سنڌي ادبي سنگت ته سراسر خانگي تنظيم هئي، جيڪا
گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز ۽ شيخ راز
وارن جوڙي هئي ۽ گهڻي ڀاڱي نوجوان ڪاليجي شاگردن
تي مشتمل هئي. پر، هندن جي لڏپلاڻ بعد اها به لڏي
وئي. ان جي معاملي ۾ به ائين ئي ٿيو، جيئن سنڌي
ادبي بورڊ جي معاملي ۾ ٿيو هو يعني پرائيويٽ
پبلشرن ۾ به پوڪرداس ۽ هريسنگ ته پاڪستان ٺهڻ سان
هندستان لڏي ويا. حيدرآباد ۾ سندن جاءِ تي ٻه
خانگي پبلشر ساماڻا: (1) آر ايڇ احمد برادرس ۽
يوسف سنس. اڳتي هلي اهي ٻئي به بند ٿي ويا. 1953ع
۾ مان ڪراچيءَ هليو ويس. پوءِ جي خبر ڪانهي ته
انهن جي جاءِ ڪنهن ورتي. پر، گاهي ماهي حيدرآباد
اچڻ ٿيندو هو. تلڪ چاڙهيءَ تي ”ادبيات“ نالي سان
ڪتابن جو سٺو دڪان هوندو هو. اڳتي هلي، اهو به بند
ٿي ويو. پوءِ خانگي پبلشرن مارو رکيو. ٽيسڪٽ بڪ
ڇاپڻ تي جو ان مان گهڻي ڪمائي هئن. موجوده دور ۾،
سنڌ ۾ هونئن ته گهڻا ئي خانگي پبلشر آهن. پر، انهن
۾ ٻن جو وڏو نالو آهي: حيدرآباد ۾ روشني پبليڪيشن
۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌيڪا. ڪي خانگي رسالا به ڇپجن ٿا.
پر، انهن کي ٽي. ويءَ. جي سنڌي چئنلن ڌڪ هنيو آهي،
جيڪي اٺئي پهر، راڳ روپ ۽ ناٽڪن جي ڌم لايو ويٺا
آهن. انهن ۾ NATIONAL
GEOGRAPHY جهڙو
معلوماتي ۽ مفيد چئنل ڪوبه ڪونهي. اردوءَ ۾ ئي
ڪونهي، جنهن کي زور وٺائڻ لاءِ سرڪار هڙئون وڙئون
ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي.
پاڪستان کان پوءِ هندو اديب، شاعر ته هندستان لڏي
ويا هئا. جڏهن حالتن ۾ ٺاپر آئي ته ترقي پسند سوچ
جا مسلمان نوجوانَ ان کي ACTIVE ڪرڻ
لاءِ اڳتي وڌيا. انهن نوجوانن ۾ نمايان نالو
نورالدين سرڪي آهي. شيخ اياز وانگر هو به شڪارپور
جو ويٺل هو. غريب مائٽن جو اولاد هو. مئٽرڪ پاس
ڪري، ڪراچيءَ ڪاليجي تعليم لاءِ آيو هو. ڪراچيءَ ۾
ڪجهه عرصي لاءِ هفتيوار ”صداقت“ اخبار ۾ ڪم
ڪيائين. ”صداقت“ جو بنيادُ، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ، گوبند
مالهيءَ ۽ گوبند پنجابيءَ وارن وڌو هو. سرڪيءَ سان
گڏ، يا کانئس اڳ يا کانئس پوءِ قادر بخش نظاماڻيءَ
به ”صداقت“ ۾ ڪجهه عرصو ڪم ڪيو. اها ڳالهه نور
الدين سرڪيءَ پاڻ مون سان ڪئي هئي. مان تن ڏينهن ۾
ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هئس. هو به اتي ئي رهندو
هو. قادر بخش نظاماڻي ڪٽر بلوچ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ
قومپرست هو ۽ سوشلزم ڏي مائل هو. ”صداقت“ اخبار
اهڙن ئي خيالن رکندڙ اديبن شايع ڪئي هئي. قادر بخش
نظاماڻيءَ جو منجهس ڪم ڪرڻ، ان ڳالهه کي ثابت ڪري
ٿو ته ”صداقت“ جي پاليسيءَ ۾ ورهاڱي جي باوجود ڪو
به فرق ڪونه آيو هو. مون کي اهو معلوم ڪونهي ته
اها هفتيوار اخبار ڪڏهن ۽ ڇو بند ٿي؟
پر، نورالدين سرڪيءَ اها ڳالهه ڪيم، جڏهن ”صداقت“
اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، ته هڪ دفعي افواهه ٻڌائين ته
سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا آهن. سو، هو
حيدرآباد جي پاسي ڀڄي ويو ۽ ڪنهن ڳوٺڙي ۾ ٻه چار
مهينا روپوش (UNDER
GROUND) رهيو.
پاڻ ٻڌائيندو هو ته ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ محمد
ابراهيم جويي جي شاگرد سنڌي استاد ڪٽنب وٽ ٽنڊي
محمد خان تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ لڪل هو، سي جان ڪي تان
مذهبي ماڻهو هئا، پر مهمان نواز هئا. جڏهن پڪو
اطلاع مليس ته سڀ خير آهي تڏهن ڪراچيءَ ميٺا رام
هاسٽل ۾ موٽي آيو. جڏهن مون سان مليو ته قريشيءَ
جي اسلاميه ڪاليج ۾ شام جو پڙهائيندو هو. خوش مزاج
شخص هو. پڙهيل ڪڙهيل سنڌي نوجوان شاگردن ۾ ڏاڍو
مقبول هو. سندس ڪمري ۾ سدائين شاگردن جا هجوم
هوندا هئا. پر، مڙني ۾ ڄمت ٻن ڄڻن جي هوندي هئي:
هڪ شمس سومرو، جيڪو شڪارپور جي پاسي چَڪَ جو ويٺل
هو، ۽ ٻيو مان. چڪ ۾ ”خلافت تحريڪ“ دوران ابو همزو
ڪو نالي وارو اڳواڻ ٿي گذريو آهي. شمس ان جون
ڳالهيون سڪ سان ڪندو هو. منهنجو موضوع ”سنڌي ادب“
هو ۽ شمس جو موضوع هيو”لاڪ ايليسن“ ميٺا رام هاسٽل
جا اهي ڏينهن ۽ راتيون سرڪيءَ جي ڪمري واريون
ڪچهريون زندگيءَ جون يادگار گهڙيون هيون!
سرڪي ”صداقت“ اخبار ته ڪڏهوڪو ڇڏي چڪو هو. پر،
اسلاميه ڪاليج ۾ مشغوليءَ وارن ڏينهن ۾ يا وري اڳ
۾ ئي ”سنڌي ادبي سنگت“ کي وري نروار ڪيائين.
شروعاتي ساٿي عبدالغفور انصاري هئس، جو به ڪراچيءَ
جي ڪنهن ڪاليج ۾ ڪامرس پڙهائيندو هو. کيس ادبي
سنگت جو سيڪريٽري ڪيائين. ان کان پوءِ، اسڪيچ-
بلاڪ ورڪس جو مئنيجر دادا موتيرام ۽ سائين غلام
مصطفى شاهه جو ايس- ايم- ڪاليج ۾ سرڪيءَ جو ساٿي
اياز قادري سنڌي ادبي سنگت ۾ ائڪٽو ٿيا. ان کان
پوءِ شيخ حفيظ ۽ خواجه سليم. ساڻن گڏوگڏ، رشيد
ڀٽيءَ، رشيد آخوند، جمال رند ۽ مون به ادبي سنگت ۾
گهڻي دلچسپي ورتي. ائين ڏسندي ڏسندي ادبي سنگت
ڪراچي باهه جو جو ڀڀڙ ٿي پئي. سنڌي زبان ادب،
ثقافت ۽ سنڌ جي حقن جي حمايت ۾ ٺهراءَ پاس ڪرڻ
لڳي، جن کي تڏهوڪيون سنڌي اخبارون ”نواي سنڌ“ ۽
“نئين سنڌ“ ته تمام شد مد سان ڇاپينديون هيون.
منجهن قومي غيرت هئي. انهيءَ عرصي دوران ياز قادري
پنهنجي ئي سببن ڪري ادبي سنگت ۾ بي اثر، بلڪه بي
دخل ٿي ويو. پر، سرڪي به شادي ڪرڻ کان پوءِ رڳو
وڪالت مان پئسو ڪمائڻ ۾ لڳي ويو ۽ اسان وٽان گم ٿي
ويو.
سنڌي ادبي سنگت بهرحال ميٺا رام هاسٽل کان روزنامه
”جنگ“ اخبار تائين هڪ يادگار جلوس ڪڍيو. روڊن تي
سنڌي زبان جي حمايت ۾ لوهي قالبن سان، نعرا به
ڇاپيا. مطلب ته سنڌي ادبي سنگت هڪ FORCE ٿي
پئي. ان جو IMPACT سڄيءَ
سنڌ تي پيو. حيدرآباد ۾ ته مان ڀايان ٿو ته مقبول
ڀٽيءَ جي اڳواڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت اڳيئي ڪم ڪري
رهي هئي. هو پاڻ ”وطن“ هفتيوار اخبار ڪڍندو هو.
پر، سنڌ جي ڇٽيهن شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت جون شاخون
قائم ٿيون. بس، ان کان پوءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ جو
قيام، پهرين منزل هو. سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين
جي مَسُ ته اڃا ڪاغذن تان سڪي ئي ڪانهي. سو ان جو
احوال لکڻ ضروري ڪونهي. سنڌي ادبي سنگت ۾ هونئن ته
گهڻن ڄڻن پر خاص طرح ٻن ڄڻن وڏو رول ادا ڪيو.
شمشير الحيدري ۽ تاج جويي. پوءِ ته ڪيئي دوست اڳتي
وڌيا. ائين ”سنڌي ادبي سنگت“ اديبن ۽ شاعرن جي
ترجمان بنجي ويئي، ان جي سوچ ۾ روشن خيالي ۽ سنڌ
جي ڌرتيءَ ۽ عوام سان محبت مکيه وصفون آهن.
سنڌي ادبي سنگت جي تحريڪ سان گهڻي قدر نوجوان اديب
۽ شاعر وابسته رهيا. پر، وڏيءَ عمر وارن بزرگن مان
پير حسام الدين راشدي صاحب ۽ قبله مخدوم محمد زمان
طالب المولى ۽ سائين غلام مصطفى شاهه نوجوان سنڌ
دوست اديبن جا هميشه محسن هئا. سندن نالا سنڌي
زبان جي تحريڪ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيا ويندا.
ٽيون سڀني کان اهم ۽ وڏي وزن وارو نالو سائين جي.
ايم. سيد آهي. پر، هو ادبي فرنٽ بدران سياسي محاذ
تي ACTIVE رهيو.
سوڀي ۽ حيدر بخش جتوئيءَ لاءِ به ساڳي ڳالهه چئي
سگهجي ٿي.
مولانا گراميءَ ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ادبي
خدمتن کي به ڪير وساري ڪونه سگهندو. پر، جنهن شخص
سنڌي ترقي پسند ادب جي تحريڪ کي مٿي اڀاريو، سو
محمد ابراهيم جويو آهي.
سنڌ جو ادبي ماحول هاڻي بدلجي چڪو آهي. سمورا سنڌي
اديب ۽ شاعر سنڌ دوست آهن. سنڌ جو ”روشن مستقبل“
سندن نصب العين آهي. سندن تحريرون ان ڳالهه جون
ثابتيون آهن ته پاڪستان جي ڪا به زبان، روشن
خياليءَ ۽ حب الوطنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مقابلو
ڪري نٿي سگهي. مڪمل اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته
ترقي پسند تحريڪ سنڌي ادب تي جيڪي اثر ڇڏيا آهن،
سي اڻ- مٽ آهن. ڀلاري ڀٽائيءَ جي لافاني لفظن ۾
ائين چئبو ته:
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي. |