سيڪشن: ادب

ڪتاب: مولويءَ احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيسن

باب:

صفحو:8 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس زائد‘ جو اڀياس

(A Study of ‘Posterior Addition’ in Molvi Ahmed Mallah’s Poetry)

 

·       جائزي جو ٿَلهه

سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ لاڙ جي لال، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ تي علم عَروض ۽ صنايع بدايع جي خيال کان جوڳو ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي. هن جي غزليات توڻي بيتن ۾ لفظي ترڪيب پڻ ڪمال جي پيش ڪيل آهي. علمي حوالي سان هن جي ڪيل ڪم مان ننڍڙن جزن تي ترتيب سان ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي.

مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جي پيراميٽر هيٺ هن کان اڳ ڪم ڪيو ويو آهي (جوکيو، 2019: 27- 33)، جنھن جو هڪ مثال هن ريت آهي :

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.

(ڪليات 2: 244)

تجنيس مڪرر   جي پيراميٽر هيٺ، گهڻو ڪري ٻٽو قافيو ڪم آندو ويندو آهي، ان ۾ پھريون لفظ رکي، ٻيون ان اڳئين جي آخري حصي مان ڪٽيل لفظ مستعمل معنى سان رکيو ويندو آهي، جيڪي ٻئي هڪٻئي جا قافيا لڳندا آهن. مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ٽي قسم ڏنل آهن، جيئن:

1.                  لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيھارڻ

ان دائري اندر پھرئين لفظ جو آڳو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيھاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.

(ڪليات 2: 244)

2.                 لفظ جو وچيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيھارڻ

ان دائري هيٺ، پھرئين لفظ جو وچ ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيھاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:

ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ چَٽ،

کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.

(ڪليات 2: 154)

3.                 لفظ جو پويون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيھارڻ

ان دائري هيٺ، پھرئين لفظ جو پويون حصو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيھاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:

نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،

ڀُڻين ڀُڻ ڀُڻ ڪندو جيئن منجهه ڀِٽن ڀَٽ.

(ڪليات 2: 155)

پھرئين شعر جي قافين ۾: نروار مان ’وار‘ ۽ هوشيار مان ’يار‘ بيھاريا ويا؛ ٻئين شعر  جي قافين ۾: ’چيٽ‘ مان ’چٽ‘ ۽ ’کيٽ‘ مان ’کٽ‘؛ جڏهن ته آخري شعر ۾ ’مٽن‘ مان ’مٽ‘ ۽ ’ڀٽن‘ مان ’ڀٽ‘ بيھاريا ويا آهن. اهڙي انداز سان قافين جي بيھڪ کي ’تجنيس مڪرّر‘ ڪوٺيو ويندو آهي. پھريون قسم ته صنايع بدايع جي خيال کي سنڌي عروضي شاعرن وٽ عام رهيو آهي، ليڪن ٻيا قسم ٻين شاعرن جي شاعريءَ ۾ نه ٿا ملن. (جوکيو، 2019: 27- 33)

تجنيس زائد وري ’تجنيس مڪرّر‘ جي ابتڙ بيھندي آهي، جيئن: ساڳين قافين ’نروار- وار ۽ هوشيار- يار‘ کي ابتو ڪري پيش ڪبو ته ان شعر جي تجنيس زائد ٿي ويندي، جيئن: وار- نروار ۽ يار- هوشيار‘. يعني ڄاڻايل ساڳئي غزل جي مطلع جي قافين جو استعمال اڳتي پوئتي ڪبو ته ان جي تجنيس تبديل ٿي ويندي. مثال طور پھرين مطلع تجنيس مڪرّر جو مثال آهي، پر جيڪڏهن ان کي تجنيس زائد ۾ تبديل ڪبو ته شعر هن ريت بيھندو:

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين وار نروار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي يار هوشيار.

لفظ ’زائد‘ عربي ٻوليءَ جي ’زاد‘ مان ورتل آهي، جنھن جي مراد ’زياده هجڻ/ زياده ڪرڻ‘ آهي. تجنيس مذيل به ’زائد‘ جو هڪ قسم آهي، ليڪن مذيل ۾ صرف ’لفظ جي آخر ۾ وڌاءَ‘ کي ڪوٺيو ويندو آهي، جڏهن ته زائد ٻئي لفظ جي شروع، وچ يا آخر ۾ وڌاءَ کي ڪوٺيو ويو آهي.

·       جائزي جي سوالن جو احاطو

s تجنيس زائد مان ڇا مراد آهي؟

s تجنيس واري ٻن لفظن جي ڀيٽ ۾ زائد وارو اضافو ڪھڙي لفظ ۾ ٿيندو، پھرين يا آخريءَ ۾؟

s تجنيس زائد ۽ مذيل ۾ ڪھڙو فرق ۽ هڪجھڙائي آهي؟

s تجنيس زائد ۽ مڪرر ۾ ڪھڙو فرق ۽ هڪجھڙائي آهي؟

s ڇا تجنيس مڪرر وانگر تجنيس زائد جا به قسم ٿي سگهن ٿا؟

·       عالمن جو ڄاڻايل تجنيس زائد جو دائرو

’جامع سنڌي لغات‘ موجب:

”تجنيس زائد: ث. شعر جي مصرع ۾ اهڙن لفظن جو استعمال، جن مان هڪڙي جي  اڳ ۾ اکر وڌيل هجي، ”جيئن وڌيو ڌن، مال، رتبو شان شاهوڪار جو، تيئن وڌيو دنيا جي باعث زار جي آزار جو“. (بلوچ، 1981: 591)

جامع سنڌي لغات ۾ ’زار- آزار‘ جي لفظن مان ٻئي/ آخري لفظ ۾ وڌاءُ ڄاڻايل آهي، جيڪو بلڪل درست آهي. البت، جيڪا وصف ڄاڻائي وئي آهي، تنھن ۾ خال اهو آهي :

·       استعمال ٿيل لفظن مان ڪھڙي لفظ جي اڳ ۾ اکر وڌايو ويندو، اڳئين يا پوئين؟

·       ڇا ٻئي لفظ جي صرف اڳيان ئي اکر وڌايو ويندو يا وچ يا پڇاڙيءَ ۾ به ٿي سگهي ٿو؟

تجنيس زائد بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻائي ٿو : ”جڏهن ٻه لفظ هڪ جنس جا، حرفن ۽ حرڪتن ۾ هڪجھڙا هجن، مگر هڪڙي ۾ ٻئي کان هڪ حرف زياده هجي- منڍ ۾ يا وچ ۾ يا پڇاڙيءَ ۾:

ڪنڌ تي ڪالهه جنھن جي آيو ڪال،

اڄ وٽي مالهه، ان به ميڙيو مال.“ 

(قليچ، 2016: 94)

(ان شعر ۾ همجنس لفظن ’ڪالهه- ڪال‘ ۽ ’مالهه- مال‘ مان اڳين لفظن ’ڪالهه ۽ مالهه‘ جي آخر ۾ هڪ اکر جو اضافو ڏيکاريل آهي. اڳئين لفظ جي آخر واري اضافي سبب ان کي تجنيس زائد نه پر تجنيس مڪرر ۾ سمجهڻ گهرجي.)

”موجود منجهه وجود جي، حاڪم جي  جود آهه،

واجب مواجب آهي به حاجب کي نت ڏيڻ.“

(ان شعر ۾ همجنس لفظن ’موجود- وجود‘ ۾ اڳئين لفظ ۾ ’م‘ جو اڳيئون اضافو آهي، جڏهن ته ’واجب- مواجب‘ ۾ پوئين لفظ جي اڳيئون اضافو ڏيکاريل آهي. اصولي طور تي ’واجب- مواجب‘ جي همجنس لفظن کي تجنيس زائد ۾ سمجهيو ويندو.)

مرزا قليچ بيگ ان تجنيس جي دائري ۾ جيڪي مثال ڏنا آهن، تن کي هيٺين ترتيب سان رکجي ٿو:

?  ٻئي لفظ جي منڍ ۾ اضافو

”بھرام کي به گور ۾ لرزو پئي منجهه اندام،

سم سان فنا ٿئي سام جي منھنجي جهلي حسام.“

(ان شعر ۾ همجنس لفظن ’سام- حسام‘ ۾ پوئين لفظ جي اڳيان ’ح‘ جو اضافو ڏيکاريل آهي.)

?  ٻئي لفظ جي وچ ۾ اضافو

”هر ڪنھن جي هٿ ۾ پنھنجي قسمت آهه،

جي ڪشش ڪوشش جي ڄاڻي ٿو راهه.“

(ان شعر ۾ همجنس لفظن ’ڪشش- ڪوشش‘ ۾ پوئين لفظ جي وچ ۾ ’و‘ جو اضافو ڏيکاريل آهي.)

?  ٻئي لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ اضافو

”آئين اڪبري آهي، هڪڙ عجب ڪتاب،

اڪبر جي وفات جو آهي آئينو بيحجاب.“

(ان شعر ۾ همجنس لفظن ’آئين- آئينو‘ ۾ پوئين لفظ جي آخر ۾ ’و‘ جو اضافو ڏيکاريل آهي.) (قليچ، 2016: 94- 95)

مرزا قليچ بيگ پنھنجي تشريح ۾ جيڪي شروعاتي مثال ڏنا آهن، تن مان ٻه مثال ڄاڻايا ويا آهن، سي حقيقت ۾ ’تجنيس مڪرر‘ جا مثال آهن، ڇاڪاڻ ته لازمي ناهي ته ’تجنيس مڪرر‘ جو هنڌ صرف قافيا ئي ٿي سگهي ٿو.  تجنيس مڪرر ۾ هڪ لفظ مان اڳيان، وچيان يا پويان، اکر يا پد ڪٽي ٻيو همجنس لفظ بيھاريو ويندو آهي. ’موجود- وجود- جود‘ ۾ ائين ئي ڪيل آهي، ’موجود‘ مان اڳيون اکر ڪٽي، ’وجود‘ ۽ وري ان مان ’و‘ ڪٽي ’جود‘ رکيل آهي، ان لحاظ کان ان کي تجنيس مڪرر جو مثال سمجهيو ويندو، نه ڪي تجنيس زائد جو!

ظفر عباسيءَ جي ڄاڻايل وصف پڻ مرزا قليچ بيگ تان ئي کنيل آهي، البت چئن مثالن مان ٻه مثال نرالا ڏنا اٿس. صاحب موصوف لکي ٿو : ”جڏهن ٻه لفظ (هڪ جنس جا حرفن ۽ حرڪتن ۾) هڪجھڙا هجن، پر هڪڙي ۾ ٻئي کان هڪ حرف وڌيڪ هجي منڍ ۾ يا وچ ۾ يا پڇاڙيءَ ۾ ته ان کي تجنيس زائد چئبو آهي. مثال:

رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪرڪي ڪونج،

نعرو منجهه نڪونج، اي تان آهه عشق جي.

(شاهه- سر معذوري)

آئون نه گڏي پرينءَ کي، پويون ٿيو پساهه،

شال م وڃيم ساهه، ڌاران پسڻ پرينءَ جي.

(شاهه- سر معذوري)“ 

(ظفر، 2007: 412)

پھرئين مثال ۾ ’ڪونج- نڪونج‘ ۾ ٻئي لفظ جي اڳيان اضافو آهي، جڏهن ته ٻئين مثال ۾ ’پساهه- ساهه‘ لفظن ۾ اڳئين لفظ ۾ اڳيان اضافو آهي. يعني هنن وٽ اهو طئي ٿيل ناهي ته ’تجنيس زائد‘ جو جيڪو اضافو ٿيندو، اهو اڳئين لفظ ۾ ٿيندو يا پوئين لفظ ۾! حالانڪ ’تجنيس زائد جي دائري هيٺ پھريون مثال مناسب آهي، جڏهن ته ٻيو مثال تجنيس مڪرر جو چئي سگهجي ٿو.

شيخ محمد ابراهيم خليل ’تجنيس زائد‘ بابت لکيو آهي : ”هم شڪل لفظن ۾ ٻئي لفظ کان هڪ حرف وڌيڪ هوندو آهي ۽ ٻئي ۾ گهٽ. اهي حرف يا اڳيان هجن يا وچ ۾ يا پٺيان.

1.                   

جانان ڪڏهن ته ناز منجهان ڪيئن نھارجي،

 

ماڻي سان هاڻ ڪيئن نماڻي کي مارجي.

 

(ماڻي ۽ نماڻي ۾ نون اڳيان زائد آهي.)

2.                  

تنھنجي زلفن جو آهيان سودائي،

 

خال جو مون کي نت خيال آهي.

 

(خال ۽ خيال ۾ ’ي‘ وچ ۾ وڌيڪ آهي.)

3.                  

مون سان پيمانه جو تو اقرار ڪيو،

 

ساقيا سو پنھنجو پيمان يا ڪر.

(پيمانه ۽ پيمان ۾ ’هه‘ پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ آيل آهي.)“ (خليل، 1983: 54)

شيخ محمد ابراهيم خليل جيڪي ٽي مثال ڏنا آهن، تن مان ٻه مثال ته بيشڪ تز آهن، ڇاڪاڻ ته ’ماڻي- نماڻي‘ ۽ ’خال- خيال‘ لفظن مان آخري جوڙ وارن لفظن ۾ اضافو آهي؛ ليڪن آخري مثال ۾ ’زائد‘ وارو اکر اڳئين لفظ ۾ آهي، آخري ۾ ناهي، ان چال کي زائد نه پر  مڪرر چئي سگهجي ٿو. خاص طور مرزا قليچ بيگ ۽ شيخ ابراهيم خليل جن جي وصفن ۾ اهو طئي ٿيل ئي ناهي ته ’زائد‘ وارو اضافو پھرئين لفظ ۾ ٿيندو يا آخري لفظ ۾!

·       تجنيس زائد جو اشتقاق

’فيروز اللغات عربي- اردو‘ جي مدد سان تجنيس زائد جو اشتقاق هيٺين ريت بيھندو:

تجنيس زائد: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + زائد- اسم فاعل (زَادَ = هن وڌايو) وڌائڻ- وڌيڪ ڪرڻ- وڌيڪ بيان ڪرڻ] صنايع بدايع موجب ڪنھن شعر جي همجنس لفظن يا قافين مان آخري ۽ ماقبل آخر (Second last) همجنس لفظن جو اهڙو دهراءَ ٿيڻ جو ٻئي لفظ ۾ پد (Syllable) يا صرفيو (Morpheme) وڌيڪ ڪم آندل هجي، جيئن:

سڄڻ، صحبت سوا تنھنجي، نه ساعت مون سَري وسري،

ڪندين ديدار ۾ ديرون، ته زخميل منجهه ذري گذري.

(ڪليات 2: 544)

·       تجنيس زائد ۽ مذيل ۾ فرق ۽ هڪجھڙائي

تجنيس زائد ۾ جيئن ته  ٻن لفظن مان ٻئي لفظ جي شروع، وچ يا آخر ۾ هڪ اکر/ آواز يا پد جو اضافو ٿيندو آهي، جڏهن ته مذيل جي صرف آخر ۾ هڪ اکر/ آواز يا پد جو اضافو ٿيندو آهي. ان نسبت هيٺيون فرق  ۽ هڪجھڙائي نوٽ ڪري سگهجي ٿي:

زائد ۽ مذيل ۾ فرق:

سڄڻ، صحبت سوا تنھنجي، نه ساعت مون سَري وسري،

ڪندين ديدار ۾ ديرون، ته زخميل منجهه ذري گذري.

(ڪليات 2: 544)

ڄاڻايل شعر تجنيس زائد جو آهي، جنھن ۾ ٻئي لفظ جي منڍ ۾ اکر جو اضافو ڏيکاريل آهي.

وڻن ٿا ويڻَ ويڻن ۾، سدا خوش سيڻ سيڻن ۾،

اڙايم نيڻ نيڻن ۾، نه سِر ناڻي نقد حيرت.

(ڪليات 2: 132)

ڄاڻايل شعر ۾ ’ويڻ- ويڻن‘، ’سيڻ- سيڻن‘ ۽ ’نيڻ- نيڻن‘ وارا مثال تجنيس مذيل جا آهن، ساڳئي وقت زائد جو به چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻئي لفظ جي آخر ۾ اکر جو اضافو ڄاڻايل آهي. مٿي ڄاڻايل ’سري- وسري‘ وارو مثال صرف زائد جو ئي چئي سگهجي ٿو، ان نسبت ٻنهي تجنيسن ۾ فرق آهي.

زائد ۽ مذيل ۾ هڪجھڙائي:

تنھنجي جَلوَن کان جسم ۾، جهور جهوران ٿِي پَوي،

قلب ۾ ڪُنڍڙين اکين جِي، ڪور ڪوران ٿي پَوي.

(ڪليات 2: 579)

تجنيس زائد جي ڀيٽ وارن لفظن مان ٻئي لفظ ۾ ته ڪنھن به هنڌ (شروع، وچ  يا آخر ۾) اضافو ٿي سگهي ٿو؛ ان نسبت ’جهور- جهوران‘ جي آخر ۾ ’آن‘ گهُڻي سُر آوازَ/ ’ان‘ اکرن جو اضافو ڏيکاريل آهي. ساڳئي نموني مذيل جي به آخر ۾ اکر/ اکرن جو اضافو  ٿيندو آهي، جيئن:

ڪيَم دلبر به دلبر ڪھڙو، دلبر دلبرن ۾ مُک،

کنيم گوهر به گوهر ڪھڙو، گوهر گوهرن ۾ مُک.

(ڪليات 2: 327)

مٿيون شعر تجنيس مذيل جو مثال آهي، ليڪن ان کي ’تجنيس زائد‘ جي دائري ۾ به تصور ڪري سگهجي ٿو. ان خيال کان ’زائد ۽ مذيل‘ ۾ هڪجھڙائي آهي.

·       تجنيس زائد ۽ مڪرر ۾ فرق

تجنيس زائد ۽ مڪرر جو اڪثر هنڌ قافيو ٿئي ٿو. انهن ٻنهي تجنيسن ۾ قافيو، ٻٽي صورت ۾ ڪم ايندو آهي ۽  هڪ لفظ ٻئي لفظ جو حصو هوندو آهي. قافيي جي ٻٽي هجڻ جي صورت ۾ زائد ۽ مڪرر جا هنڌ اڳتي پوئتي ٿيندا آهن. جيڪڏهن ٻٽي قافيي ۾ اڳيون لفظ، پد يا اکر/ اکرن جي  صورت ۾ وڌيڪ هوندو ته اها تجنيس مڪرر سڏبي، پر جيڪڏهن ٻٽي قافيي جي صورت ۾ پويون لفظ وڌيڪ هوندو  ته ان کي تجنيس زائد ڪوٺبو؛ جيئن:

تجنيس مڪرر جو مثال:

غَرض گهڻين ڳالهين سان، ڇا سندم ڪامل قريب،

عرض آهم، ٿي مَ ’احمد‘ کان سدا آڌارَ، ڌار.

(ڪليات 2: 244)

ان قسم جي شعر  ۾ ’آڌارَ- ڌار‘ قافيا هڪٻئي مان جڙيل آهن. پھرئين اکر ۾ ’آ‘ جو اضافو آهي ۽ آخري اڳئين لفظ جو پويون حصو آهي.

تجنيس زائد جو مثال: (قافين جي اڳتي پوئتي مٽا سٽا ڪرڻ سان)

غَرض گهڻين ڳالهين سان، ڇا سندم ڪامل قريب،

عرض آهم، ٿي مَ ’احمد‘ کان سدا ڌار آڌارَ.

ان قسم جي شعر ۾ ’ڌار- آڌار‘ قافيا جعلي (هٿرادو) رکيا ويا آهن. پھرئين لفظ ’ڌار‘ ۾ ’آ‘ جو اضافو ڪري آخر ۾ رکيو ويو آهي. ان قسم جي بيھڪ لاءِ ’تجنيس زائد‘ ڪم آندو ويو آهي، جو آخري لفظ ۾ هڪ پد جو اضافو ڪري ’زائد‘ بڻايو ويو آهي.

يعني ٻن هم قافيا لفظن ۾ آخري لفظ ۾ اضافو ڪرڻ سان ’تجنيس زائد‘ سڏجي ٿي، پر  جيڪڏهن اهي ئي لفظ اڳتي پوئتي ڪري رکبا ته تجنيس مڪرر سڏبي. يعني ٻن همجنس لفظن مان پھرئين لفظ ۾ اکر يا اکرن جي اضافي کي ’تجنيس مڪرر‘ جي چال سڏبي ۽ ٻن همجنس لفظن مان ٻئي لفظ ۾ اکر جي اضافي کي ’تجنيس زائد‘ سڏبي؛ اهو اضافو لفظ جي اڳيان، وچيان يا پويان ٿي سگهي ٿو.

·       تجنيس زائد ۽ مڪرر ۾ هڪجھڙائي

جيئن ته هي ٻئي تجنيسون همجنس لفظن تي مشتمل رهن ٿيون، ان سبب انهن ۾ هڪجھڙائي آهي. ساڳين لفظن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ سان تجنيسن جو فرق رهي ٿو. هن ۾ ٻه لفظ ساڳي صورت ۾ رکي، صرف هڪ لفظ ۾ ٻئي جي نسبت اکرَ/ پد اضافي رکيا ويندا آهن. يعني اکرن/ آوازن نسبت هڪٻئي جو حصو ٿين ٿا، جيئن: ’وار- نروار‘، ’يار- هوشيار ‘، ’ڪار- انڪار‘، ’مار- بيمار‘، ’چار- آچار‘، ’خوار- غمخوار‘، ’تار- مختار ‘ ۽ ’ ڌار- آڌار‘ وغيره.

·       تجنيس زائد جو هنڌ ۽ قسم

صنايع بدايع جي خيال کان سنڌي شاعريءَ ۾ تجنيس زائد جا مثال اڪثر قافين ۾ نوٽ ڪيا ويا آهن. تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه سڏجڻ نسبت، اها مولوي احمد ملاح جي اضافي حرفت آهي جو صاحب موصوف انهن کي نمايان صورت ۾ رکڻ ڪارڻ قافين کان هٽي ڪري به استعمال ڪيو آهي. اهڙو ترڪيبي انداز ۽ مختلف صورتن ۾ آڻڻ، مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ جهجهو ڏسڻ ۾ ايندو. اهو لازمي ناهي ته اهڙي تجنيس مڪرر يا زائد صرف قافيي ۾ ئي استعمال ڪري سگهجي ٿي، بلڪ اها شعر جي ڪنھن به هڪ سٽر ۾ ڪنھن به جڳھه تي ٿي سگهي ٿي، جيئن:

·       منڍ ۾ اکر جو اضافو

رتُ رُوان ڏينھن رات، مَنَ، ڪنھن ريت رهجي پَت پريت،

ڪيا پسائي پارچا اڄ، پنبڻين پرڀات ڀَت.

(ڪليات 2: 119)

’ريت- پريت‘ تجنيس زائد جو مثال آهي. ساڳئي شعر ۾ ’رت- رات‘ پڻ زائد چئبو.

ڪات جيئن تنھنجا ڪرشما، قلب تان ڪورين ماس،

وار ڪوڙي کي وَڪوڙي، وَر اَرڙ وارا ڏنا.

(ڪليات 2: 386)

’ڪوڙي- وڪوڙي‘ تجنيس زائد جو منڍ وارو مثال آهي.

پھتا پَلڪ، طُوبى تَلڪ، گهميا فَلڪ، مُلڪ و مَلڪ،

بَر بَحر لَڪ جَلوا جهَلڪ، چوڏس بَلڪ چمڪار آهه.

(ڪليات 2: 501)

’لَڪ- جهَلڪ‘ تجنيس زائد جو منڍ وارو مثال آهي. ان کان علاوه ’بر- بحر‘ وچ وارو ’زائد‘ جو مثال آهي.

·       وچ ۾ اکر جو اضافو

جَلايم جيءُ جتن جوتن، هنيَم ٿر بر، به بُوءِ بوتن،

هُلاچا هُل سندا هوتن، اڃا ڪنھن ماڳ مَھنديرا.

(ڪليات 2: 59)

’جتن- جوتن‘ جي آخري لفظ جي وچ ۾ ’و‘ جو اضافو آهي، ان کي تجنيس زائد جو مثال چئبو.

ڇڏ شرڪ جو شر شور تون، وحدانيت سين وور تون،

ڏاتر ڏهاڻي ڏور تون، ڪَر ياد هڪ يَزدان کي.

(ڪليات 1: 729)

’شر- شور‘ جي وچ ۾ ’و‘ جو اضافو آهي، ان لاءِ ان کي تجنيس زائد جو مثال سڏبو.

گلَ، گهٽي تنھنجي مٿي، ڀانيان ته ڪَر بيٺو رهان،

پَر چوَن خَر خام، ماريو خار، رَم رَم، رَم بَرم.

(ڪليات 2: 347)

’خر- خار‘ جي  وچ ۾ ’و‘ جو اضافو آهي، ان لاءِ ان کي تجنيس زائد جو مثال سڏبو.

خَر خَبر ڪَئي خَلق سان، ڀانيان ڀڄي ويو چور رات،

ديکيَم سو ڪينَ پَر، ڌَمڪار ڌَم ڌَم، ڌَم بَڌم.

(ڪليات 2: 347)

’خر- خبر‘ جي  وچ ۾ ’و‘ جو اضافو آهي، ان لاءِ ان کي تجنيس زائد جو مثال سڏبو.

قَديمن جو قدر وڌيو قدم سان،

ڏيئي خدمت ڪيَئون ’خوش‘ خادم ’خويش‘.

(ڪليات 1: 304)

’خوش- خويش‘ جي وچ ۾ ’ي‘ جو اضافو آهي، ان کي تجنيس زائد جو مثال ڪوٺبو.

ڪينَ مارڻ کان مُڙي اک، صُلح جي ڏيندي صلاح،

ڪَر قلعي جا قھر ڪوڏيا، ڪوٽ خيبر تي بيٺا.

(ڪليات 2: 38)

’صلح- صلاح‘ جي آخري لفظ جي وچ ۾ ’ا‘ جو اضافو آهي، ان کي تجنيس زائد جو مثال سڏبو.

ڪالهه قبرن وٽ چيَم، اڄ قرب ڪريو ڪو قريبَ،

چي، اَٿئي ٿي دل ديواني، ڏينھن سي آيا ويا.

(ڪليات 2: 99)

’قرب- قريب‘ وچ ۾ ’ي‘ اکر جي اضافي سبب، تجنيس زائد جو مثال سڏبس.

جيئن ڪڪر ڪارو بيھي، ڏيئي ڪنارو چنڊ قمر،

زُلف مشڪي تيئن محب جي، منھن مُنوَر تي بيٺا.

(ڪليات 2: 38)

’ڪارو- ڪنارو‘ وچ ۾ ’ن‘ اکر جي اضافي سبب، تجنيس زائد جو مثال سڏبس.

سالڪو، ساري سَدا، صاحب سَڌر کي سڏ ڪجا،

مُلڪ جي مالڪ مقدس، مقتدر کي سڏ ڪجا.

(ڪليات 2: 39)

’مُلڪ- مالڪ‘ وچ ۾ ’الفَ‘ جي اضافي سبب، تجنيس زائد جو مثال سڏبس.

·       پڇاڙيءَ ۾ اکر جو اضافو

تنھنجي دَرسن واسطي، دلبرَ ديوانو آهيان،

ناز نيڻن لاءِ نازڪَ، نت نرانو آهيان.

(ڪليات 2: 308)

’ناز- نازڪ‘ جي آخري لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ’ڪ‘ جو اضافو آهي، جيڪو تجنيس زائد جو مثال چئبو.

ويَن پاڻ وسري، نه وسرين تون،

نه ويرم وسارين اي دلربا.

(ڪليات 2: 34)

’وسري- وسرين‘ جي آخري لفظ جي آخر ۾ ’ن گهُڻي‘ جي اضافي سبب، تجنيس زائد جو مثال سڏبو. ساڳي طرح ’وسرين- وسارين‘ جي آخري لفظ جي وچ ۾ ’الف/ ڊگهو سُر‘ جو اضافو پڻ تجنيس زائد جو مثال آهي. يعني ’وسري- وسرين- وسارين‘ ۾ ترتيب سان حرف جي اضافي سبب ان تجنيس جا مثال سڏي سگهبا.

ويرَ، ڪنھن ويرم ڏيان، ٻئي کي ڇنڻ، وس ۾ نه وار،

پر اها پَر عام سين، اڱ اڱ اُکوڙين تون ڀَلين.

(ڪليات 2: 443)

’وير- ويرم‘ جي آخري لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ’م‘ جو اضافو آهي، اهو تجنيس زائد جو مثال سڏبو.

·       ٻٽي قافيي نسبت  ٻئي لفظ جي اڳيان اضافو

هتي تجنيس زائد جي پيراميٽر هيٺ مولوي صاحب جو هڪ غزل خيال خاطر رکجي ٿو، جنھن جي قافين ۾ ٻئي لفظ جي اڳيان اضافو ڏيکاريل آهي:

سڄڻ، صحبت سوا تنھنجي، نه ساعت مون سَري وسري،

ڪندين ديدار ۾ ديرون، ته زخميل منجهه ذري گذري.

بدن بيمار، سَنڌ سَنڌ سُور، پل پل منھن پسڻ جا پُور،

وجهين ٿو ڏينھن جيئن جيئن ڏور، تيئن تيئن ڏک ٻَري ڏُٻري،

ٻه اکيون مرگهه متوالا، بلا جيئن وار، بت بالا،

ڀرون ڀرپور ڪر ڀالا، هَنيا ڀَر مان ڀري سَڀري.

پريشان حال مسڪينَم، بمُشڪِين خال تسڪينَم،

نه نسخن مان نفعا ٿينَم، ڀلين ڏينَم ڏري ڦڏري.

نھوڙي نينھن نت نيندو، خبر ڪو خير جي ڏيندو،

قبوليت ۾ ڪڏهن ايندو، عرض آسيَن ڀَري اَڀري.

لڳي حورن ۾ حيراني، پريَن ۾ پئي پريشاني،

جڏهن منھنجو جڙيل جاني، ڪجل ڪاني ڪري نِڪري.

پسڻ ري پاڪ پيشاني، وڌي پل پل پريشاني،

جهڄي جيئڙو جيين جاني، نڪا ماني مَري نِمري.

پرين لايم پريشاني، اٿڻ ’احمد‘ نه آساني،

اچي جيئري جڏهن جاني، هنيين تي هٿ ڌري سُڌري.

(ڪليات 2: 544)

مٿئين غزل جي قافين ۾ مولوي صاحب ’تجنيس زائد‘ جي لفظي ترڪيب جا جيڪي مثال رکيا آهن، سي هن ريت آهن: سَري- وسري (پوئين لفظ ۾ ’و‘ وڌيڪ)، ذري- گذري (پوئين لفظ ۾ ’گ‘ وڌيڪ)، ٻري- ڏُٻري (پوئين لفظ ۾ ’ڏ‘ وڌيڪ)، ڀري- سَڀري (پوئين لفظ ۾ ’س‘ وڌيڪ)، ڏري- ڦڏري (پوئين لفظ ۾ ’ڦ‘ وڌيڪ)، ڀَري- اَڀري (پوئين لفظ ۾ ’ا‘ وڌيڪ)، ڪري- نِڪري (پوئين لفظ ۾ ’ن‘ وڌيڪ)، مَري- نِمري (پوئين لفظ ۾ ’ن‘ وڌيڪ) ۽ ڌري- سُڌري (پوئين لفظ ۾ ’س‘ وڌيڪ).

مٿئين غزل ۾ ٻوليءَ جي معنوي استعمال کان درڪنار، مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ لفظي ترڪيب جا اهڙا ڪيئي مثال ملن ٿا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن فقير منش جي شاعريءَ تي اهڙن پيراميٽرن تي ڪم ٿيڻ گهرجي.

·                   ٻٽي قافيي نسبت  ٻئي لفظ جي وچ ۾ اضافو

هتي تجنيس زائد جي پيراميٽر هيٺ مولوي صاحب جو هڪ غزل خيال خاطر رکجي ٿو، جنھن جي قافين ۾ ٻئي لفظ جي وچ ۾ اضافو ڏيکاريل آهي:

پَکيَن لاتيون وري لايون، ٻُڌم لالڻَ، لَلا لالا،

گهميو گلزار ۾ گل ڦل، کڻن ٿا لال، لا لالا.

جڏهن ڪاڪُل ڪلهن لاهن، ته ڪوڙين قيد ۾ ڪاهن،

اکيون آهُن مثل آهن، ڀِرُون بڻڇيون ڀَلا ڀالا.

محبت شل مَ ٿئي ماٺي، وَٺي وئين دل ڏٺي واٺي،

ڪشادا وار، قد ڪاٺي، برابر ٻَئي بلا بالا.

وجهن وَڍ ساڻ ويڻن مون، نه ڪوڏي ڪھل ڪيڻن مون،

نھارج پَلڪ نيڻن مون، اڃا ڇا کئون الا آلا.

ڪڪر ڪارون ڪري آيا، ڀنا بادل، ڀَري آيا،

پَلر پَلٽي پري آيا، ٽٻا ٽُٻ اڄ ٽَلا ٽالا.

ڇَنون ڇانڇر، ڇپر ڇوليون، ٻَھون ڪن ٻاٻيھل ٻوليون،

ليارن ۾ لڳن لوليون، وڻن ۾ وَلولا والا.

جنين محبت ري منھن مَکيا، چُھاڪا تن جڏهن چَکيا،

انهن ڀڄندي ڀڃي رکيا، ٺڪر ٺوٻر ٿَلا ٿالا.

رهاڻين کان ٿَڪم روڪي، ڏٺو دل دوست کي ڌوڪي،

ٽياڪر ڇو اڃا ٽوڪي، جهَليندا ڪي دَلا دالا.

سِڪي ’احمد‘ عجيبن کي، تَڙي ڪڍيم طبيبن کي،

نه هوءِ حب حبيبن کي، ته ڇم ڇم هيءَ ڇَلا ڇالا.

(ڪليات 2: 69)

مٿئين غزل جي قافين ۾ مولوي صاحب ’تجنيس زائد‘ جي حوالي سان ٻن لفظن مان ٻئي لفظ جي وچ ۾ ’الف مد‘ يعني /آ/ ڊگهي سُر جو اضافو ڪيو آهي. قافين جون اهڙيون نراليون ترڪيبون ڪم آڻڻ، مولوي صاحب جو نرالو مزاج رهيو آهي.  ٻٽي قافيي مان ٻئي لفظ جي وچ ۾’الف‘ جو اضافو هن ريت آهي: ’للا- لالا‘ (هن ۾ پھرئين لفظ ’للا‘ جي پھرئين اکر ’ل‘ کان پوءِ ’الف مد‘ جو اضافو ڪري ’لالا‘ بيھاريو ويو آهي. ائين ئي ٻيا:  ’لال+لا لالا‘، ’ڀلا- ڀالا‘، ’بلا- بالا‘، ’الا- آلا‘، ’ٽلا- ٽالا‘، ’ول+وَلا- والا‘، ’ٿلا- ٿالا‘، ’دلا- دالا‘ ۽ ’ڇلا- ڇالا‘.

·       ٻٽي قافيي نسبت  ٻئي لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ اضافو

هتي تجنيس زائد جي پيراميٽر هيٺ مولوي صاحب جو هڪ غزل خيال خاطر رکجي ٿو، جنھن جي قافين ۾ ٻئي لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ اضافو ڏيکاريل آهي:

تنھنجي جَلوَن کان جسم ۾، جهور جهوران ٿِي پَوي،

قلب ۾ ڪُنڍڙين اکين جِي، ڪور ڪوران ٿي پَوي.

سَير تي سينگارجي، چڙهيو سڄڻ سج جي مثال،

گنج گوهر جي گَسن تي، گهور گهوران ٿي پَوي.

بُت بچايان ڪيئن ڀَلا، وارَن ڀنڀن ڪئي بند دل،

ٻيو ٿيا تارا تراريون، تور توران ٿي پَوي.

ڪَن گهڻا کاڌام قاضيَن، پر قبوليان ڪيئن ڪري،

حسن وارن جي هنئين ۾، هور هوران ٿي پَوي.

شھر تنھنجي جو ٿيان ڪيئن تو سَوا سھڻا، سُونھون،

درد دُوريءَ کان مٿي ۾، دَور دَوران ٿي پَوي.

آئون اُٿي آڌيءَ، عجيبن سان اندر جون اوريان،

بدسُلوڪن ۾ ڀتر جي، ڀور ڀوران ٿي پَوي.

هوت حاصل مانَ، ٿئي، جنھن لاءِ هاڙهو، حَب هڻان،

ڏيھه ڏونگر ۾ ڏهاڻي، ڏور ڏوران ٿي پَوي.

مون نه مرضيءَ سان مٿو، ماريءَ اڳيان مَنڊيو مگر،

زُلف جي زنجير ۾ دل، زور زوران ٿي پَوي.

اڄ جو اڄ ’احمد‘ گهراءِ، ترت ترياق عراق،

نانگ جي ڦڻ کي ڦڻيءَ سان، ڦور ڦوران ٿي پَوي.

(ڪليات 2: 579)

مٿئين غزل جي قافين ۾ مولوي صاحب ’تجنيس زائد‘ جي لفظي ترڪيب ۾ ’جهور- جهوران‘ وغيره جي ٻئي لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ /آن/ نڪوين سُر آواز يعني ’الف ۽ نون گهُڻي‘ جو اضافو ڪيل آهي. اهڙا ٻيا قافيا: ’ڪور- ڪورآن‘، ’گهور- گهوران‘، ’تور- توران‘، ’هور- هوران‘، ’دَور- دَوران‘، ’ڀور- ڀوران‘، ’ڏور- ڏوران‘، ’زور- زوران‘ ۽ ’ڦور- ڦوران‘ ڪم آيل آهن.

·       ٽه- قافيي نسبت  پھرئين جي پڇاڙي ۽ ٻئين جي وچ ۾ اضافو

هتي تجنيس زائد جي پيراميٽر هيٺ مولوي صاحب جو هڪ غزل خيال خاطر رکجي ٿو، جنھن جو آخري قافيو، اڳين قافين نسبت پھرئين جي پڇاڙي ۽ ٻئين جي وچ ۾ اضافو ڏيکاريل آهي:

گهور گهورُون جي به گهورين، گهوريو گهوريندو وَت،

ڦور ڦُل جيڪي به ڦورين، ڦوريو ڦوريندو وَت.

مرحبا، محبوب آيو، هر محلي محفلون،

اور جو احوال اورين، اوريو اوريندو وَت.

ڪوهه ديسيون دُور ڳولين؟ دوست دلبر دل اندر،

ڏُور سمجهيو ڏيھه ڏورين، ڏوريو ڏوريندو وَت.

ڪنھن به مِھڻي تي نه مَن مُھڻو مٽي، مُنھڙو مدام،

ڀَل ڀتر بدخواههَ ڀورين، ڀوريو ڀوريندو وَت.

برهه خود بَروو بنايس، بت بچائي ڇا ڪريان،

مَر ڪلهن تان ماس ڪورين، ڪوريو ڪوريندو وَت.

هٿ حياتيءَ تان کنيو مون، حسن ڏسندي هوش گم،

تون تراريون، تير تورين، توريو توريندو وَت.

تنھنجو توسان آهه، تنھن هوندي به تون، تو کان پري،

جيءُ جهڄڻ جهوريءَ ۾ جهورين، جهوريو جهوريندو وَت.

ڄاڻ وهراڙو وهاڻيان اڳ وڪوڙي واٽ تي،

چست چانگي چور، چورين، چوريو چوريندو وَت.

دير جيئن جيئن خير تيئن، ’احمد‘ اوَس ايندا عجيب،

وَر سويرا سير سورين، سوريو سوريندو وَت.

(ڪليات 2: 144)

مٿئين غزل جي قافين ۾ مولوي صاحب ’تجنيس زائد‘ جي لفظي ترڪيب ۾’گهورين، گهوريو گهوريندو‘ ۾ ٽئي قافيا، هڪٻئي مان جڙيل، ڪم آندا آهن. پھرئين قافيي ’گهورين‘ جي پڇاڙيءَ ۾ ’دو‘ جو اضافو آڻي ’گهورينـ- دو‘ ڪري رکيو آهي، جڏهن ته ٻئي قافيي ’گهوريو‘ جي وچ ۾ ’ند‘ (نون گهُڻي  ۽ دال) جو اضافو ڪري ’گهوريـ- ند- و‘ ڪم آندو آهي. ان خيال کان اهو چئي سگهجي ٿو ته آخري قافيو، پھرئين جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ ٻئين قافيي جي وچ ۾ اضافو آڻي ڪم آندو ويو آهي. اهڙا ٻيا قافيا هن ريت آهن:  ’ڦورين، ڦوريو ڦوريندو‘، ’اورين، اوريو اوريندو‘، ’ڏورين، ڏوريو ڏوريندو‘، ’ڀورين، ڀوريو ڀوريندو‘، ’ڪورين، ڪوريو ڪوريندو‘، ’تورين، توريو توريندو‘، ’جهورين، جهوريو جهوريندو‘، ’چورين، چوريو چوريندو‘ ۽ ’سورين، سوريو سوريندو‘.

·       حاصل مطلب/ نتيجو

صنايع بدايع  جي پيراميٽرن تي مولوي احمد ملاح جي شاعري ايتري ته پختي رهي آهي، جو ڪو ٻيو شاعر هن جي جوڙ جيس جو ڪونهي. هن کان اڳ تجنيس مڪرر جي پيراميٽرن تي مولوي صاحب جي شاعري جاچي وئي. هتي ان جي ابتڙ تجنيس زائد جو جائزو ورتو ويو، جيڪو نڪتن ۾ هيٺين ريت رکجي ٿو:

?  تجنيس زائد، تجنيس مڪرر جي بلڪل ابتڙ ٿئي ٿي. يعني جيڪي لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ اچن ٿا، سي ٻنهي ۾ اڳتي پوئتي ڪري ڪم آندا وڃن ٿا، جيئن:

§       تجنيس مڪرر: سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار...

§       تجنيس زائد: سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين وار نروار...

?              صنايع بدايع موجب ڪنھن شعر جي ٻٽن قافين مان آخري ۽ ماقبل آخر (Second last) قافين ۾ لفظن جو اهڙو دهراءَ ٿيڻ جو پوئين قافيي ۾ پد (Syllable) يا صرفيو (Morpheme) وڌيڪ ڪم آندل هجي، جيئن:

§       سڄڻ، صحبت سوا تنھنجي، نه ساعت مون سَري وسري،

§       ڪندين ديدار ۾ ديرون، ته زخميل منجهه ذري گذري.

?  تجنيس زائد، شعر جي قافين کان علاوه ڪنھن به هنڌ استعمال ٿي سگهي ٿو، جيئن:

§       رتُ رُوان ڏينھن رات، مَنَ، ڪنھن ريت رهجي پَت پريت، ڪيا پسائي پارچا اڄ، پنبڻين پرڀات ڀَت... (هن سٽر ۾ ’ريت- پريت‘ تجنيس زائد جو مثال آهي.)

?  تجنيس زائد، تجنيس مذيل سان مشابھت رکي ٿي، فرق صرف اهو آهي ته تجنيس مذيل جي ٻن لفظن جي ڀيٽ جي حالت ۾ صرف لفظ جي آخر ۾ اکر/ اکرن جو اضافو  ٿئي ٿو، جڏهن ته تجنيس زائد ۾ ٻئي لفظ جي اڳيان، وچ  ۽ پڇاڙيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو.

?  تجنيس زائد جي ٻن هم قافيا لفظن ۾ ٻئي لفظ ۾ اضافو رهندو آهي، جڏهن ته تجنيس مذيل ۾ به ٻن هم قافيه  لفظن جو اضافو رهندو آهي، ان خيال کان ڪنھن حد تي هڪجھڙائي ته آهي، ليڪن فرق اهو آهي ته ’تجنيس زائد‘، مذيل جي ڀيٽ ۾ وسيع آهي ۽ ’تجنيس مڪرر‘ جي ابتڙ بيھي ٿي، جنھن ۾ لفظن جو هنڌ الٽ پلٽ رهي ٿو.

?  مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس زائد جا ٽي قسم ملن ٿا. هن کان اڳ سنڌي ادب ۾ اهڙن شعر تي طبع آزمائي نه ڪئي وئي آهي. مولوي صاحب، خاص طور قافين ۾، تجنيس زائد جي جن قسمن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، سي هن ريت آهن:

§       ٻٽي قافيي جي ٻئي لفظ اڳيان اضافو:

سڄڻ، صحبت سوا تنھنجي، نه ساعت مون سَري وسري،

ڪندين ديدار ۾ ديرون، ته زخميل منجهه ذري گذري.

§       ٻٽي قافيي جي ٻئي لفظ جي وچ ۾ اضافو:

پَکيَن لاتيون وري لايون، ٻُڌم لالڻَ، لَلا لالا،

گهميو گلزار ۾ گل ڦل، کڻن ٿا لال، لا لالا.

§       ٻٽي قافيي جي ٻئي لفظ جي آخر ۾ اضافو:

تنھنجي جَلوَن کان جسم ۾، جهور جهوران ٿِي پَوي،

قلب ۾ ڪُنڍڙين اکين جِي، ڪور ڪوران ٿي پَوي.

 

 

 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مَذِيل‘ جو جائزو

(A Study of Consonance Alliteration’ in Molvi Ahmed Mallah’s Poetry)

 

·       اڀياس جو پس منظر

سنڌي ٻوليءَ جي محافظ، مولوي احمد ملاح جي شاعري، تجنيس حرفيءَ جو اعلى نمونو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مولوي صاحب کي تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه ڪوٺيو ويندو آهي. تجنيس حرفي هڪ جامع دائرو آهي يا ائين کڻي چئجي ته ’تجنيس حرفي‘ هڪ اهڙي ڇٽي آهي، جنھن جي هيٺان ڪافي تجنيسون اچي ٿيون وڃن، مثال طور: تجنيس مُطرَف، تجنيس تام، تجنيس ناقص، تجنيس مضارع، تجنيس مرڪب، تجنيس مَذِيل وغيره. ايترو ضرور آهي ته هرهڪ جو دائرو الڳ متعيّن ڪيل آهي.

مولوي صاحب جي شاعريءَ جو مزاج ئي تجنيس حرفيءَ جو آهي، ان ڪارڻ ان جي شاعريءَ ۾ ٻيون قريب تجنيسون نمايان رهن ٿيون. هن مضمون ۾ ’تجنيس مذيل‘ جو جائزو ورتو ويندو. تجنيس مَذِيل مان مراد اهڙن ٻن لفظن جي گهاڙيٽن جي ڀيٽ ڪئي ويندي آهي، جنھن جي ٻئي/ آخري لفظ جي آخر ۾ اڳئين لفظ کان هڪ يا ٻه اکر وڌيڪ هجن، جيئن: ساهه- ساهڙ وغيره.

·       اڀياس جا سوال

s تجنيس مذيل مان ڇا مراد آهي ۽  ان جي صورتخطي ڪھڙي آهي، مذيل يا مزيل؟

s ڇا تجنيس مذيل کي تجنيس حرفيءَ جو جز چئي سگهجي ٿو؟

s تجنيس مذيل ۽ تجنيس زائد ۾ ڪھڙو فرق ۽ هڪجھڙائي آهي؟

s تجنيس مذيل موجب ڀيٽ وارن لفظن جو آخري لفظ ڪيترن اکرن ۾ وڌيڪ هجي؟

s مولوي احمد جي شاعريءَ ۾ تجنيس مذيل جو مخصوص هنڌ ڪھڙو آهي؟

·       اڀياس جو عمل

تجنيس مذيل بابت عالمن جا رايا

جامع سنڌي لغات موجب: ”تجنيس مُزِيل: ث. شعر ۾ ٻن هڪ جھڙن لفظن مان هڪڙي جي پويان وڌيل اکر پيش ڪرڻ واري صنعت، ’ڪين بند ڪر تون خدايا! هن بنده جو روزگار.“ (بلوچ، 1981: 591)

جامع سنڌي لغات ۾ لفظ ’مُزِيل‘ جي اصطلاح کي جاچيو ويو، مثال بيشڪ مناسب آهي، ليڪن صورتخطيءَ ۾ درست ناهي. ان اصطلاح جي درست صورتخطي ’مَذيل‘ ئي آهي، جيڪا جامع سنڌي لغات تي نظر ثانيءَ دوران درستگي ٿيڻ گهرجي.

جامع سنڌي لغات ۾ ڄاڻايل لفظ: ’مُزِيل‘ جو بنياد ’زَال‘ آهي، جنھن جي معنى ’هليو وڃڻ‘، ’ڦري وڃڻ‘، ’الڳ ٿي وڃڻ‘ ۽ ’هلاڪ ٿي وڃڻ‘. (المُنجد، 448) ان کان علاه لفظ ’مُزِيل‘، ’فُعِيل‘ جي وزن تي بيھي ٿو، جيڪو مروج ناهي. ان ڪارڻ جامع سنڌي لغات جي علمي بنيادن تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي.

 شيخ محمد ابراهيم خليل ’تجنيس مذيل‘ بابت لکيو  آهي: ”تجنيس زايد جو هڪ قسم آهي. هڪجھڙن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ٻه حرف وڌيڪ هوندا آهن. ’جان جانان تا آءٌ نثار ڪريان، ان کان زياده ٻيو ڪو مال آهي‘. جان ۽ جانان ۾ ’ا‘ ’ن‘ وڌيڪ آهن.“ (خليل، 1983: 54)

شيخ خليل جيڪا اها ڳالهه ڄاڻائي آهي ته ’تجنيس مذيل، تجنيس زايد جو هڪ قسم آهي‘، سا ڪنھن حد تي مناسب آهي، ليڪن پوءِ به تجنيس مذيل جي الڳ سان هڪ سڃاڻپ آهي. البت صاحب موصوف جيئن حرفن کي محدود ڪندي چوي ٿو ته ’هڪجھڙن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ٻه حرف وڌيڪ هوندا آهن‘ سا مناسب ناهي؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن تجنيس مذيل مان مراد ئي ٻئي لفظ جي آخر ۾ واڌارو هجي، پوءِ اها هڪ حرف به ٿي سگهي ته وڌيڪ به!

·       تجنيس مَذِيل جو اشتقاق

المُنجد عربي- اردو جي مدد سان تجنيس مَذِيل جو اشتقاق هيٺين ريت رکجي ٿو:

تجنيس مَذِيل: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مَذِيل- }مُذَيَّل جي مفھوم ۾{ اسم مفعول (ذَالَ/ ذَيَّلَ = ڊگهو ٿيو، دامن وارو بڻيو، ڪتاب جي آخر ۾ ڪجهه وڌيو) آخر ۾ ڪجهه وڌائڻ] صنايع بدايع موجب اهڙا ٻه همجنس لفظ جن جا اڳيان اکر ساڳيا ۽ آخري لفظ جي آخر ۾ هڪ يا ٻه حرف وڌائي مستعمل لفظ ڪم آڻڻ، جيئن: کٽ- کٽل، ڀت- ڀتر وغيره.

ڄاڻايل تجنيس ۾ ٻئي لفظ جي آخر ۾ هڪ اکر جو اضافو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ليڪن ڪن ماهرن ٻن اکرن جو معيار پڻ ڄاڻايو آهي. ٻئي لفظ جي آخر ۾ هڪ يا ٻه اکر ته عام ٿي ويو، ليڪن مولوي صاحب وڌيڪ اکر به ڪم آندا آهن، جيئن:

گهُور گهُرجي گلبدن، گهوڙا، مُيَس تان گهوريَس،

موت ڪنھن موتي هٿان، خود موتيو ڦُل واهه جو.

(ڪليات 2: 462)

(مٿئين شعر  ۾ ’موت‘ ۾ هڪ اکر جي اضافي سان ’موتي‘ ۽  وري ’موتي‘ ۾ هڪ اکر جي اضافي سان ’موتيو‘ بيھاريل لفظ تجنيس مَذيل جو مثال آهي.)

·       آوازن ۽ اکرن سان الڳ، ڀيٽ واري جاچ

اها ڳالهه ذهن نشين هجڻ گهرجي ته آوازن ۽ اکرن جي حيثيت ۾ فرق ٿيندو آهي. سنڌي آئيويٽا جا اکر ته ٻاونجاهه ئي آهن ۽ انهن مان ٽي ’ا، و ۽ ي‘  حرف علت طور پڻ ڪم ايندا آهن. آوازن جي نسبت ’اَ، آ، اِ، اُ، اي، اِي، اَي، او، اُو، اَو‘ ڏهه سُر آواز (Vowels) ۽ ’اَن، آن، اِن، اُن، اين، اِين، اَين، اون، اُون، اَون‘ ڏهه نڪوان سُر آواز (Nasal Vowels) ٿيندا آهن. ٻنهي جي تڪ تور جا معيار الڳ آهن. مٿي ڄاڻايل مثال جي لفظن ’موتُ، موتِي، موتيو‘ کي آوازن ۽ اکرن جي نسبت الڳ ڇيد ڪري، جاچ ڪجي ٿي:

·       اکرن جي نسبت

?        موتُ = ٽي اکر: ’م، و ۽ ت‘.

?        موتي = چار اکر: ’م، و، ت ۽ ي‘

?        موتيو = ’پنج اکر: ’م، و، ت، ي ۽ و‘

پھرئين لفظ ۾ ٽي اکر، ٻئين لفظ ۾ چار اکر ۽ ٽئين لفظ ۾ پنج اکر، يعني لفظ ۾ اکر وڌائڻ (Progression) سان تجنيس مذيل عمل ۾ اچي ٿي.

·       آوازن جي نسبت

مَوتُ = چار آواز: ’م (وينجن) + اَو (دهرو سُر) + ت (وينجن) + اُ (ڇوٽو سُر).

موتِي =  چار آواز: ’م (وينجن)، او (ڊگهو وچٿرو سُر)، ت (وينجن) ۽ اِي (ڊگهو سُر)‘.

موتيو = پنج آواز:’م (وينجن)، او (ڊگهو وچٿرو سُر)، ت (وينجن)، ي (وينجن) ۽ او (ڊگهو وچٿرو سُر).

پھرئين لفظ ۾ چار آواز، ٻئين ۾ به چار آواز ۽ ٽئين ۾ پنج آواز (ياد رهي ته لفظ ’موتيو‘ ۾ ’ت‘ کي زير جو آواز نه ايندو، ڇاڪاڻ ته ’ت ۽ ي‘ گڏيل وينجن آهي)، يعني لفظ ۾ هڪ آواز وڌائڻ (Progression) وارو عمل مناسب نه ٿو بيھي.

اٿلاڻي: ٽن لفظن کي اکرن ۽ آوازن جي نسبت الڳ ڏٺو ويو، جنھن مان اهو واضح ٿيو ته تجنيس مذيل جي دائري ۾ آيل لفظن کي جڏهن اکرن ۽ آوازن جي نسبت ڏسجي ٿو ته ڪافي فرق محسوس ٿئي ٿو. اکرن جي پيراميٽر ۾ البت هڪ ترتيب رهي ٿي، يعني ٽن اکرن وارو لفظ، ٽن اکرن جي آخر ۾ هڪ اکر وڌائڻ سان چار اکرو لفظ، جڏهن ته ان چار اکري لفظ ۾ هڪ اکر وڌائي پنج اکري لفظ تي توڙ ڪيو ويو. پر جڏهن آوازن جي نسبت ڏسجي ٿو ته ان ۾ ڪا ترتيب نه ٿي جڙي، يعني چئن آوازن واري لفظ ۾ اکر وڌائڻ سان به چار آوازن وارو لفظ بيٺو، وري ان ۾ وڌائڻ سان پنجن آوازن وارو لفظ بيٺو. يعني اڪي ٻڌي يا ترتيبي شمار ۾ ڪابه ترتيب نه ٿي بيھي. ان مان واضح ٿئي ٿو ته هيءَ تجنيس گهڻي قدر اکرن/ حرفن جي پيراميٽر ۾ ڏٺي ويندي آهي.

·       تجنيس مذيل ۽ تجنيس حرفيءَ ۾ مماثلت

دراصل، تجنيس حرفي هڪ ڇٽيءَ مثل ڪاريگريءَ جو نالو آهي، جنھن هيٺ ڪيئي تجنيسون اچي ٿيون وڃن، جھڙوڪ: تجنيس تام، تجنيس ناقص، تجنيس مرڪب، تجنيس قلب، تجنيس مذيل وغيره. تجنيس حرفيءَ جي عام خاصيت اها آهي ته ڪنھن شعر جو تقريباً هر لفظ، ساڳئي اکر/ حرف سان شروع ٿيندو هجي. ان ڪارڻ ڪافي اهڙا تجنيس حرفيءَ جا مثال هوندا آهن، جن کي ان کان هٽي ڪري به ڏٺا ويندا آهن، ته متان ڪنھن ٻي حرفت جو به استعمال ٿيو هجي. ان ڪارڻ تجنيس حرفيءَ کي ثانوي حيثيت ڏيڻي پوندي آهي. فرض ڪريو ته سٽر: ’اچي وارن جو وا ۾ واس، ورتم واسوا البت‘ تجنيس حرفيءَ جو مثال آهي، ليڪن جڏهن ان جي لفظن ’وا- واس- واسوا‘  تي غور ڪجي ٿو ته ترتيب سان ’وا‘ ۾ اضافو ٿي ’واس‘ بيٺو، وري ان ۾ اضافو ٿي ’واسوا‘ بيٺو. ظاهر آهي ته تجنيس حرفي ته ٿي، ليڪن ان ۾ ترتيب سان لفظن جو واڌارو، ڪنھن ٻي تجنيس ڏانھن به سوچڻ تي آماده ڪري ٿو. ان سبب چئي سگهبو ته ان شعر ۾ ’تجنيس مذيل‘ واري ڪاريگري ڪم آندل آهي. ان بنياد تي چئجي ٿو ته ’تجنيس حرفي‘ ڪافي تجنيس جي ماءُ آهي.

·       تجنيس مذيل ۽ تجنيس زائد ۾ فرق ۽ هڪجھڙائي

تجنيس مذيل ۽ زائد ۾ آخري حرف پٽاندر هڪجھڙائي محسوس ڪئي وئي آهي. ٻنهي ۾ خاص فرق اهو آهي ته ’تجنيس زائد‘ ۾ ڪن به ٻن لفظن جي ڀيٽ ۾ ٻئي لفظ جي اڳيان، وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هڪ اکر جو اضافو ٿئي ٿو جڏهن ته ’تجنيس مذيل‘ جي ڪن به ٻن لفظن جي ڀيٽ ۾ ٻئي لفظ جي صرف آخر ۾ هڪ اکر جو اضافو رهي ٿو.

تجنيس مذيل: وڻن ٿا ويڻَ ويڻن ۾، سدا خوش سيڻ سيڻن ۾...

تجنيس زائد: سڄڻ، صحبت سوا تنھنجي، نه ساعت مون سَري وسري...

ٻيو خاص فرق اهو رهي ٿو ته ’تجنيس زائد‘، ’تجنيس مڪرر‘ جي ابتڙ رهي ٿي، يعني ڀيٽ وارن لفظن جي هڪٻئي ۾ هنڌ تبديل رهي ٿو، جيئن:

تجنيس مڪرر: سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار...

تجنيس زائد: سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين وار نِروار ...

·       مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مذيل جو جائزو

سنڌي شاعريءَ ۾ مولوي احمد تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه سڏجي ٿو، ان سبب ته سندس شاعريءَ جي مزاج ۾ اهو چس موجود آهي. جيئن ته مٿي اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ’تجنيس حرفي‘ هڪ ڇٽيءَ (Umbrella) مثل آهي، جنھن جي هيٺان ٻيون تجنيسون ساه کڻن ٿيون. تجنيس مذيل به ان جو هڪ جز آهي، جنھن جو دائرو هڪ بيھڪ رکي ٿو. هيٺ مولوي صاحب جي شاعريءَ مان چند مثال خيال خاطر رکجن ٿا:

·       هڪ اکر جي اضافي سان ٻن لفظن جي لڙهي

آءُ اَجها، اوجر اکين جا، لاههِ اوجهر اوجهرا،

ڏس اِجهو تو ري اُجهن پيا، منجهه اَجهورن اوجهه اوجهه.

(ڪليات 2: 191)

’اوجهر‘ مان بيھاريل ’اوجهرا‘ هڪ اکر جي وڌاءَ سان تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

مَري مَسنَد ڇڏيندا هڪ، ڄَمي ڄاموٽ ٿيندا ٻيا،

ڪي چڙهندا تخت، ڪي تختي مٿي تڪرار پيا ايندا.

(ڪليات 2: 45)

’تخت‘ مان ’تختي‘ بيھاريل لفظ تجنيس مذيل جو مثال آهي.

بخش باري، تو بِگر، ٻيا ڀروسا ڀيڻيون ڀڳا،

مون جيھا لورا لنگها، ڪُل لطف جي دمن لڳا،

ٻِي نه ترهي توهه جي ، تن تار ۾ تاري تڳا،

صبح سانجهي سو سنڀاريان، سبق سبقت رحمتي،

آئون جاهل، آئون ڪاهل، آئون ظالم رحمتي،

تون مٿم ڪو رحم ڪر، رحمان راحم رحمتي.

(ڪليات 1: 217)

’سبق‘ مان ’سبقت‘ بيھاريل لفظ تجنيس مذيل جو مثال آهي.

درد دلبر دوست جي  جو، ڇا بيھي ڪريان بيان،

سُور سُوريءَ جي چڙهڻ کان، سَرس مون سِر تي بيٺا.

(ڪليات 1: 38)

’سُور‘ مان ’سُوري‘ بيھاريل لفظ تجنيس مذيل جو مثال آهي.

صدق سھڻا، صدق صدقي، وڃان صدبار بسم لله

چوان صد مرحبا، منھنجا مٺا منٺارَ بسم لله.

(ڪليات 2: 502)

’صدق‘ مان ’صدقي‘ بيھاريل لفظ تجنيس مذيل جو مثال آهي.

سڄڻ ساڻ صِف ۾ صَفا ٿي بيھن،

انهن جا اجايا وڃن ميٽ مَک.

(ڪليات 2: 326)

’صف‘ مان ’صفا‘ بيھاريل لفظ تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

وجهڻ فرق فرقان ۾ ٿا گهرن،

ملايَئون مِلي ڪنھن به مڪار کي.

(ڪليات 1: 328)

’فرق‘ مان ’فرقان‘ بيھاريل لفظ تجنيس مذيل جو مثال آهي.

نه جي جيئري مليم جاني، ٿيس منجهه قرب قرباني،

ڪجل جي شلَ وجهي ڪاني، ڪڏهن ڏي قُل اَهاهاها.

(ڪليات 2: 82)

’قرب‘ مان ’قرباني‘ بيھاريل لفظ تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

وِڌي اڄ وري جا اکين ۾ عجيب،

اِهو ڪانُ آهي، نه ڪاني سمجهه.

(ڪليات 2: 188)

’ڪانُ‘ مان ’ڪاني‘ بيھاريل لفظ تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

مُلڪ مُلڪو تان مٿي، مليو هيَم مولى مُلا،

اَمر آڻي ڪٿ ڇڏيَم، آهم اهو ارمان روز.

(ڪليات 2: 270)

’ملڪ‘ مان ’مُلڪو‘ بيھاريل لفظ، تجنيس مذيل جو مثال آهي.

مورَ، مُورت ۾ ٿو مارين، ماريو ماريندو وَت،

ڊيل جيئن وک ڍولَ، ڌارين، ڍاريو ڍاريندو وت.

(ڪليات 2: 139)

’مور‘ مان ’مورت‘ بيھاريل لفظ، تجنيس مذيل جو مثال آهي.

منھن ڏٺم محبوب جو، مڙئي مبارڪ چئو مون کي،

هڪ نظارن ۾ نظر، ٻيو نَرم نرمل يار گڏ.

(ڪليات 2: 230)

’نرم- نرمل‘ هڪ اکر جي وڌاءَ سان تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

وصف وَر وَر يار هڪ جي، ورق ٻيا ويڙهيندو وَت،

وار سَپ جيئن، وات سِپ، موت مڻيا ميڙيندو وَت.

(ڪليات 2: 143)

’وَر‘ مان ’ورق‘ بيھاريل لفظ تجنيس مذيل جو مثال آهي.

ويرَ، ڪنھن ويرم ڏيان، ٻئي کي ڇنڻ، وس ۾ نه وار،

پر اها پَر عام سين، اڱ اڱ اکوڙين تون ڀلين.

(ڪليات 2: 443)

’وير- ويرم‘ هڪ اکر جي وڌاءَ سان تجنيس مذيل جو مثال آهي.

وڻن ٿا ويڻَ ويڻن ۾، سدا خوش سيڻ سيڻن ۾،

اڙايم نيڻ نيڻن ۾، نه سِر ناڻي نقد حيرت.

(ڪليات 2: 132)

’ويڻ- ويڻن‘، ’سيڻ- سيڻن‘ ۽ ’نيڻ- نيڻن‘ تجنيس مَذيل جا مثال آهن.

مِينھن موتين جا وسن، منھنجي مِٺي محبوب تان،

هڪ هِنيين تان هِير، ٻيو هِيرا هزاري پوش پوش.

(ڪليات 2: 305)

’هِير‘ مان ’هِيرا‘ بيھاريل لفظ تجنيس مذيل جو مثال آهي.

·       ٻن اکرن جي اضافي سان ٻن لفظن جي لڙهي

بَر وڏو ۽ بار بَرسر، ري ڀَتي ڀِتيَن جو کاڄ،

بخت ڏِس، بُختي نه ڀاڙيا، مَنجهه ٻَري، ٻاهر نه ٻاڦ.

(ڪليات 2: 172)

’بَر‘ مان بيھاريل ’بَرسر‘ ٻن اکرن جي وڌاءَ سان تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

پَڳھهَ پوک پَڳ پَڳ، ٿيئي پُر پُراڻ،

مُنگها، مُرٽ، مُونون اسان جو اناج.

(ڪليات 2: 176)

’پُر‘ مان بيھاريل ’پُراڻ‘ ٻن اکرن جي وڌاءَ سان تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

نه مون کان پَليو، تون پَلئي ۾ پَلينس،

نه پَلجي پليتن سين، ڪنھن پَل پَليت.

(ڪليات 2: 147)

’پَل‘ مان بيھاريل ’پَليت‘ ٻن اکرن جي وڌاءَ سان تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

مَيو ڌار مَھري مَھاران سَنئون،

متان توکي جهورين جَڙ تي جَڙوٽ.

(ڪليات 2: 160)

’جَڙ‘ مان بيھاريل ’جڙوٽ‘ ٻن اکرن جي وڌاءَ سان تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

محبوب مھر سان ملاقات اڄ ڏني،

سَڙ روح جي رهاڻ ڏسي، رَق رقيبَ اچ.

(ڪليات 2: 195)

’رق‘ مان بيھاريل ’رقيب‘ ٻن اکرن جي وڌاءَ سان تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

هنيون حيرت وڌم هوري، جدائيءَ جو جنجل جهوري،

سَنڌيَن ۾ سُور جا سوراخ سارا، آءُ ته ڏيکاريانءِ.

(ڪليات 2: 510)

’سُور ‘ مان بيھاريل ’سوراخ‘ ٻن اکرن جي وڌاءَ سان تجنيس مذيل جو مثال آهي.

قرب اٿئي قَلب ۾، قربان ٿي وڃ، ڪينَ ڪَٻ،

نوڪ نيزي ناز جو، نيشان ٿي وڃ، ڪينَ ڪَٻ.

(ڪليات 2: 113)

’قرب‘ مان بيھاريل ’قربان‘ ٻن اکرن جي وڌاءَ سان تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

وار سُنبُل جيئن سندئي، مُنھڙو مبارڪ گل گلاب،

گل اچن گوماٽ ۾، سِر تان لھي سنبل وڃن.

(ڪليات 2: 406)

’گل‘ ۽ ’گلاب‘ ٻن اکرن جي وڌاءَ سان تجنيس مذيل جو مثال آهي.

هن مٽيءَ ۾ پئي مَٽيون، مون تان مُئان پوءِ لَک مُندون،

تو گڏي، جانبَ، وَري، جيءَ ۾ جياريَس ڪنھن لحاظ.

(ڪليات 2: 314)

’مٽي‘ ۽ ’مٽيون‘ ٻن اکرن جي وڌاءَ سان تجنيس مذيل جو مثال آهي.

جيئن ته ’تجنيس مذيل‘، تجنيس حرفيءَ جو جز آهي، ۽ مولوي صاحب تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه هيو، ان ڪارڻ مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مذيل‘ جا ڪافي مثال ملن ٿا.

·       هڪ/ ٻن اکر جي اضافي سان ٽن لفظن جي لڙهي

دُکي دل درد کان دلبرَ، دوا دارون نه ڌارا تو،

پُڇن ٻيا پَر پريَن پارا، نه پاراپو، نه پاراتو.

(ڪليات 2: 454)

’پارا- پاراپو/ پاراتو‘ ٽي لفظ هڪ ئي هنڌ ڪم آندا ويا آهن، جيڪي تجنيس حرفيءَ توڻي مذيل جو يڪسان مثال آهي.

سُک نه ڪنھن سان تو سَوا، سامهان سَوا لَک جا سَوار،

تون سَوا لَک کان سَوايو، لَک سَوا آهي عبث.

(ڪليات 2: 166)

’سوا- سوار- سوايو‘ ترتيبوار ٽي لفظ ڪم آندل آهن. ’سَوا‘ ۾ هڪ لفظ جي اضافي سان بيھاريل ’سَوار‘ ۽ ’سوا‘ ۾ ٻن اکرن جي اضافي سان بيھاريل ’سَوايو‘  تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

ٿِئين سڄڻ، سالن جي پنڌ تي، شال توسين سڏ سُڄيم،

بَند تنھنجي طاق وٽ، طاقت جي طاقي ٿي وڃيج.

(ڪليات 2: 177)

’طاق‘ مان ’طاقت‘ ۽ ’طاقي‘ بيھاريل لفظ تجنيس مَذيل جو مثال آهي.

ٻَڌم هٿ ادب جا هِنيين تي حبيب،

نه ڪُر کي لڄايان ڪري ڪا ڪُريت.

(ڪليات 2: 147)

’ڪر- ڪري- ڪريت‘ ترتيبوار ٽي لفظ ڪم آندل آهن. ’ڪر‘ ۾ هڪ اکر جي واڌاري سان ’ڪري‘ ۽ ان ۾ وري هڪ اکر جي اضافي سان ’ڪريت‘ بيھاريو ويو آهي. اهڙي اضافي کي تجنيس مَذيل ٿو چئجي.)

هِنيون ٺاريم ٿي، هُن پار جي هاڻي هوا البت،

اچي وارن جو وا ۾ واس، ورتم واسوا البت.

(ڪليات 2: 127)

’وا- واس- واسوا‘ ٽي لفظ هڪ ئي هنڌ ڪم آندا ويا آهن، جن کي ٿلهي ليکي ته تجنيس حرفيءَ جو مثال ئي چئي سگهجي ٿو، ليڪن غور ڪجي ٿو ته ’وا = واءُ، واس = سڳنڌ، واسوا = خبرچار‘ پھريون لفظ: ’وا‘ (ٻه اکر)، ٻيون لفظ: ’واس‘ (ٻه اکر ساڳيا ۽ س اضافي) ۽ ’واسوا‘ (پھرين جھڙا ساڳيا ٻه اکر، ٻئين جھڙا ساڳيا ٽي اکر ۽ آخر ۾ ٻه اکر اضافي)، اهڙي انداز سان اڳيان ساڳيا اکر ۽ آخر ۾ اضافي اکر واري چال کي تجنيس مَذِيل سڏجي ٿو.

صبح ٿيو، سَمجهن سڀئي، جاڳي پوي جملي جھان،

مُنھن مٿان ڪنھن وار، واري وار وارين جيڪڏهن.

(ڪليات 2: 82447)

’وار‘ مان ’واري‘ ۽ ان مان ’وارين‘ بيھاريل، تجنيس مذيل جو مثال آهي.

·       قافين ۾ تجنيس مذيل جو استعمال

مولوي صاحب لفظن جو استعمال ائين ڪندو آيو آهي، جيئن ڪو ننڍڙو ٻار آزاديءَ سان کينھونءَ سان راند کيڏندو هجي. ڪنھن تجنيس جي نسبت مڪمل غزل ڏيڻ مولوي صاحب جي خاص ادا رهي آهي. سندس چند غزل، تجنيس مَذيل جي نسبت، خيال خاطر رکجي ٿو:

·       قافين ۾ هڪ اکر جي اضافي سان تجنيس مذيل

هڪ غزل خيال خاطر ڏجي ٿو، جيڪو قافين جي ڀيٽ نسبت، آخري قافيي ۾ هڪ اکر جي اضافي سان  تجنيس مذيل ۾ شمار ٿئي ٿو:

ڪيَم دلبر به دلبر ڪھڙو، دلبر دلبرن ۾ مُک،

کنيم گوهر به گوهر ڪھڙو، گوهر گوهرن ۾ مُک.

انڌيري جاءِ ۾ جاني، وجهي جهَلڪار جوهر جيئن،

وري جوهر به جوهر ڪھڙو، جوهر جوهرن ۾ مُک.

جڏهن جاني وجهي ٿو گهُنڊ، ڀُڻ ڀُڻ سان ڀِروَن ۾،

هڻي خنجر به خنجر ڪھڙو، خنجر خنجرن ۾ مُک.

خبر ناهي، کِلي منھنجي خَليلن وار کوليا اڄ،

ڪِ خود عنبر به عنبر ڪھڙو، عَنبر عنبرن ۾ مُک.

سڄڻ منھنجو سڄوئي سونُ، برسر وار وِسيَر جيئن،

وري وِسيَر به وسيَر ڪھڙو، وسيَر وسيَرن ۾ مُک.

سڄڻ منھنجي کي سامهون، جي بيھن سج چنڊ تارا سڀ،

کڻي نمبر به نمبر ڪھڙو، نمبر نمبرن ۾ مُک.

ڪري گُل گُل مٿي بُلبُل، سڄڻ جي سونھن جي ساراهه،

مليَس منبر به منبر ڪھڙو، منبر منبرن ۾مُک.

هزارين حرف هَي هَي، ميٽجن ڪيئن حرف هڪ ٻن سان،

لکيَم دفتر به دفتر ڪھڙو، دفتر دفترن ۾ مُک.

اکين جي ڪنھن اشاري ۾، مليو انجام ’احمد‘ کي،

مليَس رهبر به رهبر ڪھڙو، رهبر رهبرن ۾ مُک.

(ڪليات 2: 327)

ڄاڻايل غزل ۾ ’دلبر- دلبرن‘، ’گوهر- گوهرن‘، ’جوهر- جوهرن‘، ’خنجر- خنجرن‘، ’عنبر- عنبرن‘، ’وسيَر- وسيَرن‘، ’نمبر- نمبرن‘، ’منبر- منبرن‘، ’دفتر- دفترن‘ ۽’رهبر- رهبرن‘ قافيا ڪم آندل آهن. هڪ حوالي سان ته تجنيس حرفي ٿي، ليڪن غور ڪرڻ سان ٻن لفظن مان آخري لفظ ۾ هڪ اکر جي اضافي سان ’تجنيس مذيل‘ جا بھترين مثال چئي سگهجن ٿا.

·       قافين ۾ ٻن اکرن جي اضافي سان تجنيس مذيل

سڄڻ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا سٽڪا،

ڦٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦٽ، ڦٽ مٿي ڦٽڪا.

بچائي بت بچايان ڪيئن، بچي شل، باز بحريءَ کان،

جُري جيئن جيءُ جهَٽي جهٽ پٽ، اکيون جهٽ جهٽ هڻن جهٽڪا.

ڌڙا ڌڙ ڌار سِر ڌَڙ کان، دوناليون دور ڌَڪ ڌڪ ۾،

سسيون پٽجو ڪرن پٽ تي، نپٽ پَٽ جا به پَٽ پٽڪا.

مٺا، منھن مھر مان ڏيکار، وُٺڙا مِينھن موهر تي،

چَرن چالون چلڙ چيھا، ڇَلا، ڇَٽ بوند ڏي ڇٽڪا.

ڌڪارين دوست، ڇو دم دم، قدم تي دَم سندم پڄندم،

لتن ۾ لاش هيءُ لاشڪ، وڻئي لَٽ، لوڙهه يا لٽڪا.

سدا منھنجون صدائون ڪنھن سَڌر سُلطان جي در تي،

ڀلين ڀٽڪي ڀِٽن ۾ ڀَٽ، ڀلا لاهن ڀَٽن ڀَٽڪا.

سڄڻ هو سج لٿي اچڻو، لٿو سج، ٻيو به سج اڀريو،

اڃا ’احمد‘ نه اوڏيءَ ۾، الا ڪھڙي پيَن اٽڪا.

(ڪليات 2: 65)

مٿيئن غزل ۾ ’سَٽ- سٽڪا، ڦٽ- ڦٽڪا‘، ’جهٽ- جهٽڪا‘، ’پٽ- پٽڪا‘، ’ڇٽ- ڇٽڪا‘، ’لٽ- لٽڪا‘ ۽ ’ڀَٽ- ڀٽڪا‘، اهڙا لفظ آهن جن ۾ ٻه اکر ته ساڳيا آهن، ليڪن آخري لفظ جي آخر ۾ ٻن اکرن جو اضافو ڪيل آهي، جنھن سبب تجنيس مَذِيل جا مثال چئجن ٿا. هي انداز هڪ حوالي سان ذوقافيتَين ۾ به شمار ڪري سگهجي ٿو، ليڪن جيئن ته پھرئين لفظ جو هنڌ قافيي وارو ناهي، ان سبب مخصوص ذوقافيتَين ۾ تصور نه ڪري سگهبو.

·       حاصل مطلب/ اختصار/ نتيجو

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ کي تجنيس مذيل جي پيراميٽر ۾ ڏٺو ويو، ان دوران جيڪي نڪتا سامهون آيا سي هيٺين ريت ڏجن ٿا:

?  تجنيس مذيل مان مراد اهڙا ڀيٽ جي صورت ۾ لفظ ڪم آڻڻ، جيڪي لفظ جي اڳئين حصي تائين ساڳيا هجن، ليڪن آخري لفظ جي آخر ۾ هڪ يا ٻه اکر وڌيڪ ڪم آندل هجن، جيئن:

موت ڪنھن موتي هٿان، خود موتيو ڦُل واهه جو.

 ڄاڻايل سٽر ۾ ’موت‘، ’موتي‘ ۽ ’موتيو‘ ۾ ترتيب سان هڪ اکر جو اضافو ٿيل آهي.

?  تجنيس مذيل، تجنيس حرفيءَ جو جز چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته مذڪوره تجنيس جو هر لفظ تجنيس حرفيءَ وانگر ساڳئي حرف/ اکر سان شروع ٿئي ٿو.

?  تجنيس حرفي هڪ اهڙي ڇٽي آهي، جنھن جي هيٺان چند تجنيسون اچن ٿيون، جن جو دائرو الڳ الڳ رهي ٿو، جيئن: تجنيس تام، تجنيس ناقص، تجنيس مرڪب، تجنيس مذيل وغيره.

?  تجنيس مذيل جي پيراميٽر ۾ آوازن کان وڌيڪ، اکرن جي نسبت جاچ ڪئي ويندي آهي.

?  تجنيس مذيل نسبت مولوي احمد ملاح جا اهڙا شعر به ملن ٿا، جيڪي هڪ ئي هنڌ ٻه يا ٽي لفظ به ٿين ٿا: ’اچي وارن جو وا ۾ واس، ورتم واسوا البت.‘

?  مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جو اهو به رنگ رهيو آهي ته ڪافي تجنيسون قافين يا رديفن ۾ به ڪم آڻي ٿو وڃي. هتي سندس ٻن غزلن جا مطلع ڏجن ٿا، جيڪي هڪ اکر ۽ ٻن اکرن جي اضافي سان ڪم تجنيس مذيل جا بھترين مثال آهن:

ڪيَم دلبر به دلبر ڪھڙو، دلبر دلبرن ۾ مُک،

کنيم گوهر به گوهر ڪھڙو، گوهر گوهرن ۾ مُک.

سڄڻ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا سٽڪا،

ڦٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦٽ، ڦٽ مٿي ڦٽڪا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org