مولوي احمد جي شاعريءَ ۾ تجنيس لاحِق جو جائزو
·
جائزي جو ٿلهه
مولوي احمد ملاح سنڌي ٻوليءَ جو محافظ شاعر رهيو
آهي. سندس شاعريءَ ۾ لفظن جي جادوگري ڪمال جي آهي.
ان حوالي سان مولوي صاحب جي شاعريءَ تي فن ۽ فڪر
جي مختلف دائرن ۾ سندس شاعريءَ جي اڀياس جي ضرورت
آهي. هتي صنايع بدايع جي روشنيءَ ۾ ’تجنيس لاحق‘
مفقود آهي.
تجنيس لاحق مان مراد شعر ۾ يا شعر جي مصرع ۾ اهڙا
همجنس لفظ جيڪي شڪل توڻي وزن ۾ مماثلت رکندا هجن.
هيءَ تجنيس ’مضارع‘ جي پڻ ويجهو هوندي آهي، ليڪن
آوازن جي تبديليءَ ۾ مخرج جاچيا ويندا آهن. تجنيس
لاحق ۾ مختلف مخرج ۽ برابر وزن جو ميزان رکيو
ويندو آهي.
تجنيس لاحق بابت ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ هن ريت ڄاڻايل
آهي: ”تَجنِيسَ لاحِق: ث. شعر جي مصرع ۾ ٻن هم وزن
لفظن جي پھرئين اکر جي تبديل ۽ معنى مختلف هئڻ
واري صنعت ’پر قبوليندا خوشيءَ سان ڪين پنھنجي ٻار
هار‘.“ (بلوچ، 1981: 591)
جامع سنڌي لغات ۾ ڄاڻايل وصف ۽ تجنيس مضارع جي
وصف ۾ ڪو خاص فرق ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
تجنيس مضارع بابت جامع سنڌي لغات ۾ هن ريت دائرو ڏنل
آهي: ”تَجنيِس مُضارَع: ث. شعر ۾ ساڳئي آواز ليڪن
معنى ۽ صورتخطي مختلف هئڻ واري صنعت ’لال لب لعل
کان پڻ لال مٺا توکان ٿيا.“ (بلوچ، 1981: 591)
مضارع واري وضاحت ۽ مثال ڪنھن حد تي مناسب آهي،
ليڪن ان ۾ به جهولُ آهي. بيشڪ ڄاڻايل مثال ’لال ۽
لعل‘ ۾ هڪ اکر جي تبديليءَ کي صورتخطيءَ جو ئي فرق
سڏبو، ليڪن شعر ۾ ساڳئي آواز واري ڳالهه ڪنھن ٻي
تجنيس ڏانھن پڻ اشارو ڪري پئي. تجنيس مضارع ۾ هڪ
اکر توڻي آواز جو فرق رهندو آهي. جامع سنڌي لغات
موجب ’مُضارَع‘ جي اعراب ۾ به غلطيءَ جو امڪان
آهي.
بھرحال تجنيس لاحق ۽ مضارع واري فرق جو پيراميٽر
اهو ناهي، جيڪو ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڏنو ويو آهي.
تجنيس لاحق بابت مزمل حسين ’
اردو میں علم بیان اور علم بدیع کے مباحث: تحقیقی
و تنقیدی جائزہ‘ ۾ لکي ٿو : ”لفظی معنی ہے،
ملا ہویا، وابستہ، کسی چیز کے پیچھے یعنی آخر میں
لگا ہوا۔ اصطلاح میں یہ تجنیس کی وہ قسم ہے جس میں
دو ایسے ہم جنس الفاظ استعمال کیے گئے ہوں کہ ان میں
ایک حرف متحدالمخرج یا قریب المخرج نہ ہو بلکہ
مختلف آغاز، درمیاں یا آخر میں ہو سکتا ہے۔
یہ بھی اس نازک بدن کو بار ہو
گر کمر باندھے نظر کے تار سے
'بار' اور 'تار' میں تجنیس لاحق کی پہلی صورت واقع
ہے۔
یا فاطمہ کا لاڈلامقتول ہوا ہے
یا ذبح کوئی بندہء مقبول ہوا ہے۔
'مقتول' اور 'مقبول' میں 'ت' اور 'ب' جیسے حروف کا
فرق ہے اور یہ بعید المخرج ہیں لہٰذا یہ تجنیس
لاحق کی دوسری صورت ہے۔
آخر کی مثال دیکھیے ۔
سرمہ تسخیر سے ہم خود مسخر کیوں نہ ہوں
آنکھ کی پتلی جو تھی جادو کا پتلا ہو گیا۔
'پتلی' اور 'پتلا' میں 'ی'
اور 'الف' کا
اختلاف ہےاس
لیے
یہ
تجنیس
لاحق کی
صورت ہے۔
(مزمل، 2005:
78)
مزمل حسين جي وضاحت واضح پئي ڪري ته هن تجنيس ۾
وزن ته ساڳيو هجي، ليڪن آواز بعيد المخرج هجن.
’بار‘ ۽ ’تار‘، ’مقتول‘ ۽ ’مقبول‘ ۾ ڄاڻايل
ترتيبوار آواز ’ب ۽ ت‘ ۽ ’ت ۽ ب‘ بيشڪ (ت- شمسي ۽
ب- قمري) بعيد المخرج آهن، ليڪن آخري مثال ۾ ’الف
۽ ي‘ حرف علت يعني ڊگها سُر
(Vowels)
آهن، جيڪي سُرن
(Vowels)
جي خيال کان حلقيه آهن ۽ وينجن
(Consonant)
موجب قمري حرف آهن،
ان نسبت مزمل حسين جي ڏنل مثال کي به مناسب نه
سمجهبو.
·
جائزي جا سوال
مٿئين ٿلهه مان ’تجنيس لاحق‘ بابت هيٺيان سوال
اڀرن ٿا:
s
تجنيس لاحق کي ڪھڙي ميزان تي پرکڻ گهرجي؟ آواز يا
اکر تي.
s
ڇا هن تجنيس ۾ ’قريب المخرج‘ ۽ ’متحد المخرج‘ وارا
اکر يا آواز اچي سگهن ٿا؟
s
ڇا تجنيس لاحق جي مثالن ۾ صرف بعيد المخرج جا اکر
يا آواز شامل ٿي سگهندا؟
s
ڇا هن تجنيس ۾ هڪ ئي اکر يا آواز جو اختلاف رکيو
ويندو آهي؟
s
ڇا تجنيس لاحق ۽ تجنيس مضارع ۾ ڪا مماثلت آهي؟
·
جائزي جو عمل
’فيروز اللغات‘ عربي- اردو جي مدد سان ڄاڻايل
اصطلاح جي لغوي اکيڙ رکجي ٿي:
?
تجنيس لاحِق: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو
پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + لاحِق-
فاعل- صفت (لَحِقَ = هو هن سان وڃي مليو- هو هن
سان چھٽيو رهيو)] مليل- ڳنڍيل- پويان اچي ملڻ
وارو- پھچڻ وارو- ڪنھن شعر ۾ اهڙا همجنس لفظ ڪم
آڻڻ جن جي اڳيان، وچ يا آخر ۾ بعيد المخرج اکر/
آواز جي تبديلي واقع هجي، جيئن: خدا- سدا، قھر-
قصر- قدر- قدم وغيره.
مولوي صاحب جو هڪ شعر آهي:
سدا ساريان سڄڻ سائين، وَرو آهُن مٿي آئين،
هلي آءُ گڏ حشر تائين، رهون خوش خوب خوش حالا.
(ڪليات 2: 71)
’خوش‘ ۽ ’خوب‘ ۾ آخري اکر جي تبديلي آهي. ’ش =
اَسليه- شمسي‘ ۽ ’ب = شفويه- قمري‘ بعيد المخرج
آهن، يعني ٻئي ’شمسي ۽ قمري‘ مخرجي گروهه پاڻ ۾
مليل/ چھٽيل آهن، ان سبب ان چال کي تجنيس لاحق ٿو
چئجي.
مختصر اڀياس مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته تجنيس
لاحق ۽ تجنيس مضارع ۾ هڪ اکر جي تبديليءَ نسبت
مماثلت آهي، ليڪن واضح فرق اکرن/ آوازن جي ’مخرج‘
جو آهي. جيئن ته هن تجنيس جو بنياد عربي کان سنڌي
ٻوليءَ ۾ آيو آهي، ان لاءِ اسان کي عربيءَ جي مخرج
کي ئي ميزان بڻائڻو پوندو. عربيءَ جي نسبت،
اٺاويھه اکرن/ آوازن جي مخرج کي ٻن گروهن: ’شمسي ۽
قمري حروف‘ ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن:
ü
شمسي حروف:
هن ۾ ٻه مخرج ترتيب ڏيئي، ان ۾ چوڏهن اکر رکيا ويا
آهن:
1.
سِنيـه
(ڏندن تي زبان رکڻ سان) : ت ث د ذ ط ظ ل ن.
2.
اَسليه
(زبان جي چوٽيءَ وارا) : ر ز س ش ص ض.
مٿين اکرن يا انهن جي آوازن کي ’شمسي حروف‘ سڏيو
ويندو آهي، جيڪڏهن ساڳئي مخرج وارا آواز/ اکر
هوندا ته متحد المخرج سڏبا، پر جيڪڏهن شمسيءَ جا
مختلف مخرج هوندا ته ان کي قريب المخرج چئبو.
ü
قمري حروف:
هن ۾ ٽي مخرج ترتيب ڏيئي، ان ۾ چوڏهن اکر رکيا ويا
آهن:
3.
شَفويه
(چپن وارا) : ب ف م و.
4.
لھويه
(سخت تارونءَ وارا) : ج ي.
5.
حَلقيه
(نڙيءَ وارا) : الف ح خ ع غ ق ڪ هه.
مٿين اکرن يا انهن جي آوازن کي ’قمري حروف‘ سڏيو
ويندو آهي، ساڳين مخرج وارن اکرن کي متحد المخرج ۽
قمريءَ جي مختلف مخرج وارن آوازن کي کي قريب
المخرج چئبو.
مٿين ورڇ بعد ترتيب هن ريت بيھي ٿي:
ü
قمري 14 اکر:
ا ب ج ح خ ع غ ف ق ڪ م و هه ي.
ü
شمسي 14 اکر : ت ث د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ل ن.
اها ترتيب نحوَ، لغت ۽ علم عَروض جي ماهر، خليل بن
احمد فراهيدي بصري (780) ترتيب ڏني هئي.
اُن حرفن/ آوازن کي حلق جي مخرج مطابق درجي بدرجي
ترتيب ڪيو: ’ع ح هه، خ غ ق، ڪ ج ش ض، ص س ز،
ط د ت، ظ ذ ث، ر ل ن ف، ب م ء ي و‘.
بيشڪ لسانيات جي محققن آڏو اهو وڏو ڪارنامو ۽ قدر جي لائق هو.
(سلیم،
۱۹۸۱: ۹۱ سے
۹۲)
تجنيس لاحق ۾ اهو خيال رکيو ويندو آهي ته ساڳي
مصرع يا شعر ۾ اهڙن همجنس لفظن جو استعمال هجي،جن
جا تبديل اکر/ آواز بعيد المخرج هجن.
·
تجنيس لاحق ۽ تجنيس مضارع ۾ مماثلت ۽ فرق
اها ڳالهه واضح ٿي بيٺي آهي ته هڪ اکر جي تبديليءَ
واري مماثلت ٻنهي ۾ آهي، ليڪن تجنيس لاحق ۽ مضارع
۾ فرق جاچڻ لاءِ وزن ۽ مخرج جو اطلاق ٿئي ٿو، ان
حوالي سان سنڌي علم عروض جي ڏاهي شيخ محمد ابراهيم
خليل تجنيس مضارع لاءِ ڄاڻايو آهي: ”تجنيس مضارع:
هڪجھڙن لفظن ۾ ڪي حرف جي قريب المخرج آهن سي جدا
هجن پر رڳو هڪ حرف هوندو آهي. اهو حرف منڍ ۾، وچ ۾
يا پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي.
ڏند دلبند تنھنجا مرواريد، لال لب تنھنجا لعل
رماني.
لال ۽ لعل ۾ الف ۽ عين قريب المخرج حرف آهن.“
(خليل، 1983: 56)
شيخ ابراهيم خليل جي مثال تي اختلاف رکڻ کان هٽي
ڪري، اها ڳالهه چٽي طرح سامهون اچي ٿي ته تجنيس
مضارع ۾ ’متحد المخرج يا قريب المخرج‘ آواز يا اکر
جي تبديلي واقع ٿئي ٿي؛ جڏهن ته تجنيس لاحق ۾
’بعيد المخرج‘ هجڻ گهرجي.
·
تجنيس لاحق ۽ تجنيس مضارع ۾ مماثلت ۽ فرق جو مثال:
تجنيس لاحق ۽ مضارع جي لفظن ۾ هڪ اکر/ آواز جي
تبديليءَ جي مماثلت آهي، ليڪن آوازن نسبت
’قريب المخرج‘ ۽ ’بعيد المخرج‘
جو فرق ٿئي ٿو، جيئن:
تجنيس مضارع جو مثال:
اڳ ’مَرڻ‘، تنھن لڳ ’مِلڻ‘، مَخرج لَھين ري کان نه لام،
ڪنھن مشائخ ايئن مون کي، مَذڪور موچارا ڏنا.
(ڪليات 1: 387)
ان شعر ۾ ’مرڻ‘ ۽ ’مِلڻ‘ وارن لفظن ۾ ’ر‘ (اَسليه
مخرج) ۽ ’ل‘ (سِنيه مخرج) ۾ مخرجي ساڳيائپ ناهي،
ليڪن گروهي لحاظ کان انهن جو شمار ’شمسي حروف‘ ۾
ٿئي ٿو ، ان سبب انهن کي ’قريب المخرج‘ چئجي ٿو،
ان بنياد تي مٿيون مثال ’تجيس مضارع‘ جو سڏبو.
تجنيس لاحق جو مثال:
’رات‘ ڏينھن تنھنجو رڳوئي، ’راڳ‘ رڳ رڳ روح ۾،
تنھنجون تن من ۾ تنوارون، ’تون‘ ڪري ٿي تند تند.
(ڪليات 2: 216)
مٿئين شعر ۾ ’رات ۽ راڳ‘ ۾ هڪ اکر/ آواز جي
تبديليءَ سبب تجنيس لاحق جو مثال چِئي سگهجي ٿو،
ڇاڪاڻ ته ’ت‘ (سنيه مخرج- شمسي) ۽ ’ڳ‘ (حلقيه
مخرج- قمري) ۾ گروهي اختلاف آهي، ان سبب ان کي
’تجنيس لاحق‘ ڪوٺيو ويندو. (واضح رهي ته سنڌي اکر/
آواز به عربي مخرجن جي آوازن سان ڀيٽي، گروهه ۾
سمجهيو ويندو.)
·
هڪ شعر ۾ تجنيس لاحق ۽ تجنيس مضارع جي موجودگي
اکيون ’احمد‘ اُتر ’ترسن‘، بھاريون بوند سان ’برسن‘،
دڙي تان دوست جو ’درسن‘، اٿم دل جي دوا البت.
(ڪليات 2: 127)
ü
تجنيس لاحق جو مثال:
’ترسن ۽ برسن‘ ۾ ’ت‘ (سنيه مخرج- شمسي) ۽ ’ب‘ (شفويه مخرج-
قمري) بعيد المخرج وارا آواز/ اکر آهن، ان سبب ان
کي تجنيس لاحق ڪوٺبو.
ü
تجنيس مضارع جو مثال:
’ترسن ۽ درسن‘ ۾ ’ت‘ (سنيه مخرج- شمسي) ۽ ’د‘
(سنيه مخرج- شمسي) ساڳئي مخرج وارا آواز ۽ شمسي
حرفين آهن، ان سبب ان جي تجنيس مضارع ڪوٺبي.
·
تجنيس لاحق جو دائرو
اڀياس مان جيڪي نڪتا چٽا ٿي بيھن ٿا، سي هن ريت
آهن:
ü
تجنيس لاحق جي لفظن ۾ هڪ اکر جو فرق رکيو ويندو
آهي.
ü
تجنيس لاحق ۾ اکر جو فرق لفظ جي اڳيان، وچ ۾ يا
آخر ۾ ٿي سگهندو آهي.
ü
تجنيس لاحق جي لفظن جي اکرن/ آوازن ۾ ’بعيد
المخرج‘ هجڻ لازم آهي.
ü
تجنيس لاحق جي لفظن ۾ آوازن جي وزن واري برابري
لازمي آهي.
·
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس لاحق جو جائزو
شروعاتي
اکر/ حرف جي تبديليءَ سان:
ٿڌا ٿاڪ ٿر جا، جتي ٿين ’ٿوڪ،
رهيا راڄ، راڄا، رهي ڪانه ’روڪ،
لکين قسم لايون، لُڻن پوک ’لوڪ،
مٿي مينھن مارن وسن ’اوڪ‘ ’موڪ‘،
ڀڄي ڪينَ ڀيرو بھارن سندو.
(ڪليات 1: 289)
’ٿوڪ (ٿ- سِنيه مخرج)، روڪ (ر- اَسليه مخرج) ۽ لوڪ
(ل- سِنيه مخرج) قمري مخرج آهن، جڏهن ته ’اوڪ
(الف- حلقيه مخرج) ۽ موڪ‘ (م- شفويه مخرج) شمسي
مخرج آهن. اڳين اکرن جي تبديليءَ سان اڳيان ٽي
آوازَ ۽ پويان ٻه آوازَ بعيد المخرج هجڻ سبب
’تجنيس لاحق‘ سڏبي.
پُھتا ’پَلڪ‘، طوبى ’تَلڪ‘، گهميا ’فَلڪ‘، ’مُلڪ‘ و
’مَلڪ‘،
بَر، بَحر، لَڪ جَلوا ’جهَلڪ‘، چؤڏس بَلڪ چمڪار آهه.
(ڪليات 2: 501)
مٿئين شعر ۾ اڳئين هڪ اکر جي فرق سان ڇهه لفظ هم
وزن آهن، انهن ۾ هڪ لفظ ’تَلڪ‘ ۾ (ت- سِنيه مخرج)
شمسي آواز وارو اکر آهي، جڏهن ته ’پلڪ‘ (پ- شفويه
مخرج)، ’فَلڪ‘ (ف- شفويه مخرج)، ’مُلڪ‘ (م- شفويه
مخرج)، ’بلڪ‘ (ب- شفويه مخرج) ’جهَلڪ‘ (جهه- لھويه
مخرج) ۾ قمري آوازَ وارا اکر آهن، هڪ اکر جو ٻين
اکرن جي ڀيٽ ۾ بعيد المخرج سڏبو، ان سبب ان کي
تجنيس لاحق ۾ شمار ڪبو.
واهه، سانوَڻ ’ڏينھن‘، ساوڪ ’مينھن‘، سانوَل ساڻ
’نينھن‘،
يار ڀيڙو، باغ بلبل، بُوند بار و بار گڏ.
(ڪليات 2: 230)
’ڏينھن
(ت- سِنيه مخرج)
۽
نينھن‘
(ت- سِنيه مخرج) لفظن ۾ شمسي آواز/ اکر ۽
مينھن
(م- شفويه مخرج) ۾ قمري آواز/ اکر آهن، ان بعيد
المخرج واري چال کي تجنيس لاحق ڪوٺبو.
گڏهه، گهوڙا به گڏ ’شامل‘، چڙهيو ته به سِر ڪُلهن
’ڪامل‘،
اديون، آيم اڱڻ ‘عامل‘، ٻڌو ڙي، ٻاٻيھل ٻولي.
(ڪليات 2: 530)
’شامل‘ (ش- اَسليه مخرج)
شمسي آواز/ اکر آهي، جڏهن ته
’ڪامل‘
(ڪ- حلقيه مخرج) ۽ ’عامل‘ (ع- حلقيه مخرج) قمري
آواز/ اکر آهي، بعيد المخرج سبب ان کي تجنيس لاحق
سمجهبو.
سڄڻ سڏيَم، ’شَڪر‘ يا ’سَڪر‘ گهرجي،
ويھي ايءَ ڳالهه ويچاريَم ’فڪر‘ سان.
(ڪليات 2: 376)
’شڪر‘ (ش- اَسليه مخرج)
۽
’سڪر‘
(س- اسليه مخرج)
شمسي آواز/ اکر آهن، جڏهن ته ’فڪر‘
(ف- شفويه مخرج) قمري آواز/ اکر آهي، بعيد المخرج
سبب ان کي تجنيس لاحق سمجهبو.
سڄڻ، تو ري اڀا سج چنڊ، اُلھن اڀرن اکين سامهان،
ڏٺي تن کي طبيعت جي، کُلي ’طاقي‘ ته ’باقي‘ ڇا.
(ڪليات 2: 43)
’طاقي
(ط- سِنيه مخرج)
شمسي اکر ۽ ’باقي‘
(ب- شفويه مخرج)
۾ بعيد المخرج سبب ’تجنيس لاحق‘ آهي.
پڙهيم لاتقنطُوا ’فرمان‘، گئي احمد اُتان ’ارمان‘،
مِلي دل دي دوا ’درمان‘، ڪلما پاڪ پروَر دا.
(ڪليات 2: 29)
’فرمان
(ف- شفويه مخرج، قمري)
ارمان
(ا- حلقيه مخرج، قمري)
۽ درمان
(د- سِنيه مخرج، شمسي)‘ ۾ بعيد المخرج آهي.
ڏسو قدرت سندي ’قادر‘، ته صحبت جت ٿئي ’صادر‘،
نظر سان نازنين ’نادر‘، ٻڍي مان ٻار ٿي آيس.
(ڪليات 2: 298)
’قادر‘
(ق- حلقيه مخرج، قمري)
، ’صادر‘
(ص- اَسليه مخرج، شمسي)
۽ ’نادر‘
(ن- سنيه مخرج، شمسي)
بعيد المخرج آهي.
·
وچئين اکر/ حرف جي تبديليءَ سان
ٿيَم دل شاد، دل ’آزاد‘ ’آباد‘،
ويَم اندر منجهان ارمان انديش.
(ڪليات 2: 304)
’آزاد ۽ آباد‘ ۾ وچيان اکرَ ’ز‘ (اسليه مخرج،
شمسي) ۽ ’ب‘ (ب- شفويه مخرج، قمري) بعيد المخرج
سبب تجنيس لاحق آهي.
تا ’اسُر‘ ٻاريان ’اگر‘ ۽ عود اهنجي آسري،
ڪن پکين ڏي پرهه ۾، پانڌين پڇان پيغام خاص.
(ڪليات 2: 307)
’اسُر ۽ اگر‘ وچئين اکر ’س‘ (اسليه مخرج، شمسي) ۽
’گ‘ (حلقيه مخرج، قمري) جي بعيد المخرج سان تجنيس
لاحق جو مثال آهي.
هن وار جو، سڏ پار جو، سرڪار جو، ڏاتار جو،
اڄ يار جو، ’دلدار‘ جو، ’دادار‘ جو ديدار آههِ.
(ڪليات 2: 501)
’دلدار ۽ دادار‘ وچئين اکر ’ل (سنيه مخرج، شمسي) ۽
’ا‘ ڊگهو سُر (حلقيه مخرج، قمري) جي بعيد المخرج
سان تجنيس لاحق جو مثال آهي.
جهَلي دَر نه ’ديوار‘ ’ديدار‘ کان،
ڀڃي قلب رکيا ڪڙا، قفل ڪوٽ.
(ڪليات 2: 159)
’ديوار ۽ ديدار‘ وچئين اکر ’و‘ (شفويه مخرج،
قمري) ۽ ’د‘ (سنيه مخرج، شمسي) جي بعيد المخرج
سبب تجنيس لاحق رهندي.
هُت ’وڃڻ‘ ويري نه ڏينَم، هِت ’وَرڻ‘ واري نه ڪا،
هَٿَ کڻان هيڏي ڪِ هوڏي، پير چوريان؟ چوريان چور ٻَئي.
(ڪليات 2: 584)
’وڃڻ ۽ ورڻ‘ ۾ وچئين اکر ’ڃ‘ (لھويه مخرج، قمري)
۽ ’ر‘ (اسليه مخرج، شمسي) جي بعيد المخرج سبب
تجنيس لاحق رهندي.
·
آخري اکر/ حرف جي تبديليءَ سان
سدا جاني، جيين تون شال، منھنجي موءِ ڇا ٿيندو،
پَچن پَروان پاڻهين، ناهه پَرواهه پوءِ ڇا ٿيندو.
(ڪليات 2: 477)
آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال
آهي.
’پروان‘ ۽ ’پرواهه‘ ۾ آخري اکر ’ن‘ (سنيه مخرج،
شمسي) ۽ ’هه‘ (حلقيه مخرج، قمري) جي بعيد المخرج
سبب تجنيس لاحق رهندي.
اسان کي عيش عشرت عيب ’احمد‘،
فقيرن جو فخر فاقي فقر سان.
(ڪليات 2: 377)
’عيش‘ ۽ ’عيب‘ ۾ آخري اکر ’ش‘ (اسليه مخرج، شمسي)
۽ ’ب‘ (شفويه مخرج، قمري) جي بعيد المخرج سبب
تجنيس لاحق رهندي.
روئي چَئون ڇو نه قادر کي، ته قابو ڪر تون
ڪانئيرن،
جڏهن ’مَحبوس‘ اڄ ’محبوب‘ جھڙا مور ٿيا آهن.
’محبوس‘ ۽ ’محبوب‘ ۾ آخري اکر ’س‘ (اسليه مخرج،
شمسي) ۽ ’ب‘ (شفويه مخرج، قمري) جي بعيد المخرج
سبب تجنيس لاحق رهندي.
نه ’محروم‘ ڪر، بلڪ مرحوم ڪر مون،
مَرڻ ڏي مسافر کي منجهه مُلڪ ’محروس‘.
(ڪليات 2: 292)
’محروم‘ ۽ ’محروس‘ ۾ آخري اکر ’م‘ (شفويه مخرج،
قمري) ۽’س‘ (اسليه مخرج، شمسي) جي بعيد المخرج
سبب تجنيس لاحق رهندي.
·
قافين ۾ تجنيس لاحق
مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ لفظ جي بازيگري ڪمال جي
آهي، ايتريقدر جو سندس قافين ۾ به تجنيس لاحق جا
مثال ملن ٿا. قافين ۾ آخري حرف کي ’حرف رَوي‘
ڪوٺيو ويندو آهي، باقي قافين ۾ اڳين اکرن جي
تبديلي لازمي سمجهي ويندي آهي. هيٺ قافين جي نسبت
شروعاتي اکر جي تبديليءَ وارا مثال پيش ڪجن ٿا:
·
شروعاتي
اکر/ حرف جي تبديليءَ سان
جتي روح ريڌو، اتي روز رَک،
ڪڍي قلب ٻئي ڏي قياماً نه ڪک.
سبيَم ساهه هڪ سان، سوين مَر سڪن،
چڱا ڪير چوندو ٻيائيءَ کي ٻَک.
سڄڻ ساڻ صف ۾ صفا ٿي بيھن،
انهن جا اجايا وڃن ميٽ مَک.
اِرم ۾ نه آرام ان ري اچيم،
پرينءَ پار پھچان ڪري پير پَک.
ڏيکارين جن کي ڏکويو هجيم،
مٺا، مفت مون سان رکن کار کَک.
ويھڻ وهه ٿيم، واٽ ڪهڙي وڃان،
نه لانگهو نه ليڪو نڪو لڙهه نه لَک.
ڪندي خرچ خذمت سندن ۾ رسان،
ته لک دل نه لوڙهيان، لڳن خواه لَک.
احد ساڻ ’احمد‘ جو عهدو الست،
ٻيو جڳ ڀلين جام ماري پيو جَک.
(ڪليات 2: 326)
مٿئين غزل جي قافين ۾ اڳيون اکر جي بنياد تي، ’رَک
(ر- اَسليه مخرج، شمسي)-
ڪَک
(ڪ-حلقيه مخرج، قمري)-
ٻَک
(ٻ- شفويه مخرج، قمري)-
مَک
(م- شفويه مخرج، قمري)-
پَک
(پ-شفويه مخرج، قمري)-
کَک
(ک- حلقيه مخرج، قمري) لَک
(ل- سنيه مخرج، شمسي)-
جَک
(ج- لھويه مخرج، قمري)
۾ بعيد المخرج سبب تجنيس لاحق سڏبي.
نه ڪرهو ڪاڪ تي آيو، اُڏر ڪاغذ کڻي ’ڪانگا‘،
سلامي ٿي سَنيھو ڏج، ڇڏيان ڪهڙي سبب ’سانگا‘.
رهاڻيون روح ۾ رهنَم، رسڻ سان رڻ ڪيَئي راڻا،
لڳان اڄ لوڪ ۾ ليزم، ٿيا لازم مٿم لانگا.
سَڙيم سورن ڪنان صورت، سوا تو سيج ٿي سوري،
ونهيَل، ويھي وهايم رات، اٿيا ٻانگ تي ٻانگا.
نه واهي ڇو نماڻي نار، نارا نِير نيڻ مان،
جڏهن ناموس وارا نَر، نھوڙي نينھن ڪيا نانگا.
پَٽوريون پَٽ مٿي اُڇليان، پٿر پَٿراڻين بدران،
نه باغن ۾ بھاريون اڄ، ٿيا ڦوڙاءِ ۾ ڦانگا.
ميارن مارڙي آهيان، معافي مينڌرا، گهرجي،
روان رت، ٿي روانو هت، روا راڻا، نه رُوسانگا.
نه ڄاڻي مينڌري منھن موڙيو، مومل جي ماڙيءَ کان،
احد گهرجي ته ’احمد‘ رک، نه اندر تون به آلانگا.
(ڪليات
2: 67)
’ڪانگا
(ڪ- حلقيه مخرج، قمري)-
سانگا
(س- اَسليه مخرج، شمسي)- لانگا
(ل- سنيه مخرج، شمسي)-
ٻانگا
(ٻ- شفويه مخرج، شمسي)- نانگا
(ن- سنيه مخرج، شمسي)-
ڦانگا
(ڦ- شفويه مخرج، قمري)
‘ وارن قافين ۾ پھريان اکر، بعيد المخرج سبب تجنيس
لاحق جو مثال آهي.
ڌُرائين دوست هڪ سان دل ٻَڌم خاص،
لَڙي لَڪ تان لقا لالڻ لَڌم خاص.
ڪُنڍو نڪ، ڪان جي قد، ڪونج جيئن ڪنڌ،
پرينءَ جي پاڪ پيرن ۾پَدم خاص.
هلي زاريءَ بنا ڇا زور تن سان،
ڀلا جن ساڻ لشڪر لک پَدم خاص.
کُلي درٻار جو در يارَ، مون تي،
ته خدمت ۾ رهان خادم خدم خاص.
ڪڏهن اُو ڏينھن ايندو يا الاهي،
جڏهن چُمندس قريبن جا قدم خاص.
ٿيو ’احمد‘ مٿي احوال روشن،
ته آدم آهه دَم ڪو يا عَدم خاص.
(ڪليات 2: 308- 309)
’ٻَڌم
(ٻ- شفويه مخرج، قمري)-
لَڌم(ل-
سنيه مخرج، شمسي)- پَدم(پ-
شفويه مخرج، قمري)-
خَدم
(خ- حلقيه مخرج، قمري)-
قَدم
(ق- حلقيه مخرج، قمري)- عَدم
(ع- حلقيه مخرج، قمري)‘
بعيد المخرج سبب تجنيس لاحق آهي.
مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال ملندا
جيڪي قافين جي صورت ۾ ’تجنيس لاحق‘ جا مثال بيھن
ٿا. هي ٽي غزل خيال خاطر پيش ڪيا ويا آهن.
·
حاصل مطلب/ اختصار/ نتيجو
?
تجنيس لاحق مان مراد شعر ۾ اهڙا همجنس لفظ،
جيڪي وزن ۾ برابر ۽ اکرن/ آوازن جي تبديل سبب بعيد
المخرج هجن.
?
هن تجنيس ۾ هڪ اکر جو فرق رکيو ويندو آهي،
جيڪو لفظ جي اڳيان، وچ يا آخر ۾ ٿي سگهي ٿو.
?
هيءَ تجنيس، هڪ اکر جي تبديليءَ سان بلڪل
تجنيس مضارع سان مماثلت رکي ٿي، فرق صرف اکر جي
آواز واري مخرج جو هوندو آهي. تجنيس لاحق ۾ اکر/
آواز بعيد المخرج هوندا آهن، جڏهن ته تجنيس مضارع
۾ قريب المخرج هوندا آهن.
?
تجنيس لاحق ۾ لفظن جي وزن جي برابري پڻ لازمي
ليکي ويندي آهي.
?
مخرج جي بنياد تي آواز ٻن حصن ۾ ورهايل آهن،
هڪڙا: شمسي ۽ ٻيا: قمري.
?
هڪ مثال خيال خاطر ڏجي ٿو:
ڏسو قدرت سندي ’قادر‘، ته صحبت جت ٿئي ’صادر‘،
نظر سان نازنين ’نادر‘، ٻڍي مان ٻار ٿي آيس.
’قادر‘
(ق- حلقيه مخرج، قمري)
، ’صادر‘
(ص- اَسليه مخرج، شمسي)
۽ ’نادر‘
(ن- سنيه مخرج، شمسي)
۾ پويان ٻه آواز/ اکر اڳئين جي ڀيٽ سان بعيد
المخرج آهن، ان سبب ان شعر جي تجنيس لاحق سڏبي.
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مضارع‘ جو
جائزو
·
اڀياس جو پس منظر
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ لفظن جي جڙاوت جا
مثال انيڪ آهن، اهڙي لفظي جڙاوت ۽ گهڙاوٽ ۾ مولوي
صاحب جي جوڙ جيس جو ڪو شاعر ڪونهي. اها سنڌي قوم
جي بدقسمتي آهي جو مولوي صاحب جي ڪيل ڪم تي درست
رخ سان ڪو تنقيدي يا تجزياتي ڪم ٿيو ڪونهي. جس هجي
اسسٽنٽ پروفيسر ضرار رستماڻيءَ کي جنھن پنھنجي
هڙان وڙان، جهنگ جهر جهاڳي مولوي صاحب جي شاعريءَ
کي ذميواريءَ سان سھيڙي يڪجا ڪيو آهي ۽ لفظ لفظ تي
غور ڪري ان جي تصحيح پئي ڪئي/ ڪرائي آهي. جيڪو ڪم
ادارن کي ڪرڻ کپندو هيو، جيڪو ڪم هڪ جوڙيل ڪاميٽي
ڪري سگهي، اهڙو ڪم هن مرد مجاهد، گوڏو کوڙي ۽ نور
نچوئي، چند ماڻهن جي مشورن سان پنھنجي سِر ڪيو
آهي. کيرون لھڻي اهڙو ماڻهو جيڪو پنھنجي حال سارو
ڪم ڪري پاڻ کي قوم ۾ زنده رکيو آهي.
مولوي صاحب جي فن ۽ فڪر تي ڪم ڪرڻ جا پاسا ڪافي
آهن. مان بنيادي طور تي لسانيات جو شاگرد آهيان،
تنھن هوندي به مون فرض سمجهيو ته هن وساريل بزرگ
جي فن تي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري، پنھنجي قوم ۾
جيئدان حاصل ڪريان.
صنايع بدايع هڪ پيچيدو علم آهي ۽ ان جا منجهيل
پيراميٽر ٿين ٿا. منھنجي ڪوشش رهي آهي ته انهن
پيراميٽرن جو دائرو بيان ڪندي، ان اندر مولوي صاحب
جي شاعريءَ تي نظر ڌريان. مولوي صاحب جي فني خوبين
آهر چند تجنيسن تي ڪم ڪري چڪو آهيان. هتي مولوي
صاحب جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مضارع‘ مقصود آهي. تجنيس
مضارع مان مراد آهي ته ’اهڙا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ
همجنس لفظ، جن جو ڪو هڪ اکر تبديل هجي ۽ شڪل ملندڙ
جلندڙ هجي. ان کان علاوه هم وزن ۽ متحد المخرج يا
قريب المخرج هجي. جيڪڏهن اکر جي بنيادي شڪل ساڳي
هوندي ته ان کي تجنيس خطيءَ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.
·
اڀياس جا سوال
s
تجنيس مضارع مان ڇا مراد آهي؟
s
ڇا اکر جي ساڳئي گهر واري تبديليءَ کي تجنيس
مضارع ۾ شامل ڪري سگهبو؟
s
اکر جي تبديليءَ ۾ حرف علت به شامل آهي ته ڇا
اعراب کي به شامل ڪري سگهجي ٿو؟
s
ڇا ان تجنيس جو دارومدار آواز تي آهي يا اکر
تي؟
s
ڇا هن تجنيس ۾ مخرج جي بنياد تي شمسي ۽ قمري حرفن
جو به ڪو ڪردار آهي؟
s
تجنيس مضارع جي تجنيس خطي، حرفي، مطرف ۽ لاحق
سان ڪيتري مماثلت آهي؟
·
اڀياس جو عمل
ڪنھن شعر يا بيان ۾ تجنيس مضارع تڏهن سڏجي ٿي،
جڏهن ان ۾ اهڙا همجنس لفظ ڪم آيل هجن جن جو، ڀيٽ
جي صورت ۾، هڪ اکر تبديل ٿيل هجي. مٿين سوالن جي
روشنيءَ ۾ ڄاڻايل تجنيس جي اکيڙ ڪجي ٿي:
·
تجنيس مضارع جي معنى ۽ مفھوم
جامع سنڌي لغات موجب: تَجنيِس مُضارَع: ث. شعر ۾
ساڳئي آواز ليڪن معنى ۽ صورتخطي مختلف هئڻ واري
صنعت ’لال لب لعل کان پڻ لال مٺا توکان ٿيا.‘
(بلوچ، 1981: 591)
جامع سنڌي لغات واري وضاحت ۽ مثال ڪنھن حد تي
مناسب آهي، ليڪن ان ۾ به جهولُ آهي. بيشڪ ڄاڻايل
مثال ’لال ۽ لعل‘ ۾ هڪ اکر جي تبديليءَ کي
صورتخطيءَ جو ئي فرق سڏبو، ليڪن شعر ۾ ساڳئي آواز
واري ڳالهه ڪنھن ٻي تجنيس ڏانھن پڻ اشارو ڪري پئي.
تجنيس مضارع ۾ هڪ اکر توڻي آواز جو فرق رهندو آهي.
جامع سنڌي لغات موجب ’مُضارَع‘ جي اعراب ۾ به
غلطيءَ جو امڪان آهي.
شيخ محمد ابراهيم خليل پڻ ساڳئي مثال سان ڄاڻايو
آهي: ”تجنيس مضارع: هڪجھڙن لفظن ۾ ڪي حرف جي قريب
المخرج آهن سي جدا هجن پر رڳو هڪ حرف هوندو آهي.
اهو حرف منڍ ۾، وچ ۾ يا پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي.
ڏند دلبند تنھنجا مرواريد، لال لب تنھنجا لعل
رماني.
لال ۽ لعل ۾ الف ۽ عين قريب المخرج حرف آهن.“
(خليل، 1983: 56)
شيخ ابراهيم خليل، جيڪا ’قريب المخرج‘ واري ڳالهه
ڪئي آهي، سا نھايت اهم آهي. ڇاڪاڻ ته تجنيس مضارع
۾ متحد المخرج يا قريب المخرج لفظ ئي شامل ڪيا
ويندا آهن. ڊاڪٽر خليل واري ڳالهه ڪنھن حد تي
مناسب آهي ته ’الف ۽ عين‘ متحد المخرج آهن، ليڪن
اهو به واضح ڪندو هلجي ته لفظ ’لال‘ ۾ الف جي
حيثيت ’حرف علت‘ واري آهي. تنھن هوندي به اهي ٻئي
آواز ’الف ۽ عين‘ حلقيه- قمري حرفين آهن.
دراصل اهو مثال سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڳئي اچار جي نسبت
’تجنيس لفظ‘ جو به ٿي سگهي ٿو، جنھن موجب آواز ته
ساڳيا جڙندا آهن ليڪن صورتخطيءَ ۾ فرق هوندو آهي.
ائين کڻي چئجي ته ڌاري ٻوليءَ جي نسبت آواز ساڳيا
بيھندا آهن، جيئن: سفر ۽ صفر.
حقيقت ۾ قريب المخرج آواز مختلف ٻولين ۾ مختلف
ٿيندا آهن. جيئن: عربي لفظ ’صلح‘، ’افتعال‘ جي وزن
تي اصتلاح بيھندو، ليڪن قريب المخرج آهر ’اصطلاح‘
مروج آهي. يعني ’ت‘ ۽ ’ط‘ قريب المخرج آهن. فارسي
لفظ ’پليد‘، سنڌيءَ ۾ ’پليت‘ ڪم اچي ٿو. يعني ’د‘
۽ ’ت‘ قريب المخرج آهن.
هتي تجنيس مضارع ۾ ڪنھن شعر ۾ ’قريب المخرج‘ مان
مراد آهي، شمسي يا وري قمري اکرن جو استعمال! يعني
قمري اکرن ۾ شفويه- لھويه ۽ حلقيه وارن مختلف
مخرجي آوازن کي قريب المخرج سڏبو، ائين ئي تبديل
ٿيندڙ شمسي اکرن ۾ سِنيه ۽ اَسليه وارن مختلف
مخرجي آوازن کي قريب المخرج سڏبو. ان لحاظ کان شيخ
ابراهيم خليل جي وضاحت ۽ مثال مناسب آهي.
ان حرفت بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻائي ٿو: ”ڪي تجنيس
خط ۽ مضارع هڪ ڄاڻندا آهن، ڪي ٻنهي جي وچ ۾ هي
تفاوت رکندا آهن ته ٻن همجنس لفظن جي منڍ يا وچ يا
پڇاڙيءَ وارو حرف مختلف ٿيندو آهي، يا هڪڙي حرف
علت جي بدران ٻيو ايندو آهي.
مرد ڪامل جي زماني کي نه هو ڪرڻو مون کي،
ڇو ٿي ’نادانيءَ‘ ۽ ’ناداريءَ‘ جو درجو ڪيئن عطا.
*****
هڪڙو ڄڻ ’گلخن‘ آهي، ٻيو ’گلشن‘
هڪڙو ’ڪفران‘ آهي، ٻيو ’غفران‘.
(قليچ، 2016: 101)
ٻن اڍائي لفظن جي تبديليءَ سان ظفر عباسي پڻ مرزا
قليچ بيگ واري وضاحت جيئن جو تيئن ڏني آهي، هو لکي
ٿو: ”ڪي ماڻهو تجيس خط ۽ مضارع کي هڪ سمجهندا آهن،
ڪي ٻنهي جي وچ ۾ اهو تفاوت رکندا آهن ته ٻن همجنس
لفظن جي منڍ يا وچ يا پڇاڙيءَ وارو حرف مختلف
ٿيندو آهي. يا هڪڙي حرف علت جي بدران پيو ايندو
آهي.
هن ’روح‘ خدا جي مان ٿي خوش خلق خدا جي،
هن ’راح‘ خدا جي مان ’زمين‘ خوش ۽ ’زمان‘ خوش.
(قليچ)
(ظفر، 2007: 415- 416)
مٿيان مثال همجنس لفظ: ’ناداني- ناداري‘ ۾ ’ن ۽ ر‘
جي تبديلي، ’گلخن- گلشن‘ ۾ ’خ ۽ ش‘ جي تبديلي،
’ڪفران- غفران‘ ۾ ’ڪ ۽ غ‘ جي تبديلي، ’روح- راح‘ ۾
’و ۽ ا‘ (حرف علت) جي تبديلي، ’زمين- زمان‘ ۾ ’ي ۽
ا‘ (حرف علت) جي تبديليءَ سان، تجنيس مضارع ڄاڻايا
ويا آهن
متحد المخرج يا قريب المخرج جي ميزان تحت، مرزا
قليچ بيگ جي ڄاڻايل مثالن ۾ ’ن ۽ ر‘، ’خ ۽ ش‘، ’ڪ
۽ غ‘، ’و ۽ الف‘ (حرف علت) ۽ ’ي ۽ الف‘ (حرف علت)
ڄاڻايا ويا آهن. انهن اکرن/ آوازن کي هيٺين مخرجن
تحت جاچجي ٿو:
ü
شمسي حرف
سِنيـه
(ڏندن تي زبان رکڻ سان) : ت ث د ذ ط ظ ل ن.
اَسليه
(زبان جي چوٽيءَ وارا) : ر ز س ش ص ض.
ü
قمري حرف
شَفويه
(چپن وارا) : ب ف م و.
لھويه
(سخت تارونءَ وارا) : ج ي.
حَلقيه
(نڙيءَ وارا) : الف ح خ ع غ ق ڪ هه.
?
’ن‘ (سِنيه، شمسي حرف) ۽ ’ر‘ (اَسليه، شمسي حرف)
قريب المخرج
?
’خ‘ (حلقيه، قمري حرف) ۽ ’ش‘ (اَسليه، شمسي حرف)
بعيد المخرج
?
’ڪ‘ (حلقيه، قمري حرف) ۽ ’غ‘ (حلقيه، قمري حرف)
متحد المخرج
?
’و‘ (حلقيه، قمري حرف) ۽ ’ا‘ (حلقيه، قمري حرف)
متحد المخرج
?
’ي‘ (لحويه، قمري حرف) ۽ ’ا‘ (حلقيه، قمري حرف)
قريب المخرج
نوٽ:
’ا، و ۽ ي‘ حرف علت طور ڪم آيا آهن، جيڪي سُر آواز
جي نسبت ڊگهن سُرن ۾ ڪم ايندا آهن، ان کان علاوه
حرف صحت، وينجن طور پڻ ڪم ايندا آهن؛ ٻنهي صورتن ۾
اهي قمري آواز آهن ۽ قريب المخرج سمجهيا ويندا.
البت، ’خ‘ ۽ ’ش‘ وارو مثال قريب المخرج ڪونهي، بلڪ
بعيد المخرج آهي، ان صورت ۾ ان کي ’تجنيس لاحق‘ جو
مثال سمجهڻ گهرجي.
اصطلاح ’تجنيس‘ مان مراد ئي اهڙا لفظ هوندا جيڪي
جنس ۾ ملندڙ جلندڙ هجن. اهڙي حالت ۾ ڪي به ٻه يا
وڌيڪ لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ هڪ ئي شعر يا ان جي سٽر ۾
جاچيا يا ڪم آندا ويندا آهن. مضارع لفظ عام طور
مشترڪ هجڻ جي معنى ۾ پڻ ڪم ايندو آهي، جيئن: ’زمان
مضارع‘ ۾ زمان حال ۽ مستقبل جو گڏيل تصور موجود
هوندو آهي. ائين ئي ’تجنيس مضارع‘ ۽ ’لاحق‘ ۾
هڪجھڙائي پڻ آهي. ان کان علاوه ٻين تجنيسن سان به
ان جي مماثلت جڙندي آهي.
تجنيس مضارع جي لفظي اکيڙ، فيروز اللغات عربي-
اردوءَ جي مدد سان هيٺين ريت پيش ڪجي ٿي:
·
تجنيس مضارع جو اشتقاق
تجنيس مُضارِع: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ =
هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ +
مُضارِع- مُفاعِل- اسم فاعل (ضَرَعَ = سج لھڻ جي
ويجهو ٿيو- هو ٻئي جھڙو ٿيو- هو ڀيٽ ۾ ويجهو ٿيو)
ڀيٽ رکندڙ- حال ۽ مستقبل جي معنى ڏيندڙ- مثل-
جھڙو- شريڪ- ويجهو- علم عَروض جو هڪ بحر (مفاعيلن
فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن)، جيڪو سالم ڪم نه آندو
ويندو آهي] تجنيس موجب همجنس لفظن ۾ اڳيان، وچ يا
آخر ۾ متحد المخرج يا قريب المخرج اکر/ آواز جي
تبديلي واقع هجي، جيئن: مرد- فرد، قرب- قلب، ڪاٺ-
ڪال وغيره.
·
تجنيس مضارع جو دائرو
تجنيس مضارع مان مراد اهڙا همجنس لفظ، جن جي پاڻ
۾،
قريب المخرج
هڪ اکر جي تبديليءَ سان، مشابھت هجي ۽ اکرن جي
تعداد ۾ فرق نه هجي، جنھن جا ٽي رخ ٿي سگهن ٿا:
1.
پھرئين اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’درد- سرد‘
وغيره.
2.
وچئين اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’اکر- امر‘
وغيره.
3.
آخري اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’شھر- شھد‘
وغيره.
مٿيان مثال آواز/ اکر جي نسبت وينجن نسبت ڏيکاريا
ويا آهن، جن جي پھرئين مثال ۾ شروعاتي اکر/ وينجن
’د (سنيه) ۽ س (اَسليه) شمسي‘، ٻئين ۾ وچيون اکر/
وينجن ’ک (حلقيه) ۽ م (شفويه) قمري‘ ۽ ٽئين ۾
آخري اکر ’ر (اَسليه) ۽ د (سِنيه) شمسي‘ جي تبديلي
واقع ٿي رهي. (ياد رهي ته سنڌي اکر، عربيءَ جي
قريب آواز سان ساڳئي مخرج ۾ تصور ڪيو ويندو، جيئن:
’ک‘ کي ’ڪ‘ سان ڀيٽيو ويندو؛ ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو
مخرج ساڳيو آهي.)
ان کان سواءِ اها ڳالهه به اهم آهي ته لفظ ۾ ’حرف
علت: ا، و ۽ ي‘ جي تبديليءَ سان به ’تجنيس مضارع‘
جو مثال سمجهيو ويندو؛ ڇاڪاڻ ته ’حرف علت: ا، و ۽
ي‘ اهڙا اکر آهن، جيڪي صورتخطيءَ ۾ وينجن
(Consonant)
توڻي سُر
(Vowel)
لاءِ به ڪم آندا ويندا آهن.
اها ڳالهه واضح هجڻ گهرجي ته ڪنھن به لفظ ۾ پھريون
اکر، توڻي جو حرف علت (ا، و ۽ ي) ٿو سڏجي، وينجن
(Consonant)
طور ئي ڪم آندو ويندو آهي. جڏهن ته ’حرف علت: ا، و
۽ ي‘ جو استعمال لفظ جي وچ ۾ گهڻي قدر ڊگهي سُر
(Vowel)
طور ڪم ايندو آهي.
حرف علت (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان ’تجنيس مضارع‘
جي مشابھت صرف ٻن رخن سان ٿي سگهي ٿي:
1.
وچئين حرف علت (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان، جيئن:
ü
الف جي تبديلي: ’پار- پور- پير‘ وغيره
ü
واؤ جي تبديلي: ’کوٽ- کاٽ- کيٽ‘ وغيره
ü
يي جي تبديلي: ’سير- سار- سور‘ وغيره.
2.
آخري حرف علت (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان، جيئن:
ü
الف جي تبديلي: ’چڙا- چڙو- چڙِي‘ وغيره
ü
واؤ جي تبديلي: ’سٺو- سٺا- سٺي‘ وغيره
ü
يي جي تبديلي: ’سري- سرا- سرو‘ وغيره.
اهو به واضح هجڻ گهرجي ته ’تجنيس مضارع‘ ۾ ’حرف
علت‘ وارن اکرن جي ڀيٽ ’حرف علت‘ جي اکرن سان ئي
مناسب آهي.
حرف علت جا اکر: ’الف- واؤ ۽ يي‘ جا اکر حرف صحت
(الف: حلقيه، واؤ: شفويه ۽ يي: لھويه) سان به
جيڪڏهن ڪم آندا ويندا ته به اهي ’قمري حرفن‘ ۾
ڳڻيا ويندا. اهوئي سبب آهي جو حرف علت کي قريب
المخرج ئي تصور ڪيو ويندو.
·
تجنيس مضارع ۽ تجنيس لاحق ۾ فرق
تجنيس مضارع ۽ تجنيس لاحق موجب، همجنس لفظن ۾ هڪ
اکر/ آواز جو فرق هوندو آهي. ان لحاظ کان ٻنهي ۾
ساڳيائپ رهي ٿي، خاص فرق صرف اهو رهندو آهي ته
تجنيس مضارع ۾ اکر جي تبديليءَ ۾ متحد المخرج يا
قريب المخرج جو ميزان رکيو ويندو آهي، جڏهن ته
تجنيس لاحق ۾ اکر جي تبديليءَ ۾ بعيد المخرج کي
ڏٺو ويندو آهي. هيٺيون شعر خيال خاطر رکجي ٿو،
جنھن ۾ ٻنهي تجنيسن جا اشارا ملن ٿا:
اکيون ’احمد‘ اُتر ’ترسن‘، بھاريون بوند سان ’برسن‘،
دڙي تان دوست جو ’درسن‘، اٿم دل جي دوا البت.
(ڪليات 2: 127)
ان شعر ۾ ’ترسن‘، ’برسن‘ ۽ ’درسن‘ اهڙا لفظ آهن جن
۾ هڪ اکر جي تبديلي واقع آهي، جڏهن انهن کي قريب
المخرج ۽ بعيد المخرج واري ميزان ۾ ڏسبو ته نتيجو
هيٺين ريت بيھندو:
ü
تجنيس مضارع جو مثال:
’ترسن ۽ درسن‘ ۾ ’ت‘ (سِنيه مخرج- شمسي) ۽ ’د‘
(سِنيه مخرج- شمسي) متحد المخرج وارا آواز ۽ شمسي
حرفين آهن، ان سبب ان جي تجنيس مضارع ڪوٺبي.
ü
تجنيس لاحق جو مثال:
’ترسن ۽ برسن‘ ۾ ’ت‘ (سنيه مخرج- شمسي) ۽ ’ب‘
(شفويه مخرج- قمري) بعيد المخرج وارا آواز/ اکر
آهن، ان سبب ان کي تجنيس لاحق ڪوٺبو.
·
تجنيس مضارع ۽ خطيءَ ۾ فرق
مرزا قليچ بيگ جي ڄاڻايل ڳالهه موجب ’تجنيس مضارع‘ ۽ ’تجنيس خطي‘ ۾ فرق آهي. اهو فرق هڪ ’اکر جي
بنيادي شڪل‘ وارو آهي. جيڪڏهن هڪ اکر جي تبديليءَ
باوجود ’اکر جي بنيادي شڪل‘ ۾ مشابھت رهندي ته
’تجنيس خطي‘ سڏبي ۽ جيڪڏهن اکر جي تبديليءَ سان
’اکر جي بنيادي شڪل‘ ۾ ڪو فرق رهندو ته ان کي
’تجنيس مضارع‘ ڪوٺيو ويندو. اهڙي چال کي هيٺئين
انداز ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو:
ü
مشابھت
اهڙا همجنس لفظ، جن جي وچ ۾ هڪ اکر جي تبديلي واقع
هجي، ليڪن ان تبديل ٿيل ’اکر جو بنيادي گهر‘ ساڳيو
هجي، ڀلي ان جي ٽٻڪن ۾ فرق هجي، ان صورت ۾ ان کي
تجنيس خطي ڪوٺيو ويندو، جيئن: ڪاٺ ۽ ڪات- پير ۽
ٻير وغيره. حالانڪ ان کي تجنيس مضارع به چئي سگهجي
ٿو، ليڪن ’تجنيس خطي‘ اول رهندي.
ü
فرق
اهڙا همجنس لفظ، جن جي وچ ۾ هڪ اکر جي تبديلي واقع
هجي، ليڪن ان تبديل ٿيل ’اکر جو بنيادي گهر‘ ساڳيو
نه هجي، ان صورت ۾ ان کي تجنيس مضارع ڪوٺيو ويندو،
جيئن: ڪاٺ ۽ ڪال- پير ۽ ڦير وغيره. تجنيس مضارع ۽
خطيءَ ۾ خاص فرق ’اکر جي بنيادي شڪل‘ جو آهي. مٿي
جيڪي مثال ڏنا ويا آهن، تن ۾ ’ڪاٺ‘ ۽ ’ڪات‘ ۾ هڪ
اکر جو فرق آهي. ڄاڻايل مثال ۾ ’ٺ‘ ۽ ’ت‘ جي
بنيادي شڪل يا لکت ساڳي آهي، ان بنياد تي ان کي
’تجنيس خطي‘ ۾ شامل ڪبو؛ ليڪن ’ڪاٺ‘ ۽ ’ڪال‘ ۾ ’ٺ‘
۽ ’ل‘ جي بنيادي شڪل يا لکت ۾ فرق آهي، ان سبب ان
کي ’تجنيس مضارع‘ ۾ ڳڻيو ويندو.
ياد رهي ته انهن تجنيسن ۾ ’رسم الخط‘ تي خاص نظر
رکي ويندي آهي، جيئن: ’ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ‘
بنيادي ساڳي شڪل يا لکت وارا اکر آهن، صرف ٽٻڪن جو
فرق ٿئي ٿو. ان کان علاوه ’ن، ڻ، ي ۽ همزو‘ به
صورتن جي مٽجڻ سان ساڳي شڪل يا لکت وارن اکرن ۾
شمار ڪري سگهجن ٿا، جيئن: مَٽڻ، مئڻ، ميڻ وغيره.
اهڙي صورت ۾ اکر جي ساڳي شڪل يا لکت واري صورت سبب
ان کي تجنيس خطيءَ ۾ شمار ڪبو، ليڪن جڏهن اکر جي
بنيادي شڪل مٽيل هوندي ته قريب المخرج سبب تجنيس
مضارع ۾ ڳڻي ويندي، جيئن: ناداني- ناداري، ڪفران-
غفران وغيره. هن ۾ ٻن همجنس لفظن جي منڍ، وچ يا
پڇاڙيءَ وارو حرف مختلف ٿيندو، يا وري حرف علت ’ا،
و ۽ ي‘ جي تبديلي رهندي. ياد رهي ته حرف مختلف به
اهڙو ٿيندو، جنھن جي بنيادي شڪل مٽيل هجي. جيئن:
د، ر- د- گ- ک، ڪ- م وغيره.
·
تجنيس مضارع ۽ تجنيس حرفيءَ ۾ مماثلت
جيئن ته تجنيس مضارع جي همجنس لفظن ۾ شروعاتي،
وچئين يا آخري اکر جي تبديلي هوندي آهي، ان سبب
شروعاتي تبديليءَ کي ڇڏي باقي وچئين ۽ آخري اکر جي
تبديليءَ کي تجنيس حرفيءَ جو مثال چئي سگهجي ٿو،
جيئن:
اڳ ’مَرڻ‘، تنھن لڳ ’مِلڻ‘، مَخرج لَھين ري کان،
نه لام،
ڪنھن مشائخ ايئن مون کي، مَذڪور موچارا ڏنا.
(ڪليات 1: 387)
’مرڻ‘ ۽ ’مِلڻ‘ وارن لفظن ۾ ’ميم‘ اکر جي ساڳيائپ سبب تجنيس
حرفيءَ جا به مثال آهن.
دوست جي دَم سان، قَدم سان، ديد سان، ديدار سان،
دل سندم آزاريل، ’آزار‘ کان ’آزاد‘ باد.
(ڪليات 2: 212)
’آزار‘ ۽ ’آزاد‘ وارن لفظن ۾ اڳين اکرن جي
ساڳيائپ سبب تجنيس حرفيءَ جا به مثال آهن.
مٿيان مثال شروعاتي اکرن جي ساڳيائپ سبب تجنيس
مضارع ۽ تجنس حرفيءَ جا يڪسان مثال آهن. ان بنياد
تي چئي سگهجي ٿو ته تجنيس مضارع جو هڪ حصو ڇڏي،
باقي ٻه حصا تجنيس حرفيءَ سان مماثلت رکن ٿا.
·
تجنيس مضارع ۽ مطرف ۾ مماثلت
تجنيس مضارع جا اهڙا مثال جن جي آخر ۾ تبديلي
ڏيکاري ويندي آهي، سي ’تجنيس مطرف‘ جا پڻ مثال ٿي
سگهن ٿا، جيئن:
رِڻ ٿيو مون، ساڻ راڻا، رُس مَ، روساڱو ٺھيو،
ڍوليا، ڍاٽي وَري، ڍَٽ پاس ڍاري، موٽ تون.
(ڪليات 2: 413)
’رڻ‘ ۽ ’رُس‘ ۾ آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مطرَّف جو مثال
آهي ۽ ٻَئي اکر (ڻ ۽ س) قريب المخرج سبب تجنيس
مضارع جو مثال پڻ!
·
تجنيس مضارع جو آواز ۽ اکر سان لاڳاپو
اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته ’آواز ۽ اکر‘ ۾ فرق رهي
ٿو. آواز جو سڌو سنئون لاڳاپو ’ڳالهائڻ واري
ٻوليءَ‘ سان آهي، جڏهن ته اکر جو لاڳاپو ’لکڻ واري
ٻوليءَ‘ سان آهي. فرض ڪريو ته لکت يا صورتخطيءَ جي
نسبت ’تِڏِ‘ ٻه اکرو لفظ آهي، جڏهن ته ان جو آوازي
ڇيد ڪرڻ سان چئن آوازن
(ٻه وينجن ۽ ٻه ڇوٽا سُر) وارو لفظ بيھندو. ان خيال کان ’آواز ۽ اکر‘ ۾ فرق ٻڌايو ويندو
آهي. تجنيس مضارع ۾ خاص طور آوازن کي مرڪوز رکيو
ويندو آهي، جيئن ’حرف علت‘ جا صرف ٽي اکر ٻڌايا
ويندا آهن، جيڪي صورتخطيءَ موجب ’وينجن
(Consonant)
۽ سُر
(Vowel)‘
ٻنهي ۾ ڪم ايندا آهن ۽ سُرن ۾ به صرف ڊگهن سُرن
(Long Vowels)
۽ دُهرن سُرن
(Diphthong)
کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن. حرف علت مان
مراد ئي اکر آهي، آواز ناهي. انهن کي جڏهن آواز جي
ٻنهي قسمن ۾ ڏسبو ته قريب المخرج بيھن ٿا، ان خيال
کان اکر جو به شمار رهي ٿو ۽ آواز جو به! تجنيس
مضارع جو خاص ميزان ’قريب المخرج‘ آهي، ان لحاظ
کان هن تجنيس جو گهڻو مدار آواز تي رهي ٿو.
·
آواز جي نسبت، ’نون گهُڻي‘ ۽ ’نون وينجن‘ جي
اکر جي جاچ
علم عَروض پٽاندر شعر جي تقطيع ۾ ’نون گهُڻي‘ کي
حذف ڪيو ويندو آهي. ان ڪارڻ اها خاص ڳالهه نوٽ ڪئي
وئي آهي ته آوازن جي نسبت ’نون گهُڻي
(Nasal Vowel)‘ ۽ ’نون وينجن
(Consonant)
واري فرق کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي. ان صورت ۾ ’نون
گهُڻي‘
جي ڀيٽ به ’نون گهُڻي‘ واري لفظ سان ئي ٿيندي،
جيئن: رنگ ۽ سنگ- ٻانگ ۽ ڪانگ – دُونھون ۽
سُونھون.
ڄاڻايل لفظن ۾ ’رنگ ۽ سنگ‘ ۾ ’اَن‘ جو گهُڻو ڇوٽو
سُر آهي، ’ٻانگ ۽ سانگ‘ ۾ ’آن‘ جو ڊگهو گهُڻو سُر
آهي، جڏهن ته ’دُونھون ۽ سُونھون‘ ۾ ’اُون‘ گهُڻو
ڊگهو سُر آهي. ان صورت ۾ ’نون گهُڻي‘ جي اهڙي ڀيٽ
جو خيال رکيو ويندو. ائين ڪونه ٿيندو ته هڪ لفظ ۾
’نون وينجن‘ هجي ته ڀيٽ جي صورت ۾ ٻئي لفظ جي ’نون
گهُڻي‘ کي شامل ڪري سگهبو! جيئن: ‘رنڙ‘ ۽ ’رنگ/
رنج‘. ڄاڻايل لفظن ۾ بيشڪ ’رنڙ ۽ رنگ/ رنج‘ ۾
اڳيان ٻه اکر ساڳيا آهن ۽ آخري اکر جو فرق آهي،
ليڪن ان کي هن تجنيس ۾ شامل نه ڪبو، ڇاڪاڻ ته
’رنڙ‘ لفظ ۾ ’نون وينجن‘ آهي. جڏهن ته ’رنگ/ رنج‘
لفظن ۾ ’نون گهُڻو‘
(Nasal Vowel)
آهي. اهڙي حالت ۾ اهي لفظ همجنس ڪونه سڏبا ۽ تجنيس
مضارع ۾ شامل نه سمجهيا ويندا. البت، زير- زبر جي
فرق کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. هتي ’نون گهُڻي‘
جي حوالي سان مولوي صاحب جو هڪ شعر خيال خاطر رکجي
ٿو، جن ۾ مناسب لفظن جو استعمال آهي:
جيئن
کڻين خوني اکيون، خنجر هڻين تيئن
ٿو وڻين،
جيئن هڻين تيئن ٿو وڻين، تيئن ٿو وڻين تيئن ٿو وڻين.
(ڪليات 2: 446)
مٿئين شعر ۾’کڻين- هڻين- وڻين‘ پھرئين اکر جي
تبديليءَ سان، نون گهُڻي جي نسبت
۽ پھرين اکرن جي قريب المخرج تبديليءَ سان
تجنيس مضارع جو مناسب مثال آهي.
جڏهن ته
’جيئن- تيئن‘ لفظن جا پھريان اکر اڳين اکرن سان قريب المخرج نه
آهن.
·
حرف علت ۽ وينجن جي تبديلي
آوازن جي نسبت اها ڳالهه به واضح هجڻ گهرجي ته حرف
علت جي وينجن اکرن سان ڀيٽ ڪمزور مثال ۾ ڳڻي
ويندي. جيئن:
وَصل جي وس نه ٿي، وس ۾، ٻيا وڻ ٽڻ وسيا ته به ڇا،
سڄڻ ڌاران سڄي ڏائي، سڄا سج چنڊ پسيا ته به ڇا.
(ڪليات 2: 42)
مٿئين مثال ۾ ’سڄڻ‘ ۽ ’سڄا‘ لفظن ۾ آخري اکر جي
تبديلي ضرور آهي، ليڪن پھرئين لفظ ۾ ’ڻ‘ وينجن
آهي، جڏهن ته ٻئين لفظ ’سڄا‘ ۾ حرف علت
(Vowel Letter)
آيل آهي. ان سبب، تجنيس مضارع نسبت، ان کي همجنس
لفظن ۾ شامل نه سمجهڻ گهرجي.
·
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مضارع جو
جائزو
·
شروعاتي
اکر/ حرف جي تبديليءَ سان
ٿڌا ٿاڪ ٿر جا، جتي ٿين ’ٿوڪ،
رهيا راڄ، راڄا، رهي ڪانه ’روڪ،
لکين قسم لايون، لُڻن پوک ’لوڪ،
مٿي مينھن مارن وسن ’اوڪ‘ ’موڪ‘،
ڀڄي ڪينَ ڀيرو بھارن سندو.
(ڪليات 1: 289)
مٿئين بند ۾ ٻه الڳ سان تجنيس مضارع جا مثال آهن:
1.
’ٿوڪ، روڪ، لوڪ، ‘ لفظن ۾ اڳئين اکر جي تبديلي
واقع آهي ۽ شمسي اکرن سبب، قريب المخرج پڻ، ان سبب
ان کي تجنيس مضارع جو مثال سڏبو؛
2.
جڏهن ته ’اوڪ ۽ موڪ‘ ۾ ’ا ۽ م‘ قمري حرف آهن
جن کي پڻ الڳ سان قريب المخرج تصور ڪري الڳ سان
تجنيس مضارع ۾ سمجهبو.
پُھتا ’پَلڪ‘، طوبى ’تَلڪ‘، گهميا
’فَلڪ‘، ’مُلڪ‘ و ’مَلڪ‘،
بَر، بَحر، لَڪ جَلوا ’جهَلڪ‘، چؤڏس
بَلڪ چمڪار آهه.
(ڪليات 2: 501)
’پلڪ‘،’فَلڪ‘، ’مُلڪ‘، ’جهَلڪ‘ ۽ ’بلڪ‘ ۾ قمري
حرفن جي تبديليءَ سان تجنيسَ، مضارع ٿيندي.
عُمر ۾ حج هيڪڙو، نت نت نمازون ’پنج‘ ’گنج‘،
هر زمان تنھنجي زيارت جي ضرورت اور چيز.
(ڪليات 2: 275)
’پنج‘ ۽ ’گنج‘ ۾ پھريان اکر قمري آهن، ان سبب
تجنيس مضارع جو مثال سمجهبو.
واهه، سانوَڻ ’ڏينھن‘، ساوڪ ’مينھن‘، سانوَل ساڻ
’نينھن‘،
يار ڀيڙو، باغ بلبل، بُوند بار و بار گڏ.
(ڪليات 2: 230)
’ڏينھن ۽
نينھن‘ ۾ پھريان اکر شمسيءَ پٽاندر تجنيس مضارع سڏبو
گڏهه، گهوڙا به گڏ ’شامل‘، چڙهيو ته به سِر ڪُلهن
’ڪامل‘،
اديون، آيم اڱڻ ‘عامل‘، ٻڌو ڙي، ٻاٻيھل ٻولي.
(ڪليات 2: 530)
’ڪامل‘ ۽ ’عامل‘ جا پھريان اکر قمري آهن، ان لاءِ
ان کي تجنيس مضارع جو مثال چئبو.
سڄڻ سڏيَم، ’شَڪر‘ يا ’سَڪر‘ گهرجي،
ويھي ايءَ ڳالهه ويچاريَم ’فڪر‘ سان.
(ڪليات 2: 376)
’شڪر‘ ۽ ’سڪر‘ لفظن جا پھريان اکر شمسي سبب متحد
المخرج آهن، تنھنڪري اهو تجنيس مضارع جو مثال آهي.
پڙهيم لاتقنطُوا ’فرمان‘، گئي احمد اُتان
’ارمان‘،
مِلي دل دي دوا ’درمان‘، ڪلما پاڪ پروَر دا.
(ڪليات 2: 29)
’فرمان- ارمان‘ قمري اکرن جي تبديليءَ سان تجنيس
مضارع ڪوٺيو ويندو.
ڏسو قدرت سندي ’قادر‘، ته صحبت جت ٿئي ’صادر‘،
نظر سان نازنين ’نادر‘، ٻڍي مان ٻار ٿي آيس.
(ڪليات 2: 298)
’صادر‘ ۽ ’نادر‘ شمسي اکرن جي تبديليءَ سان تجنيس
مضارع جو مثال آهي.
ما سوي الله ماس، چَم، مُدت مھينو ماس مَس،
’واسَوا‘ وٺ ’ماسوا‘ جو، واس وستي ڏينھن ڏيڍ.
(ڪليات 2: 240)
’واسوا‘ ۽ ’ماسوا‘ قمري اکرن جي تبديليءَ سان
تجنيس مضارع جو مثال آهي.
·
وچئين اکر/ حرف جي تبديليءَ سان
دوستو، واندا دعا کان، دم نه ويھجو دائما،
بلڪ باري بي ’پِسر‘ ۽ بي ’پِدر‘ کي سڏ ڪجا.
(ڪليات 2: 39)
’پسر ۽ پدر‘ ۾ شمسي اکرن جي تبديليءَ سان تجنيس
مضارع جو مثال آهي.
’خيريَت‘ ’خيرات‘ خوش طبعي، خوشي خوشبوءِ خير،
امن ۽ آڌار ڏي ٿو، هر مھل جيڪي مڱو.
’خيريت‘ ۽ ’خيرات‘ ۾ قمري اکرن جي تبديليءَ سان
تجنيس مضارع جو مثال آهي.
فيصلو ڪَر، فاصلو پنجاهه ڪوهن پاڻ ۾،
اڄ اَسُر سان اُت اچي، انجام پاريان ڪنھن طرح؟
(ڪليات 1: 207)
’فيصلو‘ ۽ ’فاصلو‘ ۾ قمري اکرن جي تبديليءَ سان
تجنيس مضارع جو مثال آهي.
اَڙيَم توسين اندر ڏاڍو، ’قلب‘ ۾ ’قرب‘ جو ڪاڍو،
وڍي جيئن وڻ ويھي واڍو، ونجهل ڪيو ايئن وجودن سان.
(ڪليات 2: 381)
’قلب ۽ قرب‘ وچيَن شمسي اکرن ’ل ۽ ر‘ جي تبديليءَ
سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.
سَر سيارو سِير ۾، سيءَ سخت، سرديون سِر جهَلين،
پر لڳي ڪا ’لَھس‘ لنئون، جنھن ’ليس‘ بدلائي ڇڏيو.
(ڪليات 2: 483)
’لھس‘ ۽ ’ليس‘ ۾ قمري اکرن جي تبديليءَ سبب تجنيس
مضارع جو مثال آهي.
مليَم پيغام ’مُحڪم‘، وَهُوَ ’مَعَڪُم‘ اَينَ ما
ڪُنتم،
مون کي خِلوت ڪنان کاريو، خيالن خَر خَسن خامن.
(ڪليات 2: 410)
’محڪم ۽ معڪم‘ وچئين اکر ’ح ۽ ع‘ قمري، متحد
المخرج جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.
اڳ ’مَرڻ‘، تنھن لڳ ’مِلڻ‘، مَخرج لَھين ري کان،
نه لام،
ڪنھن مشائخ ايئن مون کي، مَذڪور موچارا ڏنا.
(ڪليات 1: 387)
’مَرڻ ۽ مِلڻ‘ ۾ شمسي اکرن جي تبديليءَ سان تجنيس
مضارع جو مثال آهي.
·
آخري اکر/ حرف جي تبديليءَ سان
دوست جي دَم سان، قَدم سان، ديد سان، ديدار سان،
دل سندم آزاريل، ’آزار‘ کان ’آزاد‘ باد.
(ڪليات 2: 212)
’آزار ۽ آزاد‘ ۾ شمسي آخري اکر جي تبديليءَ سان
تجنيس مضارع جو مثال آهي.
مانَ، ديکائين ’دَرس‘، ’درد‘ سِر ٻاريَم دُونھان،
ورهه اندر وَرهيه گذريا، وئي وڇوڙي ۾ وَهي.
(ڪليات 2: 582)
’درس‘ ۽ ’درد‘ ۾ شمسي آخري اکرن جي تبديليءَ سان
تجنيس مضارع جو مثال آهي.
دِيد ’دَرسن‘ دُور پنڌان، دائما دل کي ’دُرست‘،
ڀڄ ڀَلين پَر ڀَڄ نه مون کان، بي وفا دل، ترس ترس.
(ڪليات 1: 286)
’درسن‘ ۽ ’درست‘ ۾ قريب المخرج شمسي آخري اکرن جي
تبديليءَ سان تجنيس مضارع آهي.
دوستَ، تنھنجي دوستيءَ جو، داستانو ٻيءَ طرح،
ڪَئين ديوانا ديس ۾، تنھنجو ديوانو ٻيءَ طرح.
(ڪليات 1: 208)
’ديوانا‘ ۽ ’ديوانو‘ ۾ حرف علت قمري اکرن جي
تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.
’ڏَڪ‘ ڏنيان پوءِ ’ڏُک‘ ڪَنان، ٿا هَڏ رَڙن، ناهي
حيات،
ويرَ، وو وو ڪَن نه ڪَر، واري مٿان وارين ڀَلين.
(ڪليات 1: 444)
’ڏڪ‘ ۽ ’ڏک‘ ۾ ’ڪ ۽ ک‘ قمري اکر آهن ۽ متحد
االمخرج سبب تجنيس مضارع جو مثال آهي.
واهه، ’سانوَڻ‘ ڏينھن، ساوڪ مينھن، ’سانوَل‘ ساڻ
نينھن،
يار ڀيڙو، باغ بلبل، بُوند بار و بار گڏ.
(ڪليات 2: 230)
’سانوَڻ ۽ سانوَل‘، آخري قريب المخرج شمسي اکر جي
تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.
شُڪر، ڏين ٿو ’شوق‘ دل کي ’شوخ‘ ٿيندي شھسوارَ،
وِهه وهاٽيَل وهسندا ڪئي، ساڻ وائي ويڻ جي.
(ڪليات 2: 530)
’شوق‘ ۽ ’شوخ‘ آخري قريب المخرج قمري اکر جي
تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.
اچي آباد ڪيائون آستانو،
ڪري اڄ ڇو نه احمد ’عيد‘ ۽ ’عيش‘.
(ڪليات 2: 304)
’عيد ۽ عيش‘ آخري اکر ’د ۽ ش‘ شمسي اکرن جي
تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.
وصف وَر وَر يار هڪ جي، ورق ٻيا ويڙهيندو وَت،
’وارَ‘ سَپ جيئن، ’وات‘ سِپ، موتي مڻيا ميڙيندو
وت.
(ڪليات 2: 143)
’وار ۽ وات‘، آخري شمسي اکرن جي تبديليءَ سان
تجنيس مضارع جو مثال آهي.
·
حرف علت (ا، و ۽ ي) جي تبديليءَ سان
·
وچئين اکر جي تبديليءَ سان
حرف علت جا اکر، علت توڻي صحت جي لحاظ کان قريب المخرج آهن ۽
قمري سڏبا آهن:
’نُور‘ نيڻن جا، وهن نيڻن منجهان نت ’نار‘ ’نِير‘،
ناهه توکي هن طرف، تِر جيترو ڪو ترس پَر.
(ڪليات 2: 255)
’نور‘، ’نار‘ ۽ ’نير‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
ڏِس ته ڏينھن ۾ هو اڇو، ڪھڙو عمر جو ڪوٽ ڪالهه،
’رات‘ ۾ روئندي رتولن کي لڳو ڪنھن ’ريت‘ رَت.
(ڪليات 2: 121)
’رات‘ ۽ ’ريت‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
ڳَڻيان ڳُڻ، ڳَڻڻ ساڻ ڳَڻيا نه ڳَڻجن،
ڪيَس ’لاس‘ ڪنھن لَهر، لاهيو لڱن ’لُوس‘.
(ڪليات 2: 292)
’لاس‘ ۽ ’لوس‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
ناز نخرا نازُ ڪن جا، ’نوش‘ دارُون، ’نيش‘ نانگ،
ان اُليرن تي اَلڙ کي، ٿو لڳي البت عجب.
(ڪليات 2: 109)
’نوش‘ ۽ ’نيش‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
هو گهڻو هان هان ۽ هُون هُون تي هِنيون هِريل
حبيب،
’سوز‘ کان اڄ سُر منڊل جا، ٿا لڳن ناساز ’ساز‘.
(ڪليات 2: 269)
’سوز‘ ۽ ’ساز‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
’سوڄ‘ سِيني تي چڙهي مُون، تُون ڪرين سُک ’سيڄ‘
تي،
تو سوا ڪھڙي طبيبن کي طبيعت جي تميز.
(ڪليات 2: 273)
’سوڄ‘ ۽ ’سيڄ‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
’عُود‘ خوشبوءِ ’عيد‘ وانگر، آبپاشي عطر عام،
جابجا جهلڪار جَلوا، جام جاري پوش پوش.
(ڪليات 2: 305)
’عود‘ ۽ ’عيد‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
ڏَمر ۽ ڏوٺ تنھنجا ڪم، هَلي حجت نه سين حاڪم،
ذرو ناهي سندم ’زوري‘، رُوان ٿو زار ’زاريءَ‘ ۾.
(ڪليات 2: 354)
’زوري‘ ۽ ’زاري‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
’ٻيلي‘ ٻيو نه ڄاڻون، ’ٻولي‘ وڻي نه ٻئي جي،
’احمد‘ احد احد ٿيو، اَذڪار هڪ اسان جو.
(ڪليات 2: 466)
’ٻيلي‘ ۽ ’ٻولي‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
سؤ سخن ساريان سندئي، آهيم صحبت جو سوال،
’لاڏ‘ وارا، ’لوڏ‘ ڪنڌ، ڪڍ لفظ ڪو لايم پرين.
(ڪليات 2: 435)
’لاڏ‘ ۽ ’لوڏ‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
ٻن جھانن جا وسيلا، وَر نوِلھيَن پاسي وري،
هو رُليون جي ’روهه‘ ۾، تن ’راهه‘ رهبرَ، تنھنجي
هٿ.
(ڪليات 2: 149)
’روهه‘ ۽ ’راهه‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
’وار‘ ڇوڙڻ ’وير‘، اهڙا ٿا لڳن قد تي قريب،
سَنئين کجي سھڻيءَ مٿي، حبشيءَ هَلن ڪَر ڊوڙ ڪيو.
(ڪليات 2: 499)
’وار‘ ۽ ’وير‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
هئا هندي نه سنڌي جي، هندورن ۾ لڏن هاڻي،
اَٺين پُريين نه اُٺ هٿ ۾، اهي اُڀ تي اُڏن هاڻي،
ڦريا قيوم قادر کان، قبن تي ٿا ڪڏن هاڻي،
ٻلي جيئن ٻوڙ تي ’ٻوڙا‘، لُڏن ’ٻيڙا‘ ٻڏن هاڻي،
متو مھراڻ، مانگر مڇ جي، منھن ۾ مارڪا آيا.
(ڪليات 1: 543)
’ٻوڙا‘ ۽ ’ٻيڙا‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
دولتون دانائيون
دنيا
دوائون ’دان‘ ’دين‘،
در مٿان دادار ڏي ٿو، هر مھل جيڪي مڱو.
(ڪليات
1: 84)
’دان‘ ۽ ’دين‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
مينھن نيو ۽ نَئي وهي، نَئين سج نياپا نِت نوان،
وَر وطن ۾ وس، وَليَن ڪيا ’ويس‘، وٺندي ’واس‘ وَت.
(ڪليات 2: 121)
’ويس‘ ۽ ’واس‘ تجنيس مضارع جو مثال آهي.
·
آخري اکر جي تبديليءَ سان
ساهه مان ڀَرجي سڄو، آيس سلاميءَ لئي سوارَ،
هاءِ ’گهوڙا‘، هڪ گهڙي، ’گهوڙو‘ بيھارڻ کان به
وئين.
(ڪليات 2: 441)
’گهوڙا (ظلم، ڏاڍ) ۽ گهوڙو (جانور)‘ آخري حرف علت
جي تبديليءَ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.
هر زماني، هر زمين ۾، ڪارگر قابل ڪروڙ،
ڪئين شيون ميڙي ملائي، ڪا جڏي جوڙين جوڙ،
ڏهه دفعا ڏينھن ۾ ڦِٽي، ’تختو‘ نه ’تختي‘ ساڻ توڙ،
ڪينَ مان ’ڪُن‘ سان ڪرين، ڪم ڪار تون هڪ، ٻيو نه
ڪير.
(ڪليات
1: 66)
’تختو‘ ۽ ’تختي‘ آخري حرف علت جي تبديليءَ سان
تجنيس مضارع جو مثال آهي.
·
قافين ۾ تجنيس مضارع
مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ لفظ جي بازيگري ڪمال جي آهي، ايتريقدر
جو سندس قافين ۾ به تجنيس مضارع جا مثال ملن ٿا.
قافين ۾ آخري حرف کي ’حرف رَوي‘ ڪوٺيو ويندو آهي،
باقي قافين ۾ اڳين اکرن جي تبديلي لازمي سمجهي
ويندي آهي. هيٺ قافين جي نسبت شروعاتي اکر جي
تبديليءَ وارا مثال پيش ڪجن ٿا:
·
شروعاتي
اکر/ حرف جي تبديليءَ سان
اَپر اُڪنڊي عمرَ، آهيان، اکين مان آب اوهيڙا،
وسايم مينھن ماتم جا، ٿيَم مُنھڙي
تي موهيڙا.
لڱن تي لال لڙڪن ساڻ، لوئي لال وئي لُڙجي،
سدا منجهه سوگ سانگين جي، ڇڏيم سينگار سوهيڙا.
اباڻن عاج، اطلس عيب، انهن جو آبرو ان ۾،
نه ٻڌجي ٻانڌڻن سان دل، ڏهوڻون ڏوهه ڏوهيڙا.
ٿيئي ساڻيھه سانوڻ مند، ساوا گاهه ساماڻا،
رُوان ڏينھن رات رت ريلا، رهن منجهه روح روهيڙا.
وچينءَ ويلي ولر وارن، ولوَلڙو ولهارن ۾،
ڀليون سي ڀانيم باتيون، ڀَلين ڀانئين نه بوهيڙا.
نه وڻ وانگي، نه جهَڻ جهانگي، نه سڏ اوڏا سڄڻ
سانگي،
هنجون هت هِير تي هاريان، هنئين لئي هار اوهيڙا.
عمرَ، انشاءَ الله تون، نه کِيندين انب اميدن جا،
پڄاڻي جاچ، پوکين تون، ڪلر ۾ ڪوهه ڪوهيڙا.
اَڀُونئين هت آهيان ’احمد‘ اباڻن پاس آباديون،
ٻڌم هن ٻن ڪنن سان، ڏوٿين جا ڏور ڏوهيڙا.
(ڪليات 2: 63)
قافين ۾ اڪثر اڳيان اکر تبديل ڪيا ويندا آهن، ’اوهيڙا، موهيڙا،
بوهيڙا، ڪوهيڙا‘ ۾ شروعاتي قمري اکر جي تبديليءَ
سان تجنيس مضارع جو مثال آهي. جڏهن ته ’سوهيڙا،
ڏوهيڙا، روهيڙا‘ شمسي اکرن جي تبديليءَ سبب قريب
المخرج آهن ۽ الڳ سان تجنيس مضارع جو مثال آهي.
يعني ان غزل ۾ ٻئي مثال موجود آهن.
مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال ملندا جيڪي قافين
جي صورت ۾ ’تجنيس مضارع‘ جا مثال بيھن ٿا. هي چند
غزل خيال خاطر پيش ڪيا ويا آهن.
·
حاصل مطلب/ اختصار/ نتيجو
?
تجنيس مضارع مان مراد شعر ۾ اهڙا همجنس لفظ، جن
۾متحد المخرج يا قريب المخرج هڪ اکر جو فرق هجي.
اهو فرق لفظ جي اڳيان، وچئون ۽ آخري ٿي سگهي ٿو،
جيئن:
1.
پھرئين اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’درد- سرد‘
وغيره.
2.
وچئين اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’اکر- امر‘
وغيره.
3.
آخري اکر جي تبديليءَ سان، جيئن: ’شھر- شھد‘
وغيره.
?
اهڙو فرق حرف علت جي نسبت به ٿي سگهي ٿو، ياد رهي
ته حرف علت
(Vowel letter)
صرف لفظ جي وچ ۽ آخر ۾ ئي ٿيندو آهي، ۽ اهي قمري
حرف هجڻ سبب قريب المخرج ئي سڏبا.
?
تجنيس مضارع ۽ تجنيس لاحق ۾ هڪ اکر جي تبديليءَ
واري خاصيت برابر آهي، فرق صرف مخرج جو ٿئي ٿو.
تجنيس مضارع ۾متحد المخرج يا قريب المخرج اکرن جي
تبديلي ٿيندي.
?
مخرج جو فرق شمسي
(سِنيه: ت ث د ذ ط ظ ل ن ۽ اسليه: ر ز س ش ص ض)
۽ قمري
(شفويه: ب ف م و، لھويه : ج ي ۽ حَلقيه : الف ح خ
ع غ ق ڪ هه) حرفن تي مبني هوندو آهي.
?
تجنيس مضارع ۽ تجنيس خطيءَ ۾ مماثلت ضرور آهي،
ليڪن ان ۾ ’اکر جي بنيادي شڪل‘ تي نظر ڌرڻي پوندي
آهي. جيڪڏهن همجنس لفظن ۾ هڪ اکر جي تبديليءَ سان
’بنيادي اکر جو گهر‘ ساڳيو آهي ته تجنيس خطي سڏبي،
جيئن: ڪات- ڪاٺ وغيره. ٻي صورت ۾ تجنيس مضارع تصور
ڪيو ويندو، جيئن: ڪاٺ- ڪالُ
?
تجنيس مضارع ۾ ’حرف علت‘ جي ڀيٽ ’حرف علت‘ جي اکرن
سان ئي مناسب آهي، جڏهن ته ’وينجن‘ اکرن جي ڀيٽ
وينجن سان ئي مناسب رهندي، نه ڪي حرف علت سان!
جيئن: سڄڻ ۽ سڄا جو مثال ڪمزور ليکيو ويندو.
?
مولوي احمد ملاح جي شاعري اهڙن مثالن سان ڀرپور
رهي آهي، ايتريقدر جو قافين ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال
ملن ٿا. |