سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آفتاب ادب عرف ساهت جو سج

 

صفحو : 6 

 

آفتاب ادب

عرف

ساهت جو سج

(ڀاڱو ٻيو)

 

 

علم بديع، علم بيان ۽ علم معاني

 

 

علم بَدِيعُ، علم بَيان ۽ علم مَعاني

 

انشاء پردازي ۽ اعليٰ مضمون نويسيءَ لاءِ علم بديع، علم بيان ۽ علم معانيءَ جو ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي. هنن ٽنهي علمن جو تفصيل گهڻو طويل آهي، انهي ڪري آءٌ هرهڪ مان ڪجهه ٿورو حصو هتي لکان ٿو، تا ته مضمون نويسن ۽ انشاء پردازن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه روشني ٿئي. جيڪڏهن حياتي هونديم ته آءٌ هنن ٽنهي علمن بابت هڪ خلاصو ڪتاب لکندس. افسوس ته سنڌي ادب لاءِ هن کان اڳ ههڙن ضروري علمن جي لکڻ جو ڪنهن به عالم خيال نه ڪيو آهي، نه تعليم کاتي جي طرفان انهن علمن جي تعليم جو ڪو انتطار ٿيلآهي. نه ته جئن سنڌيءَ جي صرف ۽ نحو بابت ڪجهه نه ڪجهه لکيو ويو هو، تئن انهن علمن بابت به انهيءَ ئي وقت ڪجهه نه ڪجهه پرٻنڌ ڪرڻ گهربو هو، تا ته اڄ اسان جا اديب، شاعر، مضمون نويس انهن علمن کان به آشنا هجن ها.

 

علم بديع- صنائع وَ بدائع

علم ”بديع“ جا ٻه قسم آهن: (1) ”صنائع لفظي“، (2) صنائع معنوي.“

”صنائع لفظي“ جي معنيٰ آهي ”ادبي ڪاريگريون“، جي لفظن ۾ رکيون هجن. (صنائع- جمع؛ صنعت- واحده) ”صنائع لفظي“ سان لفظن ۽ جملن ۾ سونهن ۽ سوڀيا پيدا ٿيندي آهي.

”صنائع معنوي“ سان معنائن ۾ خوبي ۽ محبوبي پيدا ٿيندي آهي.

آءٌ ٻنهي قسمن جا ڪي ٿورا نمونا لکان ٿو.

 

صنائع و بدائع لفظيءَ جا ڪي نمونا

اهڙا لفظ، جي لکڻ توڻي پڙهڻ ۾ هڪجهڙا هجن، مگر معنائون جدا جدا رکندا هجن؛ يا لکڻ ۾ هڪ جهڙا هجن، مگر پڙهڻ ۾ منجهن اعرابن جو تفاوت هجي- پهرئين کي ”تجنيس تام“، ۽ ٻئي کي ”تجنيس ناقص“ چئبو آهي.

تجنيس تام جا مثال

(فاعِلاتن مفاعلن فعلن)

وار ڇوڙي، جي مون تي وارَ ڪرين،

خوش ٿيان، جي هزار وار ڪرين!- ”حڪيم“

هن شعر ۾ ”وار“ جو لفظ ٽي دفعا آيل آهي، مگر جدا جدا معنائن ۾: (1) مٿي جا وار، (2) حملا يا اُلرون، (3) دفعا يا ڀيرا.

(مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن)

هزار گهمرا مون در تنهنجي تي  ڪيا  گهمرا،

مگر نه منهنجي اڱڻ ۾ تون آئين هڪ گهمرو!- ”حڪيم“

هن شعر ۾ ”گهمرا“ جو لفظ ٻه دفعا ڪم آندل آهي: هڪڙي جي معنيٰ ”ڀيرا“، ٻئي جي معني ”ڦيرا“.

”فعولن فعولن فعولن فعل)

ملڻ  لاءِ  تنهنجي  ڪَيَم  ڪيئي   وَسَ،

ڪَڪَرَ قربَ تنهنجي جي ٿي ڪانه وَسَ.- ”حڪيم“

هن ۾ ”وَسَ“ ٻه دفعا ڪم آندل آهي: هڪڙي جي معنيٰ ”حيلا وسيلا“، ٻئي جي معنيٰ ”بارش“.

(فعولن فعولن فعولن فعول)

خدا ترس آهين، ته ڪجهه وقت ترس،

خودي ڀڃ تَڪَڙِ ڇڏ، ته ٿين سڀ ۾ سَرس. – ”حڪيم“

پهرئين ”ترس“ جي معنيٰ ”ڊڄندڙ“، ٻئي جي معنيٰ ”دير ڪر“.

(فاعلاتن مفاعلن فعلات)

ڏس ته آهيان  اڳئي  آن   بيمار،

مارِ گيسو هٿان نه مون کي مارِ! – ”حڪيم“

ٻيءَ مِصرع ۾، پهرئين ”ار“ جي معنيٰ ”نانگ“، ٻيو امر ”مارڻ“ مان.

(مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

اگهو آهيان، سَگهو ناهيان، سِگهو ٿي يار، ٿي ساڻي،

منهنجي دِل درمند آهي، ٿي سُورن ۾ گهڻو ساڻي،

- ”حڪيم“

(مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلات)

ادا ۽ ناز سان پنهنجي، پرين، مئي نه مار،

نه رُس نه ُرس اي سڄڻ تون! رُسي وڃين ٿو، مار!

پهرئين شعر ۾ لفظ ”ساڻي“ ٻه دفعا آيل آهي: پهرئين جي معنيٰ ”ساٿي، همراهه، مددگار“، ٻئي جي معنيٰ ”عاجز، ٿڪل، درماندي، اَڌَ مُئي“.

ٻئي شعر جي پهرئين مصرع ۾ ”مار“ مارڻ مان امر؛ ٻيءَ مصرع ۾ ”مار“ حرف عجيب.

 (فاعلاتن مفاعلن فعلات)

 باري! مون تي نه وجهه تون بارِي بارَ،

سِرُ ڪريان توتان صدقي آن سؤ بارَ! – ”حڪيم“

هِن شعر ۾ ٻه دفعا تجنيس تال آيل آهي: هڪ دفعو ”باري“ لفظ ۾، ٻيو دفعو ”بار“ لفظ ۾. پهرئين ”باري“ جي معنيٰ ”ڌڻي پاڪ“، ٻئي جي معنيٰ ”ڳرا، وزندار“؛ اهڙيءَ طرح پهرئين ”بار“ جي معنيٰ ”ٻوجُهه“، بئي جي معنيٰ ”دفعا، ڀيرا“.

(فعولن فعولن فعولن فعولن)

مَٿِم ايترا تنهنجا آهِينِ ٿورا،

ڳڻيان جيترا؛ تيترا سي ٿورا. –”حڪيم“

(1) ٿورا= احسان (2) ٿورا= گهٽ

(فعولن فعولن فعولن فعولن)

ڪي خوشدل، ڪي خندان، ڪي نرٻل، نِماڻا،

ڪي ڪن ناز نخرا ۽ ڪي ڪن نَه ماڻا،

رکن ڪي ٿا سِرَ هيٺان سِرَ، ڪي، وهاڻا،

ڪي بدبخت بيڪار، ڪي بخت هاڻا،

ڪي عزت ۾ اعليٰ، ڪي اقبال وارا،

ڪي ذلــّت، زبوني ۽ بدحال وارا.

(”بهار ڪلام“ قادر جي قدرت نمبر- 2)

هن شعر جي ٽِينءَ سِٽ ۾ ”سِرَ“ جو لفظ ٻه دفعا ڪم آندل آهي: پهرئين جِي معنيٰ ”مٿو“، ٻئي جي معنيٰ ”مِٽيءَ جي سِرَ“.

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

ويس پنهنجي ديس جا پاتا وڻن، جي ٿا وڻن،

ديس پنهنجي کي ڏسو اڄ آهي ورسايو بهار.

”بهار ڪلام“

هن شعر ۾ لفظ ”وڻن“ ٻن هنڌ آيل آهي، جو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ هڪجهڙو آهي، پر معنيٰ ڌار ڌار اٿس:

(1) وڻن- وڻ جو جمع (2) وڻن- پسند اچن.

مٿين سڀني شعرن ۾ ”تجنيس تام“ آهي: جن لفظن ۾ تجنيس آهي، سي نه فقط لکڻ ۾ هڪجهڙا آهن، پر پڙهڻ ۽ اعرابن ۾ به هڪجهڙا آهن.

تجنيس ناقص جا مثال

(فعولن فعولن فعولن فعول)

وطن چوڻ اچو، تا شيون واپرايون،

نه ڪم اينديون هرگز شيون ڪي پَرايون،

ٻِيَن کان ئي اهڙو سبق ڀل پِرايون،

ڪِي سوچو ته ڇو پاڻ کي ٿا ڦَرايون،

وطن جي محبت جي آهي علامت،

ته اُن ۾ سڌارو ڪريون سان صنعت.

(”بهار اخلاق“- حب وطن)

هن شعر جي مِصرع 2 ۽ 3 ۾، لفظ ”پرايون“ ٻه دفعا آيل آهي: پهريون ”پ“ جي زير سان ۽ ٻيو ”پ“ جي زير سان- ٻنهي هنڌ لکڻ ۾ هڪجهڙو آهي ۽ اعرابن جو تفاوت آهي. انهيءَ کي تجنيس چئبو، پر ناقص.

(فاعلاتن مفاعلن فعلات)

يار، پاڻان نه ڪر تون مون کي ڌارَ،

در تي پنهنجي، پرين، نه ڌاريون ڌارِ. –”حڪيم“

هن ۾ ”ڌار“ لفظ ٻه ڀيرا ڪم آندل آهي، جو لکڻ ۾ ته هڪجهرو آهي، ۽ پڙهڻ ۾ پهرئين جي پڇاڙيءَ تي زير آهي ۽ پوئين جي پڇاڙيءَ تي زير- (1) جُدا (2) رک- امر ”ڌارڻ“ مان.

(مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن)

نه گاه گاه به تون ٿو ڪرين نِگاههَ مَٿِم،

نِگاههَ مِهر جي اي مهربانَ، ڪر مون تي! – ”حڪيم“

هن ۾ نهَ گاه“ ۽ نِگاهه“ ڪم آندل آهي: پهرئين مِصرع ۾ ”ن“ جي زبر سان ۽ ٻئي ۾ ”ن“ جي زير سان- معنيٰ ٻي-ٻي.

 

صنائع و بدائع معنوي جا ڪي نمونا

ايهام: ”ايهام“ جي معنيٰ لغت ۾ آهي ”وهم ۾ وجهڻ“: اصلاح ۾ اهڙا لفظ جن جون ٻه- ٻه معنائون هجن ۽ ڪلام ۾ ٻئي معنائون وٺي سگهجن.

(فعولن فعولن فعولن فعول)

تنهنجي عشق جي منهنجي دِل ۾ سُئي،

ڏِئِي ڪاٿي ڪا مون نه اهڙي سُئي.

– ”حڪيم“

پوئينءَ مصرع ۾ ”سُئي“ جون ٻه معنائون آهن: (1) سُئي- يعني ٻُڌي، (2) ”سئي“ سبڻ واري. جيڪا به معنيٰ وٺبي ته پيئي ٺهندي. هن ۾ تجنيس تام به آهي.

(فاعلاتن مفاعلن فعلات)

وارَ ڇوڙي، جي مون تي وار ڪرين،

خوش ٿيان، جي هزار وار ڪرين!

- ”حڪيم“

هن شعر جي قافيي ۾ لفظ ”وار“ ٻه دفعا آيل آهي: جيڪڏهن پهرئين ”وار“ جي معنيٰ ”حملا“ ۽ ٻئي جي معنيٰ ”ڀيرا“ وٺبي، ته به ٺهندي، پر جيڪڏهن ٻئي جي معنيٰ به ”حملا“ وٺبي، ته به پيئي ٺهندي، اِنهيءَ شعر ۾ تجنيس تام به آهي، جئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي.

مُراعاتُ النــّظِير يا تَناسُب: ”مراعاتُ النظِير“ يا ”تَناسب“ اهڙيءَ ادبي قابليت کي چئبو آهي، جو ڪلام ۾ هڪٻئي سان مناسبت ۽ واسطو رکندڙ شيون بيان ڪجن.

(مفاعلاتن مفاعلاتن مفاعلاتن مفاعلاتن)

ٽڙيو چمن ۾ گلاب جو گل، گهمي محبت ۾ مست بلبل،

پکين جو چوطرف شور ۽ غُل، بهار آيو، بهار آيو!

”بهار ڪلام“

هن شعر ۾ بهار سان مناسبت ۽ واسطو رکندڙ شيون ئي بيان ڪيل آهن، بهار جي مند ۾ گلاب جا گل ٽڙندا آهن، بلبلون گلن جي محبت ۾ ڄڻ مست ڏسبيون آهن؛ باغن ۾ پکين جي نغمن جو شور پئجي ويندو آهي.

ٽلي چمن ۾ ٿِي ٽاري ٽاري، ٿيو فرش گلشن جو مِبناڪاري،

ٿي جڳ ۾ چوڌاري اڄ بهاري، بهار آيو، بهار آيو!

”بهار ڪلام“

بهار جي موسم ۾، وڻن ۽ ٻوٽن جي ٽاري ٽاري وڻندڙ انداز ۾ لڏندي رهندي آهي. باغن جي زمين ۾ سهڻا سهڻا ۽ ساوا سبزا ڄمندا آهن؛ ڄڻ ته ميناڪاري فرش وڇائجي ويندو آهي. ساري ملڪ ۾ قدرتي خوشي ڦهليل ڏسبي آهي. هي بهار سان واسطو رکندڙ اسباب بيان ڪيل آهن.

”بهار ڪلام“ ۾ جيڪي بهار بابت شعر آهن، تن ۾ گهڻو ڪري، ”مُراعات النــّظير“ جا مثال گهڻا موجود آهن.

مُشاڪَلت: ڪنهن لفظ کي اهڙيءَ معنيٰ ۾ ڪم آڻجي، جا حقيقي طرح ان جي نه هجي.

(مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن)

تون منهنجي عرض ڪرڻ تي به منهن کٽو ٿو ڪرين،

ڇا تنهنجي مرضي ايها آ، ’سبي ڇڏيان اُن وات!‘

- ”حڪيم“

”منهن“، ڪا کائڻ يا چکڻ جي شيءِ نه آهي، جو کٽو يا مِٺو چئي سگهجي. ساڳيءَ طرح ”وات“ ڪو ڪپڙو يا جانور جي کَلَ ڪينهي جو سبيو وڃي.

اهي ٻيئي لفظ (کٽو ۽ سبڻ) حقيقي معنيٰ ۾ ڪم آندل نه آهن، بلڪ استعاري طور استعمال ٿيل آهن.

عڪس: ڪنهن شعر جي پهرئين مصرع جا ٻه اڌ هجن: انهيءَ جو پهروين اڌ، ٻئي اڌ جي جاءِ تي رکجي ۽ ٻيو اڌ پهرئين جي جاءِ تي، ته سڄو شعر ٺهي پوي.

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

صاحب تدبير ٿي ۽ تابع تقدير ٿي؛

تابع تقدير ٿي ۽ صاحب تدبير ٿي.

 

”بهار اخلاق“

 

لف َّ وَلَشرُ: ”لف“ جي معنيٰ آهي ويڙهڻ، ۽ ”نشر“ جي معنيٰ ڦهلائڻ: شاعِرن جي اصلاح ۾ شعر جي اهڙي خوبيءَ جو نالو آهي، جو شعر ۾ ڪن شين جو بيان ڪري، پوءِ ڪي مناسب ڳالهيون ساڻن ملائجن. هي ٻه قسم آهي- مُرتــَّب ۽ غير مُرتــَّب: ”مُرتب“- باترتب؛ ”غير مرتب“- بي ترتيب.

مرتب جو مثال:

(مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات)

منهن تنهنجو، ابرو تنهنجا، اکيون تنهنجون اي عجيب!

چنڊ آهي، تيغ آهن، مخمور مس آهن.

- ”حڪيم“

 غير مرتب جو مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

ساهه گذريا، سال گذريا، ساعتون گذريون ٻه- ٽي،

تنهنجي در تي، تنهنجي ڳولڻ لاءِ ۽ توکان جدا.

- ”حڪيم“

هن شعر جي ٻيءَ مصرع جا فقرا پهرينءَ مصرع جي فقرن سان هِن طرح لڳل آهن: ”تنهنجي ڳولڻ لاءِ سال گذريا، تنهنجي در تي ساعتون گذريون، تو کان جدا ماهه گذراي“- يعني سالهاسال جي جستجو کان پوءِ هٿ ائين؛ تنهنجي در تي اڃا ڪي گهڙيون مس گذريم ته وڇوڙي وري وڇوڙي ڇڏيو، جنهن کي به ڪيئي مهينا گذري ويا.

سبالغو: ڪنهن شيءِ جي نيڪي يا بدي، حد ۽ حقيقت کان وڌائي ڪجي. هن جا ٽي قسم آهن، آءٌ ٻن قسمن جا مثال لکان ٿو.

(1) اِغراق: اهڙي صفت، جا عقلي طرح ته کڻي ممڪن هجي، مگر عادتي طور ٿيندڙ نه هجي. مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

زلف ۾ محبوب جي، قيدي ٿي جڏهين منهنجي دل،

خوش ٿيا اغبار، پر ٿي يار جي دل بيقرار.

– ”حڪيم“

حسن وارا ته هميشه حسن پرستن کي پنهنجي زنجير زلف ۾ اسير بنائي، خوش ٿيندا آهن، ۽ عاشقن کي لٽڪائي، ڦٿڪائي ماريندا آهن. اِها هنن جي عادت آهي. عادتي طور ائين ئي ڏسبو آهي، پر عقلي طرح سنگدل محبوب جو موم دل ٿيڻ به ممڪن آهي، خاص طرح عاشق جي سخت بيحاليءَ وقت.

(2) غلوّ: اهڙو وڌاءُ، جو نه عقلي طرح ۽ نه عادتي طرح ممڪن هجي.

مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

بلبل نالاڻ کي اهڙو خار گل بيزار ڪيو،

جو ڇڏي صحن چمڻ کي عرش تي ڪيئن آشيان.

- ”حڪيم“

عرش تي آشيانو ڪرڻ نه عادتي طرح ڏٺو ويو آهي ۽ نه عقلي طرح ممڪن آهي.

مَدح مــّشابہ ذَم َّ: ڪنهن جي اهڙي تعريف، جنهن مان ائين پيو معلوم ٿئي، ته شاعر شايد پنهنجي مملوح (جنهنجي تعريف هجي) جي بِدي بيان ڪرڻ پٺيان آهي؛ مگر ائين نه هجي، پاڻ وڌيڪ تعريف هجي.

مثال:

(مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات)

محبوب منهنجو حسن جي اقليم جو آ شاهه،

پر ملڪ پنهنجو ساور سخا ۾ لُٽي ڇڏيئين.

– ”حڪيم“

”پر“ جي آڻن مان ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄن شاعر پنهنجي محبوب جي تعريف ڪندي اڳتي هلي، سنديس گلا يا بَدِي بيان ڪندو، مگر ”پر“ جي پويان پاڻ تعريف مڪمل ڪري ڏيکاريائين. يعني بيان ڪيئن ته منهنجو محبوب عاشق آزار ۽ ديدار ڪرائڻ ۾ ڪنجوس ڪينهي، بلڪ سخي ۽ فراخدل آهي، جو پنهنجي ديدار جي دولت کان ڪنهن به مشتاق ديدار کي محروم نٿو رکي ۽ انهيءَ طرح ڪندي ڪندي، ڄڻ حسن جي دولت ئي لُٽائي ڇڏي اٿس.

ذَم ُّ مُشابِہ مَدح: اهڙو ڪلام، جنهن ۾ ڪنهن جي بدي بيان ڪيل هجي، مگر شروعات ۾ اهڙا لفظ ڪم آندل هجن، جن جي اصلي معنيٰ ورتل نه هجي، بلڪ پاڻ مخالف معنيٰ ورتل هجي: يا اهڙا لفظ جن مان ائين معلوم ٿئي ته شاعر ڄن تعريف ڪرڻ گهري ٿو.

مثال:

(مفعول فاعلاتن مفعول فاعلن)

(1) خوش رهه رقيب! منهنجي پِرينءَ جي پَڙوس ۾،

چئن ڪو ڪُتو رهي ٿو سخيءَ جي اڱڻ اڳيان.

- ”حڪيم“

پهرين مصرع ڦڙهندي، ائين معلوم ٿئي ٿو ته شاعر ڄن رقيب جي تعريف ڪرڻ گهري ٿو، مگر پوئين مصرع ۾ رقيب جو قدر ڪُتي جهڙو ڪري ڏيکاريائين.

(مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن)

(2) آباد ڪر الاهي! صباد جو تون خانو،

بلبل جو جنهن ڪيو آ ويران آشيانو.

– ”حڪيم“

ظاهري ڪري، شاعر صياد کي ڄڻ دعا ٿو ڪري، مگر اڳتي هلي اُها ئي دعا پِٽَ ۽ پاراتي جي صورت اختيار ڪري ٿي. ٻيءَ مصرع پڙهڻ سان ساڳي ”آباد“ لفظ جي معنيٰ ڦِري ”برباد“ ٿئي ٿي.

 

(مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

(3) خدايا! مون اڇو ڪيو آهي مُنهن پنهنجو، مگر توبہ،

تون پنهنجي نور وحدت سان ڪجئن منهن منهنجو نوراني.

- ”حڪيم“

شاعر پنهجي گنهگاريءَ جو اقرار اهڙن لفظن ۾ ڪري ٿو. جن مان پهريائين ائين ئي سمجهيو وڃي ٿو ته ڄڻ هو ڪنهن چڱي ڪم جو دم هڻي رهيو آهي، مگر اڳتي هلي ساري قلعي کولي ٿو ۽ چوي ٿو ته ”مون پنهنجو منهن اهڙو ڪيو آهي، جنهن کي تنهنجي نور وحدت جي ضرورت آهي.“ اِتي معلوم ٿيو ته ”منهن اڇو“ جي معنيٰ آهي ”مُنهن ڪارو“،

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

(4) ”پاڙ سائي ٿئيس شل“، بلبل چيو ٿي منجهه چمن،

هيءَ! خزان ويران ڪيو اڄ آهي منهنجي باغ کي!

- ”حڪيم“

پهرينءَ مصرع مان معلوم ٿئي ٿو ته بلبل ڪنهن کي خير جي دعا ٿي ڪري، پر ٻيءَ مصرع سڄي ڳالهه کولي رکي، جنهن مان معلوم ٿيو ته ”پاڙ سائي ٿئيس“ جي معنيٰ اهي ”پاڙ سُڪيس“.

(مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن)

(5) ”ٻيڙي تريس“ نار  مون کي ڇڏي ويو،

پهچاءِ بار يارب، مون کي پرينءَ جي پار!

- ”حڪيم“

هن شعر ۾ به ”ٻيڙي تريس“ جي معنيٰ آخر ”ٻيڙي ٻڏيس“ واري وڃي بيٺي آهي. هن ۾ تجنيس ڌام به آهي.

مَشو ِ! ”حشو“ چوندا آهن ته ”ڀرتي ڪرڻ“ کي- يعني ڪلام ۾ اهڙو لفظ يا جملو وڌائڻ، جنهن کان سواءِ به مضمون ٺهي سگهي. هن جا ٻه قسم آهن.

(1) مَلِيح، (2) قَبِيح.

حَشو ِ مَلِيح: اهڙو ڪلام جنهن ۾ زائد لفظن يا جملن جي اچڻ ڪري، پاڻ ڪلام ۾ سواد ۽ سلوڻپ پيدا ٿئي. مثال:

(مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

ڏسان تو ڏي اگر ڪڏهين، چئين ٿو ’بند ڪر اکيون‘،

اکيون پوريان سدائين جي، ته ٿو انڌو سڏين مون کي!

- ”حڪيم“

هن شعر ۾ ”اگر ڪڏهين“ جو فقيرو ۽ ”سدائين“ جو لفظ زائد آهن- جيڪڏهن نه آڻجن ها، ته به مطلب پورو نڪري ها. يعني، ”جيڪڏهن تو ڏي ڏسان ٿو، ته چئين ٿو ’اکيون بند ڪر‘؛ جيڪڏهن اکيون بند ڪريان ٿو، ته انڌو ٿو سڏينم“. مگر، ”اگر ڪڏهين“ جي فقري ۽ ”سدائين“ جي لفظ پاڻ مضمون ۾ مَلاحت ۽ غمگيني پيدا ڪري وڌي آهي، ڇو ته يار ڏي نهارڻ ڪڏهن ڪڏهن ئي نصيب ٿيندو آهي، ۽ انڌي جون اکيون سدائين پوريل هونديون آهن.

حشوِ قبيح: ڪلام ۾ اهڙا زاهد فُقرا هجن، جن جي ڪري پاڻ مضمون ۾ قياحت ۽ ٻڌندڙ کي ڪراهت اچي. مثال:

(فعولن فعولن فعولن فعولن)

ترن ليليٰ عرب جي، اُن مجنون عرب جو،

تون گل، آءٌ بلبل، فَسَمُ اُهي رب جو.

– ”حڪيم“

هن شعر ۾ ”عرب جو“ فقرو وڌيڪ ۽ واهيات آهي. محبوب کي فقط ليليٰ سڏبو آهي، ۽ عاشق کي فقط مجنون. اهي ٻئي عرب جا هئا، تنهن سان شاعر جو واسطو ئي ڪونهي. شاعر محبوب کي ليليٰ ۽ پاڻ کي مجنون انهيءَ ڪري سڏي ٿو، جو ليليٰ مجنون جي مشهور معشوق هئي ۽ مجنون ليليٰ جو مشهور عاشق. باقي عرب جا هئا يا عجم جا، پورب جا هئا يا پڇم جا، يورپ جا هئا، يا ايشيا جا، آفريقا جا هئا، يا آمريڪا جا، تنهن سان شاعر جي تشبيہ جو ڪو تعلق ڪونهي.

 

علم بيان

”علم بيان“ اهڙن قاعدن جو نالو آهي، جن جي سمجهڻ سان هڪڙيءَ ئي معنيٰ کي ڪيترن نمونن سان ڪم آڻي سگهجي. انهيءَ علم جو مدار آهي ”دلالت“ تي. دلالت جا ڪيترائي قسم آهن، مگر علم بيان جي جسم جو جزو اعظم، يا انهيءَ علم جي بدن جو رُوح آهي ”دلالت اِلتزامي“. دلالت التزامي جي ذريعي ئي تشبيہ، اِستعارو، ڪِنايو، حقيقت، مجاز ۽ ٻيون اهڙيون حالتون ٻوليءَ ۾ پيدا ٿي سگهن ٿيون.

”دلالت“ چئبو آهي ”هڪڙي معلوم ۽ موجود شيءِ سان ڪنهن نامعلوم ۽ غير موجود شيءِ جو پتو معلوم ڪرڻ“- جهڙيءَ طرح ”شينهن“ چوڻ يا ٻڌڻ سان مشهور درندو جانور تصور ۾ اچي ويندو آهي. ”شينهن“ لفظ هڪ معلوم شيءِ چئبي، ۽ انهيءَ جانور جو وجود غير موجود؛ مگر معلوم ۽ موجود شيءِ (لفظ) جي ذريعي نامعلوم ۽ غير موجود شيءِ (جانور) به معلوم ٿي وڃي ٿي.

دلالت اِلتزامي: ڪو لفظ يا جملو حقيقي يا لغوي (لعنت واري) معنيٰ ۾ ڪم نه آڻجي، بلڪ ڪنهن اهڙيءَ ٻيءَ معنيٰ ۾ ڪم آڻجي، جا معنيٰ ڪنهن ٻئي سببان لڳل هجي. مثلاً ”هو تنهنجو گهوڙو آهي“، جنهن جي معنيٰ آهي ته ”هو تنهنجي سواريءَ لاءِ حاضر آهي.“ ”گهوڙو“ اهڙي جانور کي چئبو آهي، جنهن تي سواري ڪبي آهي. مگر ”سواري“ گهوڙي جي حقيقي معنيٰ ۾ داخل نه آهي؛ بلڪ جڏهن ته گهوڙي کان سواريءَ جو ڪم ورتو وڃي ٿو، انهيءَ ڪري ان کي سواريءَ وارو جانور سمجهيو وڃي ٿو، ۽ سواريءَ جي معنيٰ انهيءَ سببان ساڻس لڳل آهي.

تشبيہ: ڪنهن هڪ شيءِ کي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جهڙو بيان ڪرڻ، به خود اها مقرر ڪرڻ: مثلاً ”هي گهوڙو هوا جهرو آهي“. گهوڙو پنهنجي حد ۾ رکيو ويو آهي، ۽ هوا پنهنجي حد ۾؛ مگر گهوڙي کي سنديس تيز رفتاريءَ سبب هوا جهڙو چيو ويو آهي، نه خود هوا.

مثال:

(فعولن فعولن فعولن فعولن)

جي دنيا ۾ ڪو ديس مَثل چمن ٿيو،

ته، منهنجو مِٺو ۽ پيارو وطن ٿيو.

(بهار اخلاق)

”تشبيہ“ جو بحث ۽ بيان تمام وڏو آهي. آءٌ انهيءَ کي خلاصي ڪتاب لاءِ ڇڏيان ٿو. هتي تشبيہ جي قسمن مان ڪي ٿورا قسم نموني طور لکان ٿو:

 

تشبيہ جا جزا يا اَرڪان

مُشبَــَّہ- جا شيءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جهڙي ڪري ڏيکارجي.

مُشبَــَّہ بہ- جنهن شيءِ جهڙو ٻيءَ شيءِ کي ڪري ڏيکارجي.

وجہ شِبہ- جا صفت، مُشَبــّہ ۽ مُشبَــّہ بہ ٻنهي ۾ لڀي.

غرض تشبيہ- جنهن مقصد لاءِ، هڪڙي شيءِ ٻيءَ شيءِ جهڙي ڪري ڏيکارجي.

حرف شبہ- جنهن جي ذريعي مُشبَــّہ ۽ مُشبَــّہ بہ کي پاڻ ۾ ملائجي.

مثال: ”هي پهلوان شينهن جهڙو آهي“- انهيءَ جملي ۾ ”پهلوان“ ”مُشبَــَّہ“ آهي، ”شينهن“ ”مُشبَـّہ بِہ“، ”طاقت“ ”وقجہ شِبہ“، پهلوان جي طاقت مندي ۽ پهلواني ڏيکارڻ ”غرض تشبيہ“، ”جهڙو“ حرف نشبيہ.

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

سَروَ جهڙو يار جو قہ، چنڊ جهڙو منهن سندس،

نرگس جهڙيون اکيون ۽ پان جهڙا لال لب.

- ”حڪيم“

”قد“ مُسبَــَّہ ”سرو“ مُشبَــّقہ بہ، ”سِڌائي“ وجہ شبِہ، ”جهڙو“ حرف تشبيہ. اهڙيءَ طرح ”چنڊ جهڙو منهن“ ”نرگس جهڙيون اکيون“ ”پان جهڙا لب“- اهي فقرا به سمجهڻ گهرجن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org