾ اصطلاحي طور سهڻيءَ عبارت ۾ لکيل خطن جي مجموعي کي ”اِنشاء“ سڏيو ويندو هو ۽ اڃا به اهڙي ئي مجموعي کي ”اِنشاء“ سڏجي ٿو؛ مگر انشاء پردازيءَ فقط خطن جي مضمونن تائين محدود نه آهي. انشاء پردازي اُها آهي، جنهن جو بيان مٿي پڙهي آيا آهيو.

افسوس جو سنڌي زبان جي اَدَبَ ۽ ساهَت ۾ انشاء پردازيءَ جو، يا اهڙن سطن جي مجموعي جو رواج پيدا ئي ڪونه ٿيو، جنهنڪري مُصَنِفَن ۽ مضمون نويسن ۾ اعليٰ مضمون نويسيءَ جو جوهر پيدا ٿيڻ لڳي ها، قابل نثر- نويسن جي ڪثرت ٿئي ها، غلط لفظن لکڻ کي ٻُنجو اچي ها ۽ صحيح ادب جو سنڌيءَ ۾ واڌارو ٿئي ها. البت مولانا قاضي حاجي هدايت الله صاحب مٽياري، تعلقي هالا واري بزرگ جو هڪڙو ڪتاب نالي ”هدايت الانشاء“ لکيل موجود آهي، جو جهوني نموني جي سنڌي ادب جو عجيب و غريب نمونو آهي. پر اهو به بيقدريءَ جو نذر ٿي ويو ۽ هاڻي ناياب آهي. هاڻي به تعليم جي ڪورس (نصاب) ۾ ضرورت آهي ته ”انشاء پردازيءَ“ کي تعليم جو هڪ ضرور جزو بنايو وڃي. اميد ته تعليم جا اختياريءَ وارا هن طرف خاص ڌيان ڏيندا.

صورتخطي سچي ۽ صحيح لکڻ ضروري آهي

ڪجهه وقت کان وٺي، ڪن صاحبن جِي مرضي ۽ خواهش اها پئي ڏسڻ ۾ اچي ته ”ث“، ”س“ ۽ ”ص“ جو فرق ڪڍي، فقط ”س“ قائم رکجي. ”ت“ ۽ ”ط“ جو تفاوت ڪڍي، فقط ”ت“، ”ذ“ ۽ ”ظ“ جي بجاءِ رڳي ”ز“ لکجي. ”ع“ کي ”الف“ سان ۽ ”ق“ کي ”ڪ“ سان بدلائجي. جيڪڏهن ائين ڪبو، ته معنيٰ ۾ ايترو ته رولو پئجي ويندو، جو پڙهڻ وارا قدم قدم تي ٺوڪرون ۽ وک وک تي ٿاٻا کائيندا، معنيٰ سمجهڻ ۾ دماغ پريشان ٿيندن، لکپڙهه هنن لاءِ مصيبت ٿي پوندي، ڦريل صورتخطيءَ وارن لفظن ڏسڻ شرط سڄي معنيٰ ۽ گهربل مطلب سمجهه ۾ ئي نه ايندو.

آءٌ اِن بابت ڪي ٿورا مثال ڏئي، اوهان کي سمجهايان ٿو.

جيڪڏهن ”صورت“ کي ”سُورت“، ”چَق مَق“ کي ”چڪ مڪ“، ”حال“ کي ”هال“، ”شق“ کي ”شڪ“، ”صدا“ کي ”سدا“، ”قابل“ کي ”ڪابل“، ”ڪثرت“ کي ”ڪسرت“، روح کي ”روه“، ”قال“ کي ”ڪال“، ”قتل“ کي ”ڪتل“، غذا“ کي غِزا“، ”حق“ کي ”هڪ“، ”عدم“ کي ”ادم“، ”قصو“ کي ”ڪسو“، ”فقر“ کي ”فڪر“، “قمر“ کي ”ڪمر“ ڪري لکبو، ته هيٺيئن طح معنائن ۾، زير ۽ زبر جي نه هُئڻ سببان، وڏو رولو پئجي ويندو.

”صورت“ جي معنيٰ سڪل، ته ”سورت“ گجرات جو هڪ مشهور شهر. ”چق مق“ باهه دکائڻ جو مشهور پٿر، ته ”چڪ مڪ“ وات جو چقڪُ ۽ هٿ جي مُڪ. ”حال“ معنيٰ حالت يا خبر چار، ته ”هال“ معنيٰ وڏو صفو يا وڏو ڪمرو، ”شق“ معنيٰ ڦاڙ، يا چير، ته ”شڪ“ معنيٰ گمان، يا اڻپورو خيال. ”صدا“ معنيٰ پرلاءُ يا آواز، ته ”سدا“ معنيٰ هميشه. ”قابل“ معنيٰ لائق يا ڪامل، ته ”ڪابل“ معنيٰ افغانستان جي گاديءَ جو شهر. ”ڪثرت“ معنيٰ گهڻائي، ته ”ڪسرت“ معنيٰ پهاڙ يا جبل. ”قال“ معنيٰ قول يا ٻول، ته ”ڪال“ معنيٰ موت، يا ڏڪر. ”قتل“ معنيٰ ڪوس، ته ”ڪتل“ معنيٰ کجور. ”غذا“ معنيٰ کاڌو يا خوراڪ، ته ”غزا“ معنيٰ بهادرائي لڙائي. ”حق“ معنيٰ سچ يا سچي ڳالهه ته ”هڪ“ معنيٰ ايڪو،يا پهريون انگ. ”عدم“ معنيٰ نيستي يا نابودي، ته ”ادم“ معنيٰ سعيو يا ڪوشش. ”قصو“ معنيٰ ڳالهه يا ڪهاڻي، ته ”ڪسو“ معنيٰ کوٽو يا اڻپورو. ”فقر“ معنيٰ فقيري يا درويشي، ته ”فڪر معنيٰ ڳڻتي يا ويچار. ”قمر“ معنيٰ چنڊ، ته ”ڪمر“ معنيٰ چيلهه.

اهڙا سوين، بلڪ هزارين مثال ملي سگهندا، جن جي صورتخطيءَ جي جيڪڏهن صورت مٽبي، ته هڪ جي معنيٰ ٻي پئي نڪرندي!

آءٌ اوهان کي مٿي ذڪر ڪيل ڦريل صورتخطيءَ وارن لفظن جا ڪي جملا مثال طور لکي ڏيکاريان ٿو، نا ته اوهان کي معنيٰ جي مونجهاري جو اندازو آسانيءَ سان ٿي سگهي.

”آءٌ صورت ڏسي آيو آهيان“- ڇا، صورت يا سورت؟ ”چڪ مڪ سان ئي ڪم لاتم“- ڇا، چق مق يا چڪ مڪ؟ ”هن جو حال بلڪل خراب آهي“- ڇا، حالُ يا هال؟“ ”ڀلي سدا اچي“- ڇا، صدا يا سدا؟ ”مون ڏٺو ته ڪابل آهي“- ڇا، قابل يا ڪابل؟ ”ڪسرت چڱي نه آهي“- ڇا، ڪثرت يا ڪسرت؟ ”روههُ تتل آهي“- ڇا رُوح يا روههُ؟ ”تنهنجو جهڙو آهي هال، تهڙو ئي آهي ڪال“- ڇا، حال ۽ قال؛ يا هال ۽ ڪال؟ ”ڪتل ڪنهن کي به پسند ڪينهي“- ڇا، قتل يا ڪتل؟ ”گهڻي غزا چڱي نه آهي“- ڇا، غذا يا غزا؟ ”هو هڪ آهي“- ڇا، حق يا هڪ؟ ”ادم ڪري ڇڏ- ڇا، عدم يا ادم؟ ”هي سڄو ئي ڪسو آهي“- ڇا، قِصو يا ڪَسو؟ ”هن ۾ ته ڪو فڪر ئي ڪونهي“- ڇا، فقر يا فڪر؟ ”ڪمر جي ڪمال نه ڏس!“- ڇا قمر يا ڪمر؟

اهڙا لفظ هزارن جملن ۾ اهڙيءَ طرح ڪم اچن ٿا، جي جيڪڏهن صحح ۽ سچي صورتخطيءَ ۾ لکيل نه هجن، ته هوند گهربل معنيٰ ڪڏهن به ڏسڻ ۽ پڙهڻ شرط سمجهه ۾ نه اچي؛ انهيءَ ڪري صورتخطي ڦيرائڻ، يا انهن حرفن جي اُچارن کي هڪ حرف جي اُچار ۾ بند ڪرڻ جو خيال ۽ ڪوشش ئي عبث آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org