تناسب
ٽڙيو چمن ۾ گلاب جو گل، گهمي محبت ۾ مست بلبل،
پکين جو چؤطرف شور ۽ غل، بهار آيو بهار آيو!
____________
ٽلي چمن ۾ ٿيٽاري ٽاري، ٿيو فرش گلشن جو ميناڪاري،
ٿي جڳ ۾ چوڌاري اڄ بهاري، بهار آيو بهار آيو!
مشاڪلت
تون منهنجي عرض ڪرڻ تي به منهن کٽو ٿو ڪرين،
ڇا تنهنجي مرضي اها آ، ‘سِبي ڇڏيان اَن وات!‘
عڪس
صاحب تدبر ٿي ۽ تابع تقدير ٿي،
تابع تقدير ٿي ۽ صاحب تدبير ٿي.
لف و نشر
مرتب
منهن تنهنجو، ابرو تنهنجا، اکيون تنهنون اي عجيب!
چنڊ آهي، تيع آهن، مخمور مست آهن.
غير مرتب
ماه گذريا، سال گذريا، ساعتون گذريون ٻه- ٽي،
تنهنجي در تي، تنهنجي ڳولڻ لاءِ ۽ تو کان جدا.
مبالغو
اغراق
زلف ۾ محبوب جي، قيدي ٿي جڏهين منهنجي دل،
خوش ٿيا اغيار، پر ٿي يار جي دل بيقرار.
غلو
بلبلِ نالان کي اهڙو خارِ گل بيزار ڪيو،
جو ڇڏي صحنِ چمن کي عرش تي ڪيئين آشيان.
مدح مشابہ ذم
محبوب منهنجو حسن جي اقليم جو آ شاهه،
پر ملڪ پنهنجو سارو سخا ۾ لُٽي ڇڏيئين.
ذم مشابہ مدح
خوش رهه رقيب! منهنجي پرينءَ جي پَڙوس ۾،
جئن ڪو ڪتو رهي ٿو سخيءَ جي اڱڻ اڳيان.
____________
آباد ڪر اِلاهي! صياد جو تون خانو،
بلبل جو جنهن ڪيو آ ويران آشيانو.
____________
خدايا! مون اڇو ڪيو آهي منهن پنهنجو، مگر توبهه،
تون پنهنجي نُور، وحدت سان ڪجئن مُنهن منهنجو نُوراني.
____________
”پاڙ سائي تئيس شل“، بلبل چيو ٿي منجهه چمن،
هيءِ! خزان ويران ڪيو اڄ آهي منهنجي باغ کي!
____________
”ٻيڙي تريس“ تار ۾ مون کي ڇڏي ويو،
پهچاءِ پار يا رب، مون کي پرينءَ جي پار!
حشو
ملبح
ڏسان تو ڏي اگر ڪڏهين، چئين ٿو، ’بند ڪر اکيون‘،
اکيون پوريان سدائين جي، ته ٿو انڌو سڏين مون کي!
قبيح
تون ليليٰ عرب جي، آن مجنون عرب جو،
تون گل، آءٌ بلبل، قسم آهي رب جو!
علم بيان جا شعر
(دلالت التزامي)
تشبيهه
جي دنيا ۾ ڪو ديس مثلِ چمن ٿيو،
ته منهنجو مِٺو ۽ پيارو وطن ٿيو.
____________
سروَ جهڙو يار جو قد، چنڊ جهڙو منهن سندس،
نرگسن جهڙيون اکيون ۽ پان جهڙا لال لب.
____________
وٽيل چوٽو، کليل مُنهن، سهڻو قد محبوب منهنجي جو،
ٿيو ڄڻ مشڪر خالص، ماهتاب، ۽ سروِ بستاني.
____________
ڪيترو ئي نرم ٿي، آزيون نيازيون ٿو ڪراين،
ڪو اثر ظاهر نٿو ٿئي، ڄڻ ته دل پٿر اٿس.
____________
ڀڄان ٿو تيغ ابرو کان، ڪمان مان جئن ڀڄي ٿو گز،
ڊڄان ٿو مست چشمن کان، ڊڄي جئن شينهن کان ٻڪري.
____________
گلابي گُل ٿيا ڳل يار جا ۽ لب ٿيا لالا،
صنم جي سونهن چانڊوڪي، سمن ٿيو جسم جانيءَ جو.
____________
روشنيءَ ۾ يار جو منهن ڄڻ ته آهي آفتاب،
زلف دلبر جا سياهيءَ ۾ ٿيا اڌ رات ڄڻ.
____________
در در ٿو رلان دلبر، آن عشق جو ديوانو،
ڏس شمع، ته ڪئن آهي ديوانو پروانو!
____________
چمڪندڙ مُنهن يار جي ۾ آهي چمڪاٽ جي موج،
سون جو درياء وهندڙ ڄڻ ته لهريون ٿو هڻي.
مجاز
استعارو
ڏس ته لالا جي لبن تي ڇا نه لالائي لڳي،
پان لالا جان کي اڄ آهي کارايو بهار.
____________
دنيا جي گهر کي ڄاڻ سياڻا تون هڪ حباب،
اڀري به جلد، جلد فنا ٿي به ٿو وڃي.
____________
نير وارن جو لٿو، ڇو ته ڪيم نيرا پير،
هاڻي کاڏيءَ کي هڻي پوچي، اڇي پيو ٿو گهمان.
____________
کڻي اي قاصد، هي منهنجو خط اُڏام، اُڏام،
رساءِ يار کي جلدي، چئي ادب سان سلام.
____________
انقلابِ دهر کان اڄ ڪانوَ ڪارا ٿيا سفيد،
ڪانوَ ڪارا ٿيا ڪبوتر، شان بالا تن جو ٿيو!
____________
ٿيس خوش ته گل باغ ۾ آيو آ،
آن بلبل به ڊوڙي وڇي اُت رسيس.
____________
گڏهن تي گج پيا، هي زماني جو رنگ آهي!
ڊيلن جي جاءِ ڪانوَ وٺي ويا، ڪلنگ آهي!
____________
نرگسين چشمن مان موهيو مون کي، اُن سروسهي،
نرگسن کي پڻ لڄي ڪيئين، جن اکيون پوري ڇڏيون.
مجاز مرسل
ٿيو شرمسار باغ م اي گل! گل سمن،
پاتو جڏهين تو حسن سندو تن تي پيرهن.
____________
اَجهي ۾ تنهنجي اِجهو اڄ مٿو لڪايو مون،
اَجها! اَجهو ڏج مون، ڪج نه بي اَجهي مون کي.
____________
عشق جي باهه منهنجي دل ۾ اهه،
حسن جو نُور تنهنجي چهري ۾.
____________
ٻري ئي باهه وسيان، نٿي سامي سا،
ٿي تنهنجي لاءِ شرابي، ڪباب دل منهنجي.
____________
حالت منهنجي جي خبر آهي سڄي شهر کي، پر،
هي عجب آهي، جو تون ئي ٿو رهين ناواقف.
____________
ڪڏهن تون ملندين به مون سان؟ زبان ڪر هڪڙي،
رڙان پيو ٿو تنهنجي لاءِ روز شب، ڪَن ڏي!
____________
ڏسين ٿو آهيان فقط هڪڙي مٺ مٽيءَ جي، بس،
آ تنهنجي مرضي سنڀالينم، يا ڪرين برباد.
____________
ادا ۽ ناز سان پنهنجي مٺا مئي کي نه مار،
نه رُس! نه رُس! اي سڄڻ، تون رسي وڃين ٿو، مار!
تعريض
مثڪل سبزه آهيان، ڀل يار پيرن ۾ لتاڙ،
خار ناهيان، جو رسايان ڪنهن کي ڀي آزار آن.
ڪنايو
ايما
ڪمر ٻڌل ڏس آيو هُو قتل لئي منهنجي
ترار چيلهه سان، جئن سولجر، ٿئي دشمن.
رمز
راتيون جاڳان ياد ۾ دلبر جي ۽ تڪيان پيو واٽ،
ڳولي ڳوٺاڻو ٿو ٽيڙو ۽ ڪَتيون اڌ رات جو.
تلويح
مون تي ڪرم ڪرڻ ۾ تون ڪنجوس ٿو رهين،
هٿ بند آهي تنهنجو سدا منهنجي واسطي.
علم معاني جا شعر
(ڪلام فصيح ۽ ڪلام بليغ)
تنهنجي ڳولڻ لئي اکيون منهنجيون اٿيون،
پر نه آئين هٿ اکيون ٻوٽيم کڻي.
____________
در ڪيني ڇڏيندس تنهنجو، تڙين جي تون، ته به،
ڇڏ، يار، عمر پنهجي ساري اتي گذاريان!
____________
گلزارِ روُءِ يار جي ديدار واسطي،
نيڻ جي لاءِ منهنجي، ٿيو سرموخاڪ دوست.
____________
آهيان مجنون، آهيان بلبل، آهين ليليٰ، آهين گل،
آهيان قمري، آهيان ڪوئل، آهين سرو، آهين بهار.
____________
تنهنجي در تي ٿو ڏسان هو روسياه،
جيءُ جلي ٿو رک ٿئي، منهنجا سڄڻ!
____________
”وڃين ٿو گاڏي اي نادان دل جليا عاشق!
نه کاءُ ٿاٻا ٻئي در مٿي!“ چيم، ”آيس!“
____________
آهن جڳ جي وارث والي، شان سندس آ اوچو عال،
ڪين ڇڏيندم هٿڙين خالي، سائين منهنجو سرجنهار.
____________
”ڪهڙو تو وٽ هو پيارا ويٺو، اهڙي پيار سان؟“
- ”منهنجو نوڪر هو، ملازم هو ۽ هو خدمتگذار!“
____________
ڏسي گل کي بلبل ٿي حيران پريشان،
پسي برگِ گل وار ڪانڊارجي ويس.
____________
ڇوڪرين مون کي نصيحت ٿو اجائي ناصح!
ناصحِ مشفق محبوب منهنجو آهي، بس.
____________
جي حُسن مليو توکي، اي حسن جا مالڪ، ڏس!
الله ڪيو مون تي، پڻ عشق جو احسان!
____________
رهي شل سدا تنهنجي جاني، جواني!
ڏسين ڪونه ڏک شال جسماني، جاني!
____________
ڪالهه جنهن تڙپايو ٿي مون کي، ڏنئين آرام اڄ،
هو جو ڪلهه نامهربان، اڄ آهي سوئي مهربان.
____________
جيڪي تو مون سان ڪيو سو سڀ سَٺم،
جيڪي هن کان پوءِ ڪندين، سهندس پيو.
____________
جيڪي ٿي گذريو مٿم تنهنجي هٿان،
ٿي سو گذريو، ٿي سو گذريو- الا مان.
____________
عاشقِ پُر درد کي بيدرد ٿي، تو ماريو،
همدرد ٿين ها جيڪر، ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها!
____________
هن جي در جو آهيان بردو ۽ غلام،
ٿو ڪريان در تي سندس، سهسين سلام.
____________
هي آهي ساڳو، جنهن ٿي هلائون ڪيون مٿم،
اڄ آيو آهي مڪر ڪري، مهربان ٿي.
____________
سڀئي تو مان خوش ٿيا، مگر هڪڙو آن،
سڀئي مون مان خوش ٿيا، مگر هڪڙو تون.
____________
نه ٻُڪ ۾ پاڻي ٿو جهلجي، وڃي وٿين کان وهي،
نه هٿ ۾ تنهنجي ڪٽاري، نه دل ۾ تنهنجي قرار.
____________
ماريو توکي ڪنهن؟ ستايل چيو ته ”هن“،
ڪنهن مٿي تي هن کي چاڙهيو؟ چيم ته ”مون“.
____________
مون غمزده کي غمزن سان آهي ڪنهن ڪُٺو؟
مون کي ڪٺو آ يار، اهو ئي گواهه آهه.
____________
”ڇا؟ گهرين ٿو بار جي ڪوچي ۾ منزل، اي غريب؟
”’يار جي ڪوچي ۾ منزل ٿو گهران!، ها، اي رقيب!“
قصر
حقيقي
آزمايو توکي مون هر وقت اي خنجر بڪف،
عاشقن جي سِر اُڏائڻ لئي فقط قائل رهئين.
____________
تون ئي منهنجو روح آهين، تون ئي روحاني رهاڻ،
تون ئي راحت دل جي آهين، تون ئي دردن جي دوا.
____________
مون جو ڏٺو هي شهر ته سهڻن جو شهر آهه،
تن ۾ تون ئي آهين، تون سردار حسن جو.
غير حقيقي
پڏائن توکي تنهنجا ڇاڙتا ٿا ڇا مان ڇا دلبر!
مگر مون تو ۾ هڪڙو ئي ڏٺو گڻ ”فيوفا آهين“!
____________
نه چؤ آهين مون تي سدا مهربان،
ڀلا هيءَ ڪٽاري ڇو هٿ ۾ اٿئي؟
____________
مُکي ڇا مان ڇا پيا ٿا سمجهن اديب،
فقط آهيا آن شاعرِ خوش بيان.
فصل ۽ وصل
ياسمين و سنبل و سوسن، سمن سهڻا ڏسو،
اڄ سڄي عالم ۾ چوڌاري عجب ڇايو بهار.
____________
ٿي رت بسنتي، ٿي مُد گلابي، وئي خزان جي سڄي خرابي،
ٿي گل سان بلبل جي بيحجابي، بهار آيو بهار آيو.
____________
رنگ، رونق، سونهن ۽ سوڀيا ڏسي، تنهنجي سڄڻ،
گل کي، سج ۽ چنڊ کي آيون ڏندن ۾ آڱريون!
____________
گل ۽ بلبل، شمع ۽ پروانو، نيلوفر، ۽ ماه،
هي سڄو نقشو ئي اهڙو آهي، جهڙو مان ۽ تون.
ايجاز
ڳائين ڳيت ڀل ٻيا انگ انگ تنهنجي جا،
آن توکي منهنجا سهڻا، سڄو سهڻو ٿو سڏيان.
____________
چمن جي صحن مان ميڙي، صفا ڪيائين خزان جا پن،
بهار آهي اچڻ وارو ۽ اڄ گل تخت تي وهندو.
____________
خنجرِ ابرو سان تو ماريو لکن کي، مون کي پڻ،
وجهندا هٿ دامن ۾ تنهنجي روزِ محسر سڀ شهيد
اطناب
سهڻ جو ڪم سٽَڻ آ سر عاشقن جو سُهڻا،
ٿو سر سَٽڻ گهرين تون منهنجو به اي ستمگر.
____________
ڀلي هڻ، ڀلي هڻ تون ابرو جو خنجر:
هي سر منهنجو حاضر آ پيرن ۾ تنهنجي.
____________
ڪيو خوش تون مون کي، خوش هجين شل، ڪم چڱو تو ڪيو،
چڱن کان ئي چڱايون ٿيون پُڄن، منهنجا چڱا سدائين!
ڪلام مهمل
”يار سان قسمت منهنجي! جي وڃي لؤن لاتم،
ڀيڻسان، عشق ۽ معشوق مان آهيان ڦاٿو“.
____________
در جي دربان کي ڪجهه رشوت ڏئي پنهنجو ڪيم،
پر ڪُتو در جو، ڪتي جو پٽ دشمن ئي رهيو.
ٿي پڙهيو هڪ ڏينهن مون سهڻو سياست جو ڪتاب، فصلي فِرقن جي بيان جو، مختلف قومن جو باب. غور ڪيم هن حال تي، ٿئي ڪئن ٿو قومن جو ڪمال؟ ۽ اچي موٽي وري تن جي مٿان ڪئن ٿو زوال؟ فيض
جو درياءُ جن جو موجزن هو ملڪ ۾، جن جي دم سان عام روشن علم و فن هو ملڪ ۾. شمع عرفان، مشعلِ علم و چراغِ فضل و فن، نور، ايمان سان ڪيئو
روشن ٿي در هرانجمن. جن جي خُلق عام جو مداح هو سارو جهان، جن جي عدل و داد جو هو سارو عالم مدح خوان. هئي شجاعت ۽ عدالت جن جي، عالم لئي
پناهه، دشمن تي مهربان ها، دوستن لَئي دستگاهه. وقف جن جي عمر هئي هر وقت قربانيءَ جي لاءِ، جن جو طبخ گرم هو هر وقت مهمانيءَ جي لاءِ.
سايهء لطفِ الاهي سايه گستر هو مَٿِن،
پنهنجي فضل و لطف جو سايو وڌو ملڪن تي جن.
جن بنايو قُرب سان هو ملڪ ساري کي وطن،
جن ڪيو ويرانء عالم کي گلشن ۽ چمن.
جن بنائي ”مختلف قومون گڏي“ هڪڙي قطار،
جامء فرق و جدائي کي ڪيو جن تار تار.
سينا جن جا صاف ها، غل غس ۾ ڪين و بغض کان،
قلب ۾ قومن جي هو، جن جي محبت جو مڪان.
جن جي قربانيءَ جي دنيا ۾ ڪهاڻي عام هئي،
جن جي همت، پهلواني، ڪامراني عام هئي.
ملڪ جنهن ۾ پير جن جا پيا، بهارستان ٿيو،
علم و فن جن جو جتي پهتو، نگارستان ٿيو.
ٻچو ٻچو جن جو ملڪ و قوم لئي جانباز هو،
دشمنن لئي جن جو چنبو چنگلِ سهباز هوئ
گردشِ کردونِ دون کي پنهنجو تابعدار ڪيئون،
انقلاب دهر کي هڪ پنهنجو خدمتگار ڪيئون.
تيغ ۽ تلوار هو، جسمن جو تن جي وارُ وارُ،
شي ها، شمشير زن ها ۽ هو اڻگُس تن جو وارُ.
جن جي پيشانيءَ ۾ پيدا پهلوانيءَ جا نشان،
جن جي سِرَ تي، تاج شاهيءَ جو ٿي چميون زرفشان.
ڪين ٿو ڪاٿي ملي، اڄ جن جي جوڌن جو مثال،
جن جي همت جو مثال، ۽ مال جو، ڌن جو مثال.
منهن منور، بسينا اُڀريل، سر ها جن جا سربلند،
پوءِ پئي پيرن ۾ تن جي ڪئن غلاميءَ جي ڪمندا!
جي هئا خوشحال جڳ ۾، ڪئن ٿيا ڪنگال سي!
گردشِ چرخ ڪهن ۾ ڪئن ٿيا پامال سي!
مصري ۽ ماکيءَ کان شيرين جن جي گذري زندگي،
ڪئن وري بنجي پئي پوءِ زهر تن جي زندگي! |