ڇپائيندڙ پاران
شاعريءَ ۾ تجنيسن ۽ صنعتن جي استعمال کي صنايع ۽
بدايع جو علم ڪوٺجي ٿو، جنهن ذريعي شاعر نهايت ئي
ڪاريگريءَ سان موزون لفظن ۾ تجنيس يا صنعت جو
استعمال ڪري شاعريءَ کي وڌيڪ اثرانداز بڻائي ٿو.
سنڌ جي باڪمال شاعرن جي ڪلام ۾ صنايع ۽ بدايع جا
هزارين مثال ملن ٿا، جن مان مولوي احمد ملاح به
پنهنجي دور جو مڃيل قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي.
سندس ڪلام ۾ بي مثل صنايع ۽ بدايع جا مثال موجود
آهن.
هيءُ ڪتاب ”مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيسن
جو تحقيقي اڀياس“ سنڌ جي اُن عظيم شاعر مولوي حاجي
احمد ملاح جي ڪلام جو تجنيس وار تحقيقي اڀياس تي
مشتمل آهي. جيڪا سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي معروف
اسڪالر ڊاڪٽر الطاف جوکيو صاحب جي محنت جو نتيجو
آهي. ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ تحقيق جديد دور سان هم
آهنگ ۽ اڳ ٿيل اڻپورين تحقيقن جو ڀرپور متبادل پڻ
آهي.
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب جن تجنيسن تي سير حاصل بحث
ڪيو آهي، انهن ۾ تجنيس حرفي، تجنيس تام، تجنيس
ناقص، تجنيس خطي، تجنيس مرڪب، تجنيس مرفو، تجنيس
لاحق، تجنيس مضارع، تجنيس قلب/تقليب، تجنيس زائد،
تجنيس منديل، تجنيس لاحق، تجنيس مضارع، تجنيس
مطرف، تجنيس لفظ، تجنيس اشقاق مشق، تجنيس اشتقاق
مرتب، تجنيس اشتقاق مرڪب شامل آهن. ڄاڻايل تجنيسن
تي اڀياس يقيناً موجوده دور جو اهم ترين تحقيقي
اڀياس آهي، جنهن سان نئين نسل جي علم و ادب ۽
ٻوليءَ جي گهڻي حد تائين آبياري ڪري سگهجي ٿي.
هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب لکيو
آهي. جنهن ۾ هن ڪتاب جي فن، فڪر بابت جامع انداز ۾
نهايت آسان ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ تعارف پيش ڪيو آهي.
جنهنڪري ڪتاب کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته، سنڌ جي شاعرن جي ڪلام تي تحقيقي ۽ فني اڀياس
جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته
جيئن سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ٿي سگهي. موجوده
وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان
نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن ۽ خاص ڪري بورڊ جي
پبليڪيشن شعبي ۾ سالن کان رکيل مسودا اوليت جي
بنياد تي شايع ڪرائي منظرِ عام تي آڻڻ لاءِ ڪوشان
آهن.
هن ڪتاب ”مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس جو
تحقيقي اڀياس“ جي اهميت کي پرکيندي، سنڌي ادبي
بورڊ پاران ان کي جلد کان جلد شايع ڪري پڙهندڙن
سامهون پيش ڪرڻ لاءِ اُپاءُ ورتا ويا، ته جيئن هن
اهم تحقيق مان سنڌ جا عالم، فاضل ۽ مولوي حاجي
احمد ملاح سان عقيدت جي حد تائين چاهه رکندڙ
مستفيض ٿي سگهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو بورڊ جي مانواري چيئرمين
عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي
سرپرستيءَ ۾، بورڊ طرفان شايع ڪري سَرهائي محسوس
ڪري رهي آهيان.
اميد آهي ته سنڌي شاعريءَ سان چاهه رکندڙن وٽ اسان
جي هيءَ ڪاوش مڃتا ماڻيندي.
06 جمادي الاول
1445هه
گلبدن جاويد مرزا
21 نومبر
2023ع سيڪريٽري
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
عمرڪوٽ
مقدمو
’گرامر‘ ٻوليءَ جو ’آئين‘ آهي. اگر ٻوليءَ جي
ڳالهائڻ يا لکڻ وقت اُن آئين يا قانون تي عمل نه
ڪبو ته لاقانونيت وجود ۾ ايندي. اُها لاقانونيت
ٻوليءَ جي بگڙڻ، ڦٽڻ يا خراب ٿيڻ جو سبب بڻبي.
اهڙي ڦِٽي ڦيڏرو ٿيل ٻوليءَ جي خبر ئي نه پوندي ته
جملي ۾ اسم ڪهڙو آهي، صفت، فعل ۽ ظرف ڪهڙا آهن.
انهن جي صحيح شڪل ۽ جملي ۾ جاءِ ڪٿي آهي. ساڳي وقت
انهن جي ’عدد‘ ۽ ’جنس‘ جي صحيح تعين تي به هيءَ
لاقانونيت اثرانداز ٿيندي. انهيءَ ڪري صحيح ٻولي
سکڻ جي ابتدا ئي گرامر سکڻ کان ڪجي ٿي. ان کان
پوءِ گرامر جا سبق درجيوار اڳتي وڌي ٻوليءَ جي
صحيح بناوت/جسامت بعد، ان جي سينگار طرف هلن ٿا،
جنهن کي فصاحت ۽ بلاغت چئجي ٿو.
فصاحت ۽ بلاغت (علم بديع ۽ علم بيان) گرامر جا
ٻولي سينگاريندڙ علم آهن، جن جي سکڻ سان مهذب،
پڪو، سُهڻو، عمدو ۽ ڪشش رکندڙ ڪلام ڳالهائي ۽ لکي
سگهجي ٿو.
ڪلام چاهي نثر ۾ هجي يا نظم ۾ صنايع ۽ بدايع جا گڻ
ان کي سينگارين ٿا. نثر جا مختلف قسم مرجز، مسجع ۽
مقفيٰ به هن صنايع ۽ بدايع سان سينگاريل هجن ٿا ۽
انهن ۾ وزن ۽ قافيه جي اهميت هجي ٿي. ساڳئي وقت
اهي جڏهن هن سينگار کان خالي هجن ٿا ته انهن کي
’عاري نثر‘ چئجي ٿو. جنهن جو پنهنجو مزاج ٿئي ٿو،
اهڙي طرح هن مختلف سينگارن جي بنياد تي نثر جي هنن
قسمن جا ٻيا ننڍا ننڍا قسم به هجن ٿا.
ساڳيءَ طرح نظم کي به مختلف قسمن سان سينگاريو
ويندو آهي، جيئن تشبيهون، استعارا، ڪنايا، محاورا
وغيره. نظم جون سڀ صنفون مثال طور بيت، وائي،
ڪافي، قصيدو، مثنوي، نظم، غزل وغيره جي سڄي سونهن
هنن جي قانون ۽ سينگار تي منحصر آهي.
هڪ معتبر راءِ موجب شاعريءَ جي ابتدا حضرت آدم
عليھ السلام کان ’سرياني‘ زبان ۾ ٿي. قومن جون
شروعاتي تصنيفون شاعري ۾ ئي آهن. اهي تصنيفون اڪثر
رزميه يا قصيده گوئي تي مشتمل آهن.
اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي عروض واري ابتدا عربي زبان
کان ٿي آهي، هڪ راءِ موجب خليل بن احمد بصري هن
علم جو بنياد رکي ’عروض‘ نالو ڏنو. عروض مڪھ معظم
جي نالن مان هڪ نالو آهي ۽ خليل بن احمد بصري
انهيءَ خيال کان هن علم کي ’عروض‘ جو نالو ڏنو ته
جيئن نالي جي برڪت سبب هيءُ علم وڌي ويجهي ۽ مشهور
ٿئي.
اسان جي سنڌي شاعريءَ جي ابتدا متعلق اڃان ڪابه
حتمي راءِ قائم نه ٿي سگهي آهي، پر اها ڳالهه طئه
آهي ته سنڌي زبان ۾ نظم (شاعري) جا پنهنجا وزن ۽
ماپا آهن. البته ٻاهران آيل صنفون پنهنجا وزن يا
بحر پاڻ سان آڻين ٿيون، خاص طرح علم عروض ۽ ’ڇند
وديا‘ واريون صنفون. ٻي طرف ڪجهه مغربي صنفن جا
وري پنهنجا ماپ جا پئمانا آهن.
عروض جي علم ۾ شاعريءَ جا ڪجهه بنيادي ’اصول‘ هجن
ٿا. انهن اصولن جا وري جدا جدا قسم آهن. مختلف
اصولن تي آڌاريل شعرن جاوري ارڪان (ٿنڀ) ٿين ٿا.
ارڪانن جو تسليم ٿيل تعداد اَٺ (8) آهي، ساڳئي وقت
’بحر‘ ۽ ’زحاف‘ به شاعري جي بنيادي جوڙجڪ ۾ تمام
ضروري هجن ٿا. ڪنهن شعر لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ته اهو
ڪهڙي ’اصول‘ تي آڌاريل آهي ان جو ’بحر‘ ڪهڙو آهي ۽
ان جا ’ارڪان‘ ۽ ’زحاف‘ ڪهڙا آهن ۽ ان جو وزن ڪهڙو
آهي، ان لاءِ جيڪا شعر جي کول ٿئي ٿي، ان کي تقطيع
چئجي ٿو. مٿئين سڄي بيان سان گڏ قافيي ۽ رديف جي
به شعر ۾ خاص ڳڻپ آهي. هن ڳڻپ لاءِ شاعر جي ٻوليءَ
جي ڄاڻ ۽ لفظن جي گهڻائي به ضروري ٿيو پوي. جنهن
لاءِ لسانيات ۽ لغت ٻئي اهم مددگار آهن.
شعر جوڙڻ جي فني مشق کان اڃا شاعر فارغ ئي نٿو ٿئي
ته وري کيس شعر جي سينگار جو جهان اڳيان اچي ٿو.
ڇاڪاڻ ته فن ۾ مڪمل شعر کي وري سينگار جا گڻ فصاحت
۽ بلاغت ۾ آڻيندا. هي جيڪي شعر ۾ سينگار لاءِ
صفتون يا صنعتون ڪم آڻجن ٿيون اهي يا ته لفظي آهن
يا معنوي آهن. لفظي سينگار شعر جي ظاهري سونهن کي
وڌائين ٿا، پر معنوي سينگار شعر جي اندرين خوبين
کي وڌائين ٿا. صنايع ۽ بدايع جو هيءُ ايڏو وڏو
جهان آهي، جنهن ۾ جيترو اونهون وڃبو اوترو ڪلام تي
عبور وڌندو ايندو. ڪجهه شاعر ته هن فن تي ايتري
دسترس رکن ٿا، جن کي ڄڻ ڪا خاص محنت ڪرڻي ئي نٿي
پوي، پر هو شعر جي سونهن وڌائڻ ۾ يڪتا آهن. اهڙن
ئي استاد شاعرن کي ’قادرالڪلام‘ شاعر چئبو آهي.
اسان جو مولوي احمد ملاح صاحب به سنڌيءَ جي انهن
قادرالڪلام شاعرن مان آهي، جن کي شاعريءَ ۾ نج
سنڌي وزنن، ڇند وديا ۽ عروض جي علم ۾ تي مڪمل عبور
حاصل آهي، مولوي صاحب هونئن ته عربي، فارسي ۽ اردو
زبانن ۾ به هڪ صاحبِ فن شاعر جي حيثيت سان شاعري
ڪئي آهي، پر سندس سنڌي شاعري جو پلڙو ڳرو آهي.
سندس سنڌي بيت جي هيئت، ان ۾ نوان تجربا ۽ انهن
بيتن جي وزنن جو ته مطالعو ڪيو ئي نه ويو آهي،
ورنه سندن ڪلام جون ڪيئي خوبيون اڃان به عيان
ٿينديون. يقيناً وري ڪو سنڌي زبان جو محقق اُٿندو،
جيڪو مولوي صاحب جي بيت جي شاعريءَ جي فن تي تحقيق
ڪري ڪي اهم پهلو سامهون آڻيندو. هونئن به مولوي
صاحب قرآن مجيد جو (نورالقرآن) سنڌي بيت ۾ ترجمو
ڪري، بيت جي عظمت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. پر
ساڳئي وقت مولوي صاحب نورالقرآن ۾ عروض جي جهلڪ
ڏئي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو چاهي ها ته
شاعريءَ جي ڪهڙي به عروضي صنف ۾ قرآن مجيد جو
ترجمو ڪري سگهيو پئي ۽ ان کي ئي صحيح معنيٰ ۾
’قادرالڪلام‘ شاعر چئبو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جيڪي فطري شاعر هوندا
آهن، انهن کي پنهنجي شعر ۾ ڪو خاص ڪسب ڪمائڻو نٿو
پوي. سندن شعر خودبخود فصاحت ۽ بلاغت ۾ خوب رچيل
هجي ٿو، اسان جو مولوي حاجي احمد ملاح صاحب به
انهيءَ خوبين جو مالڪ آهي. منجهس قدرت واري وڏيون
صلاحيتون رکيون هيون. جهڙيءَ طرح سندس شخصيت سڀين
پَرين سون آهي. اهڙيءَ طرح سندن شاعرانه حيثيت به
مسلم آهي. مولوي صاحب ...... 18 ’ڪنڊو‘ ڳوٺ (بدين)
۾ پيدا ٿيو. عالمِ دين هو. حق گو ۽ راست گو هو.
وڏو مجتهد ۽ سجاڳ ذهن شخص هو، هن ڪيترين ئي ديني ۽
برصغير جي آزاديءَ جي سياسي تحريڪن ۾ حصو ورتو.
سندس شاعريءَ جا ننڍا ننڍا ڪتاب موجود آهن. هن وقت
نورالقرآن کان علاوه ٻين سڀني ڪتابن کي جمع ڪري
’ڪليات احمد‘ جي نالي سان ٻه جلد محترم ضرار
رستماڻي صاحب آندا آهن ۽ انهن جا به ڪافي ڇاپا اچي
چڪا آهن.
مولوي صاحب پنهنجي ڀرپور مجاهدانه ۽ ڪارگر زندگي
گذارڻ بعد سال .............. ۾ وفات ڪئي، سندن
تدفين بدين شهر ۾ آهي، جتي پاڻ گهڻو وقت مُدرس پڻ
رهيا.
مولوي صاحب جي شاعري سنڌ ۾ ايترو ته مقبول آهي، جو
سڄي سنڌ ۽ خاص طرح لاڙ ۽ ٿر جي علائقي جي ڪيترن ئي
ماڻهن کي ياد آهي. جهرجهنگ ۾ سندن ڪلام جون صدائون
گونجن ٿيون. اهاٻي ڳالهه آهي ته مولوي صاحب جي
ڪلام جي وضاحت (تشريح ۽ تشهير) اڃا انهيءَ سطح تي
ٿي ئي ڪونهي، جنهن جي ضرورت آهي. سندس ڪلام جي
خوبين تي ڪنهن ايترو لکيو ئي ڪونهي. يقيناً هن
هيڏي وڏي قادرالڪلام شاعر تي لکڻ لاءِ وڏو علم،
مطالعو ۽ مشاهدو به کپي، ۽خاص طرح ٻولين جي ايڏي
ڄاڻ به کپي. هن قحط الرجاليءَ جي دور ۾ وري به لک
شابشون آهن، اسان جي سنڌي ادب جي نامياري محقق
جناب ڊاڪٽر الطاف جوکيي کي جنهن پاڻ موکيو آهي ۽
مولوي صاحب جي ’ديوان احمد‘ ۾ موجود تجنيسن تي قلم
کنيو آهي.
جناب الطاف جوکيو هن وقت ۾ سنڌي ادب ۽ لسانيات ۾
هڪ محنتي، مهذب ۽ معروف اسڪالر آهي. هو نه صرف
پنهنجو شاندار ادبي تعارف رکي ٿو، بلڪه سندس
خاندان جون به سنڌي ادب لاءِ نمايان خدمتون آهن.
سنڌي ادب جا ڪافي سارا موضوع آهن، جن تي سندس گرفت
مضبوط آهي ۽ انهن مان هڪ اهم موضوع ’گرامر‘ آهي.
هو گرامر جي وسيع قالب کان ڀليءَ ڀت آگاهه آهي.
مزاجاً گهٽ ڳالهائيندڙ ۽ گهڻو لکندڙ آهي. تڏهن ته
هن اهم موضوع تي ايترو مستقل مزاجي سان لکي سگهيو.
مولوي احمد ملاح جي ديوان مان صرف تجنيسن تي لکڻ
جو انتخاب ئي سندس اعليٰ ذوق جي نشاني آهي.
صنعتن ۽ تجنيسن کي بيان ڪرڻ انتهائي دقيق ڪم آهي،
صنعتون ۽ تجنيسون نه صرف ڪلام کي بليغ ۽ فصيح
ٺاهين ٿيون پر پُراثر به بڻائين ٿيون. اها بلاغت ۽
فصاحت جي ئي خوبي آهي، جنهن سان ڪلام ٻڌندڙ ۽
پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ٿو. بغير
ڀيرا ڏيڻ جي ياد ٿي وڃي ٿو نه صرف اهڙي باڪمال شعر
کي پنهنجي منهن گنگنائجي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙو
شعر گفتگوءَ ۾ ضرب المثل طور به استعمال ڪجي ٿو.
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر جوکيي جن تجنيسن تي بحث ڪيو آهي،
انهن ۾ تجنيس حرفي، تام، ناقص، خطي، مرڪب، مرفو،
مڪرر، قلب/تقلب، زائد مذيل، لاحق، مضارع، مطرف،
اشتقاق (مشقق، مرتب ۽ مرڪب) ۽ ’تجنيس لفظ‘ شامل
آهن.
اسان جو محترم محقق صاحب اها ڳالهه تسليم ڪرائڻ ۾
ڪامياب ويو آهي ته مولوي صاحب تجنيس حرفي جو
بادشاهه شاعر آهي، پر اڳتي هلي اها ڳالهه به واضح
ٿو ڪري ته تجنيس حرفيءَ جي وچين ۽ آخري حرفن جي
تبديلي سان ئي ٻيون تنجيسون نڪرن ٿيون، جيئن تجنيس
مطرف ۽ تجنيس مضارع جا مثال آهن.
اهڙي طرح مضارع جا ڪجهه نمونا ۽ تجنيس خطي جا
نمونا ساڳيا آهن، هاڻي انهن کي مضارع چئون يا خطي
ته سندس فيصلو تجنيس خطي جي اوليت ۾ آهي، ايئن وري
مضارع ۽ تجنيس لاحق ۾ فرق لاءِ پاڻ قريب ۽بعيد
مخرجن کان مدد وٺي ٿو.
جوکيي صاحب مذيل جي تجنيس جي نه صرف سهڻي نموني
معياري وصف ڏني آهي پر ان کي مماثلث جي باوجود
تجنيس حرفي ۽ تجنيس زائد کان ڪيئن علحده بيهاريو
آهي. جِتي تجنيس زائد ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل
۽ مرزاقليچ بيگ صاحب صورتحال کي غير واضح ڇڏيو
آهي، اُتي مولوي صاحب جي بحرِ بيڪران مان مثال
ڏيئي جوکيي صاحب ان کي وڌيڪ واضح ڪري سگهيو آهي.
ائين ئي تجنيس مقلب/مقلوب جا پنج ئي قسم ڏيئي، ان
جا مثال به ديوان احمد مان ڏيئي اها حقيقت ثابت ٿو
ڪري ته واقعي هيءُ ديوان بحر بيڪران آهي، هو تجنيس
خطي ۽ حرفي جا متفق
(Common)
مثال ڏيڻ کان پوءِ لغتن جي آڌار تي ٻنهي تجنيسن کي
تمام نزاڪت سان علحده بيهاري ٿو. تجنيس مرڪب جون
ٻئي صورتون مقرون ۽ مفروق جنهن تفصيل سان واضح ڪري
جوکيي صاحب پيش ڪيون آهن، سو ته قابلِ داد آهي ئي
پر وري مرڪب، خطي ۽ تام ۾ مماثلت به واه جي ڏيکاري
آهي. قافيي ۽ رديف ۾ جڏهن مولوي صاحب تجنيس مرڪب
ڪم آڻي ٿو ته ذوقافيتين جي شڪل سامهون اچي ٿي ۽
فيصلو ڏکيو ٿو ٿئي ته مرڪب جي استعمال سان قافيو
ذوقافيتين ٺهيو آهي يا ذوقافيتين جي اچڻ سان تجنيس
مرڪب آئي آهي.
ڊاڪٽر جوکيي هنن تجنيسن جي صرف عام وصفن ۽ ديوان
احمد مان انهن جي مثالن تائين پاڻ کي محدود نه ڪيو
آهي، بلڪه انتهائي نفاست ۽ ذهانت سان مختلف علم
بديع جي ڪتابن ۾ آيل وصفن کي ڀيٽي، پنهنجي راءِ
سان نوان گس پڻ مقرر ڪيا آهن. پنهنجي دعويٰ جي
دليل طور هُن مولوي احمد ملاح صاحب جي ديوان مان
ان جا مثال پيش ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح هو پنهنجن
بيان ڪيل نتيجن کي چٽو ۽ واضح ڪري سگهيو آهي.
سندس تجنيسن تي هيءُ بحث نه صرف ’ديوان احمد‘ جي
عاشقن کي اڃان به وڌيڪ ديوان جي مطالعي جو اشتياق
ڏياري ٿو، پر مولوي احمد ملاح جي ڪلام جي تشريح جي
سلسلي ۾ پڻ اهم قدم آهي.
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڊاڪٽر الطاف جوکيي
جي هن محنت مان اسان کي اهو به پتو پوي ٿو ته
مولوي صاحب صرف تجنيسن جي بيان ۾ هيترو معتبر آهي
ته هُن صنعتن ۾ ڇا ڇا نه صنعت گيري ڪئي هوندي ۽
ڪلام جي ٻين خوبين ۾ هو ڪيترو اتاهون هوندو.
ڊاڪٽر جوکيي جي هن محنت مان اها ڳالهه به سمجهه ۾
اچي ٿي اسان جي محققن ۽ شارحن پنهنجي دور جي اهم
شاعر جي شرحن لکڻ ۾، ۽ سندن ڪلام کي سمجهائڻ ۾
ڪيترو نه غفلت کان ڪم ورتو آهي! ايتري غفلت ڇو آهي
۽ ان جا سبب ڪهڙا اهو الڳ موضوع آهي، پر اها به
حقيقت آهي ته مولوي صاحب جي جيڪو به شرح لکي ٿو،
مولوي صاحب ان کي هڪ استاد جي حيثيت سان گهڻو ڪجهه
سيکاري ٿو. ٻين لفظن ۾ مولوي صاحب جي ڪلام جو
مطالعو نه ڪندڙ قاري ۽ ان جي ڪلام جي شرح نه لکندڙ
شارح دراصل پاڻ به گهڻو سکڻ کان محروم ٿي وڃي ٿو.
اسان جي نئين نسل کي ويهين صديءَ جي هن اهم شاعر
کان روشناس نه ڪرائيندڙ ليکڪ خواه ادارا انهيءَ
ڏوهه جا مرتڪب ٿيندا رهيا آهن. هن وقت سنڌي ادب ۾
ڪي جائز ڪي خواه مخواه جيڪي بحث ٿيندا رهن ٿا، جن
۾ لپيءَ جي اهيمت ۽ اعرابن جي استعمال کان وٺي
صورتخطي ۽ مخرجن تائين سڀني ڳالهين جا جواب مولوي
صاحب جي ڪلام ۾ موجود آهن.
ڊاڪٽر جوکيي جي هيءَ تحقيق يا تجزيو
(Aualysis)
جديد سائنسي تحقيقي تقاضائن موجب ٿيل آهي جنهن ۾
اڳ ٿيل ڪم، وڌيڪ تحقيق جي ضرورت ۽ حاصل ٿيل نتيجن
کي واضح ڪيو ويو آهي. هن تحقيقي ڪم جون ٻه اهم
خوبيون آهن: هڪ ته علم بديع ۽ بيان مان صرف تجنيسن
جي فن تي آڌاريل آهي. ٻيو ته هڪ ئي معتبر شاعر جي
ڪليات جي عروضي شاعريءَ جو فني جائزو پيش ڪيو ويو
آهي. اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن ڪم لاءِ لائق محقق
هن جامع ڪليات کي ڪيترو گهرائي سان ۽ ڪيترا دفعا
پڙهيو هوندو، تڏهن ته هيءُ شاندار مطالعو پيش ڪري
سگهيو آهي. ٻئي طرف هنن تجنيسن جي وصفن لاءِ نه
صرف علم بديع جي اڳين وياڪرڻن تي ڀاڙيو ويو آهي،
پر انهن جي اختلافن کي به نبيريو ويو آهي ۽ ضرورتن
آهر سنڌي ۽ عربي لغتن کان به مدد ورتي آهي.
هيءُ ڪتاب پنهنجي اندر ۾ اُها سگهه رکي ٿو ته ٻين
سنڌي ٻوليءَ جي تربيتي ڪورسن سان گڏ ايم.اي سنڌي
خواه اديب- فاضل سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ
سفارش ڪجي ته جيئن ايندڙ محقق هن فن کان بخوبي
واقف ٿي سگهن.
آخر ۾ مبارڪون ڏبيون ڊاڪٽر الطاف جوکيي کي، جنهن
هن اهم موضوع کي هٿ ۾ کنيو ۽ خوب نباهيو. نه صرف
ايترو پر هن موضوع کي عام گرامر جي ڪتابن ۾ آيل
ڏهه يا پندرهن صفحن کان کڻي وڃي هڪ مڪمل تصنيف
تائين پهچايو. ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ جي
چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘، سيڪريٽري سنڌي
ادبي بورڊ، پبليڪيشن ڪميٽي ۽ پبليڪيشن شعبي جا
اراڪين به مبارڪ جا مستحق آهن، جن هن اهم تصنيف کي
پڙهندڙن جي هٿن تائين آندو.
بسم الاهي ٻه اکر
غَزل، مَدحُون، بَيت باتيون، چاڙِهيَم چوٽيءَ
مَٿي،
سي حَرفي، صَنعتون، طَرحين مَنجهس تَجنيس تام.
(احمد)
صنايع بدايع، شاعريءَ ۾ ڪاريگريءَ سان تجنيسن ۽
صنعتن سمائڻ جو علم آهي. تجنيس جو تعلق لفظن سان
آهي، جڏهن ته صنعت جو لاڳاپو شعر جي معنى سان
رهندو آهي. يعني تجنيس ۾ صنعت لفظي، جڏهن ته صنعت
۾ صنعت معنوي رکي ويندي آهي. صنايع بدايع کي تڏهن
وڌيڪ اهميت ڏني ويندي هئي، جڏهن علم عَروض جو راڄ
هيو. دور مٽجڻ سان علم عَروض جو زور ته گهٽجي ويو،
ليڪن صنايع بدايع کي اهميت ملندي رهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ صنايع بدايع جي علم تي چند ماڻهن جو
ڪم سامهون اچي ٿو، خاص ڪري مرزا قليچ بيگ ان تي ڪم
ڪيو آهي. ان بعد ڇنڊڇاڻ جو ڪم نه ٿيو، جن به عالمن
يا اديبن ڪم ڪيو انهن به جيئن جو تيئن پيراميٽر
کڻي مختلف شاعرن جي شاعريءَ کي ڏٺو. جن پيراميٽر
کنيا به، ته اهي ان حرفت جي دائري کان درست رخ کان
واقف ٿي نه سگهيا. سنڌي ادب جي چند ٿيسزن ۾ به
جزوي ڪم ملي ٿو، ليڪن ان جو معيار علمي ناهي. علمي
معيار جو نه هجڻ به ان حوالي سان ٿو چئجي ته انهن
تجنيسن يا صنعتن جي پيراميٽرن کي تنقيدي نظر سان
نه ڏٺو ويو. ايتريقدر جو ’جامع سنڌي لغات‘ جي
وضاحتن ۾ به جهول محسوس ڪيو ويو آهي.
لاڙ جي لال ۽ سنڌي ٻوليءَ جي محافظ مولوي احمد
ملاح جي شاعري، صنايع بدايع جي لحاظ کان ڪافي
ٽمٽار آهي. خاص طور لاڙ جي ماڻهن ۾ ’تجنيس حرفِيءَ
جو شھنشاهه‘ سڏجي ٿو. ان حوالي سان مون ۾ اهڙو
اتساهه پيدا ٿيو ته جيڪر مولوي صاحب جي شاعريءَ تي
اهڙو ڪم ڪجي. ان ۾ مان ٿورائتو آهيان، پروفيسر
ضرار رستماڻيءَ جو جنھن مون سان اهڙو سھڪار ڪيو.
شايد پروفيسر رستماڻيءَ کي به اهڙو ٻوليءَ ۽ صنايع
بدايع جو ماڻهو هٿ نه ٿي آيو، جيڪو اهڙي حامي ڀري.
مان لسانيات جي هڪ دائري جو شاگرد ته ضرور آهيان،
ٿورو گهڻي ميٿاڊالاجيءَ کان به واقف آهيان، ليڪن
شاعريءَ جي مزاج کان ايترو واقف نه هيس. بس هٿ
ڳنڍڻ سان ڪم جو دائرو وڌندو ويو ۽ مون به هڻي وڃي
هنڌ ڪيو.
مولوي احمد ملاح سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو يگانو شاعر
آهي، جيڪو علم عَروض ۽ ڇند وديا جو يڪسان ماهر چئي
سگهجي ٿو. هن جي ٻولي ايتري ته پختي، جاندار ۽
ڪشادي رهي آهي، جو چڱا ڀلا عالم اديب به هن جي لغت
تيار ڪرڻ کان لنوائن ٿا. هن وقت به سندس ڪافي لفظ،
سنڌي لغتن ۾ ڪونه ٿا ملن. ان جو اهم سبب ته جڏهن
’جامع سنڌي لغات‘ تي ڪم پئي ٿيو، تڌهن مولوي صاحب
حال حيات هو ۽ لفظن جو ڀنڊار وڌائيندو پئي ويو.
اميد آهي ته ڌڻي تعالى، هن ٻوليءَ جي محافظ شاعر
جي لغت تي ڪم ڪرڻ لاءِ مون کي همٿ ضرور ڏيندو. مون
لغت تي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي، وڌيڪ زندگيءَ جا
ڏهاڙا رهيا ته ان ڪم کي به پورو ڪري وٺبو.
مولوي احمد ملاح جي حوالي سان، صنايع بدايع جي هن
ڪتاب کي ’تجنيسن‘ تائين محدود رکيو ويو آهي.
’صنعتن‘ تي جزوي ڪم ڪيو اٿم، ليڪن ان کي تحقيقي
انداز ۾ ڪرڻ لاءِ وقت گهربل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل
سترهن تجنيسن کي شامل ڪيو ويو آهي. طريقيڪار جي
لحاظ کان هر تجنيس جي لفظي اشتقاق ۽ معنى مراد کان
وٺي، ان دائري جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان کي واضح ڪرڻ ۽
قريبي تجنيسن سان پڻ تقابل ڏئي، وڌيڪ چِٽو ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آهي، بعد ۾ مولوي صاحب جي شاعريءَ کي
ان پيراميٽر تحت جاچيو آهي.
هن انداز جو ڪم، يعني هر تجنيس تي هڪ تحقيقي انداز
۾، ڪنھن هڪ شاعر جي شاعريءَ کي ڏسڻ ۽ سھيڙڻ وارو
ڪم، سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون دفعو ٿي رهيو آهي.
پھريون دفعو ان لاءِ ٿو چئجي ته جن عالمن به
تجنيسن ۽ صنعتن تي ڪم ڪيو آهي ته انهن هڪ پيراميٽر
تحت مختلف شاعرن جا شعر يا نظم ڄاڻائي، مخصوص اسم
کي ظاهر ڪيو آهي؛ ليڪن هتي هڪ پيراميٽر تحت هڪ
شاعر کي ئي مرڪوز رکيو ويو آهي.
هن انداز جو ڪم ٻين عالمن ۽ اديبن کي به سنڌ جي
مختلف شاعرن جي شاعريءَ کي مخصوص انداز ۾ جاچڻ جو
هڪ اتساهه ملندو ۽ اميد ته تحقيق جي ميدان ۾ ڪي
نوان راهه رستا کلندا. آخر ۾ پروفيسر ضرار
رستماڻيءَ جو انتھائي ٿورائتو آهيان، جيڪو وقت
بوقت ڪم لاءِ همٿائيندو رهيو ۽ منھنجي رهنمائي
ڪندو رهيو. هن ڪتاب ۾ حوالي جو طريقو ’اي. پي.اي‘
ورتو ويو آهي، البت، مولوي صاحب جي شعرن ۾ انتھائي
اختصار کان ڪم وٺندي، سائيٽيشن ۾ صرف ، ڪليات جو
لفظ ڪم آڻيندي، جلد پھرئين يا ٻئين لاءِ 1 ۽ 2
ڏيئي، صفحو نمبر ڏنو آهي؛ جيئن: ’ڪليات 2: 112‘،
جنھن مان مراد آهي، ڪليات احمد جو ٻيون ڀاڱو ۽
صفحو 112.
آخر ۾ ٿورائتو آهيان، مخدوم سعيد الزمان عاطف،
چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جو، جنھن اڳيان منھنجي
هيءَ پيشڪش اگهاڻِي ۽ شايع ٿي، عام جي هٿن تائين
رسي. گڏوگڏ سيڪريٽري، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ شعبي جي
ڪارڪنن جو، جن هن ڪم ۾ دل جي گهرائيءَ سان همراهي
ڪئي.
سنڌي ٻولي- قومي ٻولي
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
محرابپور- ضلع نوشھرو فيروز
03003621619 |