ميان افتخار الدين لاهور جي هڪ وڏي شخصيت هوندو هو
۽ سجاد ظهير سان آڪسفورڊ ۾ گڏ پڙهيو هو. ٻئي هڪٻئي
سان حجائتا هئا. سجاد ظهير کيس ”اِفتي“ ڪوٺيندو
هو. ميان افتخار الدين امير ڪبير ماڻهو هو ۽ لاهور
جي سوسائٽيءَ جي اوچي طبقي ۾ به سندس نمايان مقام
هو. پر، آڪسفورڊ ۾ تعليم دوران، سوشلزم سان آشنا
ٿيو هو. سو، ادب، صحافت ۽ سياست ۾ سڄي عمر روشن
خيال ماڻهن سان واسطو رکيائين.
سيد سجاد ظهير انگلستان مان موٽڻ کان پوءِ الهه
آباد ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ رهندو هو. لاهور
جي سفر جو ارادو ڪري هو الهه آباد مان اول امرتسر
ويو، جتي محمود الظفر جي گهر ٽڪيو. ترقي پسندادب
جي تحريڪ ۾ وڏي دلچسپي محمود جي هئي. ننڍپڻ کان
انگلستان ۾ رهيو هو. سو، اردوءَ کان وڌيڪ انگريزي
ڳالهائيندو هو. پٺاڻ نسل جو هو. ادبيات، فلسفي،
منطق ۽ معاشيات ۾ باقاعدي تعليم ورتي هئائين.
رشيد جهان جون تحريرون ”انگاري“ ۾ ڇپيون هيون،
محمود انهن کي پسند ڪندي چيو هو ته ”لکندڙ راءِ جي
آزاديءَ جا حامي آهن.“ رشيد کي اها ڳالهه وڻي.
محمود ترقي پسند خيالن ڪري مشهور هو ۽ رشيد جهان
وري امرتسر جي مشهور ليڊي ڊاڪٽر هئي ۽ پنهنجن
مريضن ۾ ڏاڍي مقبول هئي. محمود سان سندس معاشقو
ٿيو. ستت ٻنهي شادي ڪئي. پر، زال ۽ مڙس جي مزاج ۾
مشرق ۽ مغرب جو فرق هو. رشيد جهان جي ”البيلي
انداز“ ۽ محمود الحسن جي ”مڪمل ڊسيپلين“ وارن روين
کي جنهن ڳالهه هميشه ڳنڍيل رکيو، سا ٻنهي جي هڪٻئي
لاءِ بي انتها پيار جي سونهري زنجير هئي. امرتسر
هجي، يا ديرادون يا لکنو، جتي به سندن گهر هوندو
هو، اتي ماڻهوءَ کي پير پائڻ سان اهڙي خوشي محسوس
ٿيندي هئي، جيڪا ڄڻ ته شفاف ٿڌي پاڻيءَ جي چشمي
مان ڦٽي نڪتي هجي ۽ بي قرار پياسي روحن جي اڃ لاهي
ڇڏي!
سجاد ظهير ٻنهي کي لاهور بابت پنهنجي ارادي کان
واقف ڪيو. ٽنهي گڏجي وڃڻ ۽ لاهور ۾ ميان افتخار
الدين وٽ ٽڪڻ جو فيصلو ڪيو. اوچتو رشيد جهان کي ڪو
خيال آيو. سو، محمود کي چيائين ته ”تنهنجي ڪاليج
جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ لاهور جو ڪو نئون استاد مقرر
ٿيو آهي. سندس نالو ڇا هي؟“ پوءِ سجاد ظهير ڏي
نهاري چيائين ته ”منهنجي خيال ۾ تون ساڻس به مل.“
محمود ذهن تي زور ڏئي رشيد جهان کي چيو ته ”تنهنجو
مطلب آهي ته انگريزي ڊپارٽمينٽ جو نئون ليڪچرر فيض
احمد؟“
رشيد جهان چيو ته ”اهو ئي هوندو. مون کي نالا ياد
ڪونه رهندا آهن. اهو ڇوڪرو سمجهدار ڏسجي ٿو. بني
ڀائي (سجاد ظهير) کي ساڻس ملڻ کپي“
محمود ڪاليج جو وائيس پرنسپال هو. سو، کيس چڙ لڳي.
رشيد جهان کي تيزيءَ سان چيائين ته ”توکي ڪهڙي خبر
ته منهنجي ڪاليج ۾ ڪير سمجهدار آهي ۽ ڪير ڪونهي؟
تون گهڻن سان ملي آهين؟“
بس، محمود جو ايترو چوڻ ۽ رشيد جو ڀڙڪو کائڻ. واڪو
ڪري چيائين ته ”تنهنجي ڪاليج ۾ سڀ اُلو ويٺا آهن،
جن کي الف بي جو پتو ڪونهي! شڪل صورت مان ئي خبر
پوي ٿي. انهيءَ ڏينهن مان تنهنجي ڪاليج آيس ته اهو
ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ ۽ بنا گُل جي ترڪي ٽوپيءَ وارو
احمق ڪير هو، جو مون کي تڪي رهيو هو؟ تنهنجي ڪاليج
جو مالڪ اهو ئي آهي يا ڪو ٻيو؟“
”محمود اهي اکر ٻڌي گهٻرائجي ويو.“
سجاد ظهير ٻنهي جي ڳالهه ڪاٽي، وچ ۾ چيو ته ”فيض
سان ملاقات ڪڏهن ٿيندي؟“
محمود جواب ڏنو ته ”مون ساڻس تحريڪ جي باري ۾
اڳيئي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. اڄ شام جو چئين بجي
اسان وٽ چاءِ تي ايندو.“ ائين چئي، محمود تڙ تڪڙ ۾
رشيد کي سئنڊوچز ٺاهڻ جو چئي، ڪاليج ڏي کسڪي ويو.
فيض چئين بجي آيو. سجاد ظهير محسوس ڪيو ته نئين
ماڻهوءَ سان ميل ملاقات ۽ گفتگو ڪرڻ ۾ رڳو پاڻ
لڄارو آهي. پر فيض سان ملي، پڪ ٿيس ته مون کان
وڌيڪ لڄارا به ويٺا آهن.
فيض جي لَڄ جو ڪمال اهو هئو ته محمودَ ۽ رشيد کي
اهو پتو ئي ڪونه هو ته هو شعر به چوندو آهي!
شام جو چئين بجي فيض آيو ته محمود اڳيئي ڪاليج مان
پهچي ويو هو. چاءِ پيئڻ ويٺا ته فيض کان پڇيائين
ته ”پنجاب ۾ تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو ڪيترو امڪان
آهي؟“
فيض وڏي مشڪل کان پوءِ ”هون“ ”هان“ ڪري ايترو مس
چيو ته ”هلي، ڏسون ٿا.“
رشيد پاڻ روڪي نه سگهي، واڪو ڪري چيائينس ته ”ميان
صاحب! اسان کي ڪافي صحيحون کپن ۽ لاهور ۾ تحريڪ جي
شاخ کولڻي آهي. آئي ڳالهه سمجهه ۾ ؟“
سجاد ظهير ۽ محمود اهو ٻڌي پريشان ٿيا، ڇو ته فيض
سان حجائتو ڪونه هئا ۽ رشيد سان ته هو پهريون دفعو
مليو هو. سو، هنن ساڻس ايتري بي تڪلفي نامناسب
سمجهي.
پر، فيض تي ڪو اثر ڪونه ٿيو. مشڪي چيائين ته
”لاهور هلي ڪوشش ڪريون ٿا. ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي“
رشيد پوءِ به ڪانه مڙي. فيض جا ويچارا ڪڍندي رهي.
پر، فيض سمورو وقت مشڪندو رهيو. فيض ۽ رشيد ٻنهي
جي روش پنهنجي مزاج مطابق هئي. ماڻهوءَ جو مزاج
ٺاهڻ ۾ الائي ته ڪيترين نفسياتي ڳالهين جو اثر ٿئي
ٿو. هڪ ڳالهه پڌري پئي هئي. سا هيءَ ته رشيد تمام
حَسينَ هئي. سو، البيلائي، ناز ۽ نخرو سندس مزاج ۾
شامل هو. هوءَ اهڙي خاندان ۾ پيدا ٿي هئي، جنهن ۾
ادبي بحث مباحثا ٿيندا هئا ۽ عورتن جي حسن جي
حمايت ۾ سڀ ننڍا وڏا شريڪ ٿيندا هئا. رشيد جهان
ڦوهه جوانيءَ ۾، پنجويهن ورهين جي عمر ۾ ليڊي
ڊاڪٽر ٿي. اردو زبان ۾ پهرين پهرين عورت هئي، جا
افسانا ۽ ناٽڪ به لکندي هئي. ”انگاري“ ڪتاب
(1933ع) ۾ سندس تحريرون شامل هيون، جن تي سخت
واويلا ٿي هئي. پر، کيس رتيءَ ماتر به پرواهه ڪانه
هئي.
سبط حسن لکيو آهي ته اسان ’انگاري ‘ تي تنقيد جو
هڪ جوابي مضمون لکيو ۽ اختر حسين رائپوريءَ جي
رسالي ۾ ڇپايو. رشيد اهو مضمونُ ڇپجڻ کان اڳ نه
فقط چڱيءَ طرح پڙهيو بلڪه، منجهس ڪجهه سرس مسالو
به وڌو. هڪ ڏينهن مون کي هڪ دوست چيو ته ”هل ته
توکي آپا رشيد سان ملايان.“
”اسان ڊاڪٽر رشيد جي رهائشگاهه ۾ سندس ڊرائننگ روم
۾ وڃي ويٺاسين ته اوچتو ڪنهن مهل ان جو در کليو.
هڪ بي انتها، نهايت خوبصورت خاتون ڊرائننگ هال ۾
داخل ٿي. کيس سفيد ساڙهي پاتل هئي ۽ سندس سياهه
پريشان زلف ڪلهن تي پکڙيل هئا“.
سبط حسن وڌيڪ لکيو آهي ته ”مون ايڏي سهڻي عورت اڳي
ڪڏهن به ڪانه ڏٺي هئي. سو، حيرت ۾ منهنجو وات ڦاٽي
ويو!
”هوءَ اهو لقاءُ ڏسي، مسڪرائيندي رهي“.
سيد سبط حسن نهايت شرميلو ۽ سنجيدو شخص هو. منهنجي
ساڻس ميل ملاقات به هئي. سندس اهي اکر پڙهي، مون
تصور ڪيو ته ڊاڪٽر رشيد جهان ڪا حُورَ پَري هئي.
سيد سجاد ظهير به پنهنجي ڪتاب ”روشنائي“ ۾ سندس
باري ۾ هڪ ٻن هنڌن تي اهڙو تاثر ڏنو آهي. لکيو اٿس
ته:
تحريڪ جي ابتدا ۾، اسان فيصلو ڪيو ته مولوي
عبدالحق، منشي پريم چند ۽ جوش مليح آباديءَ سان
مشورو ڪجي. مولوي عبدالحق ”بابائي اردو“ صبح جو
سوير سير تي نڪرندو هو. رشيد جهان علي ڳڙهه جي
رهاڪو هئي ۽ مولوي صاحب سان واقفيت هئس. هن ئي
ساڻس طئي ڪيو ته ”سير سپاٽو ڪري، صبح جو ناشتو
اسان جي گهر اچي ڪجو.“
مولوي صاحب ساڻس هائو ڪئي ۽ مقرر وقت تي وٽس گهر
آيو. پر، رشيد جهان گهر ۾ ڪنهن کي ڪونه ٻڌايو هو
ته ناشتي تي ڪو مهمان اچڻ وارو آهي. مولوي صاحب کي
ڏسي، سخت پريشانيءَ ۾ گهر ۾ هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳي.
نيٺ، ڪنهن کي چيائين ته ”مون مولوي صاحب کي ناشتي
جو چيو هو. پر، گهر ۾ ٻڌائڻ وسري ويو هوم.“
هوڏانهن مولوي وقت جو پابند هو. سو، ناشتي جو
بيچينيءَ سان انتظار ڪندو رهيو. انهيءَ صورتحال ۾
تڙ تڪڙ ۾، جو ڪجهه ٿي سگهيو، سو آڻي سندس اڳيان
رکيائون ۽ موقعي جي مناسبت سان مولوي صاحب جي ڪن
تي ڳالهه وڌائون ته رشيد جهان کان ڳالهه ٻڌائڻ
وسري وئي هئي.“
سجاد ظهير لکيو آهي ته ”هر ڪنهن رشيد کي جوابدار
قرار ڏنو. پر، مولوي صاحب کان کل نڪري وئي. هن
نالي ماتر به ناراضگيءَ جو اظهار ڪونه ڪيو. هو
رشيد جهڙيءَ غيرمعمولي خوبصورت عورت جي اهڙي هلڪڙي
خوبصورت خطا وساري ڇڏڻ لاءِ هميشه تيار هوندو هو.“
امرتسر مان سجاد ظهير، فيض، محمود ۽ رشيد جهان
لاهور روانا ٿيا. اتي پهتا ته فيض گهر ويو ۽ هي
ٽئي ميان افتخار جي بنگلي تي هليا ويا. پر، هو گهر
ڪونه هو. نوڪرن سندن آجيان ڪئي.
سجاد ظهير لکيو آهي: ”رشيد جهان کي اميرن ۽ وڏن
ماڻهن سان هونئن ئي عام نفرت هوندي هئي. ميان
افتخار کي غيرحاضر ڏسي نرڙ ۾ گهنج وڌائين ۽ قالين
تي ليٽي پئي. ڪيمخواب ڪشن ۾ منهن لڪائي ڇڏيائين.
اسان کي به ڳالهه ڏکي لڳي. سياري جي مند هئي. ڪار
۾ ٽيهه چاليهه ميل سفر ڪري آيا هئاسين. پر، ڪمري ۾
گهڙياسين ته آتشدان ٻري رهيو هو ۽ نوڪر چاءِ کڻي
آيا. ڪجهه آتشدان جي گرميءَ ۽ ڪجهه چاءِ جي چسڪي
آرام ڏنو. گهڙي کن گذري ته ميان افتخار به اچي
ويو. رشيد جهان اٿي ڪرسيءَ تي ويٺي. پر، چپ هئي.
هاڻي سندس غصي جو نشانو رڳو ميان افتخار ڪونه هو.
اسين به هئاسون. غصي مان محمود ۽ مون ڏانهن به
ائين گهوري رهي هئي، جو ڄڻ ته چوندي هجي ته، ڪيڏا
نه بي غيرت آهيون!
”ايتري ۾ بيگم افتخار اچي وئي. رشيد جهان سان گڏ
وڃي ويٺي. ٻنهي جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿي.
سندس خوش گفتار، خوش پوشاڪ ۽ نرم رويءَ رشيد جهان
کي نرم ڪري ڇڏيو. جڏهن عصمت رشيد جهان کي ساڻ وٺي
زنانخاني ۾ هلي وئي، ته اسان جي پيٽ ۾ ساهه پيو.“
سجاد ظهير ئي لکيو آهي ته ”نوجوان فيض جي پراسرار
شخصيت آهستي آهستي کلڻ لڳي. سندس رهنمائيءَ ۾ اسان
لاهور جي مختلف اديبن سان ملاقاتون ڪيون. ٻن ڄڻن
سان ميل ملاقات اڃا ياد اٿم: هڪ اختر شيراني ۽ ٻيو
صوفي غلام مصطفى تبسم. فيض صوفي صاحب
جو شاگرد رهي چڪو هو. فيض جي توسط سان رشيد ۽
محمود جي به ميان صاحب سان واقفيت ٿي هئي. هن جو
تخلص سندس مزاج موجب هو. دلڪش، نرم مزاج وارو شخص
هو. ٻه ٻول ڳالهائڻ کان پوءِ ازخود ساڻس وڌيڪ
ڳالهائڻ تي دل ٿيندي هئي. مون کي اڄ ڏينهن تائين
معلوم ڪونهي ته ڪيتريقدر ترقي پسند هو؟ پر، سندس
ادبي ذوق ۽ دردمند دل جي طفيل لاهور ۾ تحريڪ کي
پنهنجي شروعاتي دؤر ۾ جيتري مدد ملي، اوتري شايد
ٻئي ڪنهن به شخص کان ڪانه ملي.“
سيد سجاد ظهير جو هي گفتو لاهور ۾ تحريڪ جي بنياد
پوڻ جي سلسلي ۾ سَنَدَ جي حيثيت رکي ٿو. مير تقي
مير جي لفظن ۾:
مستند ہے
میرا
فرمایا
ہوا
ليڪن، انهيءَ حقيقت کان به انڪار ڪونهي ته لاهور ۾
تحريڪ جا پير ڄمائڻ ۾ گهڻو ڪم، محمد دين تاثير ۽
فيض احمد فيض ڪيو. ٻئي ڄڻا شروع کان روشن خيالن جا
هئا ۽ تحريڪ سان وابسطه هئا. پر، دلچسپ ڳالهه اها
آهي ته ٻنهي ڄڻن جون زالون پاڻ ۾ ڀينر هيون ۽
يورُپي نسل جون هيون.
ايلس فيض مون پهريون دفعو، ڪراچيءَ ۾ ”راڪ هائوس“
۾ ڏٺي، جيڪو مهتاڻي خاندان جي رهائشگاهه هو. منجهس
ٻئي ٽئي مهيني محفل ٿيندي هئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جا
معزز وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا هئا. مثال طور سائين
جي. ايم. سيد ۽ حسين شهيد سهروردي.
اهي محفلون اونهاري ۾ راڪ هائوس جي وڏيءَ سرسبز
ڇٻر تي ٿينديون هيون ۽ سياري ۾ راڪ هائوس جي
ڊرائننگ روم ۾. منجهن سُشيلا مهتاڻي شاهه سائينءَ
جون ڪافيون ڳائيندي هئي. مهتاڻي خاندان جي وڏي
دادا منگهارام جي وفات کان پوءِ سڄو ڪٽنب داڻو
داڻو ٿي ويو. ڪي هندستان ويا ته ڪي ولايت ويا. راڪ
هائوس وڪامي ويو. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ثقافت جو هڪ مکيه
مرڪز اجڙي ويو.
مون پويون دفعو، ايلس فيض سندس لاهور واري گهر ۾
ڏٺي، جتي فيض جي وفات جي خبر ٻڌڻ شرط سندس جنازي
نماز ۾ شريڪ ٿيڻ ويو هئس. اتي بعد ۾ ايلس فيض کي
فاتحه به ڏنيم. هن فيض لاءِ منهنجي محبت ڏسي مون
کي سندس تصوير پنهنجي ليٽر پئڊ تي پيسٽ ڪري تحفي
طور ڏني.
سيد سجاد ظهير اختر شيرانيءَ سان ميل ملاقات جو
ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”فيض سان گڏجي ساڻس ملڻ ويس.
لاهور جي پراڻي شهر ۾، هڪ پراڻيءَ جاءِ ۾ رهندو
هو. صبح جي مهل هئي. اختر شيرانيءَ جي ڪمري ۾ چاءِ
۽ صبح جي ناشتي جا گندا برتن هيڏي هوڏي ٽڙيا پکڙيا
پيا هئا. ڪتابن، ڪاغذن ۽ ڪرسين تي مٽيءَ جا تهه
ڄمي ويا هئا. پاڻ گوڏ ٻڌيون ويٺو هو. مون پريشان
ٿي، فيض ڏي نهاريو. فيض جي چهري تي همدرديءَ ۽
سڪون جي ڪيفيت هئي. هن وات مان ته ڪو لفظ ڪونه
ڪڍيو. پر، سندس خاموشيءَ ۾ مون کي اهو پيغام مليو
ته نه رڳو اختر شيراني، پر، لاهور جي اڪثڙ اديبن ۽
شاعرن جي زندگي انهيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذري
رهي آهي، تڏهن ته اسان ترقي پسند ادب جي تحريڪ
شروع ڪئي آهي.“
صوفي غلام مصطفى تبسم ۽ اختر شيرانيءَ سان ميل
ملاقات کان پوءِ سيد سجاد ظهير، فيض ۽ محمود ٽن
ڏينهن جي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ ميان افتخار جي
رهائشگاهه تي ڏهه پندرهن مکيه شاعرن ۽ اديبن کي
صلاح ۽ مشوري لاءِ سڏڻ ۾ ڪامياب ٿيا. چاءِ ڪيڪ
بسڪٽ جو انتظام تمام عمدو هو. تاهم ٽنهي ڄڻن کي
گهٻراهٽ هئي. پر، فيض وڏي آرام ۽ اطمينان سان
سگريٽ ڇڪي رهيو هو ۽ رشيد ڏانهس غصي مان نهاري،
ڏندَ ڪرٽي رهي هئي.
جڏهن ميٽنگ ڪامياب ٿي ۽ مهمان اديب ۽ شاعر منشور
تي صحيحون ڪري، چاءِ پي، موڪلائي ويا ته رشيد جي
چپن تي خوشيءَ جي مرڪ موٽي آئي. فيض سان وري ڇيڙ
ڇاڙ شروع ڪيائين. لاهور ۾ انهيءَ ابتدائي
ڪاميابيءَ کان پوءِ ترقي پسند ادب جي تحريڪ لاءِ
فضا هموار ٿي وئي ۽ انجمن جي شاخ کلي وئي. هندستان
جي مکيه مرڪزن ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ کان پوءِ
سجاد ظهير ۽ سندس ساٿين اردو ۽ هنديءَ جون
1940-1930واري
ڏهاڪي ۾ ٽي ڪانفرنسون ڪوٺايون: ٻه 1937 ۽ 1938 ۾
الله آباد ۾ ۽ ٽين 1939 ۾ لکنَو ۾.
سجاد ظهير اتي انهن اوائلي ڏينهن ۾ ترقي پسند ادب
جي تحريڪ جي اڳواڻن جو محبت سان ذڪر ڪيو آهي. انهن
۾ اردو زبان جي اديبن سان گڏ ٻين زبانن جا اديب به
شامل آهن. پر، منجهن سنڌي ڪو به ڪونهي.
سرفهرست نالو فيض احمد فيض جو هو. 1931 ۽ 1940
ڌاران امرتسر ڇڏي لاهور هليو آيو هو. ڪنهن ڪاليج ۾
انگريزيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ان سان گڏ ”ادب
لطيف“ رسالي جو ايڊيٽر به ٿيو. پنهنجي ايڊيٽوريل
نوٽن ۽ تنقيدي مضمونن وسيلي، ترقي پسند جو مَوقف
موثر انداز ۾ واضح ڪيائين. اڳتي هلي، فيض اردو ادب
جي آسمان تي چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪيو. ترقي
پسند ادب جا سڀ ستارا چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾
آسمان مان ڄڻ ته گم ٿي ويا. تاهم، انهن اديبن ۽
شاعرن کي نه اڳي ڪنهن وساريو هو ۽ نه اڄ ڪو وساري
سگهي ٿو، جن شروع شروع ۾ هندستان ۾ مختلف هنڌن تي
تحريڪ جو بنياد وڌو هو.
علي سردار جعفري نازڪ نفيس، درميانه قد و قامت ۽
چمڪندڙ اکين وارو نوجوان هو. علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ
مان سياسي سرگرمين سببان ڪڍيائونس ته لکنو
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. پر، گهڻو وقت ترقي
پسند اديبن جي تحريڪ جي ڪم ۾ گذاريندو هو. سندس
مسڪراهٽ ۽ دردمندي فقط پنهنجي عوام ۽ ملڪ لاءِ
مخصوص هوندي هئي. مخالفن سان نرم رويو هو سکيو ئي
ڪونه هو. روايتي اديبن ۽ شاعرن کي گفتگو ۽ بحث
مباحثي ۾ ايڏا ته تير ۽ نشتر هڻندو هو، جو هو سندس
سامهون اچڻ کان ڊڄندا هئا. خدا کان پناهه گهرندا
هئا. سردار علي جفعري اگهاڙي ترار هو. ڪرشن چندر
سچ چيو هو ته ”علي سردار جعفري فرد ڪونهي، تحريڪ
آهي.“
لکنو جي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن ۾ ٻيو آبدار موتي
اسرار الحق مجاز هو. قد قامت ۾ علي سردار جعفريءَ
جيترو هو، پر بُتَ ۾ کانئس به هلڪو هو. علي سردار
جعفري بحث مباحثي جو شهسوار هو ته مجاز کي انهيءَ
ميدان جي هوا به ڪانه لڳي هئي. مجاز جي مزاج ۾ هڪ
دلڪش رنگيني هئي. هو پنهنجي ڪلام ۾ خوبصورت ۽
مترنم لفظن سان، رومانيت جي هڪ اهڙي فضا پيدا ڪرڻ
جي صلاحيت رکندو هو، جا نوجوانن جي مضطرب روح کي
مسحور ڪري ڇڏيندي هئي. مجاز الهه آباد ۽ علي ڳڙهه
يونيورسٽين جي شاگردن ۾ سڀني کان وڌيڪ مقبول ۽
دلپسند هو. نوجوان شاگردن ۽ انهن ۾ به ڇوڪرن کان
وڌيڪ ڇوڪرين جو محبوب شاعر هو. جيڪي انقلاب بابت
سندس هيءَ مصرع ڏاڍي سر سان ڳائينديون رهنديون
هيون. ”گذر بهي جا که تيرا انتظار کب سي هي“
يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي چپن تي
مجاز سان گڏ ٻيو نالو مخدوم محي الدين جو هوندو
هو، جيڪو حيدرآباد دکن ۾ ڪنهن ڪاليج ۾ نوجوان
استاد هو. سندس ابا ڏاڏا آفريڪا مان لڏي آيا هئا.
نسلي اثر سان گڏ ماڻهوءَ تي ماحول ۽ آبهوا جو به
اثر پوي ٿو. انهن سببن ڪري، مخدوم محي الدين مليح
رنگَ ۽ چٽن وصفن وارو خوبصورت نوجوان هو. وار
گهنڊيدار هئس. مزاج اهڙو هئس، جو جيڪو ملندو هئس،
سو سندس گرويده ٿي ويندو هو. نوجوان ته ٿيا هڪ
پاسي، حيدرآباد دکن جو ممتاز بزرگ عالم، اديب ۽
صحافي قاضي عبدالغفار به سندس مداحن ۾ شامل هو.
ترقي پسند تحريڪ جي اهم رڪن سيد سبط حسن جو چوڻ
آهي ته ”حيدرآباد دکن ۾ انجمن جي شاخ قائم ڪرڻ ۾
وڏي ۾ وڏو رول مخدوم محي الدين ادا ڪيو“. ائين پڻ
لکيو اٿس ته جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿي ويو ۽
پاڪستان ٺهيو ته پاڻ هيڏي آيو ته مخدوم سان
بمبئيءَ ۾ آخرين ملاقات ٿيس، مٿس زور ڀريائين ته
تون به پاڪستان هل. پر، هن معذرت ڪيس ۽ چيائين ته
”منهنجو جسم ۽ روح حيدرآباد جي سرهاڻ سان واسيل
آهي. جيتر حياتي آهي، اتي ئي رهندس. جڏهن موت آيو
ته حيدرآباد جي مٽيءَ ۾ ئي دفن ٿيندس“. ائين ئي
ٿيو.
سيد سبط حسن وانگر مرزا ظفر الحسن پڻ پنهنجي ڪتاب
”دکهن اداس هي يارو“ ۾ مخدوم محي الدين جو ذڪر
وڏيءَ محبت ۽ عقيدت سان ڪيو آهي.
اختر حسين رائپوري ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو هڪ
تمام اهم نالو آهي. هو علي ڳڙهه جي انهيءَ جوان ۽
ذهين ترقي پسند گروپ سان وابسته هو، جنهن جا ٻيا
رڪن هئا: اسرار الحق مجاز، خواجه احمد عباس، علي
سردار جعفري، سبط حسن، جان نثار، جذبي اطهر علي ۽
ٻيا. حب الوطني ۽ روشن خيالي اختر رائپوريءَ جي
شخصيت جون مکيه وصفون هيون. هو مٿي ذڪر ڪيل گروپ
لاءِ وڏي ٽيڪ ۽ سهارو هو.
غالباً سن 1936ع ۾ اختر حسين رائپوريءَ ”ادب ۽
زندگي“ مضمون لکيو، جيڪو انجمن ترقي اردو (هند) جي
رسالي ”اردو“ ۾ شايع ٿيو. سيد سجاد ظهير انهيءَ
مضمون لاءِ لکيو آهي ته ”هي پهريون پهريون مضمون
آهي جنهن ۾ ترقي پسند ادب جي تخليق جي ضرورت صحيح
معنى ۾ بيان ڪئي وئي آهي.“
پر هن اهو به لکيو آهي ته فيض احمد فيض جي مضمون
”ترقي پسند ادب“ ۽ مجنون گورکپوريءَ جي مضمون
”ترقي پسند ادب“ ۽ احتشام حسين جي مضمون ”قديم ادب
۽ ترقي پسند“ تنقيد نگاريءَ جي نئين نظريي جو
بنياد رکيو.
مجازَ، مخدومَ، سردار جعفريءَ، علي جواز زيديءَ ۽
مسعود اختر جمالَ شعر ۽ شاعريءَ ۾ رومانيت، حب
الوطنيءَ ۽ انقلاب پرستيءَ جا شعلا ڀڙڪايا. ڪرشن
چندر، راجندر سنگهه بيديءَ عصمت چغتائيءَ، منٽو،
اختر رائپوريءَ، احمد عليءَ ۽ حيات الله انصاريءَ
وري افسانه نويسيءَ ۾ سوين چراغ ٻاري ڇڏيا.
سيد سجاد ظهير اردو زبان جي انهن اديبن کان علاوه،
هندستان جي علاقائي زبانن جي اديبن جو ذڪر ڪندي
لکيو آهي ته ”گجراتي زبان ۾ ترقي پسند تحريڪ جي
شاخ قائم ٿي ته ان ۾ نوجوان اديبن سان گڏ، اُما
شنڪر جوشيءَ جهڙا ممتاز اديب به شريڪ ٿيا. هڪڙي
ٻئي گجراتي اعلى اديبَ، اندو لال ياجنڪ بمبئيءَ ۾
انجمن جي شاخ قائم ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي. اتي توڙي
پوني ۽ ناگپور ۾، مرهٽي ۽ گجراتي ترقي پسند اديبن
جا حلقا ته اڳيئي هئا. پر، سن 1942ع ۾ انجمن جي هڪ
مضبوط شاخ قائم ٿي وئي، جنهن ۾ مرهٽي، گجراتي،
هندي ۽ اردو زبانن جا اديب، سَڀُ شامل هئا. ساڳيءَ
ريت ميسور، مالابار، بيجواڙي ۾، ڪئنري ملايالم ۽
تيلگو زبانن جي ترقي پسند اديبن جا حلقا ٿيا. |