سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر

باب:

صفحو:7 

مولانا آزاد ڪتاب کي آخر تائين، بار بار چڪاسي، نومبر 1958ع ۾ ان جي ڇپائيءَ ۽ اشاعت جي منظوري ڏني ۽ خواهش ظاهر ڪئي ته ڪتاب سندس ستر سال سالگرهه جي موقعي تي شايع ڪيو وڃي.

پر، اها ڳالهه قدرت کي منظور ڪانه هئي، ڪتاب شايع ٿيو ته، مولانا آزاد، اڳيئي انهيءَ جهان ڏي هليو ويو هو، جو هتان کان بهتر آهي.

مولانا آزاد جو ورهاڱي وقت فسادن جي باري ۾ رايو وڏي اهميت رکي ٿو ۽ پڙهندڙن هندن توڙي مسلمانن کي چٽيءَ طرح ذهن نشين هئڻ گهرجي. مولانا جا اصل لفظ هي آهن:

”تاريخ ڏهين آگسٽ 1947ع کان پوءِ، جڏهن (هندستان پاڪستان جي) سرحدن جي ٻنهي طرف بي گناهه مردن ۽ زالن جي رتوڇاڻ شروع ٿي ته لارڊ مائونٽ بيٽن جي ماتحت فوج ان کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪونه ڪيو. ڪن هنڌن تي ته خود فوجي انهيءَ رتوڇاڻ ۾ شريڪ ٿيا. منهنجيءَ معلومات موجب، فوجين پاڪستان ۾ هندن ۽ سکن کي قتل ڪيو ۽ هندستان ۾ مسلمانن جو قتلام ڪيو. انهيءَ رتوڇاڻ جي ذميواري سنئين سڌي لارڊ مائونٽ بيٽن تي عائد ٿئي ٿي، جو (ورهاڱي وقت) فوج جو سربراهه هو.

اردو زبان ۾ ڪتاب جي ابو سلمان شاهجهانپوريءَ واري مستند ڇاپي ۾، ڪتاب جي موضوع جي اهميت جي پيش نظر، مولانا غلام رسول مهر (پاڪستان) ۽ لوئي فشر (آمريڪا) جا فٽ نوٽ (حواشي) پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ڏنا ويا آهن.

مولانا غلام رسول مهر لکي ٿو ته ”لارڊ مائونٽ بيٽن مڪار ۽ ڪوڙو هو. هن فسادن کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪونه ڪيو.“

مشهور محقق سيرواڻي مائونٽ بيٽن لاءِ لکيو آهي ته ”مغرور، دوکي باز، ڪوڙو، سازشي ۽ بداخلاق هو. نه رڳو مسٽر جناح جو دشمن هو. پر، پاڪستان جو به سخت دشمن هو. هندستان جو به دوست ڪونه هو. هن فسادن کي روڪڻ لاءِ توب ۽ ٽئنڪ ته استعمال ڪانه ڪئي، پر، پنهنجي قلم کي ئي هٿ ڪونه لاتو.“

سيرواڻيءَ جي تحقيق موجب، ”ورهاڱي وقت ڇهه لک انسان قتل ٿيا ۽ هڪ ڪروڙ چاليهه لک ماڻهن هڪڙي ملڪ مان ٻئي ملڪ ۾ لڏپلاڻ ڪئي.“ پر، ورهاڱيءَ کان پوءِ به اهو سلسلو ڪيئي سال جاري رهيو.

سنڌ مان جيڪي هندو هندستان لڏي ويا، تن کي اجنبي زمين ۾، هِڪَ نه پر، هزارين مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. انهن هندو شرنارٿين (مهاجرن) ۾، ترقي پسند ادب جا مشاهير به شامل هئا. مڙني ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جو مثال دردناڪ آهي.

ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”حشو نوابشاهه ضلعي جي ننڍي شهرَ ڀرين ۾ ڄائو هو.“ ڀرين جو شهرُ ڪراچيءَ کان اسلام آباد ويندڙ نيشنل هاءِ وي تي آهي. ڪراچيءَ کان حيدرآباد سو ميلن جي پنڌ تي آهي. حيدرآباد کان مورو سو ميل پري آهي. موري کان نوشهرو فيروز چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. نوشهري کان ڀريا ڇهه ميل پري آهي. ڀرين کان ڪنڊيارو ڏهه ميل پري آهي. ڪنڊياري کان هالاڻي ڇهن ميلن تي آهي. ان کان پوءِ ڪوٽڙي ڪبير، راڻيپور، خيرپور ميرس جا شهر اچن ٿا. پرڀرو، سکر بئراج جي اوڀر طرف وڃبو ته پنوعاقل ٽپي پنجاب ۾ داخل ٿبو.

موري، نوشهري، ڀرين، ڪنڊياري، هالاڻيءَ ۽ ڪوٽڙي ڪبير وارن شهرن جو سمورو علائقو ”ساهتيه پرڳڻي“ ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان  اڳ هالاڻيءَ، ڪنڊياري ۽ ڀرين ۾ هاءِ اسڪول هوندا هئا، جيڪي هندو نيڪمردن جا ٺهرايل هئا. سو، هندن جا ٻار علم ۽ تعليم ۾ مسلمانن کان اڳتي هوندا هئا. پاڪستان ٺهيو ته هندو هندستان لڏي ويا، ان ڪري اهي سڀ اسڪول ڦٽي ويا.

نوشهري فيروز جي سٺ ستر ميلن جي اردگرد جيڪي ڳوٺ ۽ ننڍا شهر هئا، تن مان مسلمان ٻارن اچي نوشهروفيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. شاگردن جي رهائش لاءِ اسڪول سان گڏ هاسٽل ۽ کاڌي جو هال به هوندو هو. مان پاڻ ڪنڊياري تعلقي مان نوشهري فيروز ۾ ائين پڙهڻ آيس. اتان ئي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد ۽ پوءِ وري ڪراچيءَ ڪاليجي تعليم پرائڻ لاءِ آيس.

1947ع ۾، مون پاڪستان ٺهڻ ۽ ننڍن شهرن مان هندن جي لڏپلاڻ جو منظر ڏٺو. روڊن ۽ رستن تي گهرن مان پنهنجو سامان ڪڍي کٽن تي وڪري لاءِ رکيو هئائون. تڏهن تيرهن ورهيه عمر هيم. حشو مون کان عمر ۾ ڏهاڪو سال وڏو هوندو هو. ڪيرت پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ذهين هو. مئٽرڪ پاس ڪري، انگلنڊ اعلى تعليم لاءِ هليو ويو. تنهن جو مطلب ته مائٽ ايترا شاهوڪار هئس، جو کيس پڙهڻ لاءِ ولايت موڪلڻ جو سَتُ ساهي سگهيا.

انگلنڊ جي آزاد ماحول ۽ عام ماڻهن جي حقن حقوقن جي ڳالهين رڳو اردو ترقي پسند اديبن سجاد ظهير ۽ ملڪ راج آنند جهڙن نوجوانن ۾ انگريزن لاءِ ڌڪار ۽ وطن جي آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪونه ڪيو. حشو ڪيولراماڻيءَ جهڙا ذهين سنڌي نوجوان به انهيءَ رنگ ۾ رڱجي ويا. هو به اول سجاد ظهير وانگر ريڊيڪل سوچ وارن نوجوانن جي گروهه ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ سوشلزم ڏي ڇڪجي ويو. برطانيا ۾ ”انڊيا ليگ“ ٺهي هئي. ان ۾ شامل ٿيو، جتي سندس ساٿين ۾ اندرا گانڌي ۽ ڪرشنا مينن به شامل هئا. 1939ع ۾ انگلنڊ مان موٽيو، ساڳئي سال ۾ هٽلر ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ڪئي. حشوءَ پنهنجن ساٿين سان ڪراچيءَ جي رستن تي جلوس ڪڍيا ۽ انگريزن جي سامراجي شاهيءَ ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ نعرا هنيا. انگريز سرڪار کيس 1940ع ۾ گرفتار ڪيو ۽ هڪ سال سزا ڏئي، ڪراچي جيل ۾ موڪليو. سزا ڪاٽي نڪتو ته ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي لکڻ موجب ”صفا خاموش“ ٿي ويو.

گذر بسر جو به ڪو ذريعو ڪونه هئس. ڪٿان گذران ڪندو هو، تنهن جي ڄاڻ ڪانه پوندي هئي. ڪي سرنديءَ وارا دوست ۽ شاگرد سندس مدد ڪندا هئا. شاگردن واريءَ هلچل ۾، هڪ هندو ڇوڪريءَ سرلا آهوجا سان دل ٿي وئي هئس. شايد اها به سندس مالي مدد ڪندي هئي.

مون ڪيرت جو لکيل احوال پڙهي سوچيو ته ڀرين ۾ جن مائٽن کيس ننڍيءَ عمر ۾ ولايت ۾ پڙهڻ لاءِ خرچ پکو ڏئي موڪليو هو، سي ڪاٿي هئا؟ اهي سندس ويجهو ڇو نه آيا؟ کين پنهنجو پُٽُ پيارو ڪونه هو؟ ڪيرت لکيو آهي ته ”حشو سياست جو ڄاڻو ۽ علم جو ڀنڊار هو. انگريزي ٻوليءَ تي ايڏو عبور هئس، جو خود انگريز به وائڙا ٿي ويندا هئا! مان اڪثر وٽس ويندو هئس. کيس فلئٽ مان ڪڍي، ٻئي ڄڻا ايراني ريسٽارنٽ تي وهندا هئاسين. کارن بسڪوٽن جي پليٽ ۽ چاءِ تي حشو دنيا جي سياست تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي ويندو هو. مان سندس ڳالهين کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هئس“.

ورهاڱي کان پوءِ، سائين جي. ايم. سيد سان گڏ، سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. انگريزيءَ ۾ ”پاڪستان ٽائيمس“ نالي هڪ ماهوار رسالو به ڪڍيائين. پر، سنڌ سرڪار کيس زوريءَ هندستان ڏي لوڌي ڪڍيو. هندستان پهتو ته سرلا سان شادي ڪيائين ۽ اخبار نويسي اختيار ڪيائين. دهليءَ جي اخبار، HINDUSTAN TIMES، ۾ روزگار سان لڳو.

انهيءَ ئي زماني ۾، سنڌي افسانن جو هڪ ننڍو مجموعو SINDHI SHORT STORIES نالي ڪڍيائين، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي هندن مسلمانن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل ڪيائين، جنهن جو مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي. اڳتي هلي ان جو DELUX EDITION به ڪڍيائين. اهو به لکيو اٿم ته مون سان پرپٺ اهڙي ته محبت ٿي ويس، جو خط و ڪتابت شروع ڪيائين. هڪ دفعي پنهنجيءَ سڄي فيمليءَ جو رنگين گروپ ڦوٽو موڪليائين. بلڪل انگريز فئملي ٿي لڳي. کيس سوٽ ڪوٽ پيل هو ۽ زالن کي سٺيون ساڙهيون. مان ڀايان ٿو ته اهي نوجوان ڇوڪريون سندس ئي  ڌيئر هيون.

ڪيرت ٻاٻاڻيءَ لکيو آهي ته 1957ع ۾، پهرينءَ پهرينءَ سنڌي ٻولي ڪنوينشن 1957ع وقت هو دهليءَ جي سنڌي سماج جو صدر/ جنرل سيڪريٽري هو. ٿورن سالن کان پوءِ هو دهلي ڇڏي، بمبئيءَ ۾ اچي وسيو. پر، سندس ذهني توازن (MENTAL BALANCE) ٺيڪ نٿي لڳو. اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي، جو سندس دل ۽ دماغ جي صورت حال بگڙندي وئي؟ سندس وهنوار ۽ ويچار عجيب ٿي لڳا. ڪو به ڪم، ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين. ويجهن دوستن کان ٻه رپيا، پنج رپيا، ڏهه رپيا گهري وٺندو هو. چوندو هو ته WORLD CLASSIC ويٺو لکان، جنهن مان لکين رپيا رايلٽي ملندم، اوهان کان جيڪو قرض وٺان ٿو، سو ڊائريءَ ۾ لکندو وڃان ٿو. رايلٽيءَ جي رقم آئي ته سڀني کي موٽائي ڏيندس. چاءِ ڊبل روٽيءَ تي گذران ڪندو هو ۽ سگريٽ جام ڇڪيندو هو. ڳالهائڻ ۾ پوندو هو ته ڄڻ ڪو بند ٽٽو. گهڻي ڀاڱي عقل ۽ هوش جون ڳالهين ڪندو هو. پر، جوجڪي آيس ته پٽي تان لهي ويندو هو. چوندو هو ته جيڪو ڪتاب ويٺو لکان ان جو هڪ هڪ پنو ڀارت جو صدر گهرائي وٺندو آهي. اندرا گانڌي اهم فيصلا ڪرڻ وقت اول مون سان صلاح ڪندي آهي. دنيا ۾ جيڪي کوجنائون ٿين ٿيون، تن ۾ پهرين اڳڪٿي مان ڪندو آهيان. مطلب ته ڪيتريون بيجوڙ ۽ اعتبار کان ٻاهر ڳالهيون ڪندو هو. ظاهر هو ته SUPER/EGO جي احساس ۾ مبتلا هو. اها ڳالهه به حيرت جوڳي آهي ته جيڪو جوان ايڏو عقلمند هو جو مائٽن کيس ڪليڪٽر بنجڻ جي اميد تي اعلى تعليم لاءِ انگلنڊ موڪليو هو، سو سراسر نڪمي زندگي گذاريندو هجي!

رهڻ لاءِ شروع ۾ پيڊر روڊ تي پنهنجي ٻڍڙيءَ ڀيڻ جي گهر کليل بالڪنيءَ ۾ فراسي ۽ چادر ۾ رات گذاري ويندو هو. پر پوءِ رات جو دير سان اچڻ ڪري کيس اتان به نيڪالي ملي. پوءِ ته بلڪل لاوارثن وانگر ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي سمهي پوندو هو. رات ڪاٽي، وري بمبئيءَ جون گهٽيون ۽ رستا ڪڇيندو وتندو هو. ڌرم شالائن ۾، پلئٽ فارمن تي، يا مساڻن ۾ رات گذاريندو هو. آخري ڏينهن ۾ سنڌو نگر (الهاس نگر) جي مساڻن ۾ رهندو هو.....پوءِ اوچتو گم ٿي ويو.

پويون ڀيرو جنهن شخص کيس ڏٺو هو، سو سندس ويجهو مائٽ هو. نالو هئس مسٽر ماڌو ڀمڀاڻي. کانئس ٽي سو رپيا زوريءَ اڌارا ورتائين. کيسي ۾ وجهي ٻاهر نڪري ويو. ان ڏينهن بمبئيءَ ۾ ايڏي ته برسات پئي جو گهٽيون ۽ رستا نديون ۽ نالا ٿي ويا. سندس گم ٿي وڃڻ جي باري ۾ هڪ انومان اهو آهي ته هو سنڌو نگر ويندي، اهڙيءَ ڀيانڪ اونداهيءَ رات ۾ ڪٿي نه ڪٿي ترڪي پيو ۽ پاڻي ۾ لڙهي ويو، ڪنهن اهڙيءَ گپ چڪ ۾ وڃي ڦاٿو جو ڌٻڻ ڳهي ويس.

ٻيو شڪ اهو آهي ته مساڻيءَ، ٽن سون رپين جي لالچ تي، اوندهه جو وجهه وٺي، کيس ڪُهي، ختم ڪري، مساڻ ۾ پوري ڇڏيو. موهن ڪلپنا، پوين ڏينهن ۾ سندس گهڻي مدد ڪئي، تنهن به اهو شڪ ظاهر ڪيو آهي. پوليس کي رپورٽ ڪئي وئي، پر، ڪو به نتيجو ڪونه نڪتو.

ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ڳالهه پوري ڪندي لکيو آهي ته ”صحيح ڳالهه ڪيئن به هجي، سنڌ جي هڪ وڏي ڏاهي ۽ مخلص ڪارڪن جي پڇاڙي هن قسم جي تنگ دستيءَ ۽ دردناڪ نموني ۾ ٿي. اسان سڀني کي حيف هجي!“ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ حشوءَ جي دردناڪ پڇاڙيءَ جو پيرائتو احوال ڏنو آهي. پر، پوءِ به ٻه ٽي ڳالهيون سوال طلب آهن.

(1)  حشوءَ جي گهرواري سرلا ۽ سندس نياڻيون ڪاڏي ويون؟ هو کين دهليءَ ڇڏي ويو هو يا بمبئيءَ وٺي آيو هو؟ انهن حشوءَ جي گم ٿيڻ تي ڇا جي ڪري ڪا به دانهن ڪوڪ ڪانه ڪئي؟

(2) حشوءَ جو هڪ مائٽ ته اهو ماڌو ڀمڀاڻي هو، جنهن کان ٽي سو رپيا اڌرا ورتائين. پر، سندس ماتا، پتا، ڀائر، سئوٽ، ماروٽ سڀ پاڪستان ۾ ئي پورا ٿي ويا هئا. يا ڪي هندستان به لڏي ويا هئا؟ انهن ڇا  ڪيو؟

(3) ڪيرت هندستان ۾، ڏکين حالتن ۾ به سنڌين جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيل جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي بچاءُ لاءِ ڇا ڪيائيون. لکيو اٿس ته  سنڌي ٻولي ڪنوينشن ٿيا، حشو دهليءَ واري فرنٽ جو روح روان هو. پوءِ ڀلا اهڙين باشعور تنظيمن پنهنجي پراڻي ساٿيءَ ۽ حشوءَ جهڙي وڏي ودوان کي ڪيئن ۽ ڇو نظرانداز ڪري ڇڏيائون؟ کيس وقت اندر، ڪنهن به ذهني علاج جي اسپتال ۾ داخل ڇو نه ڪرايائون؟ سندس مٽن مائٽن کي اطلاع ڇو نه ڏنائون؟ مون کي ته ڪيرت جي ڪتاب ۾ حشوءَ جي پڇاڙيءَ جو احوال پڙهي اهو احساس ٿيو ته ورهاڱي وقت سنڌي هندن سان هندستان ۾ ڏاڍا ڪي قَهَرَ ۽ ڪيسَ ٿيا. جن جي اسان کي ڪا خبر ئي ڪانهي!

ورهاڱي کان پوءِ، حالتن ۾ ٺاپر ڳچ وقت کان پوءِ آئي. سنڌي هندو ناسازگار حالتن جي باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا. انهن ۾ ترقي پسند لکندڙ، پيش پيش رهيا. اهو سڄو احوال ڪيرت ۽ گوبند جي ڪتابن ۾ موجود آهي.

هت اسان وٽ پاڪستان ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ سازگار صورتحال ڪانه هئي. خاص ڪري، 1958ع واري ايوب خان جي مارشل لا کان پوءِ، شريف خان نالي هڪ اهڙو تعليمي سيڪريٽري آيو، جنهن تجويز ڏني ته جيئن هندستان ۾ هندستاني ٻولي آهي، تيئن پاڪستان ۾ به پاڪستاني ٻولي هجي. اها هيئن وجود ۾ ايندي ته اردو جيڪا ملڪ جي سرڪاري ٻولي آهي. سا، چئني صوبائي ٻولين مان ازخود لفظ جذب ڪندي ويندي. پر، پنهنجي انهيءَ خيال کي تيزيءَ سان عمل ۾ آڻڻ لاءِ شريف ڪميشن طرفان حڪم جاري ڪيائين ته ”آئينده سنڌي ٻوليءَ پرائمري اسڪولن ۾ رڳو ٽن درجن تائين لازمي هجي. اردو ٻولي به ان سان گڏ پڙهبي. پر، جڏهن ٻارُ ڇهين ڪلاسن ۾ پهچي، ته سنڌي ٻوليءَ جي لازمي ٻوليءَ واري حيثيت ختم ڪئي وڃي. البت، اردوءَ جي برقرار رهي.“

شريف خان جي مٿي ۾ اها ڳالهه ويٺي ته ظاهر آهي ته والدين سوچيندا ته جي ڇهين ڪلاس کان پوءِ، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت  اها ٿي ويندي ته پوءِ اسان پنهنجي ٻار کي پهرئين درجي کان ئي اردو ڇو نه پڙهايون. سندس ذهن تي ڇهن سالن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ جو بار ڇو رکون؟

ائين پنهنجي مٿي ۾ ”عقل جي ڊوڙ“ ڪري جنرل ايوب کان اهڙو بيان ڏياريائين.

سنڌ جا ماڻهو ٻوليءَ جي سوال تي باهه ٿي ويا. سڄيءَ سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا. اصل آگ لڳي وئي. سنڌي عالم، اديب ۽ شاعر ته انهيءَ جدوجهد ۾ پيش پيش هئا. سنڌ جي عوام سندن ڀرپور تائيد ڪئي. جدوجهد ڪامياب ٿي. ايوب سرڪار جنتا ميڙن جي اڳيان اچي گوڏا کوڙيا. سنڌي ٻوليءَ بابت شريف ڪميشن جي سفارش رد ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي پوزيشن بحال ٿي وئي.

هت ياد رکڻ گهرجي ته انگريزن پنهنجي حڪومت ۾ سنڌيءَ کي تعليم جو درجو قرار ڏنو هو ۽ سرڪاري آفيسن ۾ لکپڙهه ۽ عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو درجو پڻ ڏنو هو. پر خبر ناهي ته هنن پنجاب، صوبي سرحد ۽ بلوچستان ۾ ڇا جي ڪري، اهي ٽئي درجا اردوءَ ٻوليءَ کي ڏنا هئا.

سنڌين لاءِ پهريون پهريون مسئلو تڏهن ئي پيدا ٿيو، جڏهن پاڪستان نئون نئون ٺهيو. سو، هيئن ته سرڪار سمورين جمهوري روايتن کي پٺيءَ پاسيرو اڇلائي، سنڌ جي چونڊيل حڪومت کي ڊسمس ڪيو، ڇو ته اها سنڌين جي پگهر ۽ رت سان تعمير ڪيل شهر ڪراچيءَ کي صوبي کان جدا ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهي هئي. سرڪار سڀ کان خوفناڪ ڪم اهو ڪيو ته ملڪ ٺهڻ جي پهرين ستن سالن ۾ ئي سنڌ جو وجود ختم ڪيائين ۽ ان کي ”ون يونٽ“ ۾ مدغم ڪيائين. جڏهن ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ٺهراءَ پاس ڪيو، ته ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ ملڪ ۾ مارشل لا لڳو. مهاجرن ان جي آجيان ڪئي. جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ مولانا مودوديءَ ان کي ”اسلامي وحدت“ ڪوٺيو. سنڌين ۾، سرڪار جي خلاف رد عمل پيدا ٿيو. سنڌ ۾، پهريون ڀيرو، ”جيئي سنڌ“ جو نعرو لڳو. رجعت پسند اديبن ۽ شاعرن جي ٽولي سرڪار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ”جيئي سنڌ“ لفظن کي وڪڙ ڏئي، ”جئه سنڌ“ سان تعبير ڪيو، ۽ ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن تي ڀارت جي ايجنٽ هئڻ جي ”روزنامه مهراڻ“ ۾ مهم هلائي. پر، ”قرآن ڪريم“ جو فرمان آهي ته ”حق آيو ۽ باطل ويو.“ ائين ئي ٿيو. رجعت پسند سنڌي اديب ۽ شاعرَ ڪوڙ تي سندرو ٻڌي بيٺا هئا، سي پير کوڙي ڪونه سگهيا. رفتي رفتي ڳري مري چٽ ٿي ويا. سنڌ- دوست اديب سوڀارا ٿيا. ساڻن سڄيءَ سنڌ جو عوام گڏ هو.

پر، جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي ته ڪنهن به نيڪ مقصد ۾ ڪاميابيءَ لاءِ رڳو ماڻهن جو هجوم يا هجومَ ڪافي ناهن. اصل اهميت ”تنظيم“ جي آهي، جيڪا ماڻهن کي صحيح رخ ۾ وٺي هلي. اديبن ۽ شاعرن جي پليٽ فارم تي جنهن ”تنظيم“ اهو ڪارنامو  سرنجام ڏنو، اها هئي، ”سنڌي ادبي سنگت.“

سنڌي ادبي سنگت پاڪستان کان اڳ واريءَ ”سنڌي ادبي سنگت“ جو ئي تسلسل هئي. پر، پاڪستان ٿيو ته هندو عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي لڏي وڃڻ ڪري، علمي ادبي ادارا ۽ تنظيمون به لڏي ويون.

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ سرڪار 1941ع ۾ ٺاهيو هو. سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ادب جو پايو پختو ڪرڻ ۾، جنهن محنت ۽ اورچائيءَ سان سائنٽفڪ نموني ۾ ڪم ڪيو، ان جو ته پوري پاڪستان ۾ مثال ئي ڪونهي.

بورڊ نه فقط نئين تخليقي ادب کي همٿايو. پر، تحقيقي ادب جي ميدان ۾، عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ سنڌ جي اڳوڻن عالمن جا لکيل قلمي نسخا شايع ڪيا، جن جو ناماچار پروفيسر شمل يورپ ۾ ڪيو ته بورڊ بين الاقوامي اهميت جو ادارو ٿي پيو.

پر، ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي فروغ ۾ سرڪاري ادارن کان وڌيڪ خانگي پبلشنگ هائوس رول ادا ڪن ٿا. جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو اڃا ڪنهن نالو به ڪونه ٻڌو هو تڏهن شڪارپور جا ٻه پبلشر پوڪرداس ۽ هيرانند سنڌي ڪتاب ڇاپيندا هئا. الف ليلى، چار يار، گل بڪاولي، قصو ممتاز ۽ دمساز جو، انجمن آرا ۽ شهزاد جا لغام ۽ ٻيا سنڌي قصا سڀ انهن ئي پبلشرن ڇاپيا هئا. پر، هنن سنڌيءَ ۾ اٺاويهن حصن ۾ هڪ قصو ڇاپيو، جنهن جيڏو ذخيم ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن ڪونه ڇپيو هو. نالو هئس چندر ڪانتا. اصل ۾ هنديءَ ۾ لکيل هو. لکندڙ جو نالو هو بابو ديوڪي نندن کتري. ناول جي پيرايي ۾ وندر ورونهن جو قصو هو. ان جي هڪ مکيه ڪردار جو نالو هو”ڀوتناٿ“ ان جي آتم ڪهاڻي ”ڀوتناٿ جي جيوني“ جي نالي سان ڇپي.

جيئن قومن ۾ ڪمال ۽ زوال جا دور اچن ٿا، تيئن ادارن ۽ تنظيمن کي به لاها چاڙها اچن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ اڄ رڳو اڳينءَ شهرت جو کٽيو کائي ٿو.

ان جي بنيادي ميمبرن ۾ ڪجهه هندو ته ڪجهه مسلمان هئا. پر، هندو عالم ۽ اديب لڏي ويا ته ادبي بورڊ جو ڪم به لڏي ويو. سو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن حالتن ۾ ٺاپر آئي ته ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ 1951ع ۾ ادارو تعليم جي هٿ هيٺ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان قائم ٿيو. 1941ع ۾ جڏهن قائم ٿيو هو ته ان جو نالو هو ”سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ صلاحڪار ادارو“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org