مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس اشتقاق- مرڪب
جو جائزو
The Study of ‘Etymological Compound-Homogeneity’
in Molvi Ahmed’s Poetry
·
جائزي جو پس منظر
مولوي احمد ملاح، لاڙ جي علائقي ۾ پنھنجي دؤر جو
هڪ نمايان شاعر رهيو آهي. فڪري لحاظ کان سنڌ جي
ماڻهن کي مناسب اختلاف ضرور هوندا، ليڪن فني لحاظ
کان هن جي شاعريءَ جو ڪو جوڙ جيس ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
مولوي صاحب جي شاعريءَ جي فن جا ضرور ڪافي پاسا
هوندا، ليڪن صنايع بدايع جي دائري ۾ تجنيسن جو
استعمال ڪافي معياري اٿس. سندس شاعريءَ ۾ صنايع
بدايع جي دائري ۾ مقرره تجنيسن تي ڪم، راقم پاران،
ڪنھن حد تي ڪيو ويو آهي. تنھن هوندي به سندس
شاعريءَ ۾ لفظن جي جادوگريءَ کي ڏسندي ڪي تشريحي
تجنيسون
ترتيب ڏيڻ جي گهرج پيش اچي ٿي. هتي ’تجنيس اشتقاق-
مرڪب‘ جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي رٿ رٿي وئي آهي.
دراصل، ’تجنيس مرڪب‘ الڳ سان هڪ مقرره تجنيس آهي،
جنھن جا پڻ دائرا جڙيل ملن ٿا. هتي ’اشتقاق‘ جي
روشنيءَ ۾ اهڙن مرڪب لفظن جي چونڊ ڪئي ويندي، جيڪي
مفرد يا آزاد صورت ۾ ٽٽي سگهندا ۽ گڏوگڏ ان جو هڪ
حصو الڳ سان به ڪم آندل هوندو.
لفظن جي اهڙي انداز واري چال لاءِ ’تجنيس
اشتقاق-مرڪب‘ جو تشريحي اصطلاح ترتيب ڏنو ويو آهي.
مثال طور:
گُل بھشتي باغ جا، مون لئي بنا تو بَر ڀَلا،
دل سندم کي ڏي دلاسو، دلربا، دلبرَ ڀَلا.
(ڪليات 2: 73)
مٿين سٽر ۾ ’دل‘ مفرد صورت ۾ پڻ ڪم آيو آهي، ان
کان علاوه ’دلربا (دل + رُبودن) ۽ دلبر (دل +
بُردن)‘ جا لفظ مرڪب صورت ۾ آهن. جنھن صورت ۾ مفرد
۽ مرڪب صورت ۾ (اشتقاق ٿيڻ جوڳو) ڪم آيل آهن، ان
سبب ان کي ’تجنيس اشتقاق‘ ته سمجهبو، ليڪن ان ۾
اهڙا لفظ ڪم آندل آهن، جيڪي مفرد سان مرڪب صورت ۾
به آهن، ان لاءِ ’تجنيس اشتقاق-مرڪب‘ جو اصطلاح
ترتيب ڏنو ويو آهي.
·
اشتقاق جو دائرو
لفظ ’اشتقاق‘ عربي ٻوليءَ جي ’اِفتِعال‘ مصدر جي
وزن تي آهي ۽ ان جي لغوي معنى آهي: ٽوڙڻ، چيرڻ،
ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ؛ ان جو ڌاتو ’شَقَّ‘ (شَقۡ + قَ)
آهي، جنھن جي معنى آهي: هن ٽوڙيو، هن ڀاڱا ڪيا.
اهڙن لفظن کي ڄاڻڻ جو طريقو اهو ئي هوندو آهي ته
ان جو اشتقاق ڪجي. عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو
آهي ته اشتقاق جي معنى يا مراد آهي، لفظن کي اڌو
اڌ ڪرڻ. جڏهن شاگردن کان معلوم ڪيو ويندو آهي ته
’مخدوم‘ جو اشتقاق ڇا ٿيندو؟ ته جواب ملندو آهي:
’مخ‘ + ’دوم‘. لفظن جي حصن جي معنى؟ چوندا ته معنى
جي خبر ناهي. اصل ۾ ان جو طريقو اهو ٿيندو آهي ته
جيڪڏهن عربي لفظ آهي ته ان کي ان ٻوليءَ جي ئي
اصولن ۾ ڏسڻو پوندو. لفظ ’مخدوم‘، مفعول جي وزن تي
آهي ۽ ان جو بنياد/ سي حرفي/ مادو ’خَدَمَ‘ (هن
خدمت ڪئي) ٿيندو. ساڳئي نموني فاعل جي وزن تي
’خادم‘ ٿيندو، جمع جي وزن ’فُعّال‘ موجب ’خدّام‘،
’فُعَلاء‘ جي وزن تي ’خُدَماء‘ ۽ ’فاعِلون‘ جي وزن
تي ’خادِمُون‘ ٿيندو. مخدوم جو جمع، ’مَفعولُون‘
جي وزن تي ’مخدومُون‘ ٿيندو. ساڳئي مادي مان اسم،
فِعلَت جي وزن تي ’خدمت‘ ٿيندو، ان جو جمع ’خدمات‘
ٿيندو. هاڻي اهم ڳالهه ڏٺي وڃي ته عربي صرف/ لفظ،
وزن تي جڙندا آهن، ان ڪارڻ مختلف وزنن وارا لفظ
’خادم، خدّام، خدماء، خادمون، مخدوم، مخدومُون
وغيره جو بنياد/ مادو ’خَدَمَ‘ آهي. عربي لغت ۾
اهڙن لفظن ڳولهڻ جو ڍنگ اهوئي هوندو آهي ته ڄاڻايل
لفظن جو بنياد/ مادو/ سي حرفي ڪڍي پوءِ لغت ۾
پھرئين اکر جي رديف ۾ ڏسڻو پوندو. ٻي صورت ۾ لفظ
’مخدوم‘ به لغت مان نه لڀندو. ان لاءِ ’مخدوم‘ جو
مادو ڪڍي، پوءِ لفظ ڏسڻو پوندو آهي. ڀيرومل آڏواڻي
ان مادي لھڻ لاءِ لکي ٿو ته ”معشقوق- مخلوق- معلوم
(وزن مفعول)، سه حرفي بنياد جي پھرئين اکر اڳيان
’م‘ ۽ ٻئي ۽ ٽئين اکر جي وچ ۾ ’و‘ گڏڻ سان هن وزن
جا لفظ ٺھن ٿا.“ (ڀيرومل، 1985: 247) ان انداز سان
لفظ کي ٽوڙي، بنياد ڪڍڻ کي ’اشتقاق‘ چئبو آهي.
اهو ته ٿيو عربي لفظن جو معاملو ائين ئي فارسي ۽
سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو اهڙو ميڙ جيڪو ڪنھن هڪ
مادي/ مصدر/ بنياد مان جڙيل هجي ته اهي پڻ تجنيس
اشتقاق ۾ شامل ٿيندا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح/
Term
’اشتقاق‘ ۾ لفظن جا ٽي گروهه شامل سمجهيا ويندا
آهن: مرڪب لفظ، مرتب لفظ ۽ بنياد/ ڌاتو لفظ.
انهن ٽنهي قسمن (مرڪب، مرتب ۽ مشتق) کي جڏهن
صنايع بدايع ۾ ڏٺو ويندو آهي ته ’تجنيس مرڪب‘ الڳ
سان هڪ تجنيس موجود آهي، جنھن جا پيراميٽر پڻ مقرر
ٿيل آهن. حقيقت ۾ ’تجنيس مرڪب‘، ’تجنيس مرتب‘ ۽
’تجنيس مشتق‘، اصطلاح ’اشتقاق‘ جا جز آهن. هتي
’اشتقاق‘ جي حوالي سان ’تجنيس اشتقاق- مرڪب‘ تي
مرڪوز رهجي ٿو.
صنايع بدايع جي دائري اندر ’تجنيس اشتقاق-مرڪب‘ ۾
صرف اهڙن لفظن جو اڀياس ڪيو ويندو، جيڪي مرڪب صورت
۾ هجن ۽ جڏهن انهن لفظن جو اشتقاق ڪيو وڃي ته اهي
مفرد صورت ۾ ٽٽي پون.
·
تجنيس اشتقاق- مرڪب جو اشتقاق
تجنيس اشتقاق- مرڪب: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر
(جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب
ڏيڻ + اِشتِقاق- اِفتِعال- مصدر (شَقَّ = هن
ڦاڙيو/ چيريو- شقَّقَ = چيرڻ، ٽوڙڻ،ڏارڻ، ڦاڙڻ،
ڀاڱا ڪرڻ) ڪنھن لفظ کي ٽوڙي ان جو مادو/ ڌاتو يا
بنياد ڄاڻائڻ + مُرڪّب- مُفَعَّل- اسم مفعول
(رَڪَّبَ = جوڙڻ، ترڪيب ڏيڻ) جڙيل- ترڪيب ڪيل]
صنايع بدايع
موجب هن جا ٻه انداز ٿي سگهن ٿا، هڪ: ڪنھن شعر ۾
اهڙن لفظن جو استعمال جن مان هڪ مفرد يا آزاد صورت
۾ ڪم آيل هجي ۽ گڏوگڏ ان جو هڪ حصو ڪنھن ٻئي مرڪب
لفظ ۾ به ڪم آندل هجي؛ ٻيو: اهڙا ٻه مختلف مرڪب
لفظن جو استعمال جن کي ٽوڙڻ سان، هڪ ساڳيو مفرد
لفظ ملي سگهي. مولوي صاحب جو هڪ شعر پيش ڪجي ٿو،
جنھن ۾ ٻئي انداز ملن ٿا، جيئن:
·
مفرد + مرڪب
دلرُبا دلدار دلبر، آهي اچڻو اڄ صباح،
گل
گلابي، گلبدن گهر، آهه اچڻو اڄ صباح.
(ڪليات 2: 203)
ڄاڻايل مثال ۾ ’گل‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’گلبدن‘
(گل + بدن) مرڪب صورت ۾ ڪم آيو آهي.
·
مرڪب + مرڪب
دلرُبا
دلدار دلبر، آهي اچڻو اڄ صباح،
گل گلابي، گلبدن گهر، آهه اچڻو اڄ صباح.
ڄاڻايل مثال ۾ ’دلرُبا‘ (دل + ربودن)، ’دلدار‘ (دل
+ داشتن) ۽ ’دلبر‘ (دل + بُردن) ٽئي لفظ مرڪب صورت
۾ ڪم آيا آهن، جن کي ٻن آزاد صورتن ۾ ٽوڙي سگهجي
ٿو.
·
مولوي احمد جي شاعريءَ ۾ تجنيس اشتقاق- مرڪب
جو جائزو
مولوي صاحب جي شاعريءَ جي جملي جي جوڙجڪ سنڌي
ٻوليءَ ۾ آهي، ليڪن لفظن جو استعمال مختلف ٻولين
(هندي، عربي يا فارسي وغيره) مان ڪيل هوندا اٿس.
مٿئين دائري هيٺ ٻه پيراميٽر بيھن ٿا، جيڪي الڳ
سان مولوي صاحب جي شاعريءَ مان جاچن ٿا:
·
مفرد + مرڪب
بُت
بڻايا پاڻ تو، توکي بڻايو ڪيئن بُتن،
ڀَڄ بُتن کان، ڀڃ بُتن کي، بُت پرستي ڏينھن ڏيڍ.
(ڪليات 2: 240)
’بُت‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’بت پرستي‘ (بُت + پرستيدن = پوڄڻ) مرڪب صورت ۾
آهي.
دوستَ، اَڌ دولت جو لَت، دولت سموري دو لَتون،
تنگ
تنگيءَ کان نه ٿي تون، تنگدستي ڏينھن ڏيڍ.
(ڪليات 2: 240)
’تنگ‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته تنگدستي (تنگ + دست =
هٿ) مرڪب صورت ۾ آهي.
نه کائي گورخر ڪو گورخر کي، پڻ نه خَر کي
خَر،
عجب آهم ته آدمزاد، آدمخور ٿيا آهن.
(ڪليات 1: 445)
’خَر‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’گُورخر‘ (گُور = جهنگ
+ خر = گڏهه) مرڪب صورت ۾ آهي.
دلربا دلدار جي، درگاهه دَر جو اُگ نه
ووڙ،
ڏينھن گهڻا ڏوريَم، گوهر جي گام گهر جو اُگ نه ووڙ.
(ڪليات 2: 268)
’در‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’درگاهه‘ (در + گاهه =
هنڌ) مرڪب صورت ۾ آهي.
دل
سندم ٻي ديس ۾، پر دَم بدم دلدار گڏ،
ساهه ٻِي ڪنھن صاحبيءَ ۾، ساهه جو سينگار گڏ.
(ڪليات 2: 230)
’دل‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته دلدار (دل + داشتن =
رکڻ) مرڪب صورت ۾ آهي.
دل
لَڳي، تَھدل تَڳي، منزل ڀَڳي، محفل مَڳي،
مست ساقي، مست ساغر، ساز ۽ سامان مَست.
(ڪليات 2: 138)
’دل‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته تھدل (تَھه = تَرو-
هيٺيون حصو + دل) مرڪب صورت ۾ آهي.
دل
ڊَهِي دلگير ٿي، آيو دَليلن ۾ دِلو،
رَس سگهو منجهه سِير ساهڙَ، لاههِ لوڏا لَھر جا.
(ڪليات 2: 41)
’دل‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته دلگير (دل + گرفتن =
پڪڙڻ) مرڪب صورت ۾ آهي.
وسارڻ لاءِ وَس لايم، ته هو وسرن نه ڪنھن ويلي،
اچي دلگير جي دل ۾، ويٺو دلبر اڏي
ديرا.
(ڪليات 2: 58)
’دل‘ مفرد، جڏهن ته دلگير (دل + گرفتن = پڪڙڻ) ۽
دلبر (دل + بُردن) مرڪب صورت ۾ آهن.
دل
دَليلن ۾ سندم، پر دلربا دل شاد
باد،
شاد دل، آزاد دل، آباد دل، آباد
باد.
(ڪليات 2: 240)
’دل‘ مفرد صورت ۾ پنج ڀيرا آيل آهي، جڏهن ته
’دلربا‘ (دل + رُبودن + ڦرڻ- وٺي وڃڻ) مرڪب صورت ۾
آهي. ان کان علاوه ’دل شاد‘، ’شاد دل‘، ’آزاد دل‘
۽ ’آباد دل‘ پڻ مرڪب صورت ۾ آهن.
مَشعلي جيئن مُنھن ٻَري، محبوب ماڻهو يا مَلڪ،
سڀ دَليلن کي ڀڃي، دل سين چوان دلخواه
چنڊ.
(ڪليات 2:
231)
’دل‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’دلخواه‘ (دل + خواستن/ خواهيدن = چاهڻ) مرڪب
صورت ۾ آهي.
نڀاڳي رات نيڻن ننڊ اُکڙي،
نه دل مون وٽ، نه اڄ دلبر دل افروز.
(ڪليات
2:
272)
’دل‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’دل افروز‘ (دل +
افروختن = روشن ڪرڻ) مرڪب صورت ۾ آهي.
روح ۾ رايو پيَم، ريھون ڪندس ٻيءَ ريت سان،
هن نه دانھن دم گهڙي، دلبر مون سان دمساز
ڪيو.
(ڪليات 2:
498)
’دم‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’دمساز‘ (دم + ساختن =
موافقت ڪرڻ- ٺاهڻ) مرڪب صورت ۾ آهي.
سڄڻَ، هر روز توسان ، روز نوروز،
مثل نوروز جي، هَر روز فيروز.
(ڪليات 2:
272)
’روز‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’نوروز‘ (نو = نئون/
جديد + روز) مرڪب صورت ۾ آهي.
مَ ٿي دلگير اي دل، دلربا دلدار ٿي ويندو،
لَھن غم جنھن جي غمزي ساڻ، سو غمخوار ٿي
ويندو.
(ڪليات
2:
476)
’غم‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’غمخوار‘ (غم = ڏک-
ڏولائو + خوردن = کائڻ) مرڪب صورت ۾ آهي.
جتي مھراڻ ۽ موهر، جتي گلزار گل گوهر،
جتي جهَلڪار ڪن جوهر، تُنھين تون تات تِت تت تت.
(ڪليات 2:
122)
’گل‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’گلزار‘ (گل + گلزار =
گل + زار = هنڌ- ماڳ) مرڪب صورت ۾ آهي.
ڀَلو تون، ڀَلا ڪَر ڀُليءَ سان ڀَلي،
نه ڏس ڪم ڪمينيءَ جي ڪمذات ذات.
(ڪليات 2: 118)
’ذات‘ مفرد صورت ۾ جڏهن ته ’ڪمذات‘ (ڪم = گهٽ +
ذات = هستي) مرڪب صورت ۾ آهي.
دلربا دلدار دلبر، آهه اچڻو اڄ صباح،
گل
گلابي، گلبدن گهر، آهه اچڻو اڄ صباح.
(ڪليات 2:
203)
’گل‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته گلبدن (گل + بدن = جسم)
مرڪب صورت ۾ آهي.
وڻواند چَون مون کي، وهابي ڙي وهابي،
منجهه خَلق پکيڙي ٿو، خرابي ڙي خرابي،
ان کان ته چڱو شُوم، شرابي ڙي شرابي،
مَرڪن نه گلاخور گلا، منھنجو اَجهو تون،
ڪو ڪنھن جو ۽ ڪو ڪنھن جو ڀَلا، منھنجو اَجهو تون،
جبار، ڌڻي جَل و علا، منھنجو اجهو تون.
(ڪليات 1: 172)
’گلا‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’گلاخور‘ (گلا + خوردن
= کائڻ) مرڪب صورت ۾ آهي.
آئيني ري ٿو ڏسان، اسلام جو آئينُ اڄ،
مست ميخاني ۾ مُسلم، غير مُسلم جي بجاءِ.
(ڪليات 2: 509)
’مسلم‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته ’غير مسلم‘ (غير =
سواءِ + مسلم) مرڪب صورت ۾ آهي.
·
مرڪب + مرڪب
نه کائي گورخر ڪو گورخر کي، پڻ نه خَر کي خَر،
عجب آهم ته آدمزاد، آدمخور ٿيا آهن.
(ڪليات 1: 445)
’آدمزاد‘ (آدم + زادن = ڄڻڻ) ۽ ’آدمخور‘ (آدم +
خوردن = کائڻ) مرڪب صورت ۾ آهن.
ڏسيو صحبت سڄڻ سرها ٿين ٿا،
ٻريو بدخواه، بد انديش، بَدڪِيش.
(ڪليات 2: 304)
’بدخواه‘ (بد + خواهستن/ خواهيدن = چاهڻ)، ’بد
انديش‘ (بد + انديشيدن = فڪر ڪرڻ) ۽ ’بدڪِيش‘ (بد
+ ڪِيش = مذهب- روِش) مرڪب صورت ۾ آهن.
خواب نيو ڪنھن خوُب صورت، خوب سيرت، خوب
تَر،
گل گلابي ڳَل اڳيان، بلڪل لڳي بدتر بَتر.
(ڪليات 2: 253)
’خوب صورت‘ (خوب = ڀلو + صورت = چھرو) ۽ ’خوب
سيرت‘ (خوب + سيرت = ڪردار) مرڪب صورت ۾ آهن. جڏهن
ته خوب تَر (خوب + تر = کان وڌيڪ) ۽ ’بدتر‘ (بد +
تر = کان وڌيڪ) مرتب صورت ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته ’تر‘
پڇاڙي الڳ سان مفرد صورت وارو لفظ ناهي، بلڪ صفت
جي درجن نسبت ڪم آندو ويندو آهي.
آئون ته سڀ جو خيرخواه، پر خار خَر کي خواهه
مخواه،
مھر مون سان، مُدعيءَ لئي مَن مَدائيءَ جو سبب.
(ڪليات 2: 107)
’خيرخواه‘ (خير = ڀلو + خواهستن/ خواهيدن = چاهڻ)،
’خواهه مخواه‘ (خواهه + مَ/ نا = نه + خواه) مرڪب
صورت ۾ آهن.
رَک سندم ڪوڙي مَٿي، قاصد قريباڻا، قدم،
دوست دلبر دلربا دلدار جي ڏي ڪا
خبر.
(ڪليات 2: 251)
پيو اُهاءُ عالَم سڄي تي، ٿي اُڀن ڀُونيَن ۾ عيد،
دوست دلبر دلربا دلدار آيو منجهه
عرب.
(ڪليات 1: 141)
جڏهن ديدار دلبر، دلربا، دلدار جو ٿيندو،
وري مسڪين سان ميلو، مِٺي منٺار جو ٿيندو.
(ڪليات 2: 473)
’دلبر‘ (دل + بُردن = نيئڻ- وٺي وڃڻ)،’دلربا‘ (دل
+ رُبودن + ڦرڻ- وٺي وڃڻ) ۽ ’دلدار‘
(دل + داشتن = رکڻ)
مرڪب صورت ۾ آهن.
’دال‘ دلبند، دلپسند، دلدار،
دلبر، دلقرار،
دين جا، دارَين جا، دادار داور چار يار.
(ڪليات 1: 281)
’دلبند‘ (دل + بستن/ بنديدن = ٻڌڻ)، ’دلپسند‘ (دل
+ پسنديدن = چاهڻ)، ’دلدار‘ (دل + داشتن = رکڻ)،
دلبر (دل + بُردن = نيئڻ- کڻي وڃڻ) ۽ دلقرار (دل +
قرار = سڪون) مرڪب صورت ۾ آهن.
يار تون غمخوار تون، دلدار تون، دلٺار
تون،
تَن تُنھين تون، مَن تُنھين تون، تو تُنھين تون تات تت.
(ڪليات 2: 119)
’دلدار‘ (دل + داشتن = رکڻ) ۽ ’دلٺار‘ (دل + ٺارڻ
= ٿڌو ڪرڻ) مرڪب صورت ۾ آهن.
ڪالهه قاضي چيو اُٿو، قِبلي طرف ڪريون نماز،
ٿي ويو دلگير جو، دلدار دلبر ڏانھن
رُخ.
(ڪليات 2: 211)
’دلگير‘ (دل + گرفتن = پڪڙڻ)، ’دلدار‘
(دل + داشتن = رکڻ)
۽ ’دلبر‘ (دل + بُردن = نيئڻ- کڻي وڃڻ) مرڪب صورت
۾ آهن.
عريضيون وڃي جاچ آڦاس ۾،
ته ٿئي دل نشين دير دلدار کي.
(ڪليات 1: 319)
’دل نشين‘ (دل + نشستن = ويھڻ) ۽ دلدار (دل +
داشتن = رکڻ) مرڪب صورت ۾ آهن.
اَٿئي ياد ’احمدَ‘ ڪو عَھد و اَلست،
ته مَڃ هيڪ مالڪ، مَ ٿي مال مست،
خدا هڪ زبردست، ٻيا زيردست،
ته ٿئي بندگي تنھنجي، بَنديءَ ۾ بَست،
نه ڏي توتي ياداشت يَزدان کي،
ته ڇڏيو سندم قوم قرآن کي.
(ڪليات 1: 368)
’زبردست‘ (زبر = مٿي + دست = هٿ) ۽ ’زيردست‘ (زير
= هيٺ + دست = هٿ) مرڪب صورت ۾ آهن.
سَرويچ،
سَرفروش سنڀُوڙا سَويل هيل،
چمڪي ٿو سوڀ جو ته ستارو سُھيل هيل.
(ڪليات 1: 570)
’سرويچ‘ (سَر + ويچڻ = وڪڻڻ- حوالي ڪرڻ) ۽
’سرفروش‘ (سَر + فروشيدن = وڪڻڻ) مرڪب آهن.
·
نتيجو/ حاصل مطلب/ نچوڙ
·
تجنيس ۽ صنعت ۾ خاص فرق اهو آهي ته ’تجنيس‘
جو تعلق ’لفظ جي گهاڙيٽي‘ سان هوندو آهي، جڏهن ته
’صنعت‘ جو تعلق ’لفظ جي معنى‘ سان رهندو آهي.
·
صنايع بدايع جي روشنيءَ ۾ اصطلاح ’اشتقاق‘،
’تجنيس‘ ۽ ’صنعت‘ ٻنهي سان لاڳو ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن ساڳئي ڌاتو/ مشتق مان لفظ ڪم آندل هجن ته
ان کي ’تجنيس اشتقاق‘ چئجي ۽ جيڪڏهن مختلف ڌاتن جا
مشتق لفظ ڪم آندل هجن ته ان کي ’صنعت اشتقاق‘ چوڻ
مناسب ٿيندو.
·
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جي اڀياس آهر ننوَن
تشريحي اصطلاحن جوڙڻ جي گهرج پيش آئي. اشتقاق جي
دائري هيٺ ٽي نوان اصطلاح ترتيب ڏنا ويا آهن:
’تجنيس اشتقاق- مرتب‘، ’تجنيس اشتقاق- مرڪب‘ ۽
’تجنيس اشتقاق- مشتق‘. هن پيپر ۾ ’تجنيس اشتقاق-
مرڪب‘ جو جائزو ورتو ويو آهي.
·
’تجنيس اشتقاق- مرڪب‘ جي دائري ۾ جيئن ته ساڳيو لفظ
هڪ: مفرد ۽ ٻيو: ’مرڪب‘ صورت ۾ هجي، يا وري جيڪي
به مرڪب صورت ۾ هجن، تن ۾ هڪ مفرد ساڳيو ضرور
بيھي. مولوي ملاح جي شاعريءَ ۾ ٻنهي نوعيت جا لفظ
’مفرد + مرڪب‘ ۽ ’مرڪب + مرڪب‘ ملن ٿا.
·
حاصل مطلب طور مولوي صاحب جو هڪ شعر ڏجي ٿو،
جنھن ۾ ٻئي نمونا بيھن ٿا:
o
مفرد + مرڪب
دلربا دلدار دلبر، آهه اچڻو اڄ صباح،
گل
گلابي، گلبدن گهر، آهه اچڻو اڄ صباح.
’گل‘ مفرد صورت ۾، جڏهن ته گلبدن (گل + بدن = جسم)
مرڪب صورت ۾ آهي.
o
مرڪب + مرڪب
دلربا دلدار دلبر،
آهه اچڻو اڄ صباح،
گل گلابي، گلبدن گهر، آهه اچڻو اڄ صباح.
’دلربا‘ (دل + رُبودن + ڦرڻ- وٺي وڃڻ)، ’دلدار‘
(دل + داشتن = رکڻ) ۽
’دلبر‘ (دل + بُردن = نيئڻ- وٺي وڃڻ) ٽئي لفظ مرڪب
صورت ۾ آهن.
¨
حوالا/ ذريعا
×
آڏواڻي، ڀيرومل، مھرچند
[1925] 1985. وڏو سنڌي وياڪرڻ. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي.
×
ام ڪلثوم شاه، ڊاڪٽر (2004) شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيھه نگاريءَ جو
تحقيقي جائزو. ڪراچي يونيورسٽي: شاه عبداللطيف
ڀٽائي چيئر.
×
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر
(2010) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر. حيدرآباد:
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.
×
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981) جامع سنڌي لغات. جلد: 2. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1988) جامع سنڌي لغات. جلد: 5. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (2004) نئين جامع سنڌي لغات:
جلد پھريون. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو.
×
ترقی اردو بیورو
(1981) درس بلاغت۔ نئی
دہلی:
ترقی
اردو بیورو۔
×
ٿانوي، محمد علي، علامه (1996) ڪشاف الاصطلاحات
الفنون العلوم. بيروت: مڪتبہ لبنان ناشرون.
×
جوکيو، الطاف حسين، ڊاڪٽر
(2020) مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’مجاز مرسل‘
جو جائزو. ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ، ٽماهي مھراڻ 70
(1)، 22- 33. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×
جوکيو،
الطاف، ڊاڪٽر
(2019)
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس تام جو اڀياس.
ايڊيٽر: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. ڪارونجهر جرنل، 11
(20)، 53- 72. ڪراچي: وفاقي اردو يونيورسٽي آف
آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، عبدالحق ڪيمپس.
×
جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر
(2019) مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مڪرر
جو جائزو. ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ. ٽماهي مھراڻ 69
(2)، 27- 33. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×
جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر
(1990) سنڌيءَ ۾ مرڪب لفظ. ايڊيٽر: شيخ نفيس احمد. مھراڻ: ٽماهي
علمي ۽ ادبي رسالو، 39 (4)، 25- 42. ڄامشورو: سنڌي
ادبي بورڊ.
×
دهلوي، سيد احمد، مولوي [1918] 2002. فرهنگ آصفيه.
جلد اول ۽ دوم. لاهور: سنگ ميل پبليڪيشنز.
×
رستماڻي ضرار، پروفيسر
(2017) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون
۽ ٻيون. ڇاپو: پھريون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.
×
سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر
[1955] 1980. تحقيق لغات سنڌي- حيدرآباد: سنڌي
ادبي بورڊ.
Ø
سید،
محمد سلیم،
پروفیسر
(1981) اردو رسم الخط . کراچی
:مقتدرہ قومی
زبان.
Ø
شيخ، محمد ابراهيم، خليل
(1983) مضامين خليل (غلام محمد شاه گدا، ص: 43-
64). مرتب: عبدالقيوم صائب. حيدرآباد زيب ادبي
مرڪز.
×
عباسي ظفر
(2007) سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون.
حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
×
فيروزالدين
(1979) فيروز اللغات- عربي اردو. لاهور: فيروز سنز
لميٽيڊ.
×
مرزا قليچ بيگ
(2016) علم عَروض. ڄامشورو: مرزا قليچ بيگ چيئر،
سنڌ يونيورسٽي.
×
مرزا، قليچ بيگ
[1961] 2006. سنڌي وياڪرڻ (گڏيل ڀاڱا)- ڄامشورو:
سنڌي ادبي بورڊ.
Ø
مزمل حسین
(2005) اردو میں
علم بیان
اور علم بدیع
کے
مباحث: تحقیقی
و تنقیدی
جائزہ۔ لاہور: پنجاب
یونیورسٹی۔
×
ملاح، احمد، مولوي (1415 هجري) نور القرآن- منظوم
ترجمو. آل سعود، سعودي عرب.
×
ملاح، مختيار (2015) ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
×
مولانا ممحمد شفيع، مفتي
(1975) المُنجد- عربي اردو. ڪراچي: دارُ الاشاعت.
Ø
نور الحسن نیر،
مولوی
[1972] 2002۔ نور اللغات۔ جلد اول۔ اسلام آباد: نیشنل
بک فاؤنڈیشن۔
Ø
Pybus, G.D Captain (1924) Urdu Prosody and
Rhetoric. Lahore: Rama Kirshna and sons Anarkali
and Calcutta: The Baptist Mission Press.
|