مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مُطرَّف‘ جو
جائزو
(A study of ‘Ending changed
Homogeneity in Molvi Ahmed Mallah’s Poetry)
·
جائزي جو پس منظر
سنڌي ٻوليءَ جي محافظ، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ
۾ لفظن جي جوڙجڪ عجيب آهي، ائين لڳندو آهي ته ڄڻ
لفظ سندس محتاج هجن. مولوي صاحب تجنيس حرفيءَ جو
ته شھنشاهه رهيو آهي. هڪ مطلع خيال خاطر:
سڄڻَ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا
سَٽڪا،
ڦَٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦَٽ، ڦَٽ مٿي ڦَٽڪا.
(ڪليات 2: 65)
سنڌي ٻوليءَ جي محافظ ۽ خاص طور لاڙي ٻوليءَ
جي
نمائندگي ڪندڙ، مولوي احمد ملاح ڪلاسيڪي صنفن (بيت ۽ ڪافي) ۽
عروضي صنفن (غزل، مخمس، مسدس وغيره) تي مَلڪو
رکندڙ شاعر رهيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي
ته ڪمال جي رهي آهي، ان تجنيس جي اندر وري مختلف
تجنيسون سمايل آهن، جن کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ
ڪوششن وٺڻ جي گهرج آهي. هتي ’تجنيس مُطرَّف‘ کي
مرڪوز ڪجي ٿو.
مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ’علم عَروض‘ ۾ تجنيس
مُطرَّف جي وضاحت ڏنل آهي : ”جنھن ۾ ٻه همجنس لفظ
هجن، جي حرفن ۾ متفق هجن، سواءِ پوئين حرف جي، جو
مختلف ٿو ٿئي.“
(قليچ، 2016: 99)
جنھن جا مثال به هن ريت ڏنل آهن: ’ڪلال‘- ’ڪلام‘،
’گلاب‘- ’گلال‘، ’خرار‘- خراب‘، ’دلداد‘- ’دلدار‘
۽ ’آزار‘- ’آزاد‘ وغيره. ظفر عباسيءَ ( 2007: 414-
415) پڻ هيءَ تجنيس ڄاڻائي آهي، پر ساڳي مرزا قليچ
واري اتاري رکي آهي.
لفظ ’مُطرَّف‘ مان مراد ڪنھن جو طرف يا پاسو مٽيل
ڏسيو ويو آهي. متفق طور اها ئي وضاحت ملي ٿي ته
’تجنيس مُطرَّف‘ ۾ ٻن لفظن جي اهڙي ڀيٽ ڏيکاريل
هجي، جنھن جا اڳيان اکر ساڳيا هجن ليڪن، آخري اکر
تبديل هجي. هيءَ تجنيس، ’تجنيس مضارع‘ جو هڪ جز
چئي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته مضارع ۾ به اهڙا تشبيھه
رکندڙ لفظَ رکيا ويندا آهن جن جو شروعاتي، وچيون،
آخري يا حرف علت نسبت هڪ اکر تبديل هجي. ’تجنيس
مُطرَّف‘ ۽ ’تجنيس مضارع‘ ۾ خاص فرق اهو آهي ته
مضارع جي همجنس لفظن ۾ ڪوبه هڪ حرف (اڳيون، وچيون
يا پويون) تبديل هجي، ليڪن ’تجنيس مُطرَّف‘ ۾ صرف
آخري اکر جي تبديلي رهي ٿي. ’تجنيس مُطرَّف‘ تجنيس
مضارع يا لاحق جو هڪ اهڙو مخصوص جز آهي، جنھن ۾
ڪنھن لفظ جا پھريان اکر ساڳيا هجن، ليڪن آخري اکر
جي تبديلي هجي. ’تجنيس مُطرَّف‘ کي ’تجنيس حرفيءَ‘
جو جز پڻ چئي سگهجي ٿو.
·
جائزي جا سوال
s
تجنيس مُطرَّف جي ڇا مراد آهي؟
s
ڇا تجنيس حرفي، تجنيس مُطرَّف ۽ مضارع جي ماءُ
چئي سگهجي ٿو؟
s
ڇا تجنيس مُطرَّف، تجنيس مضارع جو جز چئي
سگهجي ٿو؟
s
ڇا تجنيس مُطرَّف جي همجنس لفظن ۾ اکرن جي
تعداد جي پائبندي آهي؟
s
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مُطرَّف
جو استعمال تجنيس حرفيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪيتري سطح جو
آهي؟
·
تجنيس مُطرَّف جي معنى ۽ مراد
تجنيس مُطرَّف بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻايو آهي :
”جنھن ۾ ٻه همجنس لفظ هجن، جي حرفن ۾ متفق هجن،
سواءِ پوئين حرف جي، جو مختلف ٿو ٿئي.“
(قليچ، 2016: 99)
جامع سنڌي لغات ۾ اصطلاح جي لفظ ۾ فرق آهي، ڄاڻايل
آهي :
”تجنيس مطرَّب: ث. شعر ۾ ٻن مفرد لفظن جي پوين
اکرن ۾ تبديل پيش ڪندڙ صنعت ’خار ۾ هن خام چيو، پر
ڪين ٿيس مقصد تمام‘.“ (بلوچ، 1981: 491)
ممڪن آهي ته ’مُطرَّف‘ مان ’مطرَّب‘ پروف جي
غلطيءَ سببان ٿيو هجي، ليڪن ساڳيو لفظ ’نئين جامع
سنڌي لغات‘ (بلوچ، 2004: 443) ۾ ٿو ڏسجي ته به
ساڳي لکت ۽ وضاحت، مثال سوڌي ڏنل آهي. حقيقت ۾
’مطرب‘ جي معنى ’خوشي يا غم ۾ جهومڻ‘ واري ٿئي ٿي،
جيڪا تجنيس سان ڪنھن به صورت ۾ ٺھڪاءَ ۾ نه ٿي
اچي.
·
تجنيس مُطرَّف جو اشتقاق
فيروز اللغات عربي- اردو جي مدد سان تجنيس مُطرَّف
جو اشتقاق هيٺين ريت رکجي ٿو:
تجنيس مُطرَّف: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ =
هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ +
مُطرَّف- مُفَعَّل- اسم مفعول (طَرَفَ = هن اک
ڇنڀي) پاسو ورتل، ڪنارو مٽيل] تجنيس جي اها صورت
جيڪا، ٻن همجنس لفظن جي اڳين اکرن تائين ساڳي هجي،
ليڪن آخري اکر مٽيل هجي، جيئن: ڪٽر- ڪٽڪ، سرس-
سرت، ڪرت- ڪرڀ وغيره.
·
تجنيس مُطرَّف ۽ تجنيس حرفيءَ ۾ مماثلت
تجنيس حرفيءَ مان مراد ڪنھن بيان يا شعر ۾ تقريباً
هر لفظ جي شروعات ساڳئي حرف سان ٿيندي هجي، جيئن:
دولتون، دانائيون، دنيا، دوائون، دان، دين،
در مٿان دادار ڏئي ٿو، هر مھل جيڪي مَڱو.
مٿئين شعر ۾ ’دال‘ اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ ڪم آندا
ويا آهن، جنھن سبب ان کي تجنيس حرفيءَ جو مثال
چئبو. انهن ساڳين لفظن ’دولتون، دانائيون، دنيا،
دوائون، دان، دين، در، دادار‘ ۾ جيڪڏهن ٻيو لفظ به
ڪنھن ٻئي ساڳئي اکر سان شروع ٿئي ها ته پوءِ ان تي
اکرن جي تعداد جي بنياد تي غور ڪجي ها ته ڪٿي
تجنيس حرفيءَ کان هٽي ڪري ڪا ٻي تجنيس ته ڪونهي!
ساڳئي نموني هيٺئين شعر کي جاچجي ٿو:
نه ’محروم‘ ڪر، بلڪ مرحوم ڪر مون،
مَرڻ ڏي مسافر کي منجهه مُلڪ ’محروس‘.
’محروم، مرحوم، مون، مرڻ، مسافر، منجهه، ملڪ،
محروس‘ لفظن جي شروعات ’ميم‘ سان ٿئي ٿي، جنھن سبب
ان کي تجنيس حرفيءَ جو مثال ته سڏبو ۽ جيڪڏهن
جاچجي ته ’محروم‘ ۽ ’محروس‘ اهڙا همجنس لفظ آهن،
جيڪي اڳين اکرن ’محرو...‘ تائين ساڳيا آهن، ليڪن
آخري حرف تبديل آهي، جنھن بنياد تي اهو چئي سگهبو
ته اهو تجنيس حرفيءَ کان علاوه ڪا ٻي ’تجنيس‘ به
ٿي سگهي ٿي، جيڪا آهي ’تجنيس مُطرَّف‘!
·
تجنيس مُطرَّف ۽ لاحق/ مضارع ۾ مماثلت
ڄاڻايل مٿئين شعر ۾ لفظ ’محروم- مرحوم- محروس‘
همجنس آهن ۽ جيڪڏهن ’محروم‘ ۽ ’مرحوم‘ جي ڀيٽ ڪبي
ته اهو ’تجنيس قلب‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن
’محروم‘ ۽ ’محروس‘ جي ڀيٽ ڪبي ته آخري اکر جي مٽجڻ
سان ’تجنيس مُطرَّف‘ جو مثال ته آهي ئي آهي، ليڪن
ان کي بعيد المخرج سبب ’تجنيس لاحق‘ جو به مثال
سڏي سگهبو، ڇاڪاڻ ته ’تجنيس لاحق‘ اهڙن ٻن همجنس
لفظن کي چئبو آهي جن جي اڳ، وچ يا پڇاڙي واري بعيد
المخرج هڪ اکر جي تبديلي هجي. ان هڪ بعيد المخرج
اکر جي تبديلي ’محروم‘ ۽ ’محروس‘ ۾ موجود آهي، ان
سبب ان کي يڪسان طور تي مُطرَّف ۽ لاحق جو مثال
چئي سگهبو. ساڳيءَ طرح:
مانَ، ديکائين ’دَرس‘، ’درد‘ سِر ٻاريَم دُونھان،
ورهه اندر وَرهيه گذريا، وئي وڇوڙي ۾ وَهي.
(ڪليات 2: 582)
مٿئين شعر موجب ’درس‘ ۽ ’درد‘ ۾ ’س ۽ د‘ قريب
المخرج شمسي آخري اکرن جي تبديليءَ سان تجنيس
مضارع جو مثال آهي؛ ساڳئي وقت آخري اکر جي
تبديليءَ سان ’مطرف‘ جو پڻ مثال آهي.
·
تجنيس حرفي ۽ لاحق توڻي مضارع ۾ مماثلت
×
آخري حرف جي تبديليءَ وارا لفظ، تجنيس حرفي،
مُطرَّف، لاحق ۽ مضارع پڻ سڏبا.
×
اهو خيال ته عام آهي ته ’تجنيس حرفيءَ‘ موجب ڪوبه
لفظ ساڳئي اکر سان شروع ٿيندو آهي. جيڪڏهن همجنس
لفظن جا پھريان اکرَ ساڳيا ۽ آخري اکر تبديل هجي
ته انهن همجنس لفظن جي تجنيس مُطرَّف سڏبي. يعني
تجنيس مُطرَّف، هر صورت ۾ ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز
آهي.
×
تجنيس حرفيءَ جي تجنيس لاحق يا مضارع سان مماثلت
شروعات يا وچئين حرف جي ساڳيائپ واري بنياد تي ٿي
سگهي ٿي، ليڪن لاحق يا مضارع جا اهڙا لفظ جيڪي
ساڳئي حرف سان شروع نه ٿين ته اهي تجنيس حرفيءَ
جو مثال نه ٿيندا.
·
تجنيس مُطرَّف (آخري اکر جي تبديليءَ سان)
تجنيس مُطرَّف، ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز آهي ۽ پڻ
’تجنيس لاحق ۽ مضارع‘ جا ٻه حصا (وچئين يا آخري
اکر جي تبديليءَ سبب) تجنيس حرفيءَ جو جز آهن.
جيئن ته مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس
حرفي‘ جي حرفت ڪافي سمايل رهي آهي، ان ڪارڻ سندس
شاعريءَ مان تجنيس مُطرَّف جا مثال جاچجن ٿا:
·
آخري وينجن اکرن جي تبديليءَ سان (ٻه اکرو
لفظ)
’بي‘ بندو آهين برابر، ٻيو نه ڀانئج ڪجهه ڀُلي،
روس جيئن رب کان نه ڦِر، نه ته روهه ۾ ويندين رُلي،
اڄ خدائي خود خدا جي، خوب خصمن تي کُلي،
باهه، بم باروت وچ ۾، بُت سندن بنيا بُلي،
لاش لينن سِر ڪلهن، لَڪ تان لڙن لاچار ٿي،
تون نه تن جيئن خوار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
(ڪليات 1: 235)
’بم‘ ۽ ’بت‘ تجنيس مطرّف جو مثال آهي. ان کان
علاوه ’روس ۽ روهه‘ ۽ ’خود ۽ خوب‘ پڻ تجنيس
مُطرَّف جا مثال آهن.
اي سندئي پَر پُٺ پڪارون، ڪم نه ’احمد‘ ايندياءِ،
جي رُٺل راڻي کي ريجهائين، ته رُو رُو روبرو.
(ڪليات 2: 485)
’پَر‘ ۽ ’پُٺ‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.
رِڻ ٿيو مون، ساڻ راڻا، رُس مَ، روساڱو ٺھيو،
ڍوليا، ڍاٽي وَري، ڍَٽ پاس ڍاري، موٽ تون.
(ڪليات 2: 413)
’رڻ‘ ۽ ’رُس‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.
سج نه چنڊ جي سُڌ پوي، اڳيان سڄڻ جي سوجهري،
باغ بستان ڪو نه ڀانيان، گم بحر بَر ٿو ڏسان.
(ڪليات 2: 372)
’سِجُ ۽ سُڌِ‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
سِڪ ڀڳا سڀ سُک سندم، ساريان سڄڻ ساري ڄمار،
درد دل ۾ ٿيو زياده، دلربا دلدار جو.
(ڪليات 2: 463)
’سڪ‘ ۽ ’سک‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.
نه آيا بَر بني آدم، شمع قنديل ڪُل ٿيا ڪم،
سبب محبت سڄو عالم، هجي حيران هموارا.
(ڪليات 2: 51)
’ڪُل‘ ۽ ’ڪم‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
کَڻ اک خَليلَ، سامهين کِل ساڻ زَر خريدن،
اڄ ڪَر اڱڻ اسان جو، آباد ساڻ عِيدن.
(ڪليات 2: 407)
’کَڻ ۽ کِل‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.
·
آخري وينجن اکرن جي تبديليءَ سان (ٽه اکرو
لفظ)
سدا ساريان سڄڻ سائين، وَرو آهُن مٿي آئين،
هلي آءُ گڏ حشر تائين، رهون خوش خوب خوش حالا.
(ڪليات 2: 71)
’خوش‘ ۽ ’خوب‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
رات گڏ راڻا، نه راهين، ته به رهڻ ڏي راڄ ۾،
نيٺ تنھنجو نوڪ نيڻن سان، نظارو ئي لذيذ.
(ڪليات 2: 241)
’رات ۽ راڄ‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.
رات ڏينهن تنھنجو رڳوئي، راڳ رڳ رڳ روح ۾،
تنھنجون تن من ۾ تنوارون، ’تون‘ ڪري ٿي تند تند.
(ڪليات 2: 216)
’رات ۽ راڳ‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.
اچي آباد ڪيائون آستانو،
ڪري اڄ ڇو نه ’احمد‘ عيد ۽ عيش.
(ڪليات 2: 304)
’عيد‘ ۽ ’عيش‘ آخري اکر ’د ۽ ش‘ جي تبديليءَ سان
تجنيس مُطرّف جو مثال آهي.
اسان کي عيش عشرت عيب ’احمد‘،
فقيرن جو فخر فاقي فقر سان.
(ڪليات 2: 377)
’عيش‘ ۽ ’عيب‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.
ڪنھن غَرض سان غَرب ڏي، ڪاهي غرابن کي غريب،
عرب ’احمد‘ ميڙ، يا الله، يا رب، يا عزيز.
(ڪليات 2: 273)
’غرض ۽ غرب‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.
ڪڏهن گهوٽ گهوڙي، مٿان گهور گل،
ڪڏهن دوست ڌڙ تي وسي ڌوڙ ڌُڌ.
(ڪليات 2: 223)
’گهوٽ ۽ گهور‘ آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس
مُطرَّف جا مثال آهن.
قديمن جو قدر وڌيو قدم سان،
ڏيئي خدمت ڪيئون خوش خادم خويش.
(ڪليات 2: 304)
’قدر‘ ۽ ’قدم‘ آخري اکر ’ر ۽ م‘ جي تبديليءَ سان
تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
ڇا سڄڻَ، تو کان سوا، سُک کي ڪريان ڇا ساهه کي،
تو بنا مون کي مرض، ماتم مرڻ محشر ڀلا.
(ڪليات 2: 73)
’مرض‘ ۽ ’مرڻ‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
مصطفى مرسل لڏيندي، مُلڪ مِلت پَر نيا،
سي نه ٿيا غارت ادا، ڪي غائباني تنھنجي ۾.
(ڪليات 1: 343)
’مُلڪ‘ ۽ ’ملت‘ آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس
مُطرَّف جا مثال آهن.
وچينءَ ويلي ورڻ جو، ساڻ ويڙهيچن وچن وچ ۾،
عمرَ، ويٺي ڏسان واٽون، ورن ڪي شالَ وانگيئڙا.
(ڪليات 2: 64)
’ورڻ‘ ۽ ’ورن‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.
’الف‘ آهي ڪو اتاهون، عرش کان عالي جناب،
اڀ، زمينون، عرش وچ ۾، ٻيا به ڪئين عالم عُجاب،
جِن مَلڪ ماڻهو مرون، آباديون درياهه آب،
خاڪ سين افلاڪ کان، شاهي حڪم پھچن شتاب،
هَي، هتان جي ويا، نه آيو ڪنھن به جانيءَ کان
جواب،
ڪوهه ڄاڻان ڪوٽ ۾، ڪيئن ٿيو هَميراڻو حساب.
(ڪليات 1:
251)
’ڪوهه ۽ ڪوٽ‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.
·
آخري وينجن اکرن جي تبديليءَ سان (چار اکرو
لفظ)
’زي‘ زمانن کان زمين تي، رنگ ساڳيا ٿا رچن،
جن ته جن، ماڻهو ته ماڻهو، فصل پنھنجي پَر پچن،
مُنڍ مادي بي پَسھه کان، هي منڊل مشڪل مچن،
بلڪه افلاطون اٽڪن، ته به نه اَٽڪل تي اچن،
هيءَ خدائي خود خدا جي، خاص خدمتگار ٿي،
ٻيا نه ٻولج ٻار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
(ڪليات 1: 273)
’اٽڪن ۽ اٽڪل‘ آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس
مُطرَّف جا مثال آهن.
دِيد درسن دور پنڌان، دائما دل کي درست،
ڀِڄ ڀلين پَر ڀڄ نه مون کان، بي وفا دلِ، ترس ترس.
(ڪليات 2: 286)
’درسن‘ ۽ ’درست‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
·
آخري وينجن اکرن جي تبديليءَ سان (پنج اکرو
لفظ)
دوست جي دَم سان، قَدم سان، ديد سان، ديدار سان،
دل سندم آزاريل، ’آزار‘ کان ’آزاد‘ باد.
(ڪليات 2: 212)
’آزار‘ ۽ ’آزاد‘ جي آخري اکر جي تبديليءَ سان ڪم
ايندڙ لفظ، تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن
دَهن تنھنجو دلبرَ، حقي حوض ڪوثر،
ڪري پُر پيارج پيارَلَ، پيالا.
(ڪليات 2: 70)
’پيارج‘ ۽ ’پيارَل‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
واهه، ’سانوَڻ‘ ڏينھن، ساوڪ مينهن، ’سانوَل‘ ساڻ نينھن،
يار ڀيڙو، باغ بلبل، بُوند بار و بار گڏ.
(ڪليات 2: 230)
’سانوَڻ ۽ سانوَل‘ آخري اکر جي تبديليءَ سبب تجنيس
مُطرَّف جو مثال آهي.
نه ’محروم‘ ڪر، بلڪ مرحوم ڪر مون،
مَرڻ ڏي مسافر کي منجهه مُلڪ ’محروس‘.
(ڪليات 2: 292)
’محروم‘ ۽ ’محروس‘ جي ڀيٽ ڪبي ته آخري اکر جي مٽجڻ سان ’تجنيس مُطرَّف‘ جو
مثال سڏبو.
·
آخري حرف علت (الف) جي تبديليءَ سان
هتي ڪاڙها ڪڙهن ڪارا، وطن ۾ واس وسڪارا،
وڻيم تاڙا، ڳڻيم تارا، لڳي تاڙي نه تاڙي ڪا.
(ڪليات 2: 66)
’تاڙا ۽ تاڙي‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
کِيان کنڊ خُشڪا ته خُشڪي کڻي،
اسان ڏوٿين لاءِ ڏٿ آهه ڏاج.
(ڪليات 2: 176)
’خشڪا ۽ خشڪي‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال چئي سگهجن
ٿا.
هڪ ڀَريا ڍورا ڍنڍون، ٻيو ڍونڍ ڍورن ڍير ٿيا،
پيئي مِرُن ۾ مار، وڄڙيون وار، واري ٻي ولھار.
(ڪليات 1: 508)
’ڍورا‘ ۽ ’ڍورن‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
·
آخري حرف علت (واؤ) جي تبديليءَ سان
پِرهه سان پسجي نه پَٽ ۾، ڪو پَکي توڻي پَکو،
سانگ ڪھڙي ڪن سنباهي، يا الاهي الغياث.
(ڪليات 1: 512)
’پَکي ۽ پَکو‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال چئي سگهجن
ٿا.
اونداهي رات اوجهڙ ۾، اُجهان آئون مُنجهان آئون،
سڄڻ گڏجي ته سڄ ڌاران، سڄو پٽ سوجهرو ساها.
(ڪليات 2: 80)
’سڄڻ‘ ۽ ’سڄو‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.
ري مُروَت ۽ صفا، مَروو صَفا ڊوڙي ته ڇا،
پاڪ پاڪيءَ ري نه ڪنھن، پاڪيٽ جا پاڪيٽ ڪَٽ.
(ڪليات 2: 154)
’مروَت‘ ۽ ’مَروو‘ آخري حرف جي تبديليءَ سان تجنيس
مُطرَّف جا مثال سڏبا.
·
آخري حرف علت (يي) جي تبديليءَ سان
’لام‘ لَڇڻن ساڻ لَڇمي، ري لَڇڻ لَڇمڻ لُڇن،
وڃ پچي، پرواهه نه ڪر، پروان پاڻهي پڙ پڇن،
ڪوهه ڪُسڪين ٿو ڪسڻ تي، ڪھر ڪسنيد ڪيئن ڪڇن،
مَر نه ميڙي، بلڪه ماري، مير ٿي موڙي مُڇن،
نَر بَڻي، نيزو کڻي، نعرو هڻي نروار ٿي،
ڪر کڻي ڪَرار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
(ڪليات 1: 240)
’لڇمي ۽ لڇمڻ‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.
ڏاترَ، لاهين ڏک، ڪي ساڻيھه سنبران سُک،
ماڙيَن ماري آهيان، ميڙين مارُو مُک.
(ڪليات 1: 307)
’ماري‘ ۽ ’مارُو‘ تجنيس مطرف جو مثال آهي.
ڏسان وار مشڪي ته مشڪل چڙهڻ،
پسان منھن ته مڙئي مُھمات مات.
(ڪليات 2: 118)
’مشڪي ۽ مشڪل‘ ٻه الڳ لفظ، آخري حرف جي تبديليءَ
سبب تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.
·
اختصار/ نچوڙ/ نتيجو
?
تجنيس مُطرَّف مان مراد اهڙن همجنس لفظن جي اڳين
اکرن جو ساڳيو هجڻ آهي، جن جي آخري اکر ۾ تبديلي
هجي، جيئن: ڪٽر- ڪٽڪ، سرس- سرت، ڪرت- ڪرڀ وغيره.
?
جامع سنڌي لغات ۾ ’تجنيس مطرب‘ جي صورتخطي ڄاڻايل
آهي، جيڪا معنى توڻي مراد نسبت جعلي آهي، البت،
مثال مناسب آهي.
?
تجنيس مُطرَّف، تجنيس حرفيءَ جو جز آهي، ڇاڪاڻ ته
تجنيس حرفيءَ جيان مُطرَّف جو به پھريون اکر ساڳيو
رهي ٿو. تجنيس مُطرَّف نسبت، مولوي صاحب جي ڏنل
مثالن موجب ٻه اکري لفظ (ڪُل ۽ ڪم) جو پھريون اکر
ساڳيو ليڪن آخري تبديل رهندو؛ ٽه اکري لفظ (رات ۽
راڳ) ۾ ٻه اکر ساڳيا ليڪن آخري حرف تبديل ٿئي ٿو؛
چار اکري لفظ (لڇمي ۽ لڇمڻ) ۾ ٽي اکر ساڳيا ليڪن
آخري اکر جي تبديلي رهي ٿي؛ پنج اکري لفظ (محروم ۽
محروس) ۾ چار اکر ساڳيا، ليڪن آخري حرف تبديل رهي
ٿو.
?
تجنيس مُطرَّف ۽ لاحق توڻي مضارع ۾ آخري حرف جي
تبديليءَ نسبت هڪجھڙائي آهي. جيئن ته تجنيس مضارع
موجب همجنس لفظن ۾ ڪوبه هڪ حرف (شروعاتي، وچيون يا
آخري) تبديل هجي، ان خيال کان تجنيس لاحق توڻي
مضارع جو اهو مثال جنھن ۾ آخري حرف جي تبديلي هجي
ته اهو ساڳيو مثال تجنيس مُطرَّف جو به سڏبو.
?
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جو مزاج جيئن ته
’تجنيس حرفيءَ‘ وارو رهيو آهي، ان ڪارڻ سندس
شاعريءَ ۾ تجنيس مُطرَّف جا مثال به خاصي تعداد ۾
ملن ٿا. البت، تجنيس حرفيءَ جي ڀيٽ ۾ تجنيس
مُطرَّف جو استعمال، ٿلهي ليکي، چوٿون حصو آهي.
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس لفظ‘ جو
جائزو
(A Study of ‘Homo-Sound Word’ in Molvi Ahmed
Mallah’s poetry)
·
اڀياس جو پس منظر
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جي فني خوبين کي جاچڻ
لاءِ ڪافي سوچ سمجهه کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. لفظي
تجنيسن جي دائري ۾ اهڙن لفظن جو استعمال به ڪري ٿو
جن تي ڪو نالو رکڻ لاءِ به احتياط کان ڪم وٺندي،
تشريحي اصطلاح به مقرر ڪري وٺجي ٿو. تجنيس حرفي ته
اهڙي تجنيس آهي، جيڪا ڪافي تجنيسن جي ماءُ آهي.
مولوي صاحب جي شاعري جڏهن جاچجي ٿي ته ’تجنيس
حرفي‘ ته سندس مزاج ۾ شامل رهي آهي، پوءِ جڏهن ان
لفظن جي رانديگريءَ تي غور ڪجي ٿو ته ڪي ذيلي
تجنيسون به ڪَرُ کڻن ٿيون. هتي ’تجنيس لفظ‘ تي
ويچار ونڊجي ٿو.
مذڪوره تجنيس جو ذڪر سنڌي يا اردو ۾ ڪونه ٿو ملي،
البت عربيءَ جي هڪ ڪتاب ’ڪشاف الاصطلاحات الفنون
العلوم‘ جي حاشيي ۾ فارسي وضاحت سان هن طرح آيل
آهي ته ”تجنيس لفظ يعني در تلفظ متشابہ و متجانس
نمايند و در ڪتابت متباين چو سفر و صفر“ (ٿانوي،
1996: 594) ڄاڻايل ڪتاب ۾ ائين واضح ٿيل آهي ته
’اهڙا لفظ جيڪي اچار ۾ ساڳيا لڳن، ليڪن لکت ۾ فرق
هجي، جيئن: سفر ۽ صفر.
اهڙا ڀيٽ جي صورت ۾ لفظ جيڪي ’آواز‘ ۾ ساڳيا، ليڪن
انهن جي صورتخطي مختلف هجي. هي معاملو خاص طور
اهڙن لفظن ۾ سامهون اچي ٿو، جن ۾ ڌارين ٻولين جا
’آواز/ اکر‘ شامل رهن ٿا، جن جو اچارڻ سنڌي ٻوليءَ
جي رواج ۾ عام ناهي. مثال طور: ’ڪثرت‘ ۽ ’ڪسرت‘
لفظن جو سنڌي ٻوليءَ جي نسبت اچار ساڳيو آهي، ليڪن
صورتخطي تبديل رهي ٿي. جڏهن ته اهو به ممڪن ڪونهي
ته انهن لفظن مان، آواز جي بنياد تي، ڪنھن هڪ لفظ
کي معياري سمجهي، ٻئي کي رد ڏجي. اهي لفظ سنڌي
صورتخطيءَ موجب ٻوليءَ جو حصو ٿي چڪا هوندا آهن.
صنايع بدايع ۾ لفظن جو هي معاملو ’سنڌي
صورتخطيءَ‘ جو آهي.
·
اڀياسي سوال
s
’تجنيس لفظ‘ مان ڇا مراد آهي؟
s
ڇا مختلف صورتن وارا لفظ به ’تجنيس لفظ‘ ۾ شامل ٿي
سگهندا؟
s
ڇا مختلف صورتن وارن لفظن کي ساڳين آوازن جي بنياد
تي شامل ڪري سگهجي ٿو؟
s
ڇا ’تجنيس لفظ‘ جو مدار آواز تي آهي يا اکرن/ حرفن
تي به ٿي سگهي ٿو؟
s
ڇا ساڳين آوازن تي مبني لفظن جي زيرن- زبرن واري
فرق کي به هن تجنيس ۾ شامل ڪري سگهبو؟
·
اڀياس جو عمل
هيءَ تجنيس اهڙي آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾
روشناس ٿي ڪونه سگهي آهي، ان ڪارڻ ان جا حوالا
ڳولهڻ تمام ڏکيو عمل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جن به
عالمن صنايع بدايع تي ڪم ڪيو آهي، يا لغتن ۾ جتي
ٻين تجنيس يا صنعتن جي وضاحت ملي ٿي، اتي مذڪوره
تجنيس جو ڪوبه حوالو ڪونه ٿو ملي. ضرورت ان ڳالهه
جي آهي ته ان تجنيس جو لغوي ۽ سماجي اعتبار سان
اڀياس ڪري هڪ دائرو متعيّن ڪيو وڃي. ان لاءِ ترتيب
سان لفظ جي لغوي ۽ سماجي معنى تي ڪجهه ويچار ونڊجن
ٿا:
·
تجنيس جي معنى ۽ مراد
تجنيس عربي لفظ ’جنس‘ مان ورتل آهي، جنھن جي مراد
اهڙا مختلف حيثيت رکندڙ همجنس لفظ ڪم آڻڻ آهي،
جيڪي ڪنھن دائري هيٺ، ڀيٽ جي صورت ۾ ڏيکاري سگهجن.
يعني هن اصطلاح جو لاڳاپو لفظن جي استعمال واري
ڪاريگريءَ سان آهي، جڏهن ته ’صنعت‘ جو اصطلاح،
شاعريءَ ۾ معنوي ڪاريگريءَ سان لاڳاپو رکندي آهي.
×
جامع سنڌي لغات: تَجنِيسَ جمع تَجنِيسُون ث. [ع.
جَنَسَ < جَنَّسَ، تَجنِيس = جنسوار ڪرڻ، جنسن ۾
ورهائڻ] هڪجھڙائي- مشابھت. علم بديع جي هڪ صنعت.
(بلوچ، 1981: 590)
جامع سنڌي لغات موجب لفظن کي جنسوار ڪرڻ، جنھن مان
مراد آهي ته ان ۾ لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ رکي همجنس يا
جنسوار ڪري ڏيکاريا ويندا آهن. جڏهن ته صنعت ۾ لفظ
کي جنسوار نه ڪبو آهي بلڪ، ان کي معنى جي نسبت سان
ڄاڻايو ويندو آهي
·
تجنيس لفظ جي معنى ۽ مراد
تجنيس ’لفظ‘ جي مراد هم آواز لفظ آهن، ’ادبي
اصطلاحن جي تشريحي لغت‘ ۾ ان بابت ڄاڻايل آهي:
”هم آواز: اهي لفظ جي ساڳي آواز سان اچارجن، پر
معنى ۽ لکت ۾ مختلف هجن.“ (مختيار، 2015: 362) لغت
ته ٿي ۽ تشريح به ٿي، ليڪن ڪوبه مثال موجود ڪونهي،
ان ڪارڻ اهڙي تشريح اڌوري ۽ مونجهاري جو سبب سمجهي
ويندي آهي.
جامع سنڌي لغات ۾ مٿين ’هم آواز لفظن‘ واري ڳالهه
’تجنيس مضارع‘ سان سلهاڙي وئي آهي. ان موجب ڄاڻايل
آهي: ”تجنيس مضارع: ث. شعر ۾ ساڳئي آواز ليڪن معنى
۽ صورتخطي مختلف هئڻ واري صنعت ’لال لب
لعل کان پڻ لال مٺا توکان ٿيا.“ (بلوچ، 1981:
591)
حقيقت ۾ جامع سنڌي لغات ۾ ڄاڻايل ’تجنيس مضارع‘
واري تشريح ۽ مثال اڻ ٺھڪندڙ آهن، ان قسم جي تجنيس
کي ’تجنيس لفظ‘ ئي سڏڻ گهرجي، جنھن بابت اسان جي
سنڌي ڪتابن يا لغتن ۾ ذڪر ٿيل ناهي.
علامه محمد علي ٿانويءَ جي ڪتاب ۾ ’تجنيس لفظ‘
بابت مختصر تشريح واضح رهي ٿي : ’تلفظ ملندڙ هجي
ليڪن لکت الڳ هجي، جيئن: سفر ۽ صفر‘. (ٿانوي،
1996: 594)
فيروز اللغات عربي- اردو جي مدد سان ڄاڻايل اصطلاح
جو اشتقاق هيٺين ريت لھجي ٿو:
تجنيس لفظ: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو
پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + لفظ
(ٻول) لفظن جي جنس] صنايع بدايع ۾ اهڙو شعر يا
بيان جنھن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مختلف معنائن وارا
لفظ جن جو اچار ساڳيو هجي، ليڪن صورتخطي تبديل
هجي، جيئن: چاڪ (زخم) ۽ چاق (تندرستي)، اثر
(تاثير- خاصيت) ۽ عصر (زمانو)، قصر (محل) ۽ ڪثر
(گهڻائي) ، هار (ڳلي جو سينگار) ۽ حار (گرمي)، غار
(جبل جي چُر) ۽ گار (بد لفظ) وغيره.
·
’تجنيس لفظ‘ جو دائرو
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’تجنيس لفظ‘ جي حوالي سان اهڙا لفظ
ممڪن ڪونهن جن جا اچار ساڳيا هجن ۽ صورتخطي مٽَ
هجي. ساڳي صورتخطيءَ سان لفظ جون معنائون مختلف ٿي
سگهن ٿيون، ليڪن صورتخطي مَٽَ ته آواز ساڳيا نه
رهندا، ان حالت ۾ اهو لفظ ان تجنيس جو جز نه
ٿيندو. فرض ڪريو :
·
جن جي صورتخطي مَٽ هجي ۽ آواز ساڳيو هجي، ائين ٿئي
ڪونه ٿو. فرض ڪريو ته لھجن نسبت لفظ ’ٻار‘ ۽ ’ٻال‘
۾ صورتخطي ته مٽ آهي، ليڪن آواز ساڳيو نه ٿو نڪري
۽ ساڳئي وقت لفظ جي معنى به مَٽَ نه ٿي. لھجي، ان
نسبت اهي لفظ ’تجنيس لفظ‘ ۾ شامل نه ٿا ڪري سگهجن.
·
آواز ساڳيو هجي، معنى مٽَ هجي ۽ صورتخطيءَ ۾ به
فرق هجي، ائين به ڪونه ٿو ٿئي. جيڪڏهن لفظ کڻجن
’آرسي (درسني) ۽ آرسي (سست)‘ ته معنائون بيشڪ
مختلف آهن، آواز به ساڳيو آهي، ليڪن صورتخطيءَ ۾
فرق ناهي. ان ڪارڻ ان کي ’تجنيس لفظ‘ ۾ شمار نه
ڪبو، بلڪ اها ’تجنيس تام‘ ۾ شامل ٿيندي.
واضح رهيو ته ڄاڻايل تجنيس جي دائري ۾ سنڌي ٻوليءَ
جي لفظن جي، ڌارين ٻولين جي لفظن سان ئي ڀيٽ
ڏيکاري سگهجي ٿي، جيئن: چاڪ يا چاق؛ يا وري اهڙا
ڌاريا لفظ جن جا سنڌي ٻوليءَ جي نسبت ساڳيا آواز
وٺجن، جيئن: ڪثر يا ڪسر/ قصر.
ڄاڻايل تجنيس ۾ عربي/ فارسي يا هندي لفظن جي سنڌي
لفظن سان ڀيٽ ڏيکاري سگهجي ٿي، جن جو آواز ساڳيو
ھجي، ليڪن صورتخطي تبديل هجي، هن ۾ ٽي انداز ٿي
سگهن ٿا، جيئن:
1.
سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ عربي لفظن جو آواز/ اچار
ساڳيو، ليڪن معنى ۽ صورتخطي تبديل، جيئن: ڪثرت
(گهڻائي هجڻ) ۽ ڪسرت (جسم ٽوڙڻ/ ورزش ڪرڻ) وغيره.
2.
سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ عربي لفظ ۽ سنڌي بڻايل لفظ
جو آواز/ اچار ۽ معنى ساڳي، ليڪن صورتخطي مَٽَ
هجي، جيئن: جثو (جسم/ بدن) ۽ جسو (جسم/ بدن)
وغيره.
3.
سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ عربي ۽ هندي لفظن جو آواز/
اچار ساڳيو، ليڪن معنى ۽ صورتخطي مَٽ، جيئن: عنبر
(هڪ خوشبوءِ واري وکر جو نالو) ۽ امبر (آسمان/
اُڀ). ياد رهي ته ٻن چپوين آوازن اڳيان ’ميم‘ جو
آواز ايندڙ اصل ۾ ’نون گهُڻي/ غني‘ يا ’ڇوٽي نڪوين
سُر آواز‘
(Short Nasal Vowel)
جو مثال آهي، جنھن کي هندي يا انگريزي صورتخطيءَ ۾
’ميم ساڪن‘ سان لکندا آهن، جيڪو اصل ۾ ’نڪوون سُر
آواز‘ آهي.
·
تجنيس لفظ جو ساڳئي شعر ۾ استعمال
ڪنھن به تجنيس ۾ لفظن جي ڀيٽ رکي ويندي آهي. جڏهن
لفظن ۾ ڀيٽ واري ڳالهه اچي ٿي ته ظاهر آهي ته ڪنھن
به تجنيس جو هجڻ ساڳئي شعر ۾ ڏٺو ويندو آهي. ائين
ڪونه ٿيندو ته مخصوص تجنيس واري ڀيٽ لاءِ ڪي الڳ
شعر جاچي رکجن. تجنيس لفظ جي جاچ به تڏهن ڪارگر
ليکبي، جڏهن لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ ساڳئي شعر ۾ هجن.
الڳ شعرن مان ’تجنيس لفظ‘ جي ڀيٽ نه ٿي ڏيکاري
سگهجي، جيئن:
لڳو نِينھن هتڙي ننڍي هوندڙي،
ويا ورهيه گذري، ڇڏي کَر نه کنڊ.
(ڪليات 2: 234)
رکي خار خَر خيرخواهيءَ بجاءِ،
وجهي وات اڌ رات ابتو اَتِيت.
(ڪليات 2: 147)
مٿئين شعر ۾ ’کَر‘ ۽ ’خَر‘ ساڳين آوازن وارا لفظ
آهن ۽ صورتخطي به مٽ آهي، ليڪن انهن لفظن جو
استعمال الڳ الڳ غزلن جي شعرن ۾ ٿيو آهي، ان ڪارڻ
علم صنايع بدايع موجب انهن لفظن کي ’تجنيس لفظ‘ جي
دائري ۾ شامل نه ڪبو.
·
’تجنيس لفظ‘ جو آواز ۽ اکر سان لاڳاپو
ٻوليءَ جي اصولن پٽاندر ’لفظ‘ جو لاڳاپو آواز سان
آهي، جڏهن ته اکرن/ صورتخطيءَ ۾ آڻڻ واري ڪار ان
جي ثانوي حيثيت آهي، پر جيئن ته هتي ’تجنيس‘ جي
دائري ۾ ڏسجي ٿو، ان لحاظ کان ان کي ٻن پاسن کان
ڏسي سگهجي ٿو.
�
آواز جي نسبت، ان تجنيس ۾ جيڪي لفظ ايندا، انهن جا
سُر
(Vowels)
ساڳيا رهندا.
�
سنڌي آئيويٽا جي نسبت اهڙا مختلف وينجن
(Consonant)
جن جو آواز ساڳيو ادا ٿئي ته اهڙا آواز ان تجنيس
جو جز ٿيندا.
�
اکرن جي نسبت، هتي اهڙا لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ ڪم آندا
ويندا، جن جا اکر مختلف ۽ آواز ساڳيا هجن.
·
’تجنيس لفظ‘ جي دائري بابت اهم نڪتا
مٿين وضاحت مان هيٺيان اهم نڪتا نمايان ملن ٿا:
?
مخصوص تجنيس جي استعمال جي ڀيٽ، الڳ شعرن مان جاچي
نه ٿي سگهجي. جيڪڏهن چونڊي نمايان به ٿين، ته به
انهن کي تجنيس واري دائري ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهجي.
?
عربي/ فارسي لفظ، مختلف اکرن/ آوازن سان الڳ
صورتخطيءَ وارا ۽ الڳ معنادار لفظ، ڄاڻايل تجنيس ۾
شامل ٿيندا، مثال: ’ڪثرت- ڪسرت‘.
?
عربي/ فارسي ۽ سنڌي/ هندي لفظ جن جا آواز ساڳيا
رهن، ليڪن صورتخطيءَ ۾ فرق هجي، سي به مذڪوره
تجنيس ۾ ڳڻيا ويندا، جيئن: ’عنبر ۽ امبر‘.
?
عربي يا بڻايل سنڌي لفظ، جيڪي ساڳي معنى ۾ ڪم اچن،
سي ان تجنيس ۾ ڪونه ڳڻبا، مثال: ’جثو- جسو‘.
?
زيرن- زبرن جي فرق سان مختلف صورتخطيءَ وارا لفظ،
ان تجنيس ۾ شامل ڪونه ٿيندا، جيئن: ’اَمر- عُمر‘
يا ’اَمُل- عَمَل‘.
اَمر آندِي آهيان، ’احمد‘ عُمر جي ڪوٽ ۾،
تَن اباڻن، مَن اباڻن، تِن اباڻن ساڻ اَت.
(ڪليات 2: 121)
يا
اَمُل آندا اَمُل ماڻڪ عَمل ۾،
نه جھڙس چنڊ توڙي چونڊ چينا.
(ڪليات 2: 75)
مٿين مثالن ۾ اهم نڪتو ’لفظن ۾ اچار جو مشترڪ هجڻ‘
آهي، جنھن ۾ ’زير زبر جو به فرق نه هجي‘ ته اهي
’تجنيس لفظ‘ ۾ سمجهيا ويندا.
·
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس لفظ جو جائزو
مولوي احمد ملاح جيئن ته ’تجنيس حرفيءَ‘ جو
شھنشاهه سڏبو رهيو آهي، ان سبب ته سندس شاعريءَ جي
مزاج ۾ ئي اهڙن لفظن جي ترڪيب رکڻ آهي جيڪي ساڳئي
حرف يا آواز سان شروع ٿين. هتي سندس شاعريءَ مان
اهڙن لفظن جي جاچ ڪرڻ آهي، جيڪي صورتخطيءَ ۾ ته
مختلف هجن، ليڪن انهن جا آواز ساڳيا هجن.
مَري ٿيا مُڃ، منجهه سُڃ، رُڃ ۽ اُڃ،
ثمر جن سان نه سَمر و زاد هو ڪو.
(ڪليات 2: 487)
’ثَمر (ڦَل، پيداوار، حاصلات، نتيجو)‘، ’سَمر
(مسافريءَ جو سامان) ساڳئي اچار وارا لفظ آهن.
چاڪ مان ناچاق بُت، چاڪون بنا دل چاڪ چاڪ،
لال لڙڪن ساڻ لوئي، بوند لھجي ڪنھن نه ڀَت.
(ڪليات 2: 121)
’چاق (چڱو ڀلو)‘ ۽ ’چاڪ (زخم، چير، ڦٽ)، ساڳئي
اچار وارا لفظ آهن.
سَدا منھنجون صَدائون ڪنھن سَڌر سُلطان جي دَر تي،
ڀَلين ڀَٽڪي ڀٽن ۾ ڀَٽ، ڀلا لاهن ڀَٽن ڀَٽڪا.
(ڪليات 2: 65)
’سَدا‘ ۽ ’صدا‘ ساڳئي اچار وارا لفظ آهن، البت
’صدا‘ کي جمع صورت ۾ رکيو اٿس، ليڪن پوءِ به تجنيس
جو مثال ضرور آهي.
ٿا چوَن پڙهيا ته، پريان ڏئي سَڪر، سو پئي سَقر،
هيج وارا ان هنر سان، حوض ڪوثر تي بيٺا.
(ڪليات 2: 37)
’سڪر ۽ سقر‘ لفظ ڪم آندا ويا آهن، جن جي صورتخطي
ته مٽَ آهي، ليڪن سنڌي ٻوليءَ جي نسبت اچار ساڳيو
ٿيندو ۽ معنائون مختلف بيھنديون، ’سڪر = پيار،
چُمي‘ ۽ ’سَقر (جھنم/ تڪليف).
ڏيھه ڏوريم، ڏُور ڏوريم، ڏينھن ڏوريندي لڳم،
ايءَ صفا صُورت نه سُورت، شھر شِملي ۾ ملي.
(ڪليات 2: 573)
سندس سونھن صُورت جي ساراهه ۾،
سوين سُورتون، هيڪ سُورت مَ پُڇ.
(ڪليات 2: 198)
’صُورت (شڪل/ حالت)‘ ۽ ’سُورت (شھر جو نالو) ساڳئي
اچار وارا لفظ آهن. ٻئين شعر ۾ ’صُورت (چھرو/
منھن) ۽ ’سُورت (قرآن شريف جي سورة) الڳ معنادار،
الڳ صورتخطيءَ سان ساڳئي اچار وارا لفظ آهن.
اڃا سڀ نه آسيون پنيون عاصين،
ڪي ٿورا خلاصا مليا خاصين.
(ڪليات 1: 690)
’عاصي ۽ آسي‘ لفظ ساڳئي اچار وارا لفظ ته ضرور
آهن، ليڪن ’تجنيس لفظ‘ جي نسبت ڪمزور مثال آهي.
آهه ’احمد‘ عَھد کان، تو هڪ اَحد جي آسري،
تون سَٻاجهو سڏ وَنھيون، سڏ منھنجو سُڻ سُڻ
ڳائيان.
(ڪليات 2: 402)
يا
حمد ’احمدَ‘ ڪر اَحد جو، عَھد جنھن سان عَھد کان،
هيءَ مِٽي تائين مِٽي، بازو به ي بُل بُل وڃن.
(ڪليات 2: 406)
’عَھد (عالم ارواح وارو وچن) ۽ ’اَحد (اهڙو هڪ
اسم، جنھن جا حصا ممڪن نه هجن)، ساڳئي اچار سان
مختلف صورتخطيءَ وارا الڳ لفظ آهن.
مون ڏٺا مُورهين نه ٻئي وَٽ، محبَ، اهڙا معجزا،
جيئن قَمر تي زُلف ڪارو، ۽ ڪَمر تي ذوالفقار.
(ڪليات 2: 246)
يا
سڄڻَ، صورت سَندئي ثاني قمر سان،
لڳن ڪاڪُل ڪُنڊون ڪونئري ڪَمر سان.
(ڪليات 2: 375)
يا
چنڊ چوڏهينءَ جو چڱو، پَر چيلهه چوٽي، نَڪ نه چَپ،
پوءِ قمر، نازڪ ڪَمر جھڙو ڪڄاڙي ۾ هجي.
(ڪليات 2: 535)
’قمر ۽ ڪمر‘ صورتخطيءَ ۽ معنى نسبت ٻه مختلف لفظ
آهن، ليڪن سنڌي ٻوليءَ نسبت، اچار ۾ فرق ڪونهي، ان
خيال کان ڄاڻايل لفظن کي ’تجنيس لفظ‘ ۾ شامل ڪبو.
لَب لعل لال لالي، اک خون کان نه خالي،
دلبرَ، نه سَٽ دونالي، سِک ڌرم ڌرم البت.
(ڪليات 2: 128)
’لعل (جواهر)‘ ۽ ’لال (ڳاڙهو)‘ ساڳئي اچار وارا
لفظ، ’تجنيس لفظ‘ جو مثال آهي.
·
قافين ۾ ’تجنيس لفظ‘ جو استعمال
انهن مثالن کان سواءِ مولوي صاحب ’تجنيس لفظ‘ جي
حوالي سان ڪافي قافيا به ڪم آندا آهن، جيڪي خيال
خاطر رکجن ٿا:
ضار، نافع، نام رب جو، ناهه تنھن۾ ٻيو نواب،
سائي سومر تي ڏٺم، ويو هڪ سڃو سمجهي ثواب،
جلد وَر جبار ڏي، پر ڪن نه ڪيو جاهل جواب،
پوءِ سَٽي سختيءَ منجهان، ساري چيم سنئون بَرصواب،
تون وَليءَ تي وڃ، اسين وٽ مُلڪ والي ٿا وڃون.
(ڪليات 2: 710)
’ثواب‘ (چڱو ڪم) ۽ ’صواب‘ (سڌو سنئون رستو) ساڳئي
اچار جا لفظ آهن، جنھن سبب ان کي ’تجنيس لفظ‘ جو
مثال ڪوٺبو.
هاشمي جن جي هِنيين جو، هار آهه حضرت حسن،
پڻ ڀَلو حضرت حسين، ٻَئي هنج حورن جي هَسن،
راتڙيون ڏينھن پَهر ساعت، ماهه صديون سال سَن،
رحمتون رحمان جون، شلَ روز راڻن تي رَسن،
ٻئي جگر زهرا سچيءَ جا، جان جوهر ٿو چوان.
(ڪليات 2: 158)
’حَسن (نالو)‘ ۽ ’هَسن (خوش ٿين) ساڳئي اچارا وارا
لفظ ۽ الڳ صورتخطيءَ وارا لفظ آهن.
کنوڻ کيل کاهُڙ، خطا ۽ خَتن ۾،
وٺو خير کِئينءَ سين، خبر ايءَ خَطن ۾.
(ڪليات 1: 308)
’خَتن‘ (علائقو، جتان جي مشڪِ ختن به مشھور آهي) ۽
’خطن‘ (لکت وارا پيغامَ‘ ساڳئي اچار وارا ۽ الڳ
صورتخطيءَ ۽ معنى وارا لفظ آهن.
جُمعي رات جاني، ستاويھن صَفر،
سوا ٽي بجي ٿيو سُتن سڏ سَفر،
نگُوسار ويا شاهه، نوڪر، نَفر،
ڦِٽن نام نيشان هڪ منٽ ۾.
(ڪليات 2: 495)
’صَفر‘ (عربي مھينو) ۽ ’سَفر‘ (مسافري) الڳ
صورتخطيءَ سان ملندڙ اچار وارا لفظ آهن.
’قاف‘ قسمت ۽ قَضا، هر قوم لئي هڪڙو قَلم،
مُلڪ مُشرڪ پيا وٺن، توکي مِلي مشڪل مَلم،
ٻيا اڏامن اُڀ مٿي، تنھنجو اَدلَ، اونڌو عَلم،
فرق، عامل لئي اميري، بي عمل لئي غم اَلم،
هو قضا، تون پڻ قضا، موجب قَضا ڪلتار ٿي،
قاتل ڪفار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
(ڪليات 2 : 240)
’عَلم‘ (جهنڊو) ۽ ’اَلم‘ (رنج/ ڏک) ساڳئي اچار ۽
الڳ صورتخطيءَ وارا لفظ ڪم آندا ويا آهن.
وريا ولهه تي ڪُلهن تان وار، عجب سبحانه سينگار،
قَتل ڪارين اکين جي ڪار، ڪاڪل قيد قَد حيرت.
جِيين جاني، وڌم جهاتي، ته ڀَئي ڪونهي، هئس ڀاتي،
ڪرم بدران ڪڍين ڪاتي، ٻَڌين ڪيڏو تون ڪَد حيرت.
(ڪليات 2: 132)
’قد‘ (ڊيگهه) ۽ ’ڪَد‘ (هوڏ/ وڏائي)‘ قافين ۾ ساڳئي
اچار وارا ۽ الڳ صورتخطيءَ وارا لفظ آهن، جيڪي
’تجنيس لفظ‘ ۾ شمار ٿيندا.
منجهه ڪَلامن تنھنجي قاتلَ، هڪ قتل ۽ ٻي ڪَتل،
پوءِ ڪَتل پٺيان ڪرين ٿو، قرب وارن کي قَتل.
(ڪليات 2: 337)
يا
ڪَتل جي ڪرڻ تان قتل جي ڪرين،
ته ناڪار ناهي، ويھي پاڻ وڍ.
(ڪليات 2: 237)
’قَتل‘ (خون) ۽ ’ڪتل‘ (مٺاڻ/ مٺي/ چمي) ساڳئي اچار
وارا، الڳ صورتخطيءَ وارا لفظ آهن. معياري ٻوليءَ
موجب ’قَتُلُ‘ ۽ ’ڪَتَلَ‘ اچارن ۾ زيرن زبرن جو
فرق واضح آهي، پر جيئن ته مولوي صاحب بنيادي طور
لاڙي لھجي جو ماڻهو آهي، ان سبب انهن لفظن جي
اعرابن کي نظرانداز ڪري انهن کي ’تجنيس لفظ‘ ۾
سمجهيو ويندو.
ڪٿي وَه واهه جي وائي، ڪٿي ڀَل ڀَل ڀَلا ڀائي،
ڪٿان صد آفرين آئي، ڪٿي ڪَن ڪُل اَهاهاها.
نه جي جيئري مليَم جاني، ٿيَس منجهه قرب قرباني،
ڪجل جي شل وجهي ڪاني، ڪڏهن ڏي قُل اَهاهاها.
(ڪليات 2: 81-82)
’ڪُل‘ (سڀ) ۽ ’قُل‘ (آيتون/ فاتحه) قافين جي
معنائن ۾ ساڳئي اچار وارا ۽ الڳ صورتخطيءَ جا مثال
آهن.
’عين‘ عاقل عطر ٺاهي، وڪڻندا تو وٽ وَتن،
سڀ وٺي سگهندا نه سي، ته به ڏينھن ٻه ٽي تيزاب
تَن،
پر کٿوريءَ مان خَتم، ٿيڻي نه خوشبوءِ منجهه خَتن،
خوب خوشبوءِ سان کڙن ٿا، وڻ وَليون پنھنجي وطن،
واس واٽن تي وٺن، تن جو تونگر يا تَتن،
لنگهه جتان هڪ هير، ٻيو هُٻڪار، سمجهي ڇا سگهان.
(ڪليات 2: 231)
’وَتن (استمراري مددي فعل) ۽ ’وَطن‘ (ديس) الڳ
معنائن، الڳ صورتخطيءَ سان ساڳئي اچار وارا لفظ
آهن.
·
حاصل مطلب/ اختصار/ نتيجو
?
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’تجنيس لفظ‘ بابت ڪٿي به ڪو ذڪر نه
ملي سگهيو آهي.
?
تجنيس لفظ مان مراد اهڙا همجنس، مختلف صورتخطيءَ
وارا لفظ ڪم آڻڻ آهي، جن جا، ٻوليءَ نسبت ساڳيا
آواز جڙن، جيئن: قمر- ڪمر، عَلم- اَلم، عَھد- اَحد
وغيره. يعني اهڙا لفظ جيڪي اچارن ۾ مشترڪ هجن،
ليڪن زيرن زبرن جو به فرق نه هجي.
?
تجنيس لفظ موجب ڌارين ٻولين جا مخصوص آواز، سنڌي
ٻوليءَ ۾ نه ٿا اچارجن، ان سبب انهن جا بدل آواز/
عيوضي آواز
(Allophones):
’ع‘ جو ’ا‘، ’خ‘ جو ’ک‘، ’ص/ ث‘ جو ’س‘، ’ذ/ ض/
ظ‘ جو ’ز‘ وغيره، ورتا ويندا آهن. ان ڪارڻ ’اَلم‘
۽ ’عَلم‘ جو آواز ساڳيو ورتو ويندو آهي.
?
اهڙا مختلف صورتخطيءَ وارا لفظ جن جي اعراب ۾ فرق
هجي، سي ان تجنيس ۾ شامل نه ڪيا ويندا، جيئن:
اَمر- عُمر (اَمر ۽ عُمر جي پهرين اعراب ۾ ئي فرق
آهي).
?
مولوي احمد ملاح جيئن ته تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه
ڪوٺيو ويندو آهي، ان سبب هن بزرگ اهڙا همجنس لفظ
به ڪم آندا آهن، جيڪي اچارن ۾ ته مشترڪ آهن، ليڪن
انهن جي صورتخطي مختلف آهي، جيئن: ’سَڪر- سَقر‘،
’قَمر- ڪَمر‘، ’عَھد- اَحد‘، ’خَتن- خطن‘، ’ڪُل-
قُل‘، ’قَد- ڪَد‘، ’قَتل- ڪَتل‘، ’عَلم- اَلم‘،
’حَسن- هَسن‘، ’وَتن- وَطن‘، ’صَفر- سَفر‘ وغيره. |