سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آفتاب ادب عرف ساهت جو سج

 

صفحو : 7 

تشبيہ جا ڪي نمونا

ملفوف- پهريائين ٻه- چار مُشبَــَّہ آڻجن ۽ پوءِ ترتيبوار مُشبَــَّہ بہ.

(مفاعيلن مفاعلين مفاعيلن مفاعيلن)

وَٽيلُ چوٽو کُليل منهن، سهڻو قد محبوب منهنجي جو،

ٿيو ڄڻ مُشڪ خالص، ماهتاب ۽ سَروِ بُستاني.

- ”حڪيم“

”وٽيل چوٽو“ مشبہ، ”مشڪ خالص“ مُشہ بہ؛ ”کليل منهن“ مشبہ، ”ماهتاب“ مشبہ بہ؛ ”سهڻو قد“ مشبہ ”سر و بستاني“ مُشبَــَّہ بہ.

مجــّمَل- جنهن ۾ جيتوڻيڪ ”وجہ شبہ“ بيان ٿيل نه هجي، ته به آسانيءَ سان سمجهي سگهجي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

ڪيترو ئي نرم ٿي، آزيون نيازيون ٿو ڪريان،

ڪو اثر ظاهر نٿو ٿئي، ڄڻ ته دِل پَٿر اٿس.

- ”حڪيم“

”دِل“ مشبہ، ”پهر“ مشبہ بہ، ”سختي“ وجہ شبہ. جيتوڻيڪ سختيءَ جو ذڪر شعر ۾ ڪونهي، پر سڀڪو سمجهي سگهي ٿو ته پٿر سخت آهي.

مفَصل- اهڙي تشبيہ جنهن ۾ ”وجہ شبہ“ بيان ڪيل هجي- مثال:

(مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

ڀڄان ٿو بيغ ابرو کان، ڪمان مان جئن ڀڄي ٿو گن،

ڊڄان ٿو مست چشمن کان، ڊڄي جئن شينهن کان ٻڪري.

- ”حڪيم“

ٻنهي ۾ ”وجہ شبہ“ ”ڀڄڻ“ آهي. هتي مشبہ بہ ۽ مشبہ به اضافت آهي.

قوي- جنهن ۾ مشبہ ۽ مشبہ بہ ته موجود هجن، پر حرف تشبيہ ۽ وجہ شبہ بيان ڪيل نه هجن- مثال:

(مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

گلابي گل ٿيا ڳل يار جا ۽ لب ٿيا لال،

صنم جي سونهن چانڊوڪي، سمن ٿيو جسم جانيءَ جو.

- ”حڪيم“

”ڳل“ مشبہ، ”گلابي گل“ مشبہ بہ، (حرف تشبيہ ۽ وجہ شبہ ندارد)؛ ”سونهن“ شبہ، ”چانڊوڪي“ مشبہ بہ، (حرف تشبيہ ۽ وجہ شبہ ڪونهي)، ”جسم“ مشبہ، ”سَمَن“ مشبہ بہ، (وجہ شبہ غير موجود).

ضعيف- جنهن ۾ مشبہ، مشبہ بہ، حرف تشبيہ ۽ وجہ شبہ سڀ موجود هجن- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

روشنيءَ ۾ يار جو مُنهُن ڄڻ ته آهي آفتاب،

زلف دلبر جا سياهيءَ ۾ ٿيا اڌ رات ڄڻ.

- ”حڪيم“

منهن ۽ زلف- مشبہ، آفتاب ۽ اڌ رات- مشبہ بہ، ڄڻ- حرف تشبيہ، روشني ۽ سياهي- وجبہ شبہ.

ڪامل- اهڙي تشبيه، جنهن جي مشبہ کي مشبہ بہ، ۽ مشبہ بہ کي مشبہ بنائي سگهجي. مثال:

(مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن)

دَر دَر! رُلان دلبر، اُن عشق جو ديوانو،

ڏس شمع نه ڪئن آهي ديوانو پروانو!

- ”حڪيم“

جيڪڏهن پوئينءَ مصرع ۾ ”ديوانو“ کي مشبہ ۽ ”پروانو“ کي مشبہ بہ سمججهي، ته به ٺهي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن ابتڙ سمجهجي ته به جائز آهي.

فاقص- اهڙي تشبيہ، جا بلڪل وهمي يا خيالي هجي، جنهن جو وجود ئي دنيا ۾ نه هجي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

چمڪندڙ منهن يار جي ۾ آهي چمڪاٽن جي موج،

سون جو درياء وهندڙ ڄڻ ته لهريون ٿو هڻي.

- ”حڪيم“

”چمڪندڙ منهن“ مشبہ، ”سون جو وهندڙ درياء“ مشبہ بہ. ”سون جي وهندڙ درياء“ جو دنيا ۾ ڪو وجود ئي ڪونهي، جنهن کي مشبہ به بنايو ويو آهي.

 

حقيقت

ڪوبه لفظ يا جملو انهيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪجي، جا معنيٰ لغت موجب انهيءَ جي هجي. مثلاً ”شينهن“ جو لفظ خود شينهن (درندو جانور) لاءِ ڪم آڻجي، ”ماڻهو“ جو لفظ خود ماڻهو (انسان) لاءِ. جيڪڏهن ”شينهن“ جو لفظ پهلوان جي معنيٰ ۾، ۽ ”ماڻهو“ جو لفظ فضيلت واري يا سڌريل جي معنيٰ ۾ ڪم آڻبو ته اها حقيقي معنيٰ نه چئبي.

 

مجاز

ڪنهن لفظ يا جملي کي اهڙيءَ معنيٰ ۾ ڪم آڻجي، جا سنديس لُغوي ۽ حقيقي نه هجي، مگر انهيءَ لاءِ ڪو قرينو يعني خاص تعلق موجد هجي. مثلاً ”فلاڻي جون ٻانهون ڊگهيون اهن“- هن جملي ۾ ”بانهون ڊگهيون“ پنهنجي حقيقي ۽ لغت واريءَ معنيٰ ۾ ڪم آندل نه آهي، بلڪ ”ٻانهون ڊگهيون“ معنيٰ ”وڏي پهچ“. هِن قرينو (خاص نشانِ) انهيءَ مجازي معنيٰ سمجهڻ جو اهو آهي، جو ڊگهيون ٻانهون پري تائين پهچنديون آهن ۽ ننڍيون ٻانهون اوتري تائين نه؛ انهيءَ ڪري مجازي معنيٰ نڪتي ”وڏي پهچ“. مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

ڏس ته لال جي لبن تي ڇا نه لالائي لڳي،

پانُ لال جان کي اڄ اُهي کارايو بهار.

 

”بهار اخلاق“

”لال جي گل کي پان کارائڻ“ مان مراد آهي. لال جي گلن جي پنن کي ڳاڙهي رنگ ۾ رچڻ“. لال جو گل پان ڪونه چٻاڙيندو آهي؛ انهيءَ ڪري پان کارائڻ جي حقيقي معنيٰ نه وٺبي. پان کائڻ سان چپ ڳاڙها ٿيندا آهن. اهو قرينو آهي مجازي معنيٰ وٺڻ لاءِ.

ڪِنايو- ڪو لفظ يا جملو جيتوڻيڪ لغت واريءَ معنيٰ ۾ نه آڻجي، بلڪ ڪنهن ٻيءَ مناسب معنيٰ ۾ ڪم آڻجي؛ تنهن هوندي به لغت واري معنيٰ ٺهي سگهي. مثلاً، ”فلاڻي جو چلهو سدائين گرم آهي“، ”فلاڻي جو هٿ ڪشادو آهي“. پهرئين فقري جي معنيٰ ”فلاڻو مهماننواز آهي“، ٻئي فقري جي معنيٰ ”فلاڻو سخي آهي“. جيڪڏهن انهن فقرن جون لُغوي معنائون وٺبيون؛ ته به ٺهي سگهنديون. سدائين چلهو گرم انهيءَ جو هوندو آهي، جنهن جو رڌو پڪو مهمانن لاءِ چالو هوندو آهي. سخيءَ جو هٿ، سواليءَ اڳيان هميشه کليل هوندو آهي.

 

مجاز جا قسم

 

”ججاز“ جا ٻه قسم آهن: (1) اِستعارو، (2) مجاز مرسل.

اِستعارو- ”اِستعاره“ جي معنيٰ آهي ”اُڌارو وٺڻ“. اصطلاح ۾ جيڪو قرينو يا خاص تعلق حقيقت ۾ مجاز جي وچ ۾ هوندو آهي، سو جيڪڏهن تشبيہ جهڙو هوندو، مگر تشبيہ جو ڪوبه حرف مثلاً جهڙو، وانگر، گهاءِ، مثل وغيره منجهس نه هوندو، ته ”اِستعارو“ چئبو. مثلاً ”شير ڏٺم، جنهن ترار پئي هلائي“. اِنهيءَ فقري ۾ شمشير زن پهلوان کي شير سڏيو ويو آهي. جيڪڏهن اهو جملو هن ڳالهائبو: ”شير جهڙي پهلوان کي ڏٺم،جنهن ترار پئي هلائي“، ته پوءِ اِهو ”استعارو“ نه چئبو، پر ”تشبيہ“ چئبي.

مجاز مرسل- جيڪڏهن ڪنهن جملي ۾ ڪن لفظن جي حقيقي معنيٰ ڇڏي، مجازي معنيٰ وٺڻ ۾ ايندي، ته پوءِ ڏسبو ته مجازي معنيٰ ۾ تشبيہ جهڙي معنيٰ آهي يا نه؟ جيڪڏهن تشبيہ جي معنيٰ پيدا ٿيڻ جهڙو ”فرينو“ هوندو، مگر تشبيہ جو ڪو ظاهر حرف نه هوندو مثلا ”جهڙو، وانگر“ وغيره ته اهو ”استعارو“ چئبو، جهڙيءَ طرح استعاري جي بيان ۾ ڏنل آهي. پر جيڪڏهن تشبيہ جي معنيٰ پيدا ڪرڻ جهڙو ”قرينو“ يا ”تعلق“ نه هوندو، بلڪ ڪو ٻيو قرينو هوندو، ته انهيءَ کي ”مجاز مرسل“ چئبو آهي.

 

استعاري جا جزا يا ارڪان

جيئن تشبيہ جا جزا يا ارڪان آهن، تيئن استعاري جا به آهن: (1) تشبيہ ۾ جنهن کي ”مُشبَــَّہ“ چئجي ٿو، استعاره ۾ ان کي ”مستعارف لہ“ چئبو آهي؛ (2) جنهن کي مشبہ بہ سڏجي ٿو، استعاري ۾ اُن کي ”مُستعارمِنُہ“ (3) جنهن کي ”وجہ شِبہ“ ڪوٺجي ٿو، تنهن کي ”وَجہ جامع“؛ ۽ جو لفظ استعاري لاءِ اڌارو وٺي آڻجي ٿو، تنهن کي ”مُستعارُ“. انهن رڪنن يا جزن جي معنيٰ هِن طرح آهي.

مُستَعارُ لہ- جنهن لاءِ ڪو لفظ اڌارو وٺي ڪم آڻجي- مثلا، شينهن جو لفظ پهلوان لاءِ.

مُستَعار مِنہُ- جنهن شئي کان ڪو لفظ اُڌارو آڻجي- مثلاً، مشهور درنده جانور شنهن کان شينهن جو لفظ.

مُستعار- اڌارو ورتل لفظ.

وجہ جامع- اڌاري وٺڻ جو پورو سبب.

”مون هڪڙو شينهن ڏٺو، جنهن خوب ترار پئي هلائي“- انهيءَ فقري ۾ پهلوان (جنهن جو نالو ورتل نه آهي) ”مستعارلہ“ چئبو؛ خود جانور شينهن ”مُستعار مِنہ“؛ طاقت ”وجہ جامِعُ“؛ لفظ شينهن ”مُستعار“.

 

استعاري جا ڪي نمونا

تمثيل- جنهن جو وجہ شبہ (وجہ جامع) هڪ کان وڌيڪ ڳالهين مان ٺهيل هجي. استعاري جي قسمن مان تُمثيل بهتر ۽ دلچسپ قسم آهي- مثال:

 

(مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات)

دنيا جي گهر کي ڄاڻ سياڻا تون هڪ حباب،

اُڀري به جلد، جلد فنا ٿي به ٿو وڃي.

- ”حڪيم“

مٿئين شعر ۾ دنيا جو گهر ”مستعارلہ“، خود حباب ”مستعارمنہ“، لفظ حباب ”مستعار“، جلد قنائيت ”وجہ جامِع“: هن تمثيل ۾ اڀرڻ ۽ اڀرڻ جي جلدي، قنائيت ۽ قنائيت جي جلدي- ايتريون ڳالهيون آندل آهن.

(فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن)

نِير وارن جو لٿو، ڇو ته ڪَيَم، نيرا پير؛

هاڻي کاڏيءَ کي هڻي پوچي اڇِي، پيو ٿو گهُمان!

- ”حڪيم“

وارن جو ڪارو رنگ لهي وڃڻ، پير نيرا ڪرڻ، کاڏيءَ جي اڇي پوچي هڻڻ، يعني اڇن وارن وارو ٿيڻ، انهيءَ حال سان بيشرم ٿي گهمڻ- ايتريون سڀ ڳالهيون مٿئين شعر ۾ بيان ٿيل آهن. هن ۾ مستعارلہ ”پيري ۽ ٻڍاپو، گنهگاري ۽ بدڪاري“ آهي.

استعارفهء داخليه- ”وجہ جامع“ استعاري جي معنيٰ ۾ داخل هجي- مثلا اُڏائڻ معنيٰ ڊوڙڻ. ”اڏامڻ ۽ ڊوڙڻ“ ٻنهي جو وجہ جامع (مطلب) ساڳيو آهي، يعني هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچڻ- مثال:

(مفاعلن فعلاتن مفعالن فعلن)

کڻي اي قاصد، هي منهنجو خط اُڏايم، اُڏام؛

رساءِ يار کي جلدي، چئي ادب سان سلام.

يعني، ’اي قاصد، تکو ڊوڙي، منهنجو خط جلد يار کي پهچاءِ. اُڏامڻ جو لفظ تکي ڊوڙڻ لاءِ اُڌارو ورتل آهي، پر وجہ جامع (هڪ هنڌان جلد ئي ٻئي هنڌ پهچڻ) ٻنهي ۾ هڪ جهڙو موجود آهي.

استعاهء خارجيه- وجہ جامع معنيٰ کان خارج هجي-

مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

اِنقلاب دَمر کان اڄ ڪانوَ ڪارا ٿيا سفيد،

ڪانوَ ڪارا ٿيا ڪبوتر، شانُ بالا تن جو ٿيو!

”ڪانوَ ڪارا“ جوانيءَ جا ڪارا وار. ”ڪبوتر“ پيريءَ جا اڇا وار. ڪبوترن جو شان ڪانوَن کان بلند ۽ بالا آهي: پير مردن جي عزت جوانن کان سرس آهي. هتي وجہ جامع سفيدي آهي؛ مگر سفيدي نه جوانيءَ جي وارن ۾ آهي، ۽ نه ڪانوَن ۾.

اِستعارهء مُطلقہ- جنهن ۾ نه ”مستعارلہ“ جي ڪا صفت ڏيکاريل هجي، ۽ نه ”مستعارمنہ“ جي. مثلا ”اڄ شينهن اچي ويو“- يعني پهلوان اچي ويو. هن ۾ نه مستعارلہ (پهلوان) جي ڪا صفت ڄانايل آهي، ۽ نه مستعارمنہ (جانور شينهن) جي- مثال:

(فعولن فعولن فعولن فعول)

(1) ٿيس خوش ته گل با۾ ۾ آيو آ،

اُن بلبل به ڊوڙي وڃي اُت رسيس.

– ”حڪيم“

هِتي گل مان مراد محبوب آهي. هن شعر ۾ نه مستعارمنہ (گل) جي ڪا خاص صفت ڄاڻايل آهي، ۽ نه مستعارلہ (محبوب) جي-

 (مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن)

(2) گڏهن تي گج پيا، هي زماني جو رنگ آهي!

ڊيلن جي جاءِ ڪانوق وٺي ويا، ڪلنگ آهي!

اِستعارهء مجرده- جنهن ۾ ”مستعارلہ“ سان ڪي واسطو رکندڙ وصفون بياڪ ڪيل هجن- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

نرگيسن چشمن سان موهيو مون کي، ان سرو سهي،

نرگسن کي پڻ لڄي ڪيئن، جن اکيون پوري ڇڏيون.

- ”حڪيم“

هن ۾ ”مستعارلہ“ (محبوب) جون ٻه صفتون بيان ڪيل آهن: (1) عاشق کي پنهنجن نرگسين اکين سان موهڻ، (2) نرگسن کي شرمسار ڪرڻ. ”سروسهي“ مستعار، ”محبوب“ مستعارلہ.

 مجاز مرسل جا ڪي نمونا

”مجاز مرسل“ ٻوليءَ ۾ وڏي اَهميت رکي ٿو. هو عام طرح ٻوليءَ ۾ ڪم انيدو رهندو آهي، انهي ڪري ”مجاز مرسل“ جا ڪي ضروري نمونا لکان ٿو، تا ته ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ ”مجاز مرسل“ سمجهه ۾ اچي سگهن.

ڪُلــّبہ- ڪُل َّ جو ذڪر ڪري، جُزي جي معنيٰ وٺجي-

مثال:

(مفول فاعلات مفاعيل فاعلن)

ٿيو شرمسار باغ ۾ اي گل! گل سمن،

پاتو جڏهن تو حسن سندو تن تي پيرهن.

- ”حڪيم“

”تن“ مٿي کان وٺي پيرن تائين ساري جسم کي چئبو آهي، جو ”ڪُل ُّ“ چئبو. ”پيرهن“ جسم جي فقط هڪ حصي جو لباس آهي، جو جسم جو جزو چئبو. هتي ڪل ”تن“ جو ذڪر ڪري، جسم جي انهيءَ جزي جي معنيٰ ورتي وئي آهي، جنهن تي پيرهن پهربو آهي.

جزئيہ- ذڪر جُزي جو ۽ معنيٰ ڪُل جي- مثال:

(مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن)

اَجهي ۾ تنهنجي اِجهو اڄ مَٿو لڪايو مون،

اَجها! اَجهو ڇڏج مون، ڪج نه بي اَجهي مون کي

_”حڪيم“

 هتي ”مٿي“ مان مراد سڄو جسم آهي؛ مٿو جزو آهي، ۽ جسم، ڪُل ـ

سبيبه_ ذڪر سبب جو، ۽ مراد مُسبَب جي_ مثال:

(فاعلاتن مفاعلن فعلن)

عشق جي باهه منهنجي دل ۾ آهي،

حسن جو نتوڙ تنهنجي چهري ۾.

_ ”حڪيم“

”باهه“، سبب؛ مراد ”گرمي“ جا مُسبَب آهي. مُسبَبيهَ_ ذڪر مسُبب جو، ۽ مراد سبب جي.

مثال:

(مفاعلات فعولن مفاعلن فعلن)

ٻري ٿي باهه، وِسايان نٿي وسامي سا،

ٿي تنهنجي لاءِ شرابي!ڪباب دل منهنجي.

_”حڪيم“

باهه ڪان ٻرندي آهي، باهه ٻرڻ جو سبب ڪا ٻي شئي هوندي آهي  (ڪاٺي وغيره) ـ

هتي ”باهه“ مُسَببَه آهي، ۽ ”دل“ سبب_ يعني، دل جي سڙڻ ۽ ٻرڻ سان باهه پئي دکي ـ

محليه_ ذڪر محل يعني ظرف جو؛ مراد، مظروف يعني ظرف يا محل ۾ رهندڙ جي _ مثال:

(فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن)

حال منهنجي جي خبر آهي سڄي شهر کي؛ پر

هي عجب آهي، جو تون .ئي ٿو رهين  ناواقف!

  _”حڪيم“

شهر، محل يا ظرف، مراد ، شهر ۾ رهندڙ (مظروف) يار ـ

آليه_ ڪنهن اوزار جو ذڪر، ۽ مراد، اوزار سان واسطو رکندڙ ڪم جي _ مثال:

(مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلات)

ڪڏهن تون ملندين به مون سان ؟ زبان ڪر هڪڙي،

رڙان پيو ٿو تنهنجي لاءِ روز و شب_ ڪن ڏي!

   _”حڪيم“

زبان، سخن جو اوزار آهي ۽ ڪَنَ ٻڌڻ جو؛ ”زبان ۽ ڪَنَ“ مان مراد آهي ”سخن ۽ٻڌڻ“ـ

ماضيه_ ڪنهن جي گذريل حالت بيان ڪري، مراد وٺجي حاضر حالت جي _مثال:

(مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن)

ڏسين ٿو آهيان فقط هڪڙي مٺُ مِٽيءَ جي، بس،

آ تنهنجي مرضي سنڀالينم، يا ڪرين برباد ـ

_”حڪيم“

انسان اصل مٽيءَ مان بنيل ۽ مٽيءَ جو پُتلو آهي. انسان جي اها حالت ماضيءَ ۾ هئي، پر هاڻي هو مٽيءَ جو بوتو ڏسڻ ۾ نٿو اچي ـ هتي ماضيءَ واري حالت بيان ڪري، هاڻوڪي جسم جي معنيٰ ورتي ويئي آهي ـ

استقباليه_ ايندڙ زماني جي حالت کي موجود حالت بنائي، بيان ڪجي _مثال:

(مفاعلن فعلاتن مفلاتن مفاعلن فعلن)

ادا ۽ ناز سان پنهنجي مِٺا، مُئي کي نه مار،

نه رُس! اي سڄڻ، تون رُسي وڃين ٿو، مار!

”مئو“ هڪ اهڙي حالت آهي، جا زمان مستقبل ۾ ٿيڻ واري آهي، مگر شاعر هينئر ئي پاڻ کي انهيءَ حالت ۾ بيان ڪري ٿو ـ

 تعريض

”تعريض“ به مجاز جو هڪ قسم آهي. ”تعريض“ چئبو آهي اهڙي اِشاري کي، جو ڳالهه  ڪجي ڪنهن ٻئي ڏي_مثال:

(فاعلاتن  فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

مثل حسبزه آهيان، ڀل يار پيرن ۾ لتڙِ،

خار ٺاهيان، جو رسايان ڪنهن کي ڀي آزار اَن.

_ ”حڪيم“

هن شعر ۾، ظاهر ڪري نرمي بيان ڪيل آهي، مگر اشارو محبوب جي سختيءَ ڏانهن آهي.

 

ڪنايي جا ڪي نمونا

اِيما... اهڙو ڪلام جنهن جي حقيقي معنيٰ مان غير حقيقي معنيٰ جلد سمجهڻ ۾ اچي _مثال:

(مفاعلن  فعلاتن مفاعلن فعلن)

ڪمر ٻڌل ڏس آيو هوُ قتل لئي منهنجي،

ترار جيلهه ساڻ، جئن سولجر، مٿي دشمن.

_ ”حڪيم“

”ڪمر ٻڌل“ جي حقيقي معنيٰ آهي ”سندرو ٻڌل“ ، جنهن مان غير حقيقي معنيٰ ”بلڪل تيار“ جلد سمجهه ۾ اچي ٿي ـ

رمز_جنهن جي معنيٰ ۽ مراد ڪنهن خاص اصطلاح سمجهڻ تي مختصر هجي _ مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

راتيون جاڳان ياد ۾ دلبر جي ۽ تڪيان پيو واٽ،

ڳولي ڳوٺاڻو ٿو ٽيڙو ۽ ڪتيون اڌ رات جو.

_ ”حڪيم“

ڳوٺاڻو رات جو ٽيڙو ۽ ڪتيون ڏسي، وقت معلوم ڪندو آهي. هنن جو اهو خاص اصطلاح آهي. شاعر چوي ٿو ته ’آءُ انتظار سان، اي محبوب ، تو لاءَ ائين واٽ نهاريندو آهي!‘

تلويح_ جا صفت ڪنهن ڳالهه لاءَ ضروري هجي، اُها بيان ڪري، خود اُها ڳالهه مراد وٺجي _مثال:

(مفعول فاعلاتن مفعول فاعلن)

مون تي ڪرم ڪرڻ ۾ تون ڪنجوس ٿو رهين،

هٿُ بند آهي تنهنجو سدا منهنجي واسطي!

_ ”حڪيم“

”هٿ بند رکيل“ ڪنجوس جي خاص صفت آهي. اِها صفت بيان ڪري، ڪنجوسي مراد ورتي وئي آهي . ينعيٰ، تو وٽان منهنجي لاءَ مهرباني ڪرڻ ۾ هميشه ڪنجوسيءَ جو مظاهرو ٿيندو رهي ٿو ـ

علم بديع، علم بيان ۽ علم معانيءَ جي مثالن ۾ مون گھڻو ڪري شعر لکيا  آهن، مگر اهي سڀ علمَ، نثر ۾ به ڪم آڻبا ۽ ڏسبا آهن . البت شاعرن جي ڪلام ۾ ججها هوندا آهن.

پهاڪن ۾ ته صايع بدايع جون صفتون اڪثر لڀنديون آهن. عالمن جو متفق رايو آهي ته ”مجاز حقيقت کان وڌيڪ بليغ آهي“ ۽ ”ڪنايو وڌيڪ بليغ آهي صريح ڪلام کان“.

آءٌ هتي بديع ۽ بيان جي خوبين وارن پهاڪن مان مثال طور پهاڪا لکان ٿو.

 

پهاڪا

 

”آزمائي کي جو آزمائي، سو ڌوڙِ منهن ۾ پائي“. هِن پهاڪي ۾ ”ڌوڙ ۾ پائڻ“ ”ڪنايي“ مان ”اِيما“ جو قِسم آهي. ”ڌوڙ جو ٻڪُ کڻي، منهن ۾ وجهڻ“. اهو ڪبو آهي افسوس ۽ ماتم، ڏک جي اظاهر ۽ پڇتائڻ وقت. انهيءَ ڪري انهيءَ فقري مان  فوراً غير حقيقي معنيٰ افسوس ڪرڻ ۽ پڇتائڻ معلوم ئي وڃي ٿي. يعني جيڪو آزمائي کي آزمائيندو، سو آخر پڇتائيندو، پر حقيقي معنيٰ وٺبي، ته به ڪلام بي معنيٰ نه ٿيندو.

”اَڪنَ کان انب گھرڻ ناداني آهي“ـ هن ۾ ”استاره مُطلقه“ آهي، ڇو ته نه مستعارمنه (اقڪَن) جي ڪابه صفت بيان ٿيل آهي ۽ نه مستعارله (بڇڙي ۽ نالائق انسان) جي ڪا صفت بيان ڪيل آهي . جڏهن ته اڪن ۾ مٺاڻ جي خاصيت ۽ انبن واري لياقت ڪانهيءَ، تڏهن اڪن جو لفظ بڇڙي ۽ نالائق انسان لاءِ اڌوري وٺي، ڪم آندو ويو آهي، ۽ جڏهن ته اَڪنَ جي اَڪَ ٽٺڙي جي صورت  انبن جهڙي ئي ٿيندي آهي، انهيءَ     ڪري اڪن جو لفظ اهڙي انسان لاءِ ڪم آندل آهي، جنهن جي شڪل ته ماڻهن جهڙي هجي، مگر منجهس ماڻهپو ۽ فضيلت، لياقت ۽ فيض نه هجي. يعني بي فيض انسان مان اميد فيض جي رکڻ عبث اهي. ”انبن“ ۾ به ساڳيو استعارو آهي.

”جي اُکرين ۾ مٿا وجهن؛ سي مهرين ڀَئي ڪين ڊڄن.“ هن ۾ به ”استعاره مطلقہ“ آهي. جي مصيبتون سِر تي سهائيندا، سي دُکن ۽ تڪليفن کان نه ڊڄندا.

”اَنَ جو مُنهن جنڊ ڏي“. هن ۾ تمثيل“ آهي. هن ۾ ”وجہ جامع“ هڪ کان وڌيڪ ڳالهين کان ورتل آهي: (1) اَنَ جو منهن، (2) جنڊ.

”ترار جو ڦٽيل ڇٽي سگهي، زبان جو ڦٽيل نه ڇٽي“. هن ۾ ”استعاره موجوده“ آهي. مستعارلہ (جنهن کي گاريون ملن، يا جنهن جي گلا ٿئي) لاءِ ڦٽجڻ ۽ ڇٽڻ جون حالتون ڏيکاريل آهن.

”بُک ۾ مصر به مِٺو“. ”استعارفه مجرده“ آهي. ”بصر“ مستعارفمنہ آهي؛ ٿوري ۽ جهڙي تهڙي شئي مستعارفلہ. انهيءَ ماستعارلہ لاءِ ”مِٺو“ صفت بيان ڪيل آهي- يعني، وڏيءَ ضرورت وقت ٿوري پورت به غنيمت آهي.

”ٿڌو گهڙو پاڻ کي پاڻهئي ڇانوَ ۾ ويهاري“. هي ڪنايو آهي. ”ٿڌو گهڙو“ معنيٰ ”چڱو وڻندڙ انسان“. ”ڇانوَ“ معنيٰ سُک ۽ آرام“، عزب ۽ پيار يعني چڱو ۽ وڻندڙ انسان پاڻ کي پاڻهئي پيارو ۽ عزت وارو ڪندو.

”جيئرو ته لک جو، مُئو ته ڪک جو.“ هي به ڪنايو آهي. يعني جيئرو انسان قيمتي آهي. مُئو ته پائي به نه لهي.

”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مَٿا.“ هي به ڪنايو آهي. يعني زوراور ماڻهو هر طرح پنهنجي. ڏاڍائي ڏيکاري سگهي ٿو.

”سُتا سور نه جاڳاءِ.“ هي استعاره مطلقہ آهي. وسريل دردناڪ ڳالهين کي ”سُتا سور“، ۽ ياد ڏيارڻ کي ”جاڳائڻ“ سان استعارو ڪيو ويو آهي.

”وڙهن شينهن لتاڙجن ٻوڙا.“ هي به استعاره مطلقہ آهي. يعني وڙهن ڏاڍا مڙس، ستائجن ڪمزور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org