مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مرفو‘ جو
جائزو
(A study of ‘Blend Compecnd Allitesationg’ in
Molvi Ahmed Mallah’s Poetry)
·
جائزي جو پس منظر
مولوي احمد ملاح سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ٻھڳڻو شاعر
رهيو آهي. سندس شاعريءَ جي مزاج ۾ تجنيس حرفيءَ جو
جهجهو مقدار ملي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو کيس ’تجنيس
حرفيءَ جو شھنشاهه‘ ڪوٺيو ويو آهي. تجنيس حرفي،
ٻين چند تجنيسن جي ماءُ آهي، ان حوالي سان ڪافي
تجنيسون ان مان جنم وٺن ٿيون، جيئن: تام، ناقص،
مذيل، مضارع، مطرف، مرڪب وغيره. هتي تجنيس مرڪب
سان مماثلت رکندڙ ’تجنيس مرفو‘ جو اڀياس مقصود
آهي.
سنڌي علم ۽ ادب ۾ صنايع بدايع هيٺ ’تجنيس مرفو‘
بابت مواد يا اشارو الڳ سان ڪونه ٿو ملي. مرزا
قليچ بيگ ان کي تجنيس مرڪب جو ٻيو نالو سمجهندي
لکي ٿو:
”هن کي مرفو يعني ’رفودار‘ به چوندا آهن. هن ۾
همجنس لفظ ڪم اچن ٿا ۽ انهن مان هڪڙو يا ٻيئي مرڪب
يا ٻن لفظن مان جڙيل هجن. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙو
’مقرون‘. جڏهن اهي ٻه لفظ لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ بلڪل
هڪجھڙا هجن ۽ ٻيو ’مفروق‘ جڏهن اهي لکڻ ۾ هڪجھڙا
نه هجن، پر پڙهڻ ۾ هڪجھڙا هجن.“ (قليچ، 2016: 97-
98)
حالانڪ تجنيس مرفو ۽ مرڪب ۾ فرق آهي. ان حوالي سان
مرزا قليچ وارو بيان مناسب ناهي.
البت اردو ادب ۾ ’تجنيس مرفو‘ جو ذڪر ٺيڪ ملي ٿو.
مزمل حسين پنھنجي
ٿيسز ’اردو
میں علم بیاں اور علم بدیع کے مباحث: تحقیقی اور
تنقیدی جائزہ‘
۾ ان بابت لکي ٿو :
"شعر میں ایسے دو ہم صوت آواز کا استعمال کرنا جن
میں سے ایک لفظ کا جز کسی دوسرے لفظ سے مرکب ہوکر
ایک دوسرے مفرد لفظ کا متجانس بن جائے۔ تجنیس
مرفو اور تجنیس مرکب میں یہ فرق ہے کہ تجنیس مرکب
میں ایک لفظ ہوتا ہے اور دوسرا متجانس، پورے دو
کلموں سے مرکب ہوتا ہے لیکن اس میں دوسرا متجانس
ایک پورا کلمہ اور ایک دوسرے کلمے کے جزو سے مرکب
ہوتا ہے۔ مثلاً
غل تھا کہ اب مصالحت جسم و جاں نییں
لو تیغ برق دم کا قدم درمیاں نییں
مذکورہ شعر میں
لفظ 'برق' کا آخری
حرف 'ق' لفظ 'دم' کا متجانس ہوااورشعر میں
تجنیس
مرفو کی
کیفیت
پیدا
ہوئی۔"
(مزمل، 2005: 79)
يعني ڪنھن شعر ۾ اهڙا لفظ ڪم آڻڻ، جنھن ۾ هڪ لفظ
جو جز، ڪنھن ٻئي لفظ سان مرتب ٿي، هڪ ٻئي موجود
مفرد لفظ جي جنس جھڙو ٿي وڃي. تجنيس مرڪب ۽ مرفوءَ
۾ فرق اهو آهي ته تجنيس مرڪب ۾ هڪ لفظ مقرون هوندو
آهي ته ٻيو مفروق، يعني مفروق لفظ پورن ٻن لفظن
سان مرڪب ٿيندو آهي. تجنيس مرفو ۾ هڪ پورو مقرون
لفظ ٿيندو آهي، جڏهن ته ٻيو لفظ، ڪنھن ٽئين لفظ جي
جز سان مرتب ٿي ’مرفو‘ بڻبو آهي. جيئن: ’برق‘ جو
آخري اکر ’ق‘ گڏ واري لفظ ’دم‘ سان ملي ’قدم‘
بيھاريندو. اهڙو مقرون صورت ۾ ’قدم‘ الڳ سان به ڪم
آيل آهي.
اهڙي صورت به ممڪن هوندي آهي ته ٻن لفظن جا ٽڪرا
ملائي همجنس لفظ بيھاري سگهجي ٿو، ليڪن ان کي
’تجنيس مرفو‘ ۾ شامل نه سمجهبو، جيئن:
لعل جھڙا لَب لطيفن، لک لڀن لَعلُون به اُت،
دل لڙي لَب لال ڏي، لعل بدخشان جي بجاءِ.
(ڪليات 2: 508)
مٿئين شعر ۾ ’لب‘ لفظ جھڙو همجنس لفظ ’لعل ۽
بدخشان‘ وارن لفظن مان ’لعل‘ جي پڇڙي ۽ ’بدخشان‘
جي اڳياڙي ملائي ’لب‘ جو لفظ بيھاري سگهجي ٿو،
ليڪن ان کي مرفو جي دائري کان ٻاهر سمجهبو؛ ڇاڪاڻ
ته ڳنڍ جي صورت ۾ هڪ لفظ پورو ڪم آندو ويندو آهي.
ياد رهي ته ڄاڻايل تجنيس ۾ هڪ لفظ ’مقرون‘ هوندو
ته ٻيو لفظ ’مرفو‘ بيھندو.
·
مرفو جو اشتقاق
فيروز اللغات عربي- اردو (1979) جي مدد سان ’تجنيس
مرفو‘ جو هيٺيون اشتقاق بيھارجي ٿو:
تجنيس مرفو: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو
پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مرفو-
مفعول- مرفوو
<
مَرفو
(رَفَاَ/ رَفَوَ = هن رفو/ ڳنڍ ڪيو- هن تُنَ
هنئي)] تُن/ ڳنڍ ڪيل لفظ وارو نمونو. علم صنايع
بدايع موجب اهڙا ٻه همجنس لفظ جن مان هڪ مقرون
حالت ۾ هجي ۽ ٻيو ڪنھن ڀر واري لفظ مان رڳو لفظ جي
جز ڳنڍڻ سان ساڳي مقرون واري حالت جھڙو بيھي. هيءَ
تجنيس مرڪب وانگر آهي، ليڪن مرڪب ۾ پورا ٽي لفظ ڪم
آندا ويندا آهن، جڏهن ته مرفو ۾ پورا ٻه لفظ ۽
ٽئين لفظ جو صرف جز ڳنڍجي ٿو، جيئن: ’سنگت- سنگ +
تاري‘ هنن لفظن مان ’تاري‘ جو صرف ’ت‘ اڳئين لفظ
سان ملائبو ته همجنس ’سنگت‘ ٿي پوندو. هن ۾ زيرن
زبرن واري فرق کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي.
·
تجنيس مرڪب ۽ مرفو ۾ فرق
تجنيس مرڪب مان مراد هوندي آهي، ٻه اهڙا همجنس لفظ
جن مان هڪ: مقرون (گڏيل صورت ۾) ٻيو: مفروق (ٽٽل
صورت ۾)، جيئن:
پريمَ، اَهنجي پسڻ جا پُور، پيا مَن تي،
پيامن تي،
وري سڪ جا ٿيا ساوا، سَلا مَن تي،
سَلامن تي.
(ڪليات 2: 562)
مٿئين شعر ۾ مفروق: ’پيا- مَن/ سلا- من‘ ۽ مقرون:
’پيامن/ سلامن‘ آهي. مفروق صورت وارا لفظ الڳ سان
سڀ پورا لفظ آهن. جڏهن اهي ملائجن ٿا ته ساڳين
موجود لفظن جھڙا ٻيا لفظ سامهون اچن ٿا. ان مان
مراد اها آهي ته تجنيس مرڪب ۾ ڪل ٽي مڪمل صورت
وارا لفظ ڪم آندا ويندا آهن.
تجنيس مرفو ۾ صرف ٻه همجنس لفظ سامهون ايندا آهن.
هڪ: مقرون (گڏيل صورت ۾)، جڏهن ته ٻيو: اهڙي صورت
۾ ڪم آڻبو آهي، جو ان کي همجنس بيھارڻ لاءِ گڏ
هوندڙ ٻِئي لفظ جو صرف
جز
کڻي ان سان ڳنڍي، مقرون (گڏيل صورت ۾) جھڙو
بيھارڻو پوندو آهي، جيئن:
صاحب سَتار هڪڙو، تنھن کي سِڪون سدائين،
يا رب
ياد ياور، ۽ يار هڪ اسان جو.
(ڪليات 2: 466)
مٿئين شعر ۾ ’يار‘ مقرون (گڏيل صورت ۾) موجود آهي،
جڏهن ته ’يا
+
رب‘ ٻه الڳ لفظ آهن، ان مان صرف ’رب‘ جي ’ر‘ کي
’يا‘ لفظ سان ملائبو ته ساڳيو ’يار‘ بيھندو. ان
اهڙي ڳنڍ کي ’مرفو‘ ڪوٺبو آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن
’يا‘ ۽ ’رب‘ لفظن کي مڪمل صورت ۾ ملائبو ته ’مرڪب‘
سڏبو.
تجنيس مرفو ۾ ڪي به ٻه لفظ مڪمل صورت ۾ ڪم آڻجن
ٿا، جڏهن ته ٽئين لفظ مان صرف اکر/ آواز/ پد، جز
واري حالت ۾ کڻي، ڪم آندو ويندو آهي. جنھن صورت ۾
ٽيون لفظ مڪمل صورت ۾ گڏائبو ته پوءِ مرڪب سڏبو.
·
تجنيس حرفي ۽ مرفو ۾ فرق
هر لفظ جي پھرئين حرف ساڳئي هجڻ سبب، ان تجنيس کي
حرفي سڏيو ويندو آهي. اهڙن همجنس لفظن ۾ ٻيون به
خاصيتون هونديون آهن. فرض ڪريو ته ’
پيا مَن تي، پيامن تي‘ ۽ ’ سَلا مَن تي، سَلامن
تي‘ ۾ پھريان اکر ساڳيا آهن، ان صورت ۾ تجنيس حرفي
ته ٿيا، ليڪن وڌيڪ غور ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته
اهي’تجنيس مرڪب‘ جا مثال آهن. ائين ئي ’
يا رب ياد ياور، ۽ يار هڪ اسان جو‘ ۾ ’يا رب‘ ۽
’يار‘ جو پھريون اکر/ آواز ساڳيو آهي، ان صورت ۾
ان کي ’حرفيءَ‘ جو مثال ته چئبو ئي، ليڪن غور ڪرڻ
سان مرڪب نه ٿيندو، بلڪ ’مرفو‘ ٿي سگهندو. البت،
مرفو جي حوالي سان ڪنھن لفظ جو آخري حرف کڻبو ته
ان صورت ۾ ’حرفيءَ‘ ۾ شامل نه ٿيندو، جيئن: ’برق
دم‘ ۽ ’قدم‘.
·
تجنيس مرفو جا نمونا
تجنيس مرفوءَ مان مراد همجنس لفظ بيھارڻ لاءِ ٽئين
لفظ جو اکر/ آواز کڻي، ٻئي لفظ سان ڳنڍ ڪري اهڙو
لفظ بيھارڻ، جيڪو مڪمل صورت ۾ به موجود هجي، ان کي
ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
1.
اهڙا مرفو، جنھن ۾ لفظ جو اڳيون اکر/ آواز، اڳئين
لفظ سان آخر ۾ ملي جوڙ ٺاهيندو آهي، جيئن: ’محب
تون‘ ۽ ’محبت‘
مٿئين مثال ۾ لفظ ’تون‘ جو اڳيون اکر/ آواز’ت‘ کي
اڳئين لفظ ’محب‘جي آخر ۾ ڳنڍبو ته ’محبت‘ ٿي
ويندو، اهڙو ’محبت‘ لفظ اڳ ئي هوندو آهي.
2.
اهڙا مرفو، جنھن ۾ لفظ جو آخري اکر/ آواز، پوئين
لفظ سان ملي مرتب ٺاهيندو آهي، جيئن:’عشقِ دم‘
۽ ’قدم‘
مٿئين مثال ۾ لفظ ’عشق‘ جو آخري اکر/ آواز ’ق‘ کي
پوئين لفظ ’دم‘ سان ڳنڍبو ته ’قدم‘ ٿي ويندو، اهڙو
’قدم‘ لفظ اڳ ئي ڪم آندل هوندو آهي.
·
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنس مرفو جو جائزو
مولوي احمد ملاح ڪافي تجنيسون: ’تام‘، ’ناقص‘،
’مرڪب‘ وغيره، ساري سنڀالي ڪم آنديون آهن، جن جي
ثابتي سندس قافين ۾ به ملي ٿي؛ ليڪن امڪان آهي ته
’مرفو‘ بابت واضح نه رهيو هجي! اها ڳالهه ان بنياد
تي ڪجي ٿي ته مولوي صاحب لفظن جو جادوگر هيو، ڪابه
تجنيس جڏهن سندس ذهن ۾ هوندي هئي ته لفظن جي جڙاوٽ
جا واهڙ وهائي ڇڏيندو هيو. مذڪوره تجنيس بابت سندس
ڪي خاص شعر ڪونه ٿا ملن. البت، تجنيس حرفيءَ جو
شھنشاهه هجڻ نسبت سندس ڪليات ۾ ڪي شعر ملي وڃن ٿا،
جيڪي هيٺ پيش ڪجن ٿا:
1.
اڳئين اکر/ آواز سان مرفو
امر اسلام
جي تان ڪو، متان ايذاءُ ڪريو اُمرا،
اڳي ان تان گهڻا گهر ٻار، گهوري گهور ٿيا آهن.
(ڪليات 2: 445)
’امرا‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’امر-
اسلام‘ ۾ ’امر‘ کي ’اسلام‘ جي اڳئين اکر ’ا‘ سان
ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’امرا‘ بيھندو.
آءُ اَجها، اوجر اکين جا، لاهه اوجهر اوجهرا،
ڏس اجهو تو ري اُجهن پيا، منجهه اَجهورن اوجهه
اوجهه.
(ڪليات 2: 191)
’اوجهرا‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته
’اوجهر- اوجهرا‘ ۾ ’اوجهرا‘ جي اڳئين اکر ’ا‘ کي
’اوجهر‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’اوجهرا‘ بيھندو.
هي مثال اهڙو آهي جنھن ۾ ٻئي لفظ هڪٻئي سان
سلهاڙيل بيٺا آهن. يعني هونئن تجنيس مرفوءَ ۾ ’ٽن‘
لفظن کي شمار ۾ آندو ويندو آهي، ليڪن هتي صرف ٻه
لفظ ڪم آيا آهن.
کجي قَد، ڏند ڏاڙهون ڪڻ، چَکيم ميوا، چڪاسيم وڻ،
کنئِي وِسيَر ڦڻيءَ سان ڦڻ، بَلا کان بُل
اَهاهاها.
(ڪليات 2: 82)
’بلا‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’بل-
اهاهاها‘ ۾ ’بل‘ کي ’اهاهاها‘ جي اڳئين اکر ’ا‘
سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’بلا‘ بيھندو.
بخش ’احمد‘ کي احد، اندر سندم آباد ڪر،
ٻاجهه ري
ٻاجهر نه ٿئي، ڍل ۾ ٻَڌائن ٻوجهه ٻوجهه.
(ڪليات 2: 191)
’ٻاجهر‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ان
کان اڳ ’ٻاجهه- ري‘ مان ’ري‘ جي اڳئين اکر ’ر‘ کي
ٻاجهه سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’ٻاجهر‘ بيھندو.
بنگلا ڀَر ۾ نه گهُرجن، آهه ڀُونگن ۾ ڀَرم،
قلب ڪوٽن جي رهڻ تي، پيو ڪري نت ڦيٺ ڦيٺ.
(ڪليات 2: 162)
’ڀرم‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود اهي، جڏهن ته ’ڀر- ۾‘
۾ ’ڀر‘ کي پوءِ واري لفظ جي اڳئين اکر ’م‘ سان
ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’ڀرم‘ بيھندو.
هِيئن هُجان يا هُونئن هجان، پر جيئن هُجان تيئن
هُت هُجان،
تَخت يا
تختي مٿي، يا تنگ تربت بَرصواب.
(ڪليات 2: 103)
’تختي‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان بعد موجود آهي،
جڏهن ته اڳيئون آيل ’نه- ماڻو‘ مان ’ن‘ کي ’ماڻو‘
سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’نماڻو‘ بيھندو.
ڪَڪر ڪارُون ڪري آيا، ڀنا بادل، ڀَري آيا،
پَلر پَلٽي پري آيا، ٽُٻا ٽٻ اَڄ
ٽَلا ٽالا.
(ڪليات 2: 69)
’ٽُٻا‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان اڳ موجود آهي،
جڏهن ته پوءِ آيل ’ٽٻ- اڄ‘ مان ’ا‘ کي ’ٽٻ‘ سان
ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’ٽٻا‘ بيھندو.
ڳُڻن ۾ ويم ڄمار ڳري، پَرو نه پيم پَريان ڪو وري،
ته آهي پرين مثال پَري، پَري نه
پَري، خبر نه اٿم.
(ڪليات 2: 346)
’پرين‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’پري-
نه‘ ۾ ’پري‘ کي ’نه‘ جي اڳئين اکر ’ن‘ سان ڳنڍبو
ته ساڳيو لفظ ’پرين‘ بيھندو.
جَت نه
رت ڀائي، نه ڀَت ڀائي، ڀِرن ڪھڙي ته ڀَت،
تن جَتن جيڏيون، جڏي ڪئي جان، ويندس جِت به
جَت.
(ڪليات 2: 119)
’جتن‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان بعد موجود آهي،
جڏهن ته اڳيئون آيل ’جت- نه‘ مان ’ن‘ کي ’جت‘ سان
ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’جتن‘ بيھندو. اصولي طور ’نه‘
پورو ٻه- اکرو لفظ آهي، جنھن ۾ ’ن‘ ۽ ’ـه‘ (مختفي
ه) موجود آهي، ان سبب ان کي مرفوءَ ۾ شامل ڪيو ويو
آهي.
خدمت
فرض خدم تان، گهوريان پدم پدم تان،
صدقي قدم قدم تان، ڪر ڪرم ڪرم البت.
(ڪليات 2: 128)
’خدمت‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’خدم-
تان‘ ۾ ’خدم‘ کي ’تان‘ جي اڳئين اکر ’ت‘ سان ڳنڍبو
ته ساڳيو لفظ ’خدمت‘ بيھندو.
سڄڻ مھندان سلامي سؤ سپاهي،
عجب جا دبدبا دب دب اَهاها.
(ڪليات 2: 77)
’دبدبا‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’دب
دب- اهاها‘ ۾ ’دب دب‘ کي ’اَهاها‘ جي اڳئين اکر
’ا‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’دبدبا‘ بيھندو.
چَوچوا لئي چئو ٻيا، قاصد ڪٿان آڻيان قريبَ،
درد
اورڻ لاءِ تو دَر، دوستَ، ڌُوتي بَيت بَيت.
(ڪليات 2: 146)
’درد‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’در-
دوست‘ ۾ ’در‘ کي ’دوست‘ جي اڳئين اکر ’د‘ سان
ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’درد‘ بيھندو.
درد
دُوريءَ جي دوا، در دوست جِي جي خاڪ پا،
خاڪ پا، خاڪ شفا، کيندين نه کيندين چئو کڻي.
(ڪليات 2: 576)
’درد‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’در-
دوست‘ ۾ ’در‘ کي ’دوست‘ جي اڳئين اکر ’د‘ سان
ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’درد‘ بيھندو.
حادثا تنھنجي حسن جا، هاڻ هن حد کي رسيا،
جيئن رُپي ڍڪ، روپ وارا، رُو پسي رد
کي رسيا.
(ڪليات 2: 97)
’روپ‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’رُو-
پسي‘ ۾ ’پسي‘ جي اڳئين اکر/ آواز ’پ‘ کي اڳئين لفظ
’رُو‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’رُوپ‘ بيھندو. ان
همجنس لفظن جي چال کي تجنيس مرفو ٿو ڪوٺجي.
ڪنھن چيو ته ماڻهو مون مثل، هئا آبروءَ ۾ گهٽ اصل،
هر سال ۾ سالم فصل، پر حال ٿيو مون
هاڻ هِيئن.
(ڪليات 2: 408)
’سالم‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان بعد موجود آهي،
جڏهن ته اڳيئون آيل ’سال- ۾‘ ۾ ’سال‘ کي ’۾‘ جي
’م‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’سالم‘ بيھندو.
گُل گهڻا گلزار ۾، پَر اڄ گڏيم گل واهه جو،
سَروَ
قد، سينو سَمن، سِر وارَ سُنبل واهه جو.
(ڪليات 2: 462)
’سَروَ‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان اڳ موجود آهي،
جڏهن ته پوءِ آيل ’سِر- وار‘ ۾ ’سر‘ کي ’وار‘ جي
’و‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’سروَ‘ ٿي بيھندو.
ڳوٺ وَنھيان، ڳالهه سُيان، جلد نڪرو جنگ تي،
ڌُو پَرائي ڌيءَ کڻڻ تي، يا دنگو ڪنھن دَنگ تي،
چي، فدا سنگت مٿان، سِر سنگ تي، پَر
سَنگ تي،
ڀار ڀائرن تي بيھي ويا، ڳوٺ ڳاڙهي رنگ تي،
ڪن ڦَٽيو، ڪي ڦَٽ مُئا، ڪي اڌ ڦَٽيل منجهه اسپتال.
(ڪليات 1: 718)
’سنگت‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’سنگ-
تي‘ ۾ ’سنگ‘ کي ’تي‘ جي اڳئين اکر ’ت‘ سان ڳنڍبو
ته ساڳيو لفظ ’سنگت‘ بيھندو.
پکين لاتيون وري لايون، ٻڌم لالڻ، لَلا لالا،
گهميو گلزار ۾ گل ڦل، کڻن ٿا لال، لا لالا.
(ڪليات 2: 69)
’لال‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’لا-
لالا‘ ۾ ’لا‘ کي ’لالا‘ جي اڳئين اکر ’ل‘ سان
ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’لال‘ بيھندو.
ڪڏهن ڪونه ڪَرهل مَٽيو ڪاڪ تان،
قضا سان پئي ڪا ڪَدورت مَ پُڇ.
(ڪليات 2: 198)
’ڪاڪ‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان اڳ موجود آهي،
جڏهن ته پوءِ آيل ’ڪا- ڪدورت‘ ۾ ’ڪا‘ کي ’ڪدورت‘
جي ’ڪ‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’ڪاڪ‘ بيھندو.
آهه ڪو هِن حال ۾، هُن حال وچ حائل حجاب،
هَي، هتان جي ويا، نه آيو ڪنھن به جانيءَ کان
جواب،
ڪوهه
ڄاڻان ڪوٽ ۾، ڪيئن ٿيو هميراڻو حساب.
(ڪليات 1: 253)
’ڪوهه‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان بعد موجود آهي،
جڏهن ته اڳيئون آيل ’ڪو- هِن‘ مان ’هه‘ کي ’ڪو‘
سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’ڪوهه‘ بيھندو.
محبت
ميڻ ڪيو مون کي، اڃا محب، تون ماڻن ۾،
نڪي ميڙين، نڪي مارين، نه مڃيين ڪا مِنت مُورا.
(ڪليات 2: 56)
’محبت‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان اڳ موجود آهي،
جڏهن ته پوءِ آيل ’محب- تون‘ ۾ ’محب‘ کي ’تون‘ جي
’ت‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’محبت‘ بيھندو.
ساهه سَنڌيَن سان سحر ۾، سوز جو مون ساز ڪيو،
سِر نماڻو ٿي نمايم، يار نازڪ ناز ڪيو.
(ڪليات 2: 498)
’نازڪ‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’ناز-
ڪيو‘ ۾ ’ناز‘ کي ’ڪيو‘ جي اڳئين اکر ’ڪ‘ سان ڳنڍبو
ته ساڳيو لفظ ’نازڪ‘ بيھندو.
ويَن پاڻ وسري، نه وسرين تون،
نه ويرم وسارين اي دلربا.
(ڪليات 2: 34)
’وسرين‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته
’وسري- نه‘ ۾ ’وسري‘ کي ’نه‘ جي اڳئين اکر ’ن‘ سان
ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’وسرين‘ بيھندو.
آئون اچڻو آهيان، تو ڏي ڪري الله توهار،
هڪ ٺَپيءَ ۾ هيڪلو، ويجهو نه ڪو وارث وهار،
ڀاءُ نه ڀيڙو ڀُونءِ اندر ڪو، دوست سڀ دَر کان
ٻَھار،
يار
ٻيا اغيار، يا ربّ، يار تون هڪ، ٻيو نه
ڪير.
(ڪليات 2: 69)
’يار‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’يا-
ربّ‘ ۾ ’يا‘ کي ’ربّ‘ جي ’ر‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو
لفظ ’يار‘ بيھندو. ان همجنس لفظن جي چال کي تجنيس
مرفو ٿو ڪوٺجي.
صاحب ستار هڪڙو، تنھن کي سِڪُون سدائين،
يا ربّ
ياد ياور، ۽ يار هڪ اسان جو.
(ڪليات 2: 466)
’يار‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان بعد موجود آهي،
جڏهن ته اڳيئون آيل ’يا- ربّ‘ ۾ ’يا‘ کي ’ربّ‘ جي
’ر‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’يار‘ بيھندو.
·
اڳين اکرن/ آوازن سان مرفو
ساهه ۾ سِڪ ساڏُهيَن جي، سا ڏَهينءَ
جي رات اڄ،
اڄ اَهاها، اُو اوهيرو، آهه ٺَٺ تي ٺيٺ ٺيٺ.
(ڪليات 2: 163)
’ساڏهين‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’سا-
ڏهينءَ‘ ۾ ’ڏهينءَ‘ جا اڳيان اکر/ آواز ’ڏهين‘ کي
’سا‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’ساڏهين‘ بيھندو.
حقيقت ۾، اهو مثال ’تجنيس مرڪب‘ جو به چئي سگهجي
ٿو، ليڪن جيئن ته ’ءَ‘ به هڪ پد
(Syllable)
آهي، جنھن کي ڇڏي ڪري ’مرفو‘ ڪيو ٿو وڃي، ان صورت
۾ ’تجنيس مرفو‘ جو به مثال ڳڻي سگهجي ٿو.
2.
آخري اکر/ آواز سان مرفو
پوءِ گهوڙيءَ ۾ گُڏي، پاڻھين ويھڻ وارو وَرِي،
پوءِ سُرڻ، اُسرڻ اَٽڪ تي، پوءِ
وِکڙيون، پوءِ وام.
(ڪليات 1: 603)
’اسرڻ‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’پوءِ-
سرڻ‘ ۾ ’سرڻ‘ کي اڳئين لفظ جي آخري اکر/ آواز جو
’ء/ ا‘ ڳنڍبو ته لفظ ساڳيو ’اسرڻ‘ بيھندو. ياد رهي
ته ’متحرڪ الف‘ کي همزو ڪوٺبو آهي، ان صورت ۾
’همزو‘ ۽ ’متحرڪ الف‘ ڳالهه ساڳي سمجهي ويندي آهي.
’تي‘ تَپاسي ڏس طبيعت، تون ٿئين ڇا مان تيار،
باهه پاڻي واءُ مٽيءَ مان ريخت تنھنجو رخت يار،
ڏس ڀلي جا ڀال، اُڀ ڀونءِ ۾ بَنيين تون بختيار،
چنڊ تارا تنھنجي تابع، توکي بخشيو تخت يار،
اختياريون ان جون آخر، تون اَوس بي اختيار،
ته به ڏسان تو ۾ تڪڙ، تڪرار سمجهي ڇا سگهان.
(ڪليات 1: 227)
’تيار‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’رخت-
يار‘ ۾ ’يار‘ کي اڳئين لفظ جي آخري اکر ’ت‘ سان
ڳنڍبو ته لفظ ساڳيو ’تيار‘ بيھندو.
سڄڻ يا سج سنديون راسيون، وَليون وارن سندن
واسيون،
اٿئي ’احمد‘ اندر آسيون ته اچ اچ، مَچ تي
اَچ رَچ.
(ڪليات 2: 197)
’راسيون‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي، جڏهن ته
’اندر- آسيون‘ مان اڳئين لفظ ’اندر‘ جي اخري
اکر/ آواز ’ر‘ کي ’آسيون‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ
’راسيون‘ بيھندو.
داور، نه در کان دُور ڪر، منھنجي مِنت
منظور ڪر،
دل پرت مان ڀرپور ڪر، نازل مٿم نت نور ڪر،
ڏي جوت جلوا منجهه جبين، صدقي مٺي مرسل آمين،
ڪر رحم رب العالمين.
(ڪليات 1: 206)
’منت‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’مٿم-
نت‘ ۾ ’نت‘ کي اڳئين لفظ جي آخري اکر ’م‘ ڳنڍبو ته
لفظ ساڳيو ’منت‘ بيھندو.
گهُور تنھنجي گرم ڪھڙي، آهه گرميءَ ۾ گلاب،
غم گهڻا پر تنھنجي غمزي ساڻ غم لي ۾
مِلي.
(ڪليات 2: 244)
’ملي‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’غم-
لي‘ ۾ ’لي‘ کي اڳئين لفظ جي آخري اکر ’م‘ سان
ڳنڍبو ته لفظ ساڳيو ’ملي‘ بيھندو.
ڌڙا ڌڙ ڌار کان، دوناليون دُور ڌڪ ڌڪ ۾،
سِسيون پٽجو ڪِرن پَٽ تي، نپٽ پٽ جا
به پَٽ پَٽڪا.
(ڪليات 2: 65)
’نپٽ‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’ڪِرن-
پَٽ‘ ۾ ’پَٽ‘ کي اڳئين لفظ جي آخري اکر/ آواز جو
’ن‘ ڳنڍبو ته لفظ ساڳيو ’نپٽ‘ بيھندو.
ڪو پرين، پيغام منھنجو، تو پُنو پانڌيءَ هٿان،
ڪر نه ماڻو، رَهه نماڻو، نت نھاري،
موٽ تون.
(ڪليات 2: 413)
’نماڻو‘ لفظ پوري حالت ۾ مرفو کان بعد موجود آهي،
جڏهن ته اڳيئون آيل ’نه- ماڻو‘ مان ’ن‘ کي ’ماڻو‘
سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’نماڻو‘ بيھندو.
ڪج احد الله کي، ’احمد‘ جي پاران آزيون،
تان لھن بَديون بَدن تان، بُغض نڪرن بازيون،
نينھن جو ناتو لڳي، نڪري وڃن ناسازيون،
پاڪ ڪلمي سان ڪري پويون پسھه پروازيون،
خط ختم ٿيو خوب خوشتر، يا رسول الله رسيج.
(ڪليات 1: 153)
’نڪري‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’سان-
ڪري‘ ۾ ’ڪري‘ کي اڳئين لفظ ’سان‘ جي آخري اکر جو
’ن‘ ڳنڍبو ته لفظ ساڳيو ’نڪري‘ بيھندو.
شيطان جي چَٽ ٿي شَڪل، هَر پار ۾ حَق حَق هڪل،
ڪنھن جي پوي ڪنھن کي نه ڪَل، الله اڪبر ٿيو جڏهن.
(ڪليات 1: 562)
’هڪل‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ’نه-
ڪل‘ ۾ ’ڪل‘ سان اڳئين لفظ ’نه‘ (ن + مختفي ه) جي
آخري اکر ’هه‘ کي ڳنڍبو ته لفظ ساڳيو ’هڪل‘
بيھندو.
·
آخري اکرن/ آوازن سان مرفو
واس وارن يار جي جو، چئن پاسن چِين ۾،
دل سندم درياءَ سندو، برما تَري، پوءِ
ماتري.
(ڪليات 2: 545)
’ماتري‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته
’برما- تري‘ ۾ ’تري‘ کي اڳئين لفظ جي آخري اکر
’ما‘ سان ڳنڍبو ته لفظ ساڳيو ’ماتري‘ بيھندو.
·
حاصل مطلب/ نتيجو
صنايع بدايع جي پيراميٽرن تي مولوي احمد ملاح جي
شاعري ايتري ته پختي رهي آهي، جو ڪو ٻيو شاعر هن
جي جوڙ جيس جو ڪونهي. تجنيس مرڪب جي پيراميٽرن تي
مولوي صاحب جي شاعري جاچي وئي. هتي ان جي قريب
’تجنيس مرفو‘ جو جائزو ورتو ويو، جيڪو نڪتن ۾
هيٺينءَ ريت رکجي ٿو:
?
صنايع بدايع موجب اهڙا ٻه همجنس لفظ جن مان هڪ
مقرون (گڏيل) حالت ۾ هجي ۽ ٻيو ڪنھن ڀر واري لفظ
مان رڳو هڪ اکر جي ڳنڍڻ سان ساڳي مقرون واري حالت
۾ بيھي. هيءَ تجنيس مرڪب وانگر آهي، ليڪن مرڪب ۾
پورا ٽي لفظ ڪم آندا ويندا آهن، جڏهن ته مرفو ۾
پورا ٻه لفظ ۽ ٽئين لفظ جو صرف هڪ اکر يا پد ڳنڍجي
ٿو، جيئن: ’سنگت- سنگ + تاري‘، لفظن مان ’تاري‘ جو
صرف ’ت‘ اڳئين لفظ سان ملائبو ته همجنس ’سنگت‘ ٿي
پوندو.
?
تجنيس مرفو جا ٻه نمونا آهن، هڪ نموني ۾ اڳيان
اکر/ آواز ساڳيو رهي ٿو، جنھن سبب ساڳيو تجنيس
حرفيءَ جو به مثال ٿي سگهي ٿو، جيئن: ’يار- يا
رب‘.
?
تجنيس مرفو جا ٻه نمونا هي آهن:
§
اهڙا مرفو جنھن ۾ لفظ جو اڳيون اکر/ آواز، اڳئين
لفظ سان آخر ۾ ملي، مرتب ٺاهيندو آهي، جيئن: ’محب
تون‘ ۽ ’محبت‘.
§
اهڙا مرفو جنھن ۾ لفظ جو آخري اکر/ آواز، پوئين
لفظ سان ملي، مرتب ٺاهيندو آهي، جيئن:’عشقِ دم‘
۽ ’قدم‘.
?
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ‘تجنيس مرفو‘ جا ٻئي
نمونا ملن ٿا. سنڌي ادب ۾ اهڙن شعرن تي طبع آزمائي
نه ڪئي وئي آهي. گمان آهي ته مولوي صاحب به ان
تجنيس تي طبع آزمائي نه ڪئي هوندي؛ اهو ان بنياد
تي ٿو چئجي ته هو جن به تجنيسن کان واقف رهيو آهي
ته ان بابت واهڙ وهائي ڇڏيا اٿس. جيئن ته تجنيس
حرفيءَ جو شھنشاهه ڪوٺجي ٿو، ان سبب سندس شاعريءَ
۾ تجنيس مرفو جا ٻئي نمونا ملي سگهيا آهن:
ساهه سَنڌيَن سان سحر ۾، سوز جو مون ساز ڪيو،
سِر نماڻو ٿي نمايم، يار نازڪ ناز ڪيو.
مٿئين شعر ۾ ’نازڪ‘ لفظ پوري حالت ۾ موجود آهي،
جڏهن ته ’ناز- ڪيو‘ ۾ ’ناز‘ کي ’ڪيو‘ جي اڳئين اکر
’ڪ‘ سان ڳنڍبو ته ساڳيو لفظ ’نازڪ‘ بيھندو.
ڌڙا ڌڙ ڌار کان، دوناليون دُور ڌڪ ڌڪ ۾،
سِسيون پٽجو ڪِرن پَٽ تي، نپٽ پٽ جا
به پَٽ پَٽڪا.
مٿئين شعر ۾ ’نپٽ‘ لفظ پوري صورت ۾ موجود آهي،
جڏهن ته ’ڪِرن- پَٽ‘ ۾ ’پَٽ‘ کي اڳئين لفظ جي آخري
اکر/ آواز جو ’ن‘ ڳنڍبو ته لفظ ساڳيو ’نپٽ‘
بيھندو. |