مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس خطيءَ جو
اڀياس
(A simple study of ‘Homo-Structure words’ in
Molvi Ahmed Mallah’s poetry)
·
اڀياس جو پسمنظر
ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته مولوي احمد ملاح
جي شاعريءَ ۾ جيترو تجنيسن ۽ صنعتن جو سگهارو
استعمال آهي، سو ڪنھن به عَروضي شاعر وٽ نه ٿو
ملي. گهڻي قدر، مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ تجنيس
حرفيءَ جو استعمال ته ڪمال جو آهي، جنھن سبب کيس
’تجنيس حرفيءَ‘ جو شھنشاهه ڪوٺيو ويندو آهي. هتي
سندس تجنيس خطيءَ جي دائري هيٺ سندس ڪم آندل لفظن
جو جائزو وٺجي ٿو. تجنيس خطيءَ مان مراد اهڙا لفظ
ڪم آڻڻ آهن، جن جي لکڻ ۾ صورت ساڳي هجي، ليڪن ٽٻڪن
جو فرق هجي، جيئن: ’محبت، محنت ۽ مخنث‘ يا ’محرم ۽
مجرم‘ يا ’بر، تر، ٿر، پر‘ وغيره. ڄاڻايل لفظن جي
لکت ساڳي بيھي ٿي، البت ٽٻڪن ۾ فرق ٿيندو. ان اهڙي
صورت وارن لفظن جي استعمال کي تجنيس خطي ڪوٺيو
ويندو آهي. اهڙي وضاحت بعد جڏهن ڪتابن، بلڪ خاص
طور تحقيقي ڪتابن ۾ ڄاڻايل تجنيس جو دائرو
ڳولهجي ٿو ته ان ۾ ڪي مونجهارا به سامهون ٿا اچن.
مرزا قليچ بيگ ان کي اکر جي گهر نسبت ورتو آهي،
يعني اکر جو گهر ساڳيو هجي، باقي ٽٻڪن جو فرق ٿي
سگهي ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر ام ڪلثوم جي تحقيقي مقالي
۾ ڏسجي ٿو ته ’خطي ۽ حرفي‘ ساڳي ڳالهه ٻڌائي وئي
آهي. اهڙي صورت ۾ ان جي ڇنڊڇاڻ نھايت ضروري ٿي پئي
آهي.
·
اڀياس جا سوال
s
ڇا تجنيس خطي ۽ حرفي جي پاڻ ۾ ڪا ويجھڙائپ آهي؟
s
ڇا تجنيس خطيءَ جا لفظ ساڳي سٽر يا شعر ۾ ڪم آندا
ويندا آهن؟
s
ڇا خطيءَ مان مراد ’اکر جو ساڳيو گهر آهي؟
·
اڀياس جو عمل
تجنيس خطي، گهٽ ۾ گهٽ ڪن به ٻن لفظن جي ڀيٽ واري
عمل کي چيو ويندو آهي، جن جي خط يعني لکت ساڳي هجي
ليڪن ٽٻڪن جي بنياد تي
اکر/
آواز ۾ فرق هجي.
`’جامع
سنڌي لغات‘ ۾ ان اصطلاح جي وضاحت هيٺين ريت ڏنل
آهي:
”تجنيس خطي: ث. شعر جي مصرع ۾ هم صورت لفظن جي بدل
سدل واري صنعت ’ٻين جي ميٺاج محبت قرب کان مون کي
گهڻو، تنھنجي بي قربي ۽ محنت جي جفا آهي
لذيذ.‘ (بلوچ، 1981: 591)
جامع سنڌي لغات ۾ اصطلاح جي تشريح ۽ مثال واضح
آهن، البت ’بي قربي‘ کي هيٺان ليڪ ٽڪر ڏنو ويو
آهي، جيڪو مناسب به ناهي ۽ مونجهارو به ڪري پيو.
ساڳي تشريح ’نئين جامع سنڌي لغات‘ (بلوچ، 2004:
443) ۾ ساڳئي انداز سان ڏنل آهي، ليڪن لفظ ’بي
قربي‘ کي هيٺان ليڪ ٽڪر ناهي. ان صورت ۾ ’نئين
جامع سنڌي لغات‘ ۾ تشريح ۽ مثال مناسب سڏبا. البت
اها وضاحت ٿيل ڪونهي ته ڄاڻايل شعري مثال ۾ ڪھڙا
لفظ تجنيس خطيءَ جي مثال هيٺ ايندا. بيشڪ ان شعري
مثال ۾، ڄاڻايل تشريح پٽاندر ’محبت‘ ۽ ’محنت‘
تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
تجنيس خطيءَ جي وضاحت ’نور اللغات‘ اردو ۾ ’تجنيس‘
واري تشريح ۾ هيٺين ريت ڏنل آهي:
"تجنیس:
(ع)۔ مانند ہونا۔ ہم جنس ہونا۔
یکساں
کرنا۔ 1: ایک
جنس کا ہم جنس ہونا۔ 2: صنایع
لفظی
میں
دو لفظوں
کا تلفظ میں
مشابہ اور معنی
میں
متغایر
ہونا۔ جیسے
" آہنگ بمعنی
قصد و آواز۔ تجنیس
خطی۔
(ف) تحریر
میں
دو مختلف المعنی
لفظوں
کا ایک
ہی
طرح لکھا جانا۔ جیسے
عِلم و عَلم۔" (نور، 2006: 1017۔1018)
مولوي نور الحسن نير، تجنيس جي وضاحت ۾ ’خطيءَ‘
بابت پڻ ٻڌائي ويو آهي، جنھن جا مثال: ’عِلم‘ ۽
’عَلَم‘ ڏنا اٿس. دراصل اهي مثال ’خطيءَ‘ جا ناهن
بلڪ ’تجنيس ناقص‘ جا آهن. جنھن صورت ۾ لغتن جي
ڇنڊڇاڻ نه ٿي ٿئي ان صورت ۾ اهڙيون غلطيون رهجي
ٿيون وڃن.
’فيروز اللغات‘ عربي- اردو جي مدد سان ڄاڻايل
اصطلاح جي لغوي اکيڙ رکجي ٿي:
?
تجنيس خطي: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ =
هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + خطي
(خَطَّ = هن ليڪ ڪڍي، هن لکيو) لکڻي، لکيل صورت]
صنايع بدايع موجب ڪنھن شعر ۾ اهڙا مختلف لفظ ڪم
آڻڻ جن جي لکيل صورت ساڳي هجي ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق
هجي، جيئن: سحر، شجر، سخر وغيره.
مرزا قليچ بيگ، تجنيس خطيءَ بابت واضح ڪري ٿو :
”تجنيس خط: هن کي ’تصحيف‘ ۽ ’مشابہ‘ به چوندا آهن.
هن ۾ رڳو لفظ اهڙا ڪم ٿا اچن، جن جي صورت ۾ يعني
لکڻ ۾ هڪجھڙا آهن، رڳو لفظن ۾ يعني پڙهڻ ۾ مختلف
آهن.
رات ’تاريڪ‘، راهه ٿي ’باريڪ‘،
مور ’ناتين‘ کي نه هو ’تاتين‘،
’دشت ۾ ’دست‘ ان جو ڪونه وٺي،
هن کي ’تاڙين‘ پر نه ٿا ’تارين‘.
’عيادت‘ شڪل ۾ آهي ’عبادت‘،
مگر اٺ ڀيرا ان کان ٿي زيادت.
(مرزا، 2016: 99)
ظفر عباسيءَ پڻ ساڳي عبارت اتاري ۽ مثال به ساڳيا
چونڊي ڏنا آهن. (ظفر، 415: 2007) مرزا صاحب ۽ ظفر
عباسيءَ جي ڄاڻائڻ موجب ’تاريڪ- باريڪ‘ ۽ ’عيادت-
عبادت‘ جي لکڻ جي نسبت اکر جا گهر ساڳيا آهن، ليڪن
ٽٻڪن ۾ فرق آهي. يعني مذڪوره اکرن جا گهر ساڳيا
آهن، ليڪن ٽٻڪن جي مٽجڻ سان آواز مختلف ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاه پنھنجي ٿيسز ۾ تجنيس حرفيءَ ۽
خطيءَ کي ساڳي صنعت ڄاڻائيندي لکي ٿي : ”تجنيس
حرفي يا خطي: جيڪڏهن ڪنھن جملي يا مصرع ۾ ساڳئي
حرف سان شروع ٿيندڙ لفظن جو استعمال ٿئي ته اهڙي
لفظي تڪرار واري صنعت، تجنيس حرفي يا خطي سڏبي.
شاه لطيف جي ڪلام ۾ هن صنعت جو تمام گهڻو استعمال
ٿيو آهي. هن جي ڪري شعر جي ترنم ۾ به واڌارو ٿئي
ٿو. شاه سائينءَ جي سر ڪلياڻ جو پھريون بيت آهي:
اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،
قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،
والي واحد وحدهٗ، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جھان جي.
هت پنجن ئي مصرعن ۾ جدا جدا اکرن سان شروع ٿيندڙ
لفظن جو مڪرر استعمال ٿيو. پھرين مصرع ۾ ’الف‘ ۽
’ع‘ (ساڳئي آواز جو)، ٻي مصرع ۾ ’ق‘ جو، ٽين مصرع
۾ ’و‘ ۽ ’ر‘ جو، چوٿين ۾ ’س‘ ۽ ’ح‘ جو ۽ پنجين
مصرع ۾ ’ڪ‘ ۽ ’ج‘ سان شروع ٿيندڙ لفظن جو تڪراري
استعمال ٿيو.“ (ڪلثوم، 2004: 22-23)
ڊاڪٽر صاحبه تجنيس حرفيءَ جي وضاحت مناسب ڪئي آهي،
البت ’حرفي ۽ خطي‘ کي ساڳي تجنيس ڪوٺيو آهي، جن جي
دائرن جي پاڻ ۾ ويجھڙائپ ناهي، سواءِ پھرئين اکر/
آواز ساڳئي هجڻ جي!
مرزا صاحب جي ڄاڻايل مثالن ۾ ’عيادت- عبادت‘ تجنيس
خطيءَ جو آهي، ليڪن پھرئين اکر/ آواز جي نسبت ان
کي ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز به تصور ڪري سگهجي ٿو؛
ليڪن تجنيس خطيءَ جي مثال: ’تاريڪ- باريڪ‘ کي
پھرئين اکر/ آواز جي تبديليءَ سبب ’تجنيس حرفيءَ‘
جو جز به نه ٿو تصور ڪري سگهجي.
مٿين مثالن بعد اچرج وٺي ٿي ته جڏهن ’تجنيس حرفي ۽
خطي‘ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ته پوءِ ڊاڪٽر ام
ڪلثوم شاهه پاران ’تحقيقي مقالي‘ ۾ اصطلاح
(Terms)
جي پيراميٽر بابت اهڙي گمراه ڪندڙ ڳالهه ڪيئن ڪئي
وئي!
·
تجنيس خطيءَ جو دائرو
تجنيس خطيءَ بابت ’جامع سنڌي لغات‘ ۽ مرزا قليچ
بيگ جي مثالن سوڌي وضاحت مناسب ۽ درست ڏنل آهي.
ڏسيل چال کي سمجهڻ لاءِ سنڌي آئيويٽا جي بنيادي
شڪل وارن اکرن جي مماثلت کي نظر ۾ رکڻ لازمي آهي:
?
’ب‘ اکر جي ٻيڙيءَ وارا ٻيا به اکر آهن، جھڙوڪ:
’ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٺ، ٽ، ث، پ‘ ان خيال کان ’ب‘ ان جي
بنيادي صورت آهي ۽ ٻيا اکر ان جي هم شڪل آهن. همزي
(ء) جي شروعاتي ۽ وچين اکري صورت (ئـ، ـئـ) به ان
زمري ۾ اچي سگهي ٿي.
?
’ح‘ جي شڪل جھڙا ٻيا اکر ’ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ‘ به
آهن، يعني ’ح‘ ان جي بنيادي شڪل آهي، جنھن ۾ ٽٻڪن
جو استعمال ڪري ٻيا اکر لکيا ويندا آهن.
?
لکت جي لحاظ کان ’د‘ اکر جھڙيون ٻيون صورتون، ٽٻڪن
جي فرق سان، ’ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ‘ ٿين ٿيون.
?
’ر‘ جي بنيادي شڪل جھڙا ٻيا اکر به آهن: ’ڙ، ز‘،
صرف ٽٻڪن جو فرق آهي.
?
’س‘ ۽ ’ش‘ اکرن جو بنيادي گهرُ ساڳيو ٿئي ٿو.
?
’ص‘ ۽ ’ض‘ ٽٻڪي جي فرق سان، ساڳئي گهير جو اکر
آهي.
?
ٽٻڪي جي فرق سان ’ط‘ ۽ ’ظ‘ اکرن جي لکت ساڳي رهي
ٿي.
?
’ع‘ ۽ ’غ‘ اکرن جي بنيادي صورت ساڳي آهي.
?
’ف‘ ۽ ’ڦ‘ جي شڪل، ٽٻڪن کان سواءِ ساڳي آهي.
?
’ن‘ ۽ ’ڻ‘ اکر جي گهر کي به سنڌي آئيويٽا جي
نسبت، ’ٽٻڪي ۽ ’ننڍڙي ط‘ جي فرق سواءِ، ساڳيو
سمجهڻ گهرجي.
?
ملفوظي ’هه‘، ’وسرڳي ـهه‘ ۽ مختفي ه (ه، ـه ۽ ـہ)
کي الڳ صوررتون سمجهڻ گهرجن.
ان کان سواءِ، اکرن جي چئن صورتن (سالم، شروعاتي،
وچين ۽ آخري) نسبت، ڪي اکر اهڙا به آهن جن جون ڪي
صورتون ٻين اکرن سان ملي سگهن ٿيون ۽ ڪي صورتون
نراليون ٿي بيھن ٿيون، اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪندي، اکري ورڇ
هيٺين ريت ڄاڻائجي ٿي:
?
’ن‘ جي شڪل وارو اکر ’ڻ‘ آهي، ليڪن ٻنهي اکرن جي
سالم ۽ آخري صورت کان سواءِ شروعاتي ۽ وچولي شڪل
ساڳي ’ب/ ٻ/ ڀ/ ت/ ٿ/ ٺ/ ٽ/ ث/ پ‘ واري ٿئي ٿي.
اهڙي صورت ۾ ’ن‘ جي شڪل کي ٽٻڪن جي بنياد تي، ’ب
وغيره‘ ۽ ’ڻ‘ ٻنهي سان ساڳيو سمجهي سگهجي ٿو،
جيئن: بـ - نـ- ڻـ ۽ ـبـ، ـنـ، ـڻـ، وغيره
?
’ف ۽ ڦ ‘ ساڳي شڪل جا اکر آهن، البت، ’ق‘ جي
شروعاتي ۽ وچين شڪل ’ف ۽ ڦ‘ سان ملي ٿي، جيئن: فـ-
ڦـ- قـ ۽ ـفـ- ـڦـ- ـقـ، جڏهن ته ’ق‘ جي سالم ۽
آخري شڪل ’ف ۽ ڦ‘ کان مختلف بيھندي آهي.
?
’گ‘، ڳ ۽ ڱ‘ جون بنيادي شڪليون ساڳيون بيھنديون،
ليڪن ساڳي بنيادي شڪل وارو ’ک‘ جو اکر صرف مٿين
ترڇين ليڪن سبب فرق رکندو. هنن ٻن ترڇين ليڪن ۽ هڪ
ترڇي ليڪ جي بنياد تي شڪل ۽ صورت الڳ الڳ تصور ڪئي
ويندي.
?
’ي‘ اکر جي شروعاتي ۽ وچين شڪل ساڳي ’ب‘ وارن اکرن
واري بيھي ٿي، جيئن: ’بـ- يـ ۽ ـبـ- ـيـ‘، البت
’ي‘ جي سالم ۽ آخري شڪل الڳ ٿي بيھندي آهي ۽ انهن
جي ’ب‘ وارن اکرن سان هم شڪلي نه ٿيندي.
مٿين معيارن جي بنيادن تي اها ڳالهه وري ورجائجي
ته اهڙا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ جيڪي بنيادي صورت ۾
ساڳيا هجن، ليڪن ٽٻڪن جو فرق هجي ته ڪنھن شعر ۾
انهن جي استعمال واري ڪاريگريءَ کي ’تجنيس خطي‘
ڪوٺبو.
·
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس خطيءَ جو
جائزو
مولوي صاحب جيئن ته شاعريءَ جي فن جو وڏو جراح
ڪاريگر هيو، ان سبب هن جا خطيءَ جي دائري ۾ به
ضرور ڪي شعر رچايل هوندا. اندازو آهي ته ’تجنيس
خطيءَ‘ جي دائري هيٺ ضرور سندس هڪ مڪمل غزل هوندو،
پر وقت جي ستم ظريفين سبب سندس ڪلام جو ڪجهه حصو
ضايع ٿي ويو آهي. تنھن هوندي به سندس موجود ڪلام
مان چند مثال ملن ٿا. هڪ غزل جي بند ۾ هي مثال ملي
ٿو :
هيل تائين حال مسڪين، خال مُشڪينَ
جي مثال،
هُت نه ڪو هرگز ٿيڻ، حالي حواليءَ لاءِ وَجههُ.
(ڪليات 2: 190)
هڪ ئي سٽر يا شعر ۾ اهڙي خطيءَ جي صورت وارن مختلف
لفظن کي ڀيٽي، ’تجنيس خطي‘ سڏبو آهي. هن شعر ۾
’حال مسڪين‘ ۽ ’خال مشڪين‘ جي خطيءَ واري صورت/
لکت ساڳي آهي، ليڪن ٽٻڪن/ نقطن ۾ فرق آهي. اهو
عجيب اتفاق آهي يا مولوي صاحب جي حرفت جو ڪمال
آهي، جو ساڳي سٽر ۾ ٻٽا لفظ تجنيس خطيءَ نسبت ڪم
آندا اٿس.
·
مولوي احمد جي غزليات مان تجنيس خطيءَ جا چونڊ شعر
مولوي صاحب جا چند شعر، تجنيس خطيءَ جي خيال کان
خيال خاطر رکجن ٿا:
سدائين سَڌن پُٺ، سڏائن مٿي،
نه اِسرار معلوم اَشرار کي.
(ڪليات 1: 329)
’اسرار‘ ۽ ’اشرار‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
اَسان ڪُن ۾ ڪَلر ڪاري، ڪَندا پيا هِت ڪَڪر
ڪارُون،
ڀريو ٿر بر مٿي باران، بارو بار پيا
ايندا.
(ڪليات 2: 44)
’ٿر‘ ۽ ’بر‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
وِڇوڙي ۾ وِڌئي والي! ڀُڻان بيمار بي حالي،
کِجان کامان ڏِسيو خالي، اڳيان دِلبر!
سَندئي ديرا.
(ڪليات 2: 59)
’حالي‘ ۽ ’خالي‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
خَلق منھنجي خُون پُٺيان، خان! خَطرو
جان ناهِه،
راڄ ساري کي رَسان، جي رَس ٿِيين تُون هيڪڙو.
(ڪليات 2: 482)
’خان‘ ۽ ’جان‘ ساڳي خط وارا لفظ هجڻ سبب تجنيس
خطيءَ جو مثال سڏبو.
دار
دُنيا جي کان ٿيندو، ڌار ڪو اڄ، ڪو صُباح،
لوڙه ۾ لاشڪ رهي لاچار، ڪو اڄ، ڪو صُباح.
(ڪليات 2: 204)
’دار‘ ۽ ’ڌار‘ ٽٻڪن جي فرق سان، ساڳي صورت جي
بنياد تي تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
سال
گُذريا، شال گڏجن! ڪنھن گَهڙي ته به پنھنجي
سوڀ،
ڏينِ مَن مُھڻا ٻه مِھڻا، مُنھن چَڙهي ته به
پنھنجي سوڀ.
(ڪليات 2: 116)
’سال‘ ۽ ’شال‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
دَغا
جِن کي دِل ۾، دُعا تِن کي ڪھڙي؟
رَندن ۾ رُلن شال! رَهزن رَذالا.
’دَغا‘ ۽ ’دُعا‘، ٽٻڪي جي فرق سن ساڳي صورت سبب،
تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
ڏِٺم ڏُونگر پَئي ڏُک سُور ڏاڍا،
لڳيَم صُورت سَفر سَٽ مَٽ سَقر سان.
(ڪليات 2: 377)
’سفر‘ ۽ ’سقر‘ ٽٻڪن جي فرق سان، ساڳي صورت سبب،
تجنيس خطيءَ جو مثال سڏبو.
لهي اَٽڪاءُ ڪِنھين اَٽڪل، سَنڌيون سَڀ سُور،
سِينون سَل،
هُجي سِيني تي سِينو شَل، هُجي ڀِت ساڻ ڀِت
ڀِت ڀِت.
(ڪليات 2: 122)
’سَل‘ ۽ ’شل‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
ٿو شُمارين شراب جنھن کي هِت،
سو سڀو سُڃ سراب عين بعين.
(ڪليات 2 :437)
’شراب‘ ۽ ’سراب‘ ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ ڪم
آندل آهن، صرف ٽٻڪن جو فرق آهي.
شَڪر
ڇڏيَم، سَڪر گُهرجيم سُهڻا،
شَڪر شِيرين به سَريَم پوءِ سَڪر سان.
(ڪليات 2: 377)
’شڪر‘ ۽ ’سڪر‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
ساڪن عَجم توڻي عرب، شوقئون مڙيا شرق و
غرب،
تن کي سندي رحمان رب، واکاڻ وائي وات ۾.
(ڪليات 1: 478)
’عرب‘ ۽ ’غرب‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
بي غرضَ، بَر ۾ بيھاريَئي، هو عرض
ڀَر ۾ بيھار،
داد جو دستور ڌارڻ، آهه ايءُ ڏاڍو عجيب.
(ڪليات 2: 110)
’غرض‘ ۽ ’عرض‘ ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ ڪم
آندل آهن، صرف نڪتي جو فرق آهي.
ڪات
ڪھڙا، ڪاٺ ڪھڙا، جي ڪرين ڪاوڙ قريبَ،
قتل لئي ڪاريون اکيون بس، قيد ڪاڪُل واهه جو.
(ڪليات 2: 462)
’ڪات‘ ۽ ’ڪاٺ‘ ساڳي صورت جا لفظ آهن، ليڪن ٽٻڪن جو
فرق آهي، ان سبب ان کي تجنيس خطيءَ ۾ شمار ڪبو.
درويش هو يا دولتي، محبوب هو يا محبتي،
مھندار هو يا محنتي، سگهجي سڃاڻي هاڻ ڪيئن؟
(ڪليات 1: 401)
’محبتي‘ ۽ ’محنتي‘ ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ ڪم
آندل آهن، صرف ٽٻڪي جو فرق آهي.
سَڄيون سالُون سِڪان ساريان، ڪَڍان ٻاڦون ته وَڻ
ٻاريان،
مَگر
آئون، مُحب منھنجا! مَڱر ۾ ڏينھن گُذاريان
ٿو.
(ڪليات 2: 460)
’مگر‘ ۽ ’مڱر‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
مَٽج ڪِينَ مُون سان مِٺا يار ياري،
اَٿم تانگهه تُننجي، طلب تار تاري.
(ڪليات 1: 305)
’يار- ياري‘ ۽ ’تار- تاري‘، ٽٻڪن جي فرق سان ساڳي
خطيءَ واري صورت جا لفظ آهن.
·
مولوي احمد جي نظمن مان تجنيس خطيءَ جا چونڊ شعر
’تي‘ تَبارڪ رَب تَعاليٰ، تَرڪ تُرڪن ڪِيم ڪَر،
تِير بازي، توف جي، تون ڪا ڪَڻن تعليم ڪَر،
تخت
تابع، بخت طالع، تن عطا تعظيم ڪَر،
عدوءَ جي آفيسرن تي، آفتون آفيم ڪَر،
وِجهه مَنجهن ڪي موت مارا، اَنتَ خَيرُ الفاتحين.
(ڪليات 1: 265)
’تخت‘ ۽ ’بخت‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
’ضاد‘ ضِد کي ڇَڏ ضرُوري، ضُعف پنھنجو ڏِس ضَعيف،
ڇا هَلن تنھنجون هَلائون، ويا هَليا تنھنجا حَليف،
حَرف سَڀ هيڏي، نه هَلندئي حَرف هُت هَرگز
حَريف،
چيٽ ڌاري چوٽ توکي، يا خَرابي مَنجهه خَريف،
خاڪ ۾ خاصو ڪِ خَس، اَلله بَس، باقي هَوَس.
(ڪليات 1: 246)
’حريف‘ ۽ ’خريف‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
ڪِينَ مان تُون ڪَئين ڪَرين، ’ڪُن‘ ساڻ قادر
قُدرتي!
جَبل ۾ جَبار! تُون، جوڙين جواهر زينتي،
مَنجهه عَجب آئون پَوان، اِسرار ڏِسيو عِبرتي،
آهي توکي هَر هَميشه، حَمد حادي حِڪمتي،
آئون جاهِل، آئون ڪاهِل، آئون ظالِم زَحمتي،
تُون مَٿم ڪو رَحم ڪَر، رَحمان، راحِم، رَحمتي!
(ڪليات 1: 216)
’زحمتي‘ ۽ ’رحمتي‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
’زي‘ زِياده زور زوري، ناهي زاريءَ ري ذَرو،
ڏي سَندو تَوفيق تُرهو، تار جو وَرتم تَرو،
شام
سارو سام تنھنجي، رک سَلامت تِن سَرو،
مُشرڪن ۽ مُلحدن کي، چَئو ته اَي مُنڪر! مَرو،
هَٿ اَٿان خالي خَسارا، اَنتَ خَيرُ الفاتحين.
(ڪليات 1: 267)
’شام‘ ۽ ’سام‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
·
مولوي احمد جا تجنيس خطيءَ نسبت قافيا
مولوي صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ اهڙا قافيا به ڪم
آندا آهن، جيڪي تجنيس خطيءَ جي دائري ۾ اچن ٿا:
ڪري تُرهو تَوڪل تار، تَر اِيئن جيئن
تَرڻ گهرجي،
پريان سان پَت لنگهي پاتار، پَر ايئن جيئن
پَرڻ گهرجي.
انڌاريءَ رات، اُونهان ڪُن، ٻيا وِک وِک مٿي
واگهُو،
سُونھون ٿي سِيرَ ۾ وک يارَ، ڀَر ايئن جيئن
ڀرڻ گهرجي.
(ڪليات 2: 526)
ڄاڻايل غزل جي مطلع ۽ بند ۾ ٻٽا قافيا: ’تر ۽
ترڻ‘، ’پَر ۽ پَرڻ‘، ’ڀَر ۽ ڀرڻ‘ پڻ تجنيس خطيءَ
جا مثال آهن، جيئن: ’تَر، پَر ۽ ڀَر جي بنيادي
صورت ساڳي آهي ۽ ’تَرڻ، پَرڻ ۽ ڀرڻ‘ جي بنيادي
صورت ساڳي آهي. ان سبب اهڙي ڀيٽ جي بنياد تي ان
حرفت کي تجنيس خطيءَ جو استعمال سڏبو.
جُدائيءَ کان وري جاني! پيم جولان ۾ جيرا،
اڳوڻيان پڻ اندر آڳون، اُٿيون لائي اندر ڄيرا.
(ڪليات 2: 59)
مٿينءَ مطلع ۾ ’جيرا‘ ۽ ’ڄيرا‘ ٽٻڪن جي فرق سان،
ساڳي صورت نسبت تجنيس خطيءَ جو مثال سڏبو.
مولوي صاحب جو قافين ۾ اهڙو تجنيس خطيءَ جو
استعمال ته ڪافي ملي ٿو، هڪ ٽيھه اکري نظم جي بند
کي ئي ڏسي وٺو ته جنھن جي قافين ۾ تجنيس خطيءَ جو
استعمال ڪيو اٿس:
’يي‘ يَقيناً سوئي يڪسر، يار ياور پڻ يَڪو،
ٻيا ڏني تي ڏين، هو ڏئي ڏيھه کي ڏيڻو نڪو،
سج هلائڻ تي هُجي، ڪُل جَڳ ته ٿوريءَ تي ٿَڪو،
سڀ سنڀالي هيڪ هُو، جيئن تنھنجي هٿ ۾ هڪ ٽَڪو،
ڪوڙ ٻيا ڪوڙين نه ٻڌندس، قلب ۾ ڪلمو پَڪو،
قلب ۾ ڪلمو پڪو، ٻي ڪار سمجهي ڇا سگهان.
(ڪليات 1: 234)
’يڪو‘، ’نڪو‘، ’ٿڪو‘، ’ٽڪو‘ ۽ ’پڪو‘ جا لفظ اهڙا
آهن، جن جي بنيادي صورت ساڳي آهي، جنھن سبب انهن
کي تجنيس خطيءَ جي مثالن ۾ شمار ڪبو. حاصل مطلب ته
مولوي صاحب جي شاعري، صنايع بدايع جي خيال کان،
تمام شاهوڪار آهي. هڪ ئي شعر ۾ تجنيسن جا مختلف رخ
جاچي سگهجن ٿا. شاعريءَ ۾ حرفت جا مثال مولوي صاحب
جي شاعريءَ کان وڌ ڪٿي به نه ٿا ملن.
·
حاصل مطلب/ نتيجو
تجنيس خطيءَ جي دائري نسبت مولوي احمد جي شاعريءَ
مان ڊيٽا نوٽ ڪئي وئي. حاصل مطلب نڪتن جي حالت ۾
هيٺ پيش ڪجي ٿو:
?
تجنيس خطيءَ ۽ حرفيءَ جي دائرن ۾ فرق آهي. خطيءَ
جو تعلق ٽٻڪن جي فرق سان لکت جي ساڳي صورت کي چئبو
آهي، جيئن: عرض- غرض؛ جڏهن ته حرفيءَ جو لاڳاپو
ڪنھن شعر يا سٽر ۾ ڪم آندل لفظن جي ساڳئي حرف سان
آهي، جيئن: تارا تُفنگ تير تَبر تِر تِروکڙيون،
ڇوڙين ٿو بي گناهه تي بَم بَم نوان نوان.
?
تجنيس خطيءَ جا اهڙا مثال جن جا پھريان حرف ساڳيا
هجن ته ان صورت ۾ اهو تجنيس خطي ۽ حرفيءَ جو گڏيل
مثال ٿي سگهي ٿو، جيئن: ڪات ۽ ڪاٺ.
?
تجنيس خطيءَ مان مراد صرف اهڙا ڀيٽ جي حالت ۾ لفظ،
جن جي لکت واري صورت ساڳي هجي، ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق
هجي، جيئن: حال مسڪين- خال مشڪين.
?
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس خطيءَ جا
مثال، شعرن ۾ هجڻ کان علاوه قافين ۾ به ملن ٿا.
?
مولوي صاحب جي شاعريءَ مان جيڪي لفظ تجنيس خطيءَ
جي نسبت نوٽ ڪيا ويا آهن، سي هن ريت آهن: ’حال
مسڪين‘ ۽ ’خال مشڪين‘، ’يار- ياري‘ ۽ ’تار- تاري‘،
’غرض‘ ۽ ’عرض‘، ’سَل‘ ۽ ’شل‘، ’شراب‘ ۽ ’سراب‘،
’محبتي‘ ۽ ’محنتي‘، ’ڪات‘ ۽ ’ڪاٺ‘، ’ٿر‘ ۽ ’بر‘،
’حالي‘ ۽ ’خالي‘، ’سال‘ ۽ ’شال‘، ’دار‘ ۽ ’ڌار‘،
’خان‘ ۽ ’جان‘، ’مگر‘ ۽ ’مڱر‘، ’سفر‘ ۽ ’سقر‘،
’شڪر‘ ۽ ’سڪر‘، ’زحمتي‘ ۽ ’رحمتي‘، ’تخت‘ ۽ ’بخت‘،
’حريف‘ ۽ ’خريف‘، ’شام‘ ۽ ’سام‘، ’تر ۽ ترڻ‘، ’پَر
۽ پَرڻ‘، ’ڀَر ۽ ڀرڻ‘، ’جيرا‘ ۽ ’ڄيرا‘، ’يڪو‘،
’نڪو‘، ’ٿڪو‘، ’ٽڪو‘ ۽ ’پڪو‘.
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مرڪّب جو
جائزو
(A Study of Compound Alliteration in Molvi Ahmed
Mallah’s Poetry)
·
اڀياس جو پس منظر
علم عَروض جي دائري ۾ جيڪڏهن صنايع بدايع جا سڀ
لوازمات جاچڻا هجن ته مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ
کي پڙهجي. ڇا ته ’تجنيس حرفيءَ‘ جو استعمال آهي!
ڄڻ ته سانوڻ جي وسڪاري جيان گوڙن ۽ گاجن سان پالوٽ
پيو ڪري. ايتريقدر جو قافين يا رديفن ۾ به تجنيس
تام ۽ ناقص جا مثال يا تجنيس مڪرر ۽ زائد جا مثال
يا مرڪب جا مثال واضح نموني سان پيا ملندا. هن
آرٽيڪل ذريعي مولوي صاحب جي شاعريءَ مان ’تجنيس
مرڪب‘ جو جائزو وٺجي ٿو. ’تجنيس مرڪب‘ مان مراد،
اهڙن لفظن جو استعمال، جيڪي هڪٻئي جي ڀيٽ ۾ لفظ جا
ٽٽل حصا الڳ الڳ ۽ مليل صورت ۾ هڪجھڙا هجن. هن
تجنيس ۾ زيرن- زبرن واري معاملي کي نظرانداز ڪيو
ويندو آهي.
·
اڀياس جا سوال
s
تجنيس مان ڇا مراد آهي؟
s
تجنيس مرڪّب ڇا کي ٿو چئجي؟
s
تجنيس مرڪب ۾ مقرون ۽ مفروق ساڳئي شعر ۾ ٿي سگهي
ٿو يا الڳ شعرن ۾ به ڳڻيو ويندو؟
s
مقرون ۽ مفروق مان ڪھڙو اڳ ۽ ڪھڙو پوءِ رکي سگهجي
ٿو؟
s
ڇا مقرون ۽ مفروق لفظن جي ڀيٽ ۾ زيرن- زبرن جو فرق
ٿي سگهي ٿو؟
s
تجنيس مرڪب جي دائري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪيترا مختلف لفظ
ڪم اچي سگهن ٿا؟
s
ڇا تجنيس مرڪب ۽ تجنيس مرفو ۾ فرق آهي؟
s
ڇا ’تجنيس مرڪّب‘ کي تجنيس حرفيءَ جو جز چئي سگهجي
ٿو؟
s
شعر يا بيان ۾ ’تجنيس مرڪب‘ جو هنڌ ڪھڙو ٿي سگهي
ٿو؟
s
مولوي احمد ملاح ’تجنيس مرڪب‘، شعر جي ڪھڙي حصي ۾
وڌيڪ ڪم آندي آهي؟
·
اڀياس جو عمل
·
تجنيس جي معنى ۽ مراد
تجنيس عربي لفظ ’جنس‘ مان ورتل آهي، جنھن جي مراد
اهڙا مختلف حيثيت رکندڙ همجنس لفظ ڪم آڻڻ آهي،
جيڪي ڪنھن دائري هيٺ، ڀيٽ جي صورت ۾ ڏيکاري سگهجن.
يعني هن اصطلاح جو لاڳاپو لفظن جي استعمال واري
ڪاريگريءَ سان آهي، جڏهن ته ’صنعت‘ جو اصطلاح،
شاعريءَ ۾ معنوي ڪاريگريءَ سان لاڳاپو رکندي آهي.
×
جامع سنڌي لغات: تَجنِيسَ جمع تَجنِيسُون ث.
[ع. جَنَسَ < جَنَّسَ، تَجنِيس = جنسوار ڪرڻ، جنسن
۾ ورهائڻ] هڪجھڙائي- مشابھت. علم بديع جي هڪ
صنعت. (بلوچ، 1981: 590)
جامع سنڌي لغات موجب لفظن کي جنسوار ڪرڻ، جنھن مان
مراد آهي ته ان ۾ لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ رکي همجنس يا
جنسوار ڪري ڏيکاريا ويندا آهن. جڏهن ته صنعت ۾ لفظ
کي جنسوار نه ڪبو آهي بلڪ، ان کي معنى جي نسبت سان
ڄاڻايو ويندو آهي.
·
تجنيس مرڪب جي معنى ۽ مراد
×
جامع سنڌي لغات: تَجنِيس مُرَڪبّ: ث. شعر ۾ هڪ
مفرد ۽ ٻئي مرڪب لفظ کي ڳنڍيل معنى ۾ پيش ڪرڻ واري
صنعت ’سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي، سا هڙ ساهڙ ري‘ شاه.
(بلوچ، 1981: 591)
جامع سنڌي لغات موجب ’هڪ مفرد ۽ ٻئي مرڪب لفظ کي
ڳنڍيل معنى ۾ پيش ڪرڻ‘ ۾ هڪ ڳالهه کٽل پئي محسوس
ٿئي ته ڇا مفرد صورت ۾ هڪ لفظ استعمال ٿيندو يا
ٻه؟ ڄاڻايل تجنيس ۾ لفظن جو تعداد ٽي ٿي ويندو: ٻه
مفرد ۽ هڪ مرڪب. تڏهن ته لفظن جي ڀيٽ وارو عمل
بيھندو.
لفظ مرڪب جي وضاحت:
لفظ مرڪب مان مراد ئي ٻه واضح الڳ الڳ معنائن وارا
لفظَ ڳنڍي، هڪ اهڙو لفظ ڪم آڻڻ آهي، جنھن جي معنى
مراد پڻ الڳ سان ٻوليءَ ۾ مستعمَل هجي. جيئن
’صورتخطي‘ جو لفظ ٻن الڳ الڳ حيثيت رکندڙ لفظن
’صورت + خطي‘ جو جوڙ آهي، يا ’اڳڪٿي‘ ٻن الڳ الڳ
ڪم ايندڙ لفظن ’اڳ + ڪٿي/ ڪٿڻ‘ جو جوڙ آهي. ان
صورت ۾ اهڙي چال لاءِ مرڪب لفظ ڪم آندو ويندو آهي.
ٻي صورت ۾ لفظ ’اَوير‘ يا ’ڪُپت‘ پڻ ٻن لفظن (اَ
= نه + وير + ويل/ گهڙي/ وقت ۽ ڪُ = خراب + پت =
ڀروسو/ اعتبار) جا جوڙ آهن، ليڪن انهن لفظن کي
مرڪب جي دائري ۾ نه آڻبو. ڇاڪاڻ ته، انهن لفظن جي
جوڙ ۾ اڳياڙي يا هڪ پد/ صرفيو الڳ سان معنى ۾ ڪم
نه ٿو اچي، بلڪ ٻئي لفظ جو محتاج آهي يا ٻئي جوڙ
جي وس آهي، ان سبب اهڙي اڳياڙيءَ کي ’پروَس‘ صرفيو
سڏبو. اهو ئي سبب آهي ته اهڙي جوڙ کي ’تجنيس مرڪب‘
۾ شامل نه ڪري سگهبو، بلڪ ’تجنيس اشتقاق‘ ۾ شامل
ڪبو، يا وري تجنيس مرتب چئي سگهجي ٿو.
تجنيس مرڪّب مان مراد اهڙا ٻه همجنس لفظ ڪم آڻڻ
آهي، جن مان هڪ ٽٽل، ٻيو اڻ ٽٽندڙ هجي. يعني هڪ
لفظ سالم/ مقرون حالت ۾ ڪم آيو هجي، ٻيو ساڳين
اکرن/ آوازن سان ٻن حصن ۾ مفروق حالت ۾ ڪم آيو
هجي.
تجنيس مرڪب بابت مرزا قليچ بيگ لکيو آهي:
”هن کي مرفو يعني ’رفودار‘
به چوندا آهن. هن ۾ همجنس لفظ ڪم اچن ٿا ۽ انهن
مان هڪڙو يا ٻيئي مرڪب يا ٻن لفظن مان جڙيل هجن.
هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙو ’مقرون‘. جڏهن اهي ٻه لفظ
لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ بلڪل هڪجھڙا هجن ۽ ٻيو ’مفروق‘
جڏهن اهي لکڻ ۾ هڪجھڙا نه هجن، پر پڙهڻ ۾ هڪجھڙا
هجن.
مقرون
عشق سچو رکين ٿو ’پروانا‘
جو جلڻ جي رکين ٿو ’پروا نا‘
مفروق
سروقد، جو سرو جي سِر رکي ٿو ’آفتاب‘،
آفت آهي، ٿيو اکين ۾ جڳ جي کان جنھن ’آف تاب‘.“
(قليچ، 2016: 97- 98)
ظفر عباسيءَ به ساڳئي انداز سان لکيو آهي: ”مرڪب
جي لفظي معنى آهي ڳنڍيل. هن کي مرفو يعني رفودار
به چوندا آهن. هن ۾ همجنس لفظ ڪم اچن ٿا ۽ انهن
مان هڪ مفرد ته ٻيو مرڪب يا ٻي صورت ۾ هڪڙو يا ٻئي
مرڪب يا ٻن لفظن مان جڙيل هجن.
جا هڙ اندر جي ساهڙ ڏني ساه کي،
سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي ساهڙ سا هڙ ري،
ساهڙ ميڙ سميع! ساهڙ ڇڙي ساهه جي.
(’ساهڙ‘ ۽ ’سا + هڙ‘ ڪٿي مفرد تي ڪٿي مرڪب ٿي ڪم
اچن ٿا.)
هن جا ٻه قسم آهن ۽ هڪڙو مقرون، جڏهن اهي ٻه لفظ
لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ بلڪل هڪجھڙا هجن ۽ ٻيو مفروق يعني
انهن ۾ فرق هجي.
مقرون
عشق سچو رکين ٿو ’پروانا‘،
جو جلڻ جي رکين ٿو ’پروا نا‘.
مفروق
سروقد، جو سرو جي سِر رکي ٿو ’آفتاب‘،
آفت آهي، ٿيو اکين ۾ جڳ جي کان جنھن ’آف تاب‘.“
(ظفر، 2007: 413)
ظفر عباسيءَ، بغير ڇنڊڇاڻ جي، ڄڻ مرزا قليچ واري
وضاحت کي جيئن جو تيئن اتاريو آهي. ’مقرون‘ ۽
’مفروق‘ واري تفاوت جي، ٻنهي وضاحتن ۾ مونجهارو
آهي. مقرون ۽ مفروق جو دائرو تشريح توڻي مثالن مان
واضح نه ٿو بيھي، جڏهن ته مقرون جي مثالن ۾ ’مقرون
۽ مفروق‘ ٻئي موجود آهن ۽ مفروق جي مثالن ۾ پڻ
’مقرون ۽ مفروق‘ موجود آهن.
·
حاصل اصول
?
مرزا قليچ بيگ، ’تجنيس مرڪب‘ کي ’تجنيس مرفو/
رفودار‘ به ڪوٺيو آهي، جيڪا ڳالهه نامناسب آهي؛
ڇاڪاڻ ته ’تجنيس مرڪب‘ ۽ ’تجنيس مرفو‘ ۾ اصولي فرق
آهي. ’تجنيس مرڪب‘ ۾ اصولي طور ٽي پورا لفظ ڪم
ايندا آهن، جڏهن ته ’تجنيس مرفو‘ ۾ پورا ٻه لفظ ۽
ٽئين لفظ جو صرف جز ڪم ايندو آهي.
?
مرزا قليچ جي ڄاڻايل مثالن جي هر شعر ۾ ’مقرون ۽
مفروق‘ موجود آهن، ان سبب ان کي الڳ شعرن ۾ ورهائڻ
نامناسب آهي. ظفر عباسيءَ
پڻ ساڳيو ڪم ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاه پنھنجي ٿيسز ۾ تجنيس مرڪب بابت
لکي ٿي: ”شعر ۾ هڪ مرڪب ۽ ٻئي مفرد لفظن کي ڳنڍيل
معنى ۾ پيش ڪرڻ واري صنعت، مثال طور سر سھڻيءَ ۾
شاه سائينءَ جي هن بيت ۾ ان صنعت جو استعمال:
جا هڙ اندر جي، ساهڙ ڏني ساه کي،
سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي، سا هڙ ساهڙ ري،
ساهڙ ميڙ سميع، ته سا هڙ ڇڙي ساهه جي.
هت لفظ ’ساهڙ‘ ۾ لڪ رکيل آهي جيڪو ڪٿ مرڪب ۽ ڪٿي
مفرد لفظ ٿي استعمال ٿيو. شاه سائين جو هي بيت
’تجنيس تام‘ جي بندشن ۾ به اچي ٿو. (ڪلثوم، 2004:
23)
ڊاڪٽر ڪلثوم جي ڄاڻايل تجنيس مرڪب جي انتھائي
مختصر وضاحت ته مناسب آهي، ليڪن مٿيون بيت ’تجنيس
تام جي بندشن ۾ به اچي ٿو‘ واري ڳالهه سراسر غير
علمي آهي؛ ڇاڪاڻ ته بغير ڪنھن زير- زبر واري فرق
جي، ساڳي صورتخطيءَ وارو لفظ ٻي ڪابه معنى نه ٿو
رکي. ان لاءِ اهو عام اڳيان واضح هجڻ گهرجي ته هي
مٿيون بيت ڪنھن به صورت ۾ ’تجنيس تام‘ واري
پيراميٽر ۾ نه ٿو اچي. علمي حوالي سان ٿيسز ۾ اهڙي
غير علمي ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
·
اصطلاح ’تجنيس مرڪب‘ جو ڇيد
فيروز اللغات عربي- اردو جي مدد سان تجنيس مرڪب جو
اشتقاق هيٺين ريت رکجي ٿو:
تجنيس مرڪّب: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو
پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ +
مُرڪّب- مُفَعَّل- اسم مفعول (رَڪَّبَ = جوڙڻ،
ترڪيب ڏيڻ) جڙيل، ترڪيب ڪيل] صنايع بدايع موجب
ڪنھن شعر يا بيان ۾ اهڙا ٻه يا وڌيڪ همجنس لفظ ڪم
آڻڻ جن ۾ هڪ ’مقرون‘ ٻيو ’مفروق‘ هجي، يعني هڪ
سالم هجي ۽ ٻيو ساڳين اکرن/ آوازن سان ٽٽل حالت ۾
الڳ معنائون رکندڙ لفظَ هجن، جيئن:
شام تون (مفروق) ۽ شامتون (مقرون)
شام منھنجو شام سين مَس، صبح تنھنجو، شام تو،
سَٺ سَتر گذري پٺيان، رَهندو وڃي رَبَّ، نام تو،
جام جامان تو ڍَڪايا، جام پيتم جام تو،
صبح توڻي شام آئون، شامتن کان شام تو،
شام تون جهَل، شامتون پَل، شاه شاهوڪار تون،
تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيھهَ جو ڏاتار تون.
(ڪليات 1: 163)
مٿيون مثال هڪ ئي وقت تجنيس مرڪب ۽ تجنيس تام جو
مثال آهي. ’شام تون‘ مفروق صورت ۾ ٻه لفظَ، ۽
’شامتون‘ مقرون صورت ۾ هڪ لفظُ هجڻ سبب، ان مسدس
جي تجنيس مرڪب سڏبي. ساڳئي وقت ان ۾ ’شام‘ جو لفظ
ڇهه دفعا استعمال ٿيو آهي. جن مان پھريون شام لفظ:
وجود جي معنى ۾، ٻيون- ٽيون- چوٿون شام لفظ:
سانجهيءَ لاءِ ڪم آيو آهي، باقي پنجون ۽ ڇهون شام
لفظ: سام- پناهه جي معنى ۾ ڪم آندل آهي، مختلف
معنائن جي بنياد تي چئي سگهبو ته اهو شعر ’تجنيس
تام‘ جي بندشن ۾ به اچي ٿو.
ڊاڪٽر ام ڪلثوم لطيف سائينءَ جي بيت ’جا هڙ اندر
جيءَ، ساهڙ ڏني ساهه کي...‘ ۾ ’ساهڙ‘ لفظ جو ساڳي
معنى ۾ ٽي دفعا استعمال، ۽ ’سا هڙ‘ (مفروق صورت ۾)
پڻ ساڳي معنى ۾ ٽي دفعا استعمال ڏسي، ان کي تجنيس
تام جي بندش به ڪوٺيو آهي، حالانڪ ڊاڪٽر صاحبه جي
اها ڳالهه ڪنھن به حوالي سان مناسب ناهي. ڇاڪاڻ ته
تجنيس تام جو پيراميٽر ئي ساڳي صورت وارن لفظن کي
مختلف معنائن ۾ استعمال ڪرڻ هوندو آهي.
·
تجنيس مرڪّب جو دائرو
تجنيس مرڪّب، اهڙي ڪاريگري آهي، جنھن ۾ ڪي به ٻه
لفظ ائين ڪم آندل هجن، جو هڪ مڪمل صورت ۾ الڳ معنى
سان اچي ۽ ٻيو ساڳئي لفظ جي ٽٽل صورت سان ٻن الڳ
معنائن سان بيھي. يعني ٻنهي جي ساخت ساڳين اکرن
مان هجي؛ مڪمل صورت واري کي ’مقرون‘ ۽ ساڳئي لفظ
جي ٽٽل صورت کي ’مفروق‘ ڪوٺيو ويندو آهي. اهو به
لازمي آهي ته اهي لفظ ساڳي سٽر يا شعر ۾ ڪم آندل
هجن؛ جيڪڏهن الڳ الڳ شعرن ۾ ڪم آندل هوندا ته انهن
جي ڀيٽ ڪارگر نه رهندي. هيٺ مولوي احمد ملاح جو هڪ
شعر خيال خاطر رکجي ٿو:
شرافت شر آفت، ته دولت به دو لَت،
ٿيندئي پَڪ پَٽيءَ تي پڙهي ڏسندي ڏسندي.
(ڪليات 1: 399)
ڄاڻايل شعر جي پھرين سٽر ۾ هڪٻئي سان سلهاڙيل،
مختلف معنائن سان تجنيس مرڪب جا ٻه مثال ملن ٿا،
هڪ: ’شرافت‘- ’شَر آفت‘ ۽ ٻيو: ’دولت‘- ’دو لَت‘.
ڄاڻايل مثال ۾ ’شر ۽ آفت‘ کي ملائبو ته ’شرافت‘ ۽
’دو ۽ لَت‘ کي ملائبو ته ’دولت‘ ٿي بيھندو. ان ٽٽل
صورت ۽ مليل صورت جي ڀيٽ واري عمل کي تجنيس مرڪب
ڪوٺجي ٿو.
ٽٽل صورت کي ’مفروق‘ ۽ گڏيل صورت کي ’مقرون‘ ٿو
چئجي، مٿين مثالن ۾ ’شرافت ۽ دولت‘ مقرون صورتون
آهن ۽ ’شر- آفت‘ ۽ ’دو- لَت‘ مفروق صورتون آهن.
جنھن شعر ۾ لفظن جون اهي ٻئي صورتون (مقرون ۽
مفروق) هونديون ته ان کي ’تجنيس مرڪب‘ ۾ شمار ڪبو.
مٿئين شعر ۾ ’شر‘ ۽ ’آفت‘ ٻه الڳ الڳ لفظ آهن،
جڏهن اهي ملائجن ٿا ته ’آ‘ جو آواز ’ر‘ سان ملي
’را‘ جو آواز ٺاهيندو، يعني ’مد‘ جو آواز ’ر‘ سان
ملي ويندو . ان لحاظ کان ’شر‘ ۽ ’آفت‘ لفظ ملائڻ
سان ’شرافت‘ جو لفظ بيھندو. هنن ۾ اکرن جي بجاءِ
آوازن جي نسبت ڏٺو ويو آهي.
·
مفروق ۽ مقرون لفظن جي
اڳ-
پوءِ واري حالت
اها ڳالهه ڪٿي به واضح طور طئي ٿيل ناهي ته ’تجنيس
مرڪّب‘ ۾ ’مقرون‘ اڳي ڪم آڻجي ۽ ’مفروق‘ پوءِ ڪم
آڻجي. هن صورت ۾ ’مقرون‘ ۽ ’مفروق‘ اڳي- پوءِ ڪم
آڻي سگهجن ٿا. مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ اهڙا
مثال ملن ٿا، جتي مقرون ۽ مفروق ٻنهي اندازن يعني
اڳ- پوءِ ڪم آندل آهن، جيئن:
·
مفروق- مقرون واري شڪل
پريمَ، اَهنجي پسڻ جا پُور، پيا مَن تي، پيامن تي،
وري سڪ جا ٿيا ساوا، سَلا مَن تي، سَلامن تي.
(ڪليات 2: 562)
هن غزل جي مطلع ۾ ’پيا مَن- پيامن‘ ۽ ’سَلا مَن-
سلامن‘ تجنيس مرڪّب جا مثال آهن. هن ۾ پھرين
مفروقَ: ’پيا مَن‘ ۽ ’سَلا مَن‘ ڪم آيا آهن، جڏهن
ته مقرونَ: ’پيامن‘ ۽ ’سَلامن‘ پوءِ ڪم آيا آهن.
·
مقرون- مفروق واري شڪل
مس دوائن سان وڃي، دل ٺاپري، تان ٺا پرِي،
ساپرُوءَ جھڙن کي سامهين، ساپرِي، گم سا پَرِي.
(ڪليات 2: 545)
هن غزل جي مطلع ۾ ’ٺاپري- ٺا پَري‘ ۽ ’ساپري- سا
پَري‘ تجنيس مرڪّب جا مثال آهن. هن ۾ پھرين
مقرونَ: ’ٺاپري‘ ۽ ’ساپري‘ ڪم آيا آهن، جڏهن ته
مفروقَ: ’ٺا پري‘ ۽ ’سا پَري‘ پوءِ ڪم آيا آهن.
·
تجنيس مرڪّب ۾ زيرن زبرن جو فرق
تجنيس مرڪب جو گهڻو لاڳاپو اکرن سان آهي، ڪنھن هنڌ
آواز سان به ٿي سگهي ٿو. لفظ جي گڏيل صورت ۽ ٽٽل
صورت جي حالت ۾ زيرن زبرن جو فرق روا آهي. جيئن ته
’تجنيس تام‘ ۾ جيڪڏهن زيرن- زبرن جو فرق ٿي ويندو
ته ان جي حيثيت مٽجي ويندي، ليڪن تجنيس مرڪّب ۾
زيرن- زبرن واري فرق کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو،
جيئن:
سونھن منھنجي جنھن سُڻائي، سُومري کي سو مَري،
تا حياتي بي حيا جي، منھن تي ٻئي هٿ هيٺ هيٺ!
(ڪليات 2: 163)
ڄاڻايل مثال ۾ ’سومري‘ ۽ ’سو مَري‘ تجنيس مرڪّب جو
مثال آهي، جنھن ۾ پھرين ’مقرون‘ ۽ پوءِ ’مفروق‘ ڪم
آيو آهي. جڏهن ’مقرون: سومري‘ کي ڏسجي ٿو ته
’سومرو‘ ذات وارو لفظ نحوي بناوت پٽاندر ’سُومِري‘
ٿئي ٿو، جنھن جي پھرئين پد ’سُو‘ پٽاندر، ’س‘ اکر
تي پيش ۽ ’مري‘ پد پٽاندر ’م‘ اکر تي زير ڪم اچي
ٿي، يا ’م‘ ساڪن ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته مفروق ’سو
مَري‘ ٽٽل صورت ۾ ’سو‘ تي ڪابه اعراب نه ٿي اچي ۽
’مَري‘ واري پد مان ’م‘ اکر تي زبر ٿي ڪم اچي.
پھرين سٽر ۾ مارئيءَ جي روپ ۾ شاعر چوي ٿو : ’جنھن
به منھنجي سونھن جو، عمر سومري کي ٻڌايو ، سو شل
مَري!‘
ظاهر آهي ته تجنيس مرڪّب جي نسبت، اهڙن لفظن جي
ٽوڙڻ سان زيرن زبرن جو فرق ممڪن آهي، ان لحاظ کان
ڄاڻايل تجنيس ۾ ’زيرن- زبرن‘ کي نظر انداز ڪيو
ويندو آهي.
·
تجنيس مرڪّب ۾ معنادار لفظن جو تعداد
ڪنھن به تجنيس ۾همجنس، ليڪن مختلف معنادار لفظن جو
گهٽ ۾ گهٽ تعداد ٻه ٿيندو آهي. ان جي برعڪس ’تجنيس
مرڪب‘ اهڙي تجنيس آهي جنھن جو دائرو گهٽ ۾ گهٽ ٽن
لفظن تي جڙندو آهي، هڪ: مقرون/ سالم، ٻيو: مفروق/
ٽٽل. مفروق ۾ ڪي به ٻه لفظ ٽٽل حالت ۾ هوندا آهن،
جن کي ملائي مقرون صورت ۾ ڪم آندو ويندو آهي. ان
ليکي تحت، ڪل ٽي معنادار لفظ ڪم ايندا آهن، جيئن
مولوي صاحب جي هڪ مصرع ۾ آهي:
وري سڪ جا ٿيا ساوا، سَلا مَن تي، سَلامن تي.
هن مصرع ۾ ’سَلا + مَن‘ ۽ ’سلامن‘ جا ٻه همجنس لفظ
آهن، جن مان پھريَن لفظن ’سَلا + مَن‘ کي ملائبو
ته ’سلامَن‘ بيھندو. لفظن جي اهڙي بيھڪ کي تجنيس
مرڪب ڪوٺبو.
مٿين مصرع ۾ ڄاڻايل تجنيس هيٺ ڪل ٽي لفظ اچن ٿا،
جيڪي مختلف معنادار پڻ آهن:
?
سَلا = گونچ- انگور- گوشا...
?
مَن = دل- هنياءُ- قلب...
?
سلامَن = سلام جو جمع. نحوي بناوت موجب حرف جر
سببان آخر ۾ ’نون ساڪن‘ جو اضافو...
·
تجنيس ’مرڪب‘ ۽ ’مرفُو‘ ۾ فرق
تجنيس مرڪب ۾ ٻه اهڙا همجنس لفظ هوندا آهن، جن مان
هڪ: مقرون (گڏيل صورت ۾) ٻيو: مفروق (ٽٽل صورت ۾)،
جيئن:
پريمَ، اَهنجي پسڻ جا پُور، پيا مَن تي،
پيامن تي،
وري سڪ جا ٿيا ساوا، سَلا مَن تي،
سَلامن تي.
(ڪليات 2: 562)
مٿئين شعر ۾ مفروق: ’پيا- مَن/ سلا- من‘ ۽ مقرون:
’پيامن/ سلامن‘ آهي. مفروق صورت وارا لفظ الڳ سان
سڀ مڪمل لفظ آهن. جڏهن اهي مڪمل ملائجن ٿا ته
ساڳين موجود لفظن جھڙا ٻيا لفظ سامهون اچن ٿا. ان
مان مراد اها آهي ته تجنيس مرڪب ۾ ڪل ٽي مڪمل صورت
وارا لفظ ڪم آندا ويندا آهن.
تجنيس مرفو ۾ صرف ٻه همجنس لفظ سامهون ايندا آهن.
هڪ: مقرون (گڏيل صورت ۾)، جڏهن ته ٻيو: اهڙي صورت
۾ ڪم آڻبو آهي، جو ان کي همجنس بيھارڻ لاءِ گڏ
هوندڙ ٻئي لفظ جو صرف
جز
کڻِي، ان سان ڳنڍي، مقرون (گڏيل صورت ۾) جھڙو
بيھارڻو پوندو آهي، جيئن:
صاحب سَتار هڪڙو، تنھن کي سِڪون سدائين،
يا رب
ياد ياور، ۽ يار هڪ اسان جو.
(ڪليات 2: 466)
مٿئين شعر ۾ ’يار‘ مقرون (گڏيل صورت ۾) موجود آهي،
جڏهن ته ’يا
+
رب‘ ٻه الڳ لفظ آهن، ان مان صرف ’رب‘ جي ’ر‘ کي
’يا‘ لفظ سان ملائبو ته ساڳيو ’يار‘ بيھندو. ان
اهڙي ڳنڍ کي ’مرفو‘ ڪوٺبو آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن
’يا‘ ۽ ’رب‘ لفظن کي مڪمل صورت ۾ ملائبو ته ’مرڪب‘
سڏبو.
تجنيس مرفو ۾ ڪي به ٻه لفظ مڪمل صورت ۾ ڪم آڻجن
ٿا، جڏهن ته ٽئين لفظ مان صرف اکر/ آواز يا پد، جز
واري حالت ۾ کڻي، ڪم آندو ويندو آهي. جنھن صورت ۾
ٽيون لفظ مڪمل صورت ۾ گڏائبو ته پوءِ مرڪب سڏبو.
ان حالت ۾ ٻنهي تجنيسن کي ساڳيو تصور ڪري نه ٿو
سگهجي.
·
تجنيس مرڪّب ۽ تجنيس حرفيءَ ۾ مماثلت
عروضي شاعريءَ جي حوالي سان مولوي احمد جي سڃاڻپ
’تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه‘ رهي آهي. هتي جيڪو
جائزو وٺجي پيو، سو ’تجنيس مرڪّب‘ جو! بيشڪ تجنيس
مرڪب به ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز چئي سگهجي ٿو، ليڪن
پوءِ به ٻنهي جي دائرن ۾ فرق آهي.
تجنيس حرفيءَ مان مراد اهڙو شعر يا بيان جنھن جو
تقريباً هر لفظ ساڳئي حرف سان شروع ٿئي، جيئن:
شام تون جهَل، شامتون پَل، شاه شاهوڪار تون،
تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيھهَ جو ڏاتار تون.
(ڪليات 1: 163)
ڄاڻايل بند جي سٽرن مان پھرين سٽر ۾ ’ش‘ اکر جي
گهڻائي آهي: ’ شام تون جهَل، شامتون پَل، شاهه
شاهوڪار تون‘، جڏهن ته ٻين سٽرن ۾ ’ڏ‘ جي گهڻائي
آهي: ’ تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيھه جو ڏاتار
تون‘. ان بنياد تي چئي سگهبو ته اهو شعر ’تجنيس
حرفيءَ‘ جو مثال آهي.
ساڳئي وقت ’شام تون‘، مفروق/ ٽٽل صورت ۾ هجڻ ۽
’شامتون‘ مقرون/ گڏيل صورت ۾ هجڻ سبب تجنيس مرڪب
جو ئي مثال سڏبو. چوڻ جو مقصد ته تجنيس حرفي، ٻين
تجنيسن جي ماءُ سڏجي ٿي. ان سبب ’تجنيس حرفيءَ‘ جي
ٻين تجنيسن سان مماثلت ممڪن آهي.
·
تجنيس مرڪّب جو هنڌ
جيئن ته ڪنھن به شعر جا حصا ٿيندا آهن، مصرع اول،
مصرع ثاني، قافيو، رديف وغيره. ان لحاظ کان تجنيس
مرڪّب جو مخصوص هنڌ متعيّن ناهي. يعني تجنيس مرڪّب
جو استعمال شعر جي ڪھڙي به حصي ۾ ڪري سگهجي ٿو.
قافيي توڻي رديف ۾ به ممڪن آهي، ان لاءِ ته مولوي
احمد ملاح قافين توڻي رديفن کي به ڄاڻايل تجنيس ۾
شامل ڪيو آهي، جيئن:
مس دوائن سان وڃي، دل ٺاپري، تان ٺا پرِي،
ساپرُوءَ جھڙن کي سامهين، ساپرِي، گم سا پَرِي.
(ڪليات 2: 545)
ڄاڻايل مثال ۾ قافيو: ’ٺا‘ ۽ ’سا‘ آهي، جڏهن ته
’پَرِي‘ رديف طور ڪم آيل آهي. جڏهن رديف ’پرِي‘
سان ’ٺا‘ قافيو ملائي ٿو ته ’ٺاپري‘ مقرون ٿي وڃي
ٿو ۽ جڏهن ساڳئي رديف ’پرِي‘ سان ’سا‘ ملائي ٿو ته
’ساپري‘ مقرون بيھي ٿو. ان مان مراد اها آهي ته
’تجنيس مرڪّب‘ جو ڪو خاص هنڌ ناهي، شعر جي ڪھڙي به
حصي ۾ ان جو استعمال ٿي سگهي ٿو.
·
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مرڪّب جو
جائزو
مولوي صاحب جيئن ته عَروضي دؤر جو شاعر رهيو آهي،
ليڪن سندس شاعريءَ ۾ سنڌي ڪلاسڪ جو به امتزاج رهيو
آهي. عروضي شاعر جي نسبت سندس شاعري صنايع بدايع ۾
تمام شاهوڪار رهي آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ’تجنيس
مرڪّب‘ ڏسڻ مقصود آهي.
سندس شاعريءَ ۾ شعر جي مختلف حصن ۾ مذڪوره تجنيس
ڪم آندل آهي. ايتريقدر جو ’قافين‘، ’رديفن‘ ۾ به
سندس اهڙي حرفت نوٽ ڪري سگهجي ٿي. هيٺ چند شعر يا
بند خيال خاطر رکجن ٿا:
·
تجنيس مرڪّب جا سادا مثال
×
آدم (مقرون) ۽ آ دَم(مفروق)
’تي تونگر رب تعالى، توکي تعريفون تمام،
تون اپائين، تون نپائين، ساڻ اعلى اهتمام،
آههِ ايءُ آدم، ته آ دَم، دم مٿي ڪھڙا دَمام،
هيڪ ٻي پٺيان هتان، هَليا وڃن حاذق هُمام،
ڌڙ دفن، دس بعد دس، الله بس، باقي هوَس.
(ڪليات 1: 243)
’آدم ۽ آ دَم‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي. يعني ’آ +
دَم‘ کي ملائبو ته ’آدم‘ بيھندو. ان سبب ان ڀيٽ کي
ڄاڻايل تجنيس ۾ شمار ڪبو.
×
آب- رُو (مفروق) ۽ آبرُو (مقرون)
آب رُو ’احمدَ‘، ته ماڻين در احد جي آبرُو،
پڙهه اکر الفقر فخري، بَن مَ سٺ تي سيٺ سيٺ.
(ڪليات 2: 163)
’آب رُو‘ (مفروق) ۽ ’آبرُو‘ (مقرون) ڀيٽ جي بنياد
تي تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
×
او- تارو (مفروق) ۽ اوتارو (مقرون)
ڏَسين تاريخ او تارو، اٿن ان هيٺ اوتارو،
ڪٿي ڏينھن ڪندڙ جو ڏيھه، ڪٿي جا ڏَس ڏيين ٿو تون.
(ڪليات 2: 414)
’او- تارو‘ ۽ ’اوتارو‘ ۾ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
×
تجمل (مقرون) ۽ ته جمل (مفروق)
سج سداسھڻو گهڻو، منهنجو سڄڻ سج کان به صاف،
ڇا تجلي، ڇا تجمُل، ڇا ته جَمُل واهه جو.
(ڪليات 2: 562)
’تجمل ۽ ته جمل‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
×
پار-ڪر (مفروق) ۽ پارڪر (مقرون)
مينھن وسڻ جي مند آئي، مينھن مارن پار ڪر،
کيل هُن کُڻ تي کنوڻ جا، ايءُ ته پاسو پارڪر.
(ڪليات 2: 260)
پار ڪر (مفروق) ۽ پارڪر (مقرون) هن تجنيس جو مثال
آهي. پار ڪر = پار = پاسي، ڪر = ڪرڻ جو امر) يعني
اي ڌڻي، مينھن کي مارن جي پاسي ڪري ڇڏ، پارڪر =
(کيل هُن کُڻ تي کنوڻ جا، ايءُ ته پاسو پارڪر) ٿر
جو علائقو.
×
پرواهه (مقرون) ۽ پَر واهه (مفروق)
مُلان ته ماني موئي جي، ختمن تي مَرندا کوئجي،
پرواهه نه پائي پوءِ جي، پَر واهه ماني ميرَ جي.
(ڪليات 1: 525)
پرواهه (مقرون) ۽ پر واهه (مفروق) تجنيس مرڪب جو
مثال آهي.
×
پريشان (مقرون) ۽ پري شان (مفروق)
پَريشان ڪيو مَن، پَرِي شان جن،
ڪَمر وار، ڪاريون اکيون، ڪونج ڪنڌ.
(ڪليات 2: 225)
پريشان (مفروق) ۽ پري شان (مقرون) تجنيس مرڪب جو
مثال آهي.
×
پيچ ري (مفروق) ۽ پيچري (مقرون)
پُنھل سان پيچ ري، ٻيو ڪير پوندو پيچري پُٺيان،
مِرون موجود مارڳ ۾، نه مهندان مال ڪي ماها.
(ڪليات 2: 80)
’پيچ ريءَ‘ (پيچ کان سواءِ) ۽ ’پيچري‘ (رستي)
تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
×
جت نه (مفروق) ۽ جتن (مقرون)
جَت نه رَت ڀائي، نه ڀَت ڀائي، ڀِرن ڪھڙي ته ڀَت،
تِن جَتن جيڏيون، جڏي ڪئي جان، ويندس جت به جَت.
(ڪليات 2: 119)
’جت نه‘ ۽ ’جتن‘ تجنيس مرڪب چئي سگهجي ٿو.
×
سنگهار (مقرون) ۽ سَن- گهار (مفروق)
سِڪ سَنگهارن جي سڪان، سَن گهار ڪھڙي سانگ ويا،
مون مٿو ويڙهيو نه ويڙهيان وار ڌاريَن ۾ ڌُئي.
(ڪليات 2: 591)
’سنگهار‘ (مقرون) ۽ ’سَن گهار‘ (مفروق) تجنيس مرڪب
جو مثال آهي. آوازن جي نسبت ’ن‘ جو فرق اچي ٿو،
ليڪن لکت جي لحاظ کان ساڳيائپ آهي. ’سنگهار‘ ۾ ’ن‘
گهُڻو يعني ’نڪوون ڇوٽو سُر‘
(Nasal short Vowel)
آهي، جڏهن ته ’سن گهار‘ ۾ ’ن‘ وينجن
(Consonant)
آهي. اهڙي فرق کي به نظر انداز ڪري سگهبو آهي،
ڇاڪاڻ ته ’تجنيس مرڪب‘ جو گهڻو تعلق اکرن سان آهي.
×
ڪو- سِي (مفروق) ۽ ڪوسِي (مقرون)
سِير ۾ ساريان نه ڪو سِي، تنھنجي ڪڍ ڪوسِي ٿڌي،
مون ٺلهو ٺارج نه ٺُل تي، جيئن مِلين تيئن مِل
مٺا.
(ڪليات 2: 36)
’ڪو سِيءُ‘ (مفروق) ۽ ’ڪوسِي‘ (مقرون) تجنيس مرڪب
جو مثال آهي. جيئن ته مولوي صاحب لاڙي لھجي جو
ماڻهو آهي ۽ لاڙي لھجي جي مزاج ۾ آخري ڇوٽو سُر
حذف ڪيو ويندو آهي، ان خيال کان سندس شاعريءَ موجب
’سِي‘ لفظ جو اچار ئي هوندو، جيڪو معياري لھجي
موجب ’سيءُ‘ ڪري لکيو ويندو آهي.
×
ڪا-
سائِي (مفروق) ۽ ڪاسائِي (مقرون)
نه آهم سَنڌ ڪا سائِي، مون سان ڪئي سُور پَر
سائِي،
جيئن ڪاتيءَ کي ڪاسائِي، ڏيئي ڇيرو ڪُھن ڇيلا.
(ڪليات 2: 74)
’ڪا سائي‘ (مفروق) ۽ ’ڪاسائي‘ ’مقرون‘ تجنيس مرڪب
جو مثال آهي.
×
مان گهر (مفروق) ۽ مانگر (مقرون)
ڪري ارمان اوسيئڙا، ادن لايون اويرون اڄ،
نه مان گهر موٽيا منھنجا، مگر مانگر ڪنھين ماريا.
(ڪليات 2: 94)
’مان گهر‘ ۽ ’مانگر‘ ۾ ’وسرڳ ۽ اوسرڳ‘ جو فرق ضرور
آهي، پر جيئن ته لاڙي لھجي جي مزاج ۾ ’گهر‘ جو
اچار ’وسرڳ‘ سان ناهي، ان لاءِ ان کي به تجنيس
مرڪب ۾ آڻبو.
×
مفتخَر (مقرون) ۽ مفت خَر (مفروق)
ڪو ٻٽاڪي، ڪو ٻٽيھه لَکڻو، ته ڪو ٻالڪ ٻَٽُور،
ڪنھن اندر خوشبوءِ کٿوري، واه، اُکتو ڪو کَٿور،
مُفتخَر، ڪو مفت خَر، قربان قدرت تان ٿيان.
(ڪليات 1: 62)
’مُفتخَر (مفتعَل جي وزن تي فخر ڪيل) ۽ مفت خَر
(گڏهه)‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
×
مڪر (مقرون) ۽ مَ ڪر (مفروق)
دنيا مڙئي مومنَ، مَڪر، باطن زهر ظاهر شڪر،
مغرورَ، تنھن تي مَئو مَ ڪر، عالَم سڄو آخر فنا.
(ڪليات 1: 422)
’مَڪر (مقرون) ۽ ’مَ ڪر‘ (مفروق) تجنيس مرڪب جو
مثال آهي.
×
مينڌري (مقرون) ۽ ۾- ڌَري (مفروق)
مَٺيءَ ڪا مينڌري مَن ۾ ڌَري، مون ڏانھن، منھن
موڙيو،
مُٺيَس، ماريَس مَيارن، ميھڻن، مَرجات، ڪيئن
ڪريان.
(ڪليات 2: 394)
’مينڌري‘ (مقرون) ۽ ’۾ ڌَري‘ (مفروق) جو مرڪب وارو
مثال، لکت/ اکرن جي لحاظ کان ڪمزور ضرور آهي، ليڪن
آواز جي بنياد تي ڀرپور آهي. ڇاڪاڻ ته مفروق: ’۾
ڌَري‘ جو آواز ’مين ڌري‘ ٿئي ٿو، جن کي مرڪب صورت
۾ آڻبو ته ’مينڌري‘ ئي بيھندو.
×
نحس (مقرون) ۽ نه حس (مفروق)
’ري‘ رَهي نالو ڌڻيءَ جو، ٻيو نه دونھيون ڌَڻ
ڌراڙ،
خواه ساهڙ، خواه سھڻي، سڀ وڃي پھتا پَراڙ،
ٻول ٻيلاين نه ٻڌجن، پڻ نه ڪاهن کي قراڙ،
ڪُل نفس ذائقة جو، نقش هر ڪنھن منجهه نراڙ،
پر نحسَ، توکي نه حَس، الله بس، باقي هَوَس.
(ڪليات 1: 254)
’نحس‘ ۽ ’نه حس‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
×
نه ماڻو (مفروق) ۽ نماڻو (مقرون)
ڪو پرين، پيغام منھنجو، تو پُنو پانڌي هٿان،
ڪر نه ماڻو، رهه نماڻو، نت نھاري، موٽ تون.
(ڪليات 2: 413)
’نه- ماڻو‘ ۽ ’نماڻو‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
×
واسوا (مقرون) ۽ وا- سوا (مفروق)
واسوا وچ جو وٺي سگهندو نه ٻيو ڪو وا سوا،
واءُ، خدا جي واسطي، ويندين نه ويندين چئه کڻي.
(ڪليات 2: 576)
’واسوا (خبرچار) ۽ وا سوا (هوا کان سواءِ)‘ پڻ
تجنيس مرڪب جو مثال آهي. هي مثال به لاڙي ٻوليءَ
جي نسبت آخري ڇوٽا سُر
(Last short Vowels)
حذف واري حالت ۾ رهندا. معياري لھجي موجب ’واءُ
سواءُ‘ (مقرون) ۽ ’واءُ سواءِ‘ (مفورق) بيھندو،
اهو آخري ڇوٽن سُرن موجب فرق سامهون اچي ٿو.
×
ياسين (مقرون) ۽ يا- سِين (مفروق)
عين اکيون، الف قد، ياسين خود، يا سِين ڏند،
مثل بسم الله ڀِرون، رخ پاڪ قرآن جي بجاءِ.
(ڪليات 2: 508)
’ياسِين‘ (مقرون) ۽ ’يا سِين‘ (مفروق) تجنيس مرڪّب
جو مثال آهي.
×
ياقوت (مقرون) ۽ يا- قوت (مفروق)
جهَلڪندڙ ياقوت هيءُ، يا قُوت آهي
قلب جو،
يا ته آهي لعل لَب، غُنچا ڪري غمخوار جو.
(ڪليات 2: 468)
’ياقوت‘ (مقرون) ۽ ’يا قوت‘ (مفروق) تجنيس مرڪب جو
مثال آهي.
·
قافين ۾ تجنيس مرڪّب جا مثال
مولوي صاحب جي غزلن ۾ الڳ ڍنگ سان اهڙا غزل به ملن
ٿا، جيڪي مڪمل طور تجنيس مرڪب جي دائري ۾ اچن ٿا.
انهن مان ٻه ته ’ذوقافيتَين‘ جا مثال به ٿين ٿا،
باقي هڪ عام قافين ۾ آهي:
·
ذوقافيتَين، مقرون ۽ مفروق (قافيي ۽ رديف جي ميلاپ
سان)
هن دائري ۾ سندس اهڙا غزل اچن ٿا، جن ۾ تجنيس مرڪب
جي نسبت، ساڳي سٽر ۾، پھرين مقرون ۽ پوءِ مفروق
اچن ٿا. مفروق به اهڙو جنھن ۾ قافيي کي ’رديف‘ سان
ڳنڍي ’مفروق‘ بيھاريو ويو آهي. اهڙو انداز بيھارڻ
سان اهي قافيا، ذوقافيتَين جو پڻ مثال بڻجي وڃن
ٿا، جيئن:
مس دوائن سان وڃي، دل ٺاپري، تان ٺا پرِي،
ساپرُوءَ جھڙن کي سامھين، ساپرِي، گم سا پَرِي.
دل به هئي، دولت به هئي، پڻ دين دانائي دماغ،
ويا سڀئي اسباب آئي، واپريءَ جي وا پرِي.
ڪنھن قَسم ڏيئي پُڇيم، ڪاريون اکيون ڪھڙو قِسم،
باز بَحري، سي نه بَحري، نابِري ڪَن نا بَري.
عشق گولن جو به گولو، حسن حاڪم حاڪمن،
ڪنڌ تي ڪاتي قرب لئي، ڪَر ڪاتِريءَ تي ڪا تري.
لڙڪ لڙهه لالڻَ، ڏسي اوڏو نه ’احمد‘ کي اچين،
ويھه اکين ۾ آب پوندو آٺري، تون آ ٺري.
(ڪليات 2: 545)
تجنيس مرڪب جي نسبت هن ۾ اڳيون حصو مرڪب يعني
مقرون ۽ آخري حصو ٽٽل يعني مفروق رکيو ويو آهي،
جيئن: ٺاپري- ٺا پري، ساپري- سا پري، واپري- وا
پري، نابري- نا بري، ڪاتري- ڪا تري، آٺري- آ ٺَري.
هن غزل ۾ مولوي صاحب پھريون لفظ مرڪب صورت ۾ آڻي،
ساڳئي لفظ کي ٽوڙي هڪ کي قافيو ۽ ٻئي کي رديف طور
ڪم آندو آهي. تجنيس مرڪب جو اهڙو مثال ٻين شاعرن
وٽ ڪونه ٿو ملي.
·
ذوقافيتَين، مفروق ۽ مقرون
هن دائري ۾ سندس اهڙا غزل اچن ٿا، جن ۾ تجنيس مرڪب
جي نسبت، ساڳي سٽر ۾، پھرين مفروق ۽ پوءِ مقرون
اچي ٿو. اهڙي انداز سان قافين جي استعمال سبب ان
جي سڃاڻپ ’ذوقافيتَين‘ واري به بڻجي وڃي ٿي،
جيئن:
پريمَ، اَهنجي پسڻ جا پُور، پيا مَن تي، پيامن تي،
وري سڪ جا ٿيا ساوا، سَلا مَن تي، سَلامن تي.
ڏَڪايو مون ڏُکيءَ جو ڏِيل، ڏوران پنڌ ڏوراپن،
ڪيا غفلت سبب غم، غُل غُلا مَن تي، غُلامن تي.
نماڻن ڏي نه ماڻن کان، نھارين پَر نھوڙين ٿو،
خوديءَ کي ڇڏ، رکي خوف خُدا مَن تي، خُدامن تي.
گهُرن ڪي مال، ڪي موتي، ڪي موتيا گل، مگر مون کي،
ته تو ڌاران نه ٻيا دارُون، دَوا مَن تي، دَوامن
تي.
مٺي ٻولي سندن، ڪَر ٿا ٻُرن ٻيلي ۾ ٻاٻيھا،
ڪبوتر ڪجهه وڌي تنھن جي، ڪَلا مَن تي، ڪَلامن تي.
اڱڻ ’احمد‘ اُٺا اڄ مينھن، نه ڀايو تِن نڀايو
نينھن،
وري ان ياد اڳيان ڏينھن، آيا مَن تي، اَيامن تي.
(ڪليات 2: 562)
تجنيس مرڪب جي نسبت، هن ۾ وري اڳيون حصو ٽٽل
(مفروق) ۽ آخري گڏيل (مقرون) رکيل آهي، جيئن: پيا
مَن- پيامن، سَلا مَن- سَلامن، غُلا مَن- غُلامن،
خُدا مَن- خُدامن، دَوا مَن- دَوامن، ڪَلا مَن-
ڪَلامن، آيا مَن- ايامن.
’آيا مَن تي‘ ۽ ’ايامن تي‘ ۾ ’مد‘ جو فرق آهي،
ليڪن لاڙي لھجي جي ٻوليءَ نسبت ان آواز کي ڇوٽو به
ڪيو ويندو آهي، جيئن ’آهي‘ کي ’اَهي‘/ ’آهه‘/ ’آ‘.
آوازن جي بنيادن تي مذڪوره لفظ جي ڊگهي ۽ ڇوٽي سُر
کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو.
·
تجنيس مرڪب نسبت قافين جو استعمال
هن دائري ۾ سندس اهڙا غزل اچن ٿا جن ۾ تجنيس مرڪب
جي نسبت، الڳ قافيا سامهون اچن ٿا. يعني هڪ قافيي
جي جڳهه تي مقرون ته ٻئي قافيي ۾ مفروق جو استعمال
ڪيو ويو آهي، جيئن:
محبوب مٺا، موٽُ، خدا لڳ خَدمن تي،
سَٺڙم تو سوا، ڪي سؤ صدما صدمن تي.
ديدار مٿان دل نه کڄي، دوستَ، ڪنھن دم،
هر مھل مٺا، مون کي، ملڻ جي سَڌ مَن تي.
تون نُور انور، پري حُور نه مٽ مُور،
دل دُور، پوَن پُور، پسڻ جا پَد مَن تي.
هر پاس، اچي واس، کُلي خاص کٿوري،
هيءُ پار پريمَ، تنھنجو پَروڙيم پَدمن تي.
آئون مُلڪ هڻي ماڳ رَسان، محبَ، مَٽين تون،
ايڏو نه ٻَڌو زور، انڌيرن اَڌمن تي.
تون سَروَ سِڌائيءَ ۾، سدا سونھن ۾ سرور،
چِٽ آهه ٻڌو الف مثل، ان قَدَ مَن تي.
ڪنھن وار اڱڻ آءُ، ’احمد‘ ٺار اکين جا،
قربان ڪريان جان، ڪِري ڪَر قدمن تي.
(ڪليات 2: 513)
مٿئين غزل جي قافين ۾ هڪ کي مقرون/ مفروق حالت ۾
ته ٻئي هنڌ وري مفروق/ مقرون حالت ۾ رکيو ويو آهي.
’صدمن‘ (مقرون) ۽ ’سَڌ من‘ (مفروق)، ’پَد مَن‘
(مفروق) ۽ ’پدمن‘ (مقرون) ۽ ’قَد مَن‘ (مفروق) ۽
’قَدمن‘ (مقرون) جا قافيا سامهون اچن ٿا.
’صدمن‘ ۽ ’سڌ- مَن‘ اکرن جي نسبت نه ٿا مرڪب ۾
اچن، ليڪن لاڙي لھجي نسبت، آواز جي بنياد تي ان کي
مرڪب جو مثال چئي سگهجي ٿو. آواز جي حوالي سان
’وسرڳ‘ جو اچار لاڙي لھجي جي مزاج ۾ ناهي، ان ڪري
’سڌ‘ کي ’سد‘ جو ئي اچار تصور ڪري سگهجي ٿو، ٻيو
ته ’ص‘ پوري سنڌي ٻوليءَ جي نسبت ’س‘ جو ئي اچار
اچي ٿو، ان خيال کان ان کي ’صدمن‘ کي به ’سدمن‘ ئي
تصور ڪري سگهجي ٿو.
·
تجنيس مرڪب مع تجنيس تام
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جي ڪاريگريءَ جا رنگ به نرالا رهيا
آهن، هڪ ئي غزل ۾ تجنيس مرڪب ۽ تجنيس تام جي بيھڪ.
تجنيس تام جي بيھڪ به اهڙي جو قافين کي مفروق صورت
۾ آڻي هر لفظ جي معنى الڳ بيھاري ٿو، جيئن:
ڪانُ قھري ڪو لڳو، جنھن قلب سين ڪَئي ڪَربَلا،
بُت چنبن ۾ باز جي پيو، گهُور ڀانيان ڪَر بلا.
چنڊ واڙو وار، منھن جي وصف، شامل صبح شام،
يا گُلابي گُل جي ڀَر ۾ ڪَر، کڻي ٿي ڪَر بلا.
حوصلو جيڪر هِنيين ۾، ناز نازُڪ جو ڇڏيم،
بت وجهي تان باهه ۾، باسي بيھان ڪيئن ڪَر بلا.
حرف ’هَئو‘ ۾ حاضرن کان، جي حيا ڀانئين حبيب،
تان ڀلائيءَ سين ڀَلا، ٻولي ڀليءَ ۾ ڪَر بَلا.
عاشقن جو آهه ’احمد‘ ايئن وڇوڙي ۾ وجود،
هو ڪُڙها جي ڪِھر جا، جيئن ٿي ڪُٺا منجهه ڪربلا.
(ڪليات 2: 72)
هن غزل ۾ ٻه لفظ مرڪب يعني مقرون صورت ۾ آيل آهن ۽
چار لفظ مفرد صورت ۾ يعني مفروق حالت ۾ ڪم آندا
ويا آهن. معنوي لحاظ کان اهڙن لفظن جو ڇيد هيٺين
ريت رکجي ٿو:
1. ڪربلا (مقرون) ’ڪربلا = ظلم، ڏاڍ، ويل‘، 2. ڪَر
بلا (مفروق) ’ڪَر = جيڪر، ڄڻڪ‘ + ’بَلا = مصيبت‘،
3. ڪَر بلا (مفروق) ’ڪَر = ڪنڌ‘ + ’بَلا = سپ،
نانگ جي مادي‘، 4. ڪَر بَلا (مفروق)
’ڪر = جھڙوڪر، ڄڻڪ‘،
۽ ٻيو: ’بَلا = ڀَلا (لاڙي لھجي جي صورت) عام صورت
۾ ڳالهائجندڙ انداز ته اهو ڪم ڪيئن ڪر/ جھڙوڪر
ڀلا!‘، 5. ڪَر بَلا (مفروق) ’ڪَر = عمل ڪر- ڪرڻ جو
امر‘، ۽ ٻيو: ’بَلى = هائو- ڇونه‘ (قالوا بلى)، 6.
ڪَربَلا (مقرون): هنڌ- عراق جو شهر، جتي امام حسين
عليہ السلام جي ساٿين ۽ گهر ڀاتين کي شهيد ڪيو
ويو.
آخر ۾ هڪ ’واقعاتي غزل‘ جي پسمنظر کان هٽي ڪري، ان
جي ٽيڪنڪ کي ڏسجي ته ان ۾ ڏهه قافيا مرڪب (مقرون)
۽ مفرد (مفروق) صورت ۾ بيھن ٿا:
ماروِي مارُن منجهان، هيءَ پئي پڏائي پوپٽي،
پاڻهي پرڏيھه پَلاڻي، پوپٽي اک پو پٽي.
شاه ڪِن شرميلن جا، شان ڳايا شعر ۾،
پُڇ مَ تِن جا پار، جن پاڙي کي پاڙهي پوپٽي.
ڪَئين دِلاسا دلبرن کي، پَر نه ويا دل مان دَليل،
ڪام جا ڪمزور هوندي، ڇا جهليندي پو پٽي.
گهر ڇڏيو گجرات ۾، اڄ گوڙ ڪن ٿيون گُجريون،
پير پنھنجي ۾ ڪھاڙو، چئو ته ڪھڙي پو پٽي.
هُن ڇڏيا شربت شرم کان، هِن وڻن شيشا شراب،
هوءَ جڏهن پھتي پنوهارن پار، پيتئين پو پٽي.
هار هيرن هِن وڻن، هوءَ هِير تي هاري هنجون،
پير ۾ پازيب ڇا ڪن، ڪَن نه پائي پوپٽي.
هيءَ پڇي محلات ماڙيون، مارئي مارو پڇي،
سُڌ پَکن جي ڏي پکيئڙو، خواه پوپٽ، پوپٽي.
هيءَ عمر جي ڪوٽ اچڻي، هوءَ ته ڪَڪ ڪوٽن ڪنان،
پيچ پينگهي ۾ پنوهارن سان، پڙهيائين پو پٽي.
هِن اندر ۾ انب ’احمد‘، ڇا ’پٻي‘ سمجهي پِپُون،
هُن مَڃر موڙي هٿن سان، پاند ۾ مَڪ پو پٽي.
(ڪليات 1: 536- 537)
مٿئين ’واقعاتي غزل‘ جي پسمنظر کان هٽي ڪري، ان جي
ٽيڪنڪ کي ڏسجي ته ان ۾ ڏهه قافيا مرڪب (مقرون) ۽
مفرد (مفروق) صورت ۾ بيھن ٿا:
1.
پوپٽي (پوپٽي هيراننداڻي) ، 2. پوءِ + پٽي = بعد ۾
کولي، 3. پوپٽي (منفي معنى ۾، پوپٽيون پڙهائڻ جي
اصطلاحي معنى، جُٺ ڪئي/ سيکيت ڏني، 4. پوءِ + پٽي
= ڇت ۾ پوندڙ شھتير مٿان ڪاٺيءَ جي پٽي، 5. پوءِ +
پٽي = پوءِ ڪھڙي مرهم پٽي/ ڪھڙي کيپ کٽي، 6. پوءِ
+ پٽي = پٽڙي جهڻ/ لسي، 7. پوپٽي = ڪن جو زيور، 8.
پوپٽي = پوپٽي مادي، 9. پوءِ + پٽي = الف- بي، 10.
پوءِ + پٽي = پٽيائين.
·
اختصار/ حاصل مطلب/ نتيجو
چند سوالن جي روشنيءَ ۾، تجنيس مرڪّب جي دائري
هيٺ، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جو جائزو ورتو
ويو. جائزي دوران جيڪي اهم نڪتا سامهون آيا آهن،
تن کي اختصاري صورت ۾ پيش ڪجي ٿو:
?
تجنيس مرڪّب مان مراد، اهڙا ٻه همجنس لفظ ڀيٽ جي
صورت ۾ ڪم آڻڻ، جن مان هڪ: مقرون (سالم صورت ۾)،
ٻيو: مفروق (ٽٽل صورت ۾)، جيئن:
شرافت شر آفت، ته دولت به دو لَت،
ٿيندئي پَڪ پَٽيءَ تي پڙهي ڏسندي ڏسندي.
?
تجنيس مرڪب ۾ مقرون (گڏيل صورت ۾) ۽ مفروق (ٽٽل
صورت ۾) جي حالت اڳ يا پوءِ ٿي سگهي ٿي.
?
تجنيس مرڪب جي دائري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي لفظ ڪم اچن
ٿا.
?
تجنيس مرڪب ۽ تجنيس مرفو ۾ لفظن جي بيھڪ جو فرق
رهي ٿو.
?
تجنيس مرڪب ۽ تجنيس حرفيءَ توڻي تجنيس تام ۾
ساڳئي حرف سان شروع ٿيندڙ لفظن نسبت مماثلت رهي
ٿي، ليڪن سڀني جا دائرا مختلف ٿين ٿا.
?
تجنيس مرڪبُ، شعر جي ڪھڙي به حصي ۾ ٿي سگهي ٿو.
?
مولوي احمد ملاح شعر جي مختلف حصن ۾ تجنيس مرڪب ڪم
آڻيندي، قافيي ۽ رديف ۾ پڻ تجنيس مرڪب ڪم آندي
آهي، جنھن جي شڪل ذوقافيتَين واري ٿي وڃي ٿي.
مولوي صاحب، شعر جي مختلف هنڌن تي تجنيس مرڪب ڪم
آندي آهي، ليڪن سندس قافين ۾ اهڙو استعمال قدري
وڌيڪ ٿو ملي. |