مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جو
جائزو
(A study of ‘Chunk repeated Homogneity in
Molvi Ahmed Mallah’s Poetry)
·
اڀياس جو پس منظر
سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ لاڙ جي لال، مولوي احمد ملاح
جي شخصيت وڏي قد ڪاٺ واري آهي. سندس شاعريءَ جا
ڪافي رخ سامهون اچن ٿا، ليڪن صنايع بدايع جي لحاظ
کان ٻين شاعرن کان مختلف آهي. هڪ ئي وقت لفظن سان
راند رچائڻ ۽ ان ۾ هڪ وڏو مفھوم سمائڻ ته مولوي
صاحب کان ڪو پِرائي. مون سندس شاعريءَ جي هڪ رخ:
صنايع بدايع جي جزن مان تجنيس جاچڻ جي ڪوشش ورتي
آهي.
مولوي صاحب جي ديوان/ ڪليات مان هتي صرف ’تجنيس
مڪرر‘ جي دائري هيٺ جاچڻ مقصود آهي. ياد رهي ته
صنايع بدايع، شاعريءَ ۾ ڪاريگريءَ سان تجنيسن ۽
صنعتن سمائڻ جو علم آهي. تجنيس جو تعلق لفظن سان
آهي، جڏهن ته صنعت جو لاڳاپو شعر جي معنى سان
رهندو آهي. تجنيس ۾ ايترا لفظ ڪم آندا ويندا آهن،
جن جي ڀيٽ ممڪن هجي، يعني هڪ لفظ مان تجنيس جو
اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي؛ جڏهن ته صنعت هيٺ هڪ
لفظ مان به معنى جو اندازو ممڪن آهي.
’مڪرّر‘ لفظ جي مراد ته دهراءُ آهي. ليڪن ’تجنيس
مڪرّر‘ مان مراد اهڙا ٻه لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ گڏ ڪم
آندا ويا هجن، جن مان آخري لفظ، ماقبل آخريءَ مان
ڪٽي جوڙيو ويو هجي، جيئن: سُڪار- ڪار. ’تجنيس
مڪرّر‘ گهڻي قدر قافين ۾ ڪم آندي ويندي آهي. ٻي
صورت ۾ اهڙو انداز ڪٿي به ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته
’تجنيس مڪرر‘ ۽ ’تجنيس تڪرير/ تڪرار‘ ۾ فرق آهي.
هن پيپر کي ’مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس
مڪرّر‘ تائين محدود رکجي ٿو.
مولوي صاحب جي لفظن سان راند اهڙي رهي آهي، جو هڪ
ئي شعر مختلف تجنيسن سان ٽمٽار رهيو آهي، مثال
طور:
ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،
ناههِ ڪنھن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.
(ڪليات 2: 244)
مولوي صاحب جي غزليات ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته صاحب
موصوف سنڌي لفظن جي آخري زير، زبر ۽ پيش کي نظر
انداز ڪري ٿو، ان جو اهم سبب ته اها ’لاڙي لھجي‘
(Dialect)
جي خاصيت آهي، ٻيو ته علم عَروض جي بحر وزن جو ڄار
به آخري وينجن
(Consonant)
جي ڇوٽي سُر
(Short Vowel)کي
حذف ڪرڻ کي روا ڪندو آهي. ان ڪارڻ مولوي صاحب جي
لفظي استعمال کي ان دائري ۾ ئي ڏسڻو پوندو. ان
حوالي سان مٿئين شعر جي هيٺين سٽر ۾ هڪ ئي وقت
تجنيس مڪرر، تجنيس مرڪب ۽ تجنيس تام جو چس پيو
ملندو.
·
اڀياس جا سوال
s
ڇا تجنيس مڪرّر ۾ ساڳيا لفظ دهرائبا آهن يا لفظ جو
جز؟
s
ڇا تجنيس مڪرّر ۾ دهرايل لفظ جو جز معنادار هوندو
آهي؟
s
تجنيس مڪرّر ۾ آخري دهرايل لفظ، ماقبل جي ڪھڙي حصي
جو معنادار جز ٿي سگهي ٿو؟
s
ڇا تجنيس مڪرّر جو مخصوص هنڌ ’قافيو‘ ئي ٿي سگهي
ٿو؟
·
اڀياس جو عمل
لفظ ’مڪرّر‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى
آهي ’دهرايل‘. هتي جڏهن لفظ ’تجنيس‘ ڪم آڻيون ٿا،
ته ان مان مراد اهڙا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مختلف لفظ
آهن، جيڪي هڪٻئي سان دهرائڻ واري عمل نسبت سلهاڙيل
هجن. هتي ’تجنيس مڪرّر‘ جي دائري جاچڻ لاءِ لغت ۽
عالمن جي راين جي اتفاق ۽ اختلاف کي سامهون رکجي
ٿو.
·
تجنيس مڪرّر جو دائرو
’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ان جي تشريح هيٺين ريت ڏنل
آهي:
”تجنيس مڪرّر: ث. شعر ۾ ساڳئي لفظ جي ٻه دفعا اچڻ
واري صنعت ’گرچ گل لاءِ پريشان هزار هزار، مون
لاءِ مگر هڪ تون نگار نگار‘.“ (بلوچ، 1981: 591)
جامع سنڌي لغات ۾ ساڳئي لفظ جي دهراءَ لاءِ ’تجنيس
مڪّرر‘ جو اصطلاح ڪم آندل آهي. حالانڪ ’تجنيس‘ مان
مراد ئي مختلف لفظ هوندا آهن، ان سبب جامع سنڌي
لغات ۾ ڄاڻايل مثال ’قافيي/ لفظ جو تڪرار‘ چئبو،
تجنيس مڪرّر جو مثال نه سڏبو! ها البت، ان کي
معنوي لحاظ کان صنعت جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. تجنيس
مڪرّر جو دائرو اڳئين لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي، باقي
حصي کي هم قافيا ڪري رکڻ آهي.
تجنيس مڪرّر جي دائري بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻايو
آهي : ”هن کي ’مردد‘ ۽ ’مزدوج‘ به چوندا آهن. هن
بيت جي پڇاڙيءَ ۾ ٻه همجنس لفظ گڏ ايندا آهن، جن
مان پھرئين لفظ جي منڍ ۾، ٻئي پوئين کان هڪڙو يا
ٻه حرف زياده هوندا آهن، يا پھرئين لفظ جو پويون
ڀاڱو وري ايندو آهي ۽ معنى پنھنجي خلاصي هوندي
اٿس.
تنھنجي ٿي لڳي دوست ’پياري ياري‘،
جند جان جي ڳڻتي مون ’وساري ساري‘،
جي ڏينھن ٻه- ٽي مري ڏنم توکي ساهه،
گويا هيءَ حياتي مون ’اُڌاري ڌاري‘.....“
(قليچ، 2016: 98)
ظفر عباسيءَ پڻ ساڳي تشريح ۽ مثال لاهي رکيا آهن.
(ظفر، 2007: 414)
تجنيس مڪرّر بابت مرزا قليچ بيگ جي وضاحت ان حوالي
سان مناسب آهي ته ’پھرئين لفظ جو پويون ڀاڱو وري
ايندو آهي ۽ معنى پنھنجي خلاصي هوندي اٿس.‘ يعني
اهي ٻه الڳ لفظ ٿي بيھندا، جن جي معنى الڳ هوندي.
ان حوالي سان ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڄاڻايل مثال
مناسب ناهي.
نتيجةً، تجنيس مڪرّر جو اهو دائرو بيھي ٿو ته ’ٻه
اهڙا معنادار لفظ، هم قافيا بيھاريا وڃن، جن مان
پھريون، پوئين کان پد/ پدن
(Syllable/ Syllables)
يا حرفن/ اکرن
۾ وڌيڪ هجي. اهي لفظ گهڻي قدر قافيي جي جڳھه تي ڪم
آندا ويندا آهن، ٻي صورت ۾ شعر يا بيان جي ڪنھن به
هنڌ استعمال ٿي سگهن ٿا. ان تجنيس کي ’ذوقافيتَين‘
جو نمونو به سڏي سگهجي ٿو.
لغتن جي مدد سان ’تجنيس مڪرر‘ جو اشتقاق هيٺين ريت
سامهون اچي ٿو:
·
تجنيس مڪرّر: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ
= هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ +
مڪرَّر- مُفعَّل- اسم مفعول (ڪَرَّ = هو وري وري
آيو) وري وري اچڻ- ڏينھن ۽ رات جو واپس ٿيڻ- ڌاڳي
جو ويڙهجڻ] صنايع بدايع موجب ڪنھن شعر جي ٻٽن
قافين يا هم قافيه لفظن مان آخري ۽ ماقبل آخري
(Second last)
قافين ۾ لفظن جو اهڙو دهراءَ ٿيڻ جو اڳئين قافيي ۾ پد/ پدَ
(Syllable)
يا اکر/ اکرَ وڌيڪ ڪم آندل هجن،
جيئن:
سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،
ناههِ ڪنھن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.
(ڪليات 2: 244)
’تجنيس مڪرر‘ جا مثال شعر يا بيان جي ڪنھن به حصي
۾ ٿي سگهن ٿا، ليڪن خاص طور ’ذوقافيتَين‘ جو نمونو
به آهي. ڄاڻايل مثال مان ’نروار‘ مان ’نر‘ ڪڍجي ته
’وار‘، يا وري ’وار‘ جي اڳيان ’نر‘ ملائجي ته
’نروار‘ ٿئي ٿو، ائين ٻيا مثال. مطلب ته تجنيس
مڪرر ۾ اڳئين لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي، آخري حصي کي
الڳ سان معنادار لفظ هم قافيا ڪري بيھاريو ويندو
آهي. اهو ته ٿيو ’تجنيس مڪرر‘ جو عام انداز، ليڪن
مولوي صاحب وٽ مڪرر جا ٻيا انداز به آهن.
·
’تجنيس مڪرّر‘ ۽ ’صنعت ذوقافيتَين‘ جو فرق
تجنيس مڪرّر، بيشڪ ذوقافيتَين جو نمونو آهي، ليڪن
انهن اصطلاحن ۾ ٿورو فرق آهي. ذوقافيتَين ۾ ڪي به
ٻه گڏ قافيا ڪم آڻي سگهجن ٿا، جڏهن ته ’تجنيس
مڪرّر‘ ۾ اهڙا ٻه قافيا گڏ ڪم آڻڻ، جن مان آخري،
پھرئين جو حصو هجي. اهڙو فرق هيٺين شعرن مان نوٽ
ڪري سگهجي ٿو:
تجنيس مڪرّر جو نمونو:
سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
(ڪليات 2: 244)
تجنيس مڪرّر ۾ ’نروار- وار‘ ۽ ’هوشيار- يار‘ بيشڪ
ذوقافيتَين جو نمونو آهي، ليڪن ’نروار- وار‘ ۾
آخري قافيو ’وار‘، اڳئين قافيي ’نروار‘ جو حصو
آهي.
صنعت ذوقافيتَين جو نمونو:
اَٿم ڏينھن رات تنھنجي تات، تَن
مَن تار تُون تُون تُون،
هِنيون حيران هِيرن لئي، هنجَن هُونگار هُون هُون هُون.
(ڪليات 2: 416)
صنت جو لاڳاپو لفظن کان وڌيڪ ان جي معنى سان هوندو
آهي. مٿئين شعر ۾ ’تار- تون تون تون‘ ۽ ’هونگار-
هون هون هون‘ ذوقافيتَين آهن، ليڪن خاص ڳالهه اها
آهي ته ’تون تون تون‘ قافيو، ’تار‘ جو حصو ناهي،
نه وري ’هون هون هون‘ تڪرار جي صورت ۾ ’هونگار‘
جو حصو آهن. البت، اهو اتفاق آهي ته هڪ ’هون‘،
’هونگار‘ جو حصو آهي، پر صرف اتفاق آهي، لازمي
ناهي.
·
تجنيس مڪرّر جو هنڌ
عام طور هن جو انداز قافيي وارو بيھي ٿو، جنھن سبب
اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته هي صرف قافيي واري هنڌ
ئي ٿي سگهي ٿو، ليڪن اهو ضروري ناهي ته ’تجنيس
مڪرّر‘ جو هنڌ صرف قافيي وارو هجي. هيءَ تجنيس،
شعر يا بيان جي ڪنھن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿي، جيئن:
×
پڇاڙي ڪٽڻ:
اُڀ اَڇو ڇانيو اُٻن، اَڇڙانڊ اڇڙو اَڇ
لڳي،
هت کِوي ۽ هُت کِوي، ڇا کيل کُڻ کُڻ ڳائيان.
(ڪليات 2: 402)
’اڇڙو- اڇ‘ ۾ لفظ ’اڇڙو‘ جو پيڇو ڪٽي، ’اڇ‘
بيھاريو ويو آهي، ان چال کي به تجنيس مڪرر جو مثال
سڏبو.
تير تارا توبه توبه، گهُور گولو توب
جو،
حسن کان گم حوصلو، هيءُ بت ڏڪي هيبت عجب.
(ڪليات 2: 109)
’توبه‘ جو آخري اکر ڪٽي، ’توب‘ بيھاريو ويو آهي.
بادشاه باقي خدا هڪ، بي بقا بادشاه،
مورچن وارا مُنيءَ تي، سڀ ٺَلها ٿي ٺل
وڃن.
(ڪليات 2: 406)
’ٺلها‘ جو آخري اکر ڪٽي، ’ٺل‘ رکيو ويو آهي، جيڪو
مڪمل قافيي جو هنڌ ناهي.
ناهه پُورو پُور تي، آهي عجيبن جو
انجام،
ڪنھن مَھل ڏينھن، ڪنھن مَھل مقرر مھينو ڪن پيا.
(ڪليات 2: 91)
’پورو- پور‘ ۾ لفظ ’پورو‘ جو پيڇو ڪٽي، ’پور‘
بيھاريو ويو آهي. ان چال کي به تجنيس مڪرر جو مثال
سڏبو.
نيڻ کڻيو رَهه نھاريان، مَن، ڪٿان نڪري نجيب،
رات ساري رَت روئي مون، ساڻ رازق راز
ڪيو.
(ڪليات 2: 498)
’رازق- راز‘ ۾ لفظ ’رازق‘ جو پيڇو ڪٽي، ’راز‘
بيھاريو ويو آهي، ان چال کي به تجنيس مڪرر جو مثال
آهي.
طالب المولى مُذڪر، گڏ ضرورت ۾ ضرور،
سِر ڪلهن ڪوڏار، وڄڙيون وار، واري ٻي وَلھار.
(ڪليات 1: 508)
’ضرورت‘ جو آخري اکر ڪٽي، ’ضرور‘ رکيو ويو آهي،
جيڪو قافيي جو هنڌ ناهي.
آهه آوت لئي اوهان جي، عُمر ’احمد‘ انتظار،
مُنھن ڪَميني ڏي ڪڏهن، ڪريو ڪَرم سان
ڪَر ڀڃي.
(ڪليات 2: 542)
’ڪرم‘ جو آخري اکر ڪٽي، ’ڪَر‘ رکيو ويو آهي، جيڪو
مڪمل قافيو به ناهي.
نظر سان ڪرين پنھنجي نرملَ، نرم،
ڪٺڻ قلب ڪارو سندم سخت سوٽ.
(ڪليات 2: 158)
’نرمل- نرم‘ ۾ لفظ ’نرمل‘ جو پيڇو ڪٽي، ’نرم‘
بيھاريو ويو آهي، جيڪو تجنيس مڪرر جو مثال آهي.
×
وچ ڪٽڻ
احد الله اڪبر، عز وَ جَل، عالم ڌڻي اعلى
اُڀن ڀونيَن، بحر پٽ بَر جو باري
بادشاه بالا.
(ڪليات 2: 71)
’بحر- بر‘ ۾ لفظ ’بحر‘ جو وچ ڪٽي، ’بر‘ بيھاريو
ويو آهي.
سُڻي سرتاج سھڻن جو، هلي انصاف لئي آيَس،
نه ڄاتم ڄامَ، تن ڪو تُون، رڳو ناحق
تي ناڙين ٿو.
(ڪليات 2: 456)
’ڄاتم- ڄام‘ ۾ لفظ ’ڄاتم‘ جو وچيون اکر ڪٽي، ’ڄام‘
بيھاريو ويو آهي.
×
آڳو ڪٽڻ
سڄڻَ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا سٽڪا،
ڦَٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦَٽ، ڦَٽ
مٿي ڦَٽڪا.
(ڪليات 2: 65)
’اُڦٽ- ڦٽ‘ ۾ پھرئين لفظ جو آڳو ڪٽي ’ڦٽ‘ بيھاريو
ويو آهي، ان چال کي تجنيس مڪرر سڏبو.
سِج سدا سھڻو گهڻو، منھنجو سڄڻ سج کان به صاف،
ڇا تجلي، ڇا تجمُل، ڇا ته جَمُل
واهه جو.
(ڪليات 2: 462)
’جمل‘ قافيو آهي ۽ لفظ ’تجمل‘ قافيي جو حصو ناهي.
جيڪو ساڳي سٽر مان ’تجمُل‘ جو آڳو ڪٽي، ’جمل‘
بيھاريو ويو آهي. ان اهڙي لفظن جي چال کي به
’تجنيس مڪرر‘ ۾ شامل سمجهبو.
کل، جزاڪ الله خيراً خير ڪر خيرات رات،
خير خواهي ٿي، ڀَلين پيو خار ماري خَر خباث.
(ڪليات 2: 165)
’خيرات- رات‘ ۾ پھرئين لفظ جو آڳو ڪٽي ’رات‘
بيھاريو ويو آهي، ان چال کي تجنيس مڪرر سڏبو.
ڀيڙا بَديني ٿيا ڀَڄي، پيرا ويَن پھرهين کَڄي،
دهلي
هَلي دنيا سڄي، الله اڪبر ٿيو جڏهن.
(ڪليات 1: 562)
’دهلي- هلي‘ ۾ پھرئين لفظ جو آڳو ڪٽي ’هلي‘
بيھاريو ويو آهي، ان چال کي تجنيس مڪرر چئجي ٿو.
ڪنھن غرض سان غرب ڏي، ڪاهي غُرابن کي غريب،
عرب
’احمد‘ ميڙ، يا الله، يا رب، يا عزيز.
(ڪليات 2: 273)
’عرب- رب‘ ۾ پھرئين لفظ جو آڳو ڪٽي ’رب‘ بيھاريو
ويو آهي، ان چال کي تجنيس مڪرر سڏبو.
’ري‘ رَهي نالو ڌڻيءَ جو، ٻيو نه دُونھيون ڌڻ
ڌراڙ،
خواه ساهڙ، خواه سھڻي، سڀ وڃي پھتا پراڙ،
ٻول ٻيلاين نه ٻُڌجن، پڻ نه ڪاهن کي قَراڙ،
ڪُل نفس ذائقة جو، نقش هر ڪنھن منجهه نراڙ،
پر نحسَ، توکي نه حَس، الله بس، باقي هَوَس.
(ڪليات 1: 254)
’نحس- حس‘ پھرئين لفظ جو آڳو ڪٽي ’حس‘ بيھاريو ويو
آهي، ان چال کي تجنيس مڪرر سڏبو.
·
مولوي احمد جي قافين ۾ تجنيس مڪرّر جو دائرو
’مڪرّر‘ لفظ جي مراد بيشڪ ’دهراءَ‘ واري آهي ۽
ساڳئي دهرايل لفظ کي چئي سگهجي ٿو، ليڪن جڏهن
تجنيس لفظ جو جوڙ ڳنڍجي ٿو ته ان مان مراد ئي آهي،
ساڳي جنس جو مختلف لفظ! ان لحاظ کان ’جامع سنڌي
لغات‘ ۾ ڄاڻايل تشريح نا مناسب آهي. تجنيس مڪرّر
مان مراد ئي اهڙا مختلف لفظ، جن مان اڳئين لفظ جو
ڪجهه حصو ڪٽي، ان مان ئي ٻيو لفظ بيھاري مڪرّر
صورت ۾ ڪم آڻڻ. يعني اهو لازمي آهي ته اهڙا هم
قافيا لفظ جن مان پويون، اڳئين جو حصو هجي.
مولوي احمد سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو نرالو شاعر آهي،
جنھن وٽ صنايع بدايع نسبت تجنيسن ۽ صنعتن جا اضافي
دائرا پڻ ملن ٿا. جيئن ته ’تجنيس مڪرّر‘ جو بنيادي
اصول ’اهڙا ٻه هم قافيا لفظ ڪم آڻڻ آهي، جن مان
اڳيون لفظ پوئين لفظ کان پد يا پد ۾ وڌيڪ هجي يا
پويون لفظ، اڳئين لفظ جي ڪاٽ سان بيھاريل هجي‘ ته
ان حوالي سان مولوي صاحب وٽ ڄاڻايل تجنيس جا ٽي
انداز نوٽ ڪيا ويا آهن:
1.
لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيھارڻ
ان دائري اندر پھرئين لفظ جو آڳو ڪٽي، ٻيو معنادار
لفظ بيھاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار
وار،
حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار
يار.
(ڪليات 2: 244)
ڄاڻايل شعر ۾ ’نروار- وار‘ ۽ ’هوشيار- يار‘
ذوقافيتين جي صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن. ڄاڻايل مثال
۾ لفظ ’نروار‘ جو اڳيون حصو ’نر‘ ڪٽي، ان مان
’وار‘ لفظ بيھاري، گڏ ڪم آندا ويا آهن. ساڳئي
نموني ’هوشيار‘ مان ’هوش‘ ڪٽي ’يار‘ بيھاريو ويو
آهي. اهڙي ڪاريگري سان ٻه لفظ بيھارڻ، جن مان
پويون، اکرن جي نسبت، اڳئين جو لازمي جز هجي ته ان
کي ’تجنيس مڪرّر‘ ٿو ڪوٺيو وڃي.
2.
لفظ جو وچيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيھارڻ
ان دائري هيٺ، پھرئين لفظ جو وچ ڪٽي، ٻيو معنادار
لفظ بيھاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ
چَٽ،
کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.
(ڪليات 2: 154)
ڄاڻايل شعر ۾ ’چيٽ- چٽ‘ ۽ ’کيٽ- کٽ‘ ذوقافيتين جي
صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن. ڄاڻايل ’مڪرّر‘ جي مثالن
۾ لفظ ’چيٽ‘ جو وچيون حصو ’ي‘ ڪٽي، ان مان ’چٽ‘
لفظ بيھاري، گڏ ڪم آندا ويا آهن. ساڳئي نموني
’کيٽ‘ مان وچ ڪٽي ’کٽ‘ بيھاريو ويو آهي، ان انداز
جي ڪاريگريءَ کي ’تجنيس مڪرّر‘ ٿو چئجي.
3.
لفظ جو پويون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيھارڻ
ان دائري هيٺ، پھرئين لفظ جو پويون حصو ڪٽي، ٻيو
معنادار لفظ بيھاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ،
جيئن:
نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،
ڀُڻين ڀُڻ ڀُڻ ڪندو جيئن منجهه ڀِٽن
ڀَٽ.
(ڪليات 2: 155)
ڄاڻايل شعر ۾ ’مٽن- مٽ‘ ۽ ’ڀٽن- ڀٽ‘ ذوقافيتين جي
صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن. ڄاڻايل ’مڪرّر‘ جي مثالن
۾ لفظ ’مٽن‘ جو پويون حصو، ’ن‘ ڪٽي، ان مان ’مٽ‘
لفظ بيھاري، گڏ ڪم آندا ويا آهن. ساڳئي نموني
’ڀٽن‘ مان پويون حصو ڪٽي ’ڀٽ‘ بيھاريو ويو آهي، ان
انداز جي ڪاريگريءَ کي ’تجنيس مڪرّر‘ ٿو چئجي.
تجنيس مڪرّر جا اهي ٽئي انداز اهڙا آهن، جيڪي ڪنھن
به شاعر وٽ ڪونه ٿا ملن. اهي قافين جي صورت ۾ ڪم
آندا ويا آهن، جنھن سبب انهن کي ’ذوقافيتَين‘ به
چئي سگهجي ٿو.
·
تجنيس مڪرّر نسبت، مولوي احمد جا مڪمل غزل
’تجنيس مڪرر‘ جي حوالي سان مولوي صاحب جي شاعريءَ
۾ هيٺيان ٽي انداز نوٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي مڪمل غزل
جي صورت ۾ خيال خاطر پيش ڪجن ٿا:
·
ٻن قافين مان آڳو ڪٽي، ٻيو لفظ بيھارڻ
سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،
ناههِ ڪنھن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.
ڪر خدا ترسي خدا لڳ، خون ناهي خان، خوب،
ڀال ڪر، ڀالو کڻي، بي ڏوهه مَ ڪنھن بيمار مار.
سال سالم وچ نه پيو، ڪيئن صلح جي وسريَئي صلاح،
مَس لنگهيا آهن انهيءَ آچار کي آچار چار.
دلربا دلبر، تو ڌاران، ٿيم سِر ڌڙ ڌار ڌار،
گهائي غمزي سان مَ رک، غم ۾ وري غمخوار، خوار.
هيج ما هي جي هَنجون، تو هار هاريان ٿو هميش،
منھن پيم مھراڻ، تنھن مان مھر سان مختار، تار.
غرض گهڻين ڳالهين سان، ڇا سندم ڪامل قريب،
عرض آهم، ٿي مَ ’احمد‘ کان سدا آڌار ڌار.
(ڪليات 2: 244)
ڄاڻايل غزل ۾ ’تجنيس مڪرر‘ جو هنڌ، قافيو آهي. لفظ
’قافيو‘ ’قفّ‘ مان ورتل آهي جنھن جي معنى ’پٺيان
هلڻ‘ آهي. هن جي هڪ ئي شعر ۾ ڏٺو وڃي ته ٻٽو
قافيو ڪم آندل آهي، ليڪن هن تجنيس جي نسبت ان کي
ٻٽي قافيي (قافيتَين) وارو غزل به نه چئبو. ٻئي
پاسي جيڪڏهن غزل ۾ ساڳيا لفظ اڳتي پوئتي ڪبا ته
وري هڪ الڳ تجنيس جو مثال بڻجي ويندو، جنھن کي
’تجنيس زائد‘ ڪوٺيو ويندو آهي.
مٿيون غزل سامهون رکيو ويو، جنھن جي قافين جا لفظ
دهرايل آهن، يعني پھرئين لفظ مان آڳو ڪٽي، ٻيو لفظ
بيھاريو ويو آهي، جيئن: ’نروار- وار‘، ’هوشيار-
يار‘، ’انڪار- ڪار‘، ’بيمار- مار‘، ’آچار- چار‘،
’غمخوار- خوار‘، ’مختار- تار‘ ۽ ’آڌار- ڌار‘.
مڪرر مع رديف:
تو جِھو جھڙو نه جاني، جنس جُملي ۾ مِلي،
پڻ نه مُصل، مصر ۾، يا روم، رَملي ۾ مِلي.
ڏيھه ڏوريَم، ڏور ڏوريم، ڏينھن ڏوريندي لڳم،
ايءَ صفا صورت نه سُورت، شھر شملي ۾ ملي.
اک اشاري ساڻ آندئي، چنڊ چوڏهين چانٺ تي،
هيءَ حڪومت حاڪمن کي، هيئن نه حَملي ۾ ملي.
هن مھل ڪي مينھن ملهاريون، مُلڪ ساروئي ملير،
ڇا لڀي جي يار، ڇم ڇم سان ڇَملي ۾ ملي.
گهُور تنھنجي گرم ڪھڙي، آهه گرميءَ ۾ گلاب،
غم گهڻا پر تنھنجي غمزي ساڻ غم لي ۾ مِلي.
دوستَ، تنھنجو دست، هر دستور سان دستار ۾،
سر ڏيڻ سان سوڀ سڀ، ڇا شان شملي ۾ مِلي.
دل گهُريي جي گهَر هلي وڃ، يا گهُراءِ گهر اندر،
ايءُ املهه ماڻڪ نه ’احمدَ‘ عام عملي ۾ ملي.
(ڪليات 2: 244)
مٿئين غزل جي قافين جا لفظ دهرايل آهن، يعني
پھرئين لفظ مان آڳو ڪٽي، ٻيو لفظ بيھاريو ويو آهي،
جيئن: ’جملي- ملي‘، ’رَملي- ملي‘، ’شملي- ملي‘،
’حملي- ملي‘، ’ڇَملي- ملي‘، ’غم لي- ملي‘، ’شملي-
ملي‘ ۽ ’عملي- ملي‘. ڄاڻايل غزل ۾ مڪرر جو اهڙو
انداز آهي، جو ان جو هڪ حصو ’رديف‘ طور بيھاريو
ويو آهي.
پِياري پرينءَ ساڻ پرڀات بات،
ته سڪ کان لڳيم سخت سڪرات رات.
قرارن ڪڏهن پار بُت بي قرار،
وَهي مَن اندر ري ملاقات ڪات.
هِنيون منجهه حويلي، حوالات ۾،
حوالات ۾ پيش حالات لات.
ڀنڀرڪي ۾ ڇڏيم ڀَنڀو هيءُ ڀنڀور،
هليا هو وڃن هوت هيھات هات.
لڳي ريت، بي ريت پِر سان پريت،
ڀلين ڏي نه مون تي بيانات نات.
ڏسان وار مشڪي ته مشڪل چڙهڻ،
پسان منھن ته مڙئي مُھمات مات.
هڻين گهُنڊ گهوڙا، ته وِهه کير کنڊ،
تون مرڪين ته مون لاءِ ميوات وات.
ڏِسيو اَهُڙا آهه نڪريو وڃيم،
اچن اڳڀرو جي ته آفات فات.
ڀلو تون، ڀلا ڪر ڀُليءَ سان ڀَلي،
نه ڏس ڪم ڪمينيءَ جي ڪمذات ذات.
سڄڻ سج ته ’احمد‘ اڳيان انڊلٺ،
نه اک مان بيھي بوند برسات سات.
(ڪليات 2: 244)
مٿئين غزل جي قافين جا لفظ دهرايل آهن، يعني
پھرئين لفظ مان آڳو ڪٽي، ٻيو لفظ بيھاريو ويو آهي،
جيئن: ’پرڀات- بات‘ (لاڙي لھجي موجب ’پربات‘
اچاربو، ليڪن معياري لھجي موجب ’پرڀات‘ لکبو)،
’سڪرات- رات‘، ’ملاقات- ڪات‘ (هن ۾ ’قات بدران
ڪات‘ ورتل آهي، جيڪو تجنيس لفظ جو نمونو آهي)،
’حالات- لات‘، ’هيهات- هات‘، ’بيانات- نات‘،
’مهمات- مات‘، ’ميوات- وات‘، ’آفات- فات‘، ’ڪمذات-
ذات‘ ۽ ’برسات- سات‘.
·
ٻن قافين مان وچ ڪٽي، ٻيو لفظ بيھارڻ:
ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ چَٽ،
کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.
چال پنھنجي رَک چڱي، چَلنديون نه چالاڪيون ٻيون،
نيٺ ڪھڙن ناٽوَن کي، ٿا ڇڏائن نيٽ نَٽ.
خوب صورت خَلق ۾ تون، خوب سيرت خُلق رَک،
تون لَکن جو لعل آهين، پوءِ نه لِڏ ۾ ليٽ لَٽ.
اڄ عطر لائين لڱن کي، مُشڪ لوئين ميٽ ماڳ،
پَر مَرڻ کان پوءِ مٿي ۾، مُشڪ مِٽيون ميٽ مَٽ.
ري مُروَت ۽ صفا، مَروو صفا ڊوڙي ته ڇا،
پاڪ پاڪيءَ ري نه ڪنھن، پاڪيٽ جا پاڪيٽ ڪَٽ.
اُڀ زمين تو وَٽ امانت، ڇڏ خيانت جا خيال،
پاٽ پَٽ تي سَٽ نه پُٽَ، پاڻهين نه پنھنجو پيٽ
پَٽ.
ڪالهه چيو قالُوا بَلى مون، تا قيامت قول هڪ،
ڦِٽ مَ دل، نه ته ڦُٽ اسان کان، جي اٿئي ٻيو ڦيٽ
ڦَٽ.
عيب ’احمد‘ ۾ اجايا، پر اَحد ۾ آسرو،
بادشاهي بارگاهه، ڀيٽڻ گهُرين ٿو، ڀيٽ ڀَٽ.
(ڪليات 2: 154)
مٿئين غزل ۾ ’چيٽ مان چٽ‘، ’کيٽ مان کٽ‘، ’نيٽ مان
نٽ‘، ’ليٽ مان لٽ‘، ’ميٽ مان مٽ‘، ’پاڪيٽ مان ڪٽ‘،
’پيٽ مان پٽ‘، ’ڦيٽ مان ڦٽ‘ ۽ ’ڀيٽ مان ڀٽ‘ ۾
پھرئين قافيي مان ’حرف علت (ي)/ ڊگهو سُر (اي)‘
وچئون ڪڍي، ٻيون قافيو بيھاريل آهي، ان سبب ان چال
کي ’تجنيس مڪرر‘ ۾ ڄاڻبو.
هيءُ هِنيون حيران هَي هَي، آئون هتي ۽ هوت هُت،
ياد آرِي پيو، اکين مان آب اوتُون اوت اُت.
آهِه هن ٽڪريءَ تي ٽانڊو يا پنھل جو پَرتوو،
بيھه ته جاچيان جوت کي، ڪريان نه جَت سان جوت جُت.
عشق آهي آرڙ جيئن، آڙٻنگ مان رَڙ ٻَنگ سان،
ان ڏنگلي ڏينڀو چوَن، ڪاريَل کي ڪوٺي ڪو ته ڪُت.
ڏينھن ساڙي، نينھن ساڙي، پنڌ ساڙي سامهون،
رات ڪنھن رِيت مَنَ، ٿڌڙي ٿئي رَت رو ته رُت.
هوت هوندي تون نه هوندين، هوت تو هوندي هوءِ،
هت هُتي دل هوت هڪ سان، ڏيئي ڏاڍي ڳوت ڳُت.
جان سِسيءَ ۾ ساهه سَسئي، سربسر سَونڪا سَوين،
جي لھي ڀانئين ته مون تان موت، قبل الموت مُت.
ڪانڌ ڪانڌي مَن ٿئي، ’احمد‘ اها آهم اميد،
تنھن طرف تربت بجا، تانگهائي منجهه تابوت بُت.
(ڪليات 2: 120)
مٿئين غزل ۾ ’اوت مان اُت‘، ’جوت مان جت‘، ’ڪو ته
مان ڪُت‘، ’رو ته مان رُت‘، ’ڳوت مان ڳت‘، ’موت
مان مُت‘ ۽ ’بوت مان بت‘ ۾ پھرئين قافيي مان ’حرف
علت (و)/ ڊگهو سُر (او)‘ وچئون ڪڍي، ٻيون قافيو
بيھاريل آهي، ان سبب ان چال کي ’تجنيس مڪرر‘ ۾
ڄاڻبو.
·
ٻن قافين مان پڇاڙي ڪٽي، ٻيو لفظ بيھارڻ
نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،
ڀُڻين ڀُڻ ڀُڻ ڪندو جيئن منجهه ڀِٽن ڀَٽ.
پَکن مان ڪنھن پَکي پيغام آندو،
ته مارئي، ڪينَ ماڙين تي مٽن مٽ.
ڪياڙي ڪير ڏي ڪاغذ سندن کي،
نظر منجهه هن نوشتي جي سِٽن سَٽ.
کَرو منجهه کيٽ، ڳالهيون ڳاهه جون ڪَن،
سُئم سرتين جو سڏ ويھي سِٽن سَٽ.
نه سُمهنديَس سيج تي، مَر سج نه اڀري،
اٿم کُٽڪو ته کنئِي ڇا لي کِٽن کَٽ.
مٿي مِصري، وطن ويندم نه وسري،
ڳڻيان ٿي ڳاٽ لئي ڳُڙ جي ڳِٽن ڳَٽ.
عمر جو ڪوٽ آهُن سان اڏايان،
چُھاڪن سان ڪريان چاڙيَن چِٽن چَٽ.
پڙهان پيغام پاڙيچيَن، جيئن تون،
چِٺي ڄاڻين چِٽي حرفن چِٽن چَٽ.
عمر جو ڪوٽ ’احمد‘ اڄ نه آباد،
ڪيو ماڙين کي مارئي جي پِٽن پَٽ.
(ڪليات 2: 155)
مٿين ٻٽن قافين ’مِٽن مَٽ‘، ’ڀِٽن ڀٽ‘، ’سِٽن
سَٽ‘، ’کِٽن کَٽ‘، ’ڳِٽن ڳَٽ‘، ’چِٽن چَٽ‘ ۽ ’پِٽن
پَٽ‘ مان پھرئين قافيي جي پڇاڙي ’ن‘ ڪٽي باقي
ساڳيو لفظ قافيي طور ڪم آندو ويو آهي. اهڙي قسم جي
قافين جي سٽاءَ کي ’تجنيس مڪرر‘ ۾ تصور ڪيو ويندو
آهي.
·
حاصل مطلب/ نتيجو
صنايع بدايع جي هيٺ تجنيس مڪرّر جي دائري جي اڀياس
بعد مولوي احمد جي غزليات جو جائزو ورتو ويو.
جائزي دوران جيڪي نڪتا نتيجي جي صورت ۾ سامهون آيا
آهن، تن کي هيٺينءَ ريت رکجي ٿو:
·
فني لحاظ کان مولوي احمد ملاح جي شاعري مٿاهين پد
جي رهي آهي، ايتري قدر جو سندس هڪ شعر ۾ ئي چند
تجنيسون ۽ صنعتون نوٽ ڪري سگهجن ٿيون، جيئن سندس
هيٺئين شعر ۾ هڪ ئي وقت ’تجنيس مرڪب، تجنيس تام،
تجنيس مڪرّر ۽ صنعت ذوقافيتَين جون حرفتون سمايل
آهن:
ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،
ناههِ ڪنھن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.
تجنيس مڪرّر جو جيڪو دائرو ’جامع سنڌي لغات‘ ۾
ڄاڻايل آهي، سو نامناسب آهي. البت، مرزا قليچ بيگ
جو ڄاڻايل دائرو بھتر آهي.
·
جيئن ته ’مڪرّر‘ جي معنى ’دهراءَ‘ واري آهي، ان
سبب ساڳيو دهرايل لفظ (هزار- هزار) ’تجنيس مڪرّر‘
۾ شامل نه ڪبو، ڇاڪاڻ ته ’تجنيس‘ مان مراد ئي
’لفظن جي مختلف جنس‘ آهي.
·
تجنيس مڪرّر مان مراد اهڙا ٻه هم قافيا لفظ ڪم آڻڻ
آهي، جن مان پھريون آخريءَ کان اکرن ۾ وڌيڪ هجي،
يا ائين کڻي چئجي ته آخري قافيو، اکرن جي نسبت،
اڳئين قافيي جو جز هجي ۽ پڇاڙي ساڳي هجي، جيئن:
سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
·
’تجنيس مڪرّر‘ کي ’صنعت ذوقافيتَين‘ جو مثال چئي
سگهجي ٿو، ليڪن ’ذوقافيتَين‘ کي ’تجنيس مڪرّر‘ نه
ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ’تجنيس مڪرّر‘ ۾ آخري
قافيو، اڳئين جو جز هوندو آهي.
·
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جا ٽي
نمونا نوٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪنھن به عَروضي شاعر
وٽ ڪونه ٿا ملن:
1.
لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيھارڻ
ان دائري اندر پھرئين لفظ جو آڳو ڪٽي، ٻيو معنادار
لفظ بيھاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،
حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.
2.
لفظ جو وچيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيھارڻ
ان دائري هيٺ، پھرئين لفظ جو وچ ڪٽي، ٻيو معنادار
لفظ بيھاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:
ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ چَٽ،
کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.
3.
لفظ جو پويون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيھارڻ
ان دائري هيٺ، پھرئين لفظ جو پويون حصو ڪٽي، ٻيو
معنادار لفظ بيھاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ،
جيئن:
نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،
ڀُڻين ڀُڻ ڀُڻ ڪندو جيئن منجهه ڀِٽن ڀَٽ. |