سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آفتاب ادب عرف ساهت جو سج

 

صفحو : 11

اسبابِ زوال

 

دفترِ اخلاق جڏهين پاره پاره ٿو ٿئي،

قوم جو هر فرد جڏهين صاف گمره ٿو ٿئي.

عيش عشرت، ناز، نعمت ۾ ئي گذري زندگي،

بارِ دل ٿئي خلق جي خدمت ۾ رب جي بندگي،

بيمروت ملڪ وارن سان رهي، جا قوم ٿي،

ظلم کي جنهن قوم نادان جي هٿان پهچي هَٿي.

جوهرِ تيغ جوانمردي فنا جن جو ٿئي،

بزدلي جنهن ۾ اچي، شيوو جفا جنهن جو ٿئي.

خوف حق جو جنهن جي دل مان ڪورجي ڪافور ٿئي،

جذبهء حق جنهن جي جان و جسم مان مهجور ٿئي.

مار جي ۽ يار جي جنهن ۾ رهي ناهي تميز،

ٿي ڙهي جا قوم شوخ و شنگ، نا هردلعزيز.

جنهن جي فطرت نا درست ۽ پڻ طبيعت سست ٿي،

جنهن جي وک واپس ڀڄڻ جي لاءِ بلڪل چست ٿي.

 

حالاتِ ليڊرانِ قوم

 

قوم جا سردار ٿيا مردار ۽ نامرد ٿيا،

عيش ۽ آرام جي پِي برف، هڪدم سرد ٿيا.

پهلواني جن جي آهي پاڻ ۾ جنگ و جدال،

جنگِ دشمن ۾ رهي جن جي شتر مرغانه چال.

گردنِ آزاد ۾ دامِ غلامي ٿا وجهن،

دائما اِن دام ۾ پڻ قوم کي قابو رکن.

فخر سمجهن، مَرڪ ڄاڻن ٿا غلامي غير جي،

ٻُوجههَ تن ۾ ڪانه ڪا ڏسجي ٿي شَر جي، خير جي.

ٿا ٽنگون ٽيڙي گذارن اهڙا مُفسد مدعي،

جن نه قوم و ملڪ جي لئي ڪابه قرباني ڪئي.

خانه جنگي ۽ دو رنگي جن جو شُغلِ زندگي،

اِن ۾ سمجهن ٿا سي پنهنجو شانُ  نا زندگي.

صلح جو ئي، گڏجي گهارڻکان وڃن وهلُور ٿا،

علــّتِ بي اتفاقيءَ ۾ رهن انجور ٿا.

ڪنهن سان همدردي نه ڪن ۽ ڪنهن سان غمخواري نه ڪن،

سُکِ نه ويهن جيسين پنهنجي قوم جي خواري نه ڪن.

قوم جي نالي ۾ مطلب پنهنجا پروا ڪن ٿا سي،

ليڊريءَ جي زور تي چندن جا چورا ڪن ٿا سي.

ٿئي زبان تن جي نه تن جي دل سا هرگز آشنا،

ڪو قدم کڻندا نه هرگز ڪنهن سان ڪنهن مطلب بنا.

وقت قربانيءَ جي ڪاهل ڪابه قرباني نه ڪن،

بيوسيلن ناتوانن جي نگهباني نه ڪن.

چاپلوسي، پاء بوسي جن جو شانِ امتياز،

خُوِ جن جي ٿي غلامي، ناز جن جو ٿيو نياز.

بيوقوفيءَ جي علامت زور بازوءَ کي چون،

شان قومي ”روز و شب زر در ترازو“ کي چون.

زرپرستيءَ لاءِ جي ڪن زورِ بازو صرف ٿا،

پوءِ يهودين جان حريفن کي ڏيڻ سي حرف ٿا.

مال ُ دولت کي دٻائن پنهنجي سِرَ جو ڪن بچاء،

قوم پنهنجيءَ جو رکن هرگز نه سُڌر ۽ سماءُ.

زرپرستي، مال مستي پنهنجي هستي ٿا ڳڻين،

قوم لئي قربان ٿيڻ کي تنگدستي ٿا ڳڻني.

بد چون مردِ مجاهد قوم جي پروانه کي،

عيب سمجهن پنهنجي حق ۾ هِمــَّتِ مردانه کي.

راهِ حق ۾ سرفروشي، زرفروشي ڪانه ڪن،

جذبهء حق لاءِ هرگز گرم جوشي ڪان ڪن.

عمر جن جي لهو بازيءَ ۾ سدا برباد ٿئي،

غفلت آبادِ زمانه ۾ سدا دل شاد ٿئي.

قومِ زنده کي بنايو مرده اهڙن ليڊرن،

جي ٿا قربانگاهِ عالم ۾ اچڻ کان عار ڪن.

قوم جنهن جا اهڙا ليڊر، اهڙا هوندا پيشوا،

ڇو نه ٿيندي صفحهء هستيءَ تان غائب ۽ فنا!

گم ٿين جنهن قوم مان آثارِ اسبابِ ڪمال،

ٿا ٿين تنهن قوم تي مفتوه ابوابِ زوال.

قوم جا سَستي وڪامي جنهن ۾ سُستي پڻ هجي،

قدر اهڙي قوم جو ڪنهن وٽ به ٿو هرگز نه ٿئي.

آڻپڇي نابود ٿئي بيسود تنهن جي زندگي،

ٿي هجي پشتِ زمين تي بار جنهن جي زندگي:

گرچ سڀني لاءِ هي قانونِ قدرت عام ٿيو،

تير اُن جي جون نشان، اَڄ حلقهء اسلام ٿيو.

اي مسلمان! شان تنهنجي آهي سڀني ۾ بلند،

پنهنجي گردن مان ڪڍڻ گهرجي غلاميءَ جي ڪمند.

ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آ، هيڏي ۽ هوڏي نهار،

انقلابِ دهر ڏس ۽ گردشِ ليل و نهار.

ڇڏ رسڻ جي ريت هر هر ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي،

اهڙي ٻاراڻي طبيعت کي تون هڪدم ڏي ڇڏي.

قُوّتِ بازو، جهادِ ملڪ جو سِڪو ڄماء،

ڪنهن به دشمن کي مَ چؤ ”منهنجي وطن ۾ پير پاِ“.

دوُر دشمن کي رکج لک ميل پنهنجي ديس کان،

ڪيم ڌوڪي ۾ اچج ان جي وچن ۽ ويس کان:

ڪجهه ته ڪر، ’بيڪار کان بيگار بهتر‘ ٿا چون،

اهڙي سُستيءَ ۾ ڪيو برباد خانو آ سَون.

آهي هي ڇا؟ هٿ ٻڌيو ڄڻ ڪو تماشو ٿو ڏسين،

ڪنهن نه ڪم جو ٿي رهين، غيرن جي پيرن ۾ ڦِسن.

پنهنجي همت ساڻ اُٿ! پنهنجن پروان کي چتاءِ،

”جي نه ڏيندؤ منهنجو حق، جوڙيو وڃي مدفن ۾ جاءِ“.

لونبڙيءَ وانگي گذارين، شير جي اوبر تڪين،

شرم گهُرجئي، جو مڪان ٺاهن ٻيا، تون ٿين مڪين:

بک ۽ ڏک ۾ ڪيم ڇڏ اسلام جي اخلاق کي،

يد ڪر تون پنهنجي شانِ شهرهء آفاق کي.

حسن محبوبن جو پردي ۾ لڪڻ مشڪل ٿئي،

عاشقن جو پڻ فقط سُڏ ڪڻ، سڪڻ مشڪل ٿئي.

وصل جو جذبو ٻنهي کي نيٺ پيدا ٿو ٿئي،

ڇِڪ ٿئي چقمق جي آخر، شوق شيدا ٿو ٿئي.

تو ۾ جي جوهر ڪو آهي حضرتِ اسلام جو،

ڇو لڪائين ٿو، کڻي ڏيکار جلوو بام جو!

”اي مسلمانو، خدارا خوابِ غفلت مان اٿو!“

سڏ ڪري چئي هن طرح هردم اوهان کي وقت ٿو.

”جاڳو جاڳو ۽ اُٿو!“ هي وقت جي آهي پڪار،

”۽ رهو ڀائن سان ڀيڙا، ڪيم ٿيو ڀائن، کان ڌار!“

وقت جي آواز تي جنهن ڪن ڏنو ٿيو سر فراز،

زندگي آهي اِها ۽ زندگيءَ جو ان ۾ راز.

مردِ ميدان ٿِي وڃايو خوب آزاديءَ جو ناد،

۽ چئو ”آزاد هندستان سدائين زنده باد!“

ڄاڻ آزاديءَ جو اڀري ملڪ ۾ ٿو آفتاب،

انقلاب و انقلاب و انقلاب، و انقلاب!

 

اي مسلم!

 

اي مسلم! ڪي ڏس ڪئن ڦري ٿو زمانو؟

کڻي تيز نيزا، چُٽي ٿو نشانو،

ثمر، ساٿ نه آهي، سفر اوکو اڳيان،

رُلئين رِڻ ۾ ۽ قافلو ٿيو روانو.

پُڇڻ وارا پُڇندءِ ته ڇو پوئتي پئين،

نه ڪم ايندو اُن دم اَهانو بهانو.

مزي سان جڏهن يار منزل تي رسندا،

تڏهن تنهنجي لئه ڪونه بچندو ٺڪانو.

هنئر ڇا رهيو آهين، آهين ڇو هاڻي،

اڳي ڀل هجي شان تنهنجو شهانو.

ٻڌين ڪينَ پوڙا ٿو غيبي پڪارون،

اچڻ وارو ڦيرو اٿئي بيگمانو.

لَڇڻ ۽ لياقت ڪا ڏيکار پنهنجي،

پنهنجي گهر جو سامان رک تون سمانو.

نه تعليم تو ۾، نه تنظيم تون ۾،

رهين ٿو زماني ۾ ڪاهل، ڪُمانو.

نه ميدان مرڻ جي توکي ڪا اٽڪل،

نه آهين سياست ۾ پن ڪو سيانو،

وِڌءِ نِيرَ پيرن ۾ غيرن جا ٺاهي،

ٻڌِين پانهون ڌاريَن اڳيان ئي دوُزانو.

اُٿي ڪاههِ منزل ڏي مقصود جي تون،

ڇڏي ڏي رُڳيءَ آس جو آستانو.

غلاميءَ جو ڳٽ ڪين سونهي ٿو توکي،

ڳچيءَ ۾ نه ڪنهن جو به وجهجانءِ ڳانو.

ڊڄين ڇو ٿو بزدلَ تون ڀائن کان پنهنجي،

ڊڄڻ پاڻ جهڙن کان بي همتي آ،

متان ڪم ڪرين اهڙو بي همـّتانو.

اَڙي مردِ مسلم! جي نامرد ٿيندين،

زمانو سڏيندءِ سدائين زنانو.

ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي تون بيگانگيءَ کي،

تون محل ۾ يارن جي ٿِي رَههُ يگانو.

هِتي جو ئي آهين، هِتي ئي تون رهندين،

هِتي آب تنهنجو. هِتي آب دانو.

گلستانِ هندوستان جو تون بلبل،

اِتي عرش تنهنجو، اِتي آشيانو.

لڳئي چهنڊڙي دوست ڪنهن جِي، ته بگڙين،

اِهو ناهه دستور ڪو دوستانو.

هئين تون لکن ۽ ڪروڙن جو لالن،

هنير آهي ڇو تنهنجو مُلُهه هڪڙو آنو؟

ٿئي ڏک ٿو ”شامِ غريبان“ تي تنهنجي،

ويو صبح تنهنجو نهايت سهانو،

تنهنجي ڪرَّ و فر جو فسانو ويو وسري،

وري ڪر تون تازو پراڻو فسانو.

سبق سک ڪو وحدت ۽ توحيد جو تون،

وري ۽ وري پڙهه هي منهنجو ترانو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org