ڇپائيندڙ پاران
سائين غلام رباني آگرو صاحب سنڌي ادب جو ناميارو
ليکڪ، مترجم ۽ ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي. سندن قلمي
ڪاوشن مان ”جهڙا گل گلاب جا“ (ٻه جلد)،
”سنڌ جا بَر بحر ۽ پهاڙ“ ۽ ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“
بورڊ پاران شايع ٿي مڃتا ماڻي چڪا آهن ۽ هاڻي سندن
هيءُ ڪتاب ”سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر“
هڪ يادگار تصنيف آهي.
ترقي پسند تحريڪ ۾ سنڌي اديبن مان جيڪي اديب ۽
شاعر هِن تحريڪ ۾ پيش پيش هئا، تن مان شيخ اياز،
سائين محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، اياز
قادري، جمال ابڙو، احسان بدوي، حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي
۽ غلام رباني آگرو جن جا نالا سرفهرست آهن.
ترقي پسند تحريڪ تي جيترو ڪم ٻين زبانن ۾ ٿيو آهي،
اُن جي تِـرَ برابر به سنڌي ٻوليءَ ۾ ان تحريڪ تي
ڪم نه ٿيو آهي. سائين رباني صاحب ان ڪميءَ کي
محسوس ڪندي هن موضوع تي قلم کنيو ۽ ترقي پسند
تحريڪ جي اُسرڻ ۽ ادبي دنيا ۾ ان تحريڪ جي ڀونچال
آڻڻ تي سير حاصل بحث ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته، ادبي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري
ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن ادبي
تاريخ پڻ محفوظ ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ هيءُ ڪتاب
پنهنجي نوعيت تي هڪ تاريخي حيثيت جو حامل آهي،
جنهن کي سائين رباني صاحب جهڙي ڏاهي اديب جنهن
محنت سان لکيو آهي، تنهن جو اندازو پڙهندڙ پاڻ ئي
لڳائي ٿا سگهن.
هيءُ ڪتاب آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان
شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ
آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي
ادبي بورڊ، ۽ جناب نظر محمد ڳاهو صاحب جن جو تهدل
سان شڪر گذار آهيان، جن هميشه منهنجي همت افزائي
ڪئي آهي ۽ مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري
اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو آهي.
اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو ادب
دوستن وٽ مانُ لهندو.
04 جمادي الثاني 1434هه
الهڏتو وگهيو
15 اپريل 2013ع
سيڪريٽري
مهاڳ
ڪو زمانو هو
جڏهن خطن لکڻ جو رواج عام جام هوندو هو، وڏي ذوق
شوق سان خط لکبا هئا. ۽ خطن جي آخر ۾ ائين به ضرور
لکبو هو، ”ٿورئي لِکئي کي، گهڻو سمجهندا ۽ پنهنجي
خيريت کان جلد آگاهه ڪندا.“
سنڌ ۾ ۽ خاص طرح سان، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترقي پسند
تحريڪ جي آمد ۽ ان جي اثرن بابت جڏهن لکيو ئي، ”نه
برابر“ ويو آهي، تڏهن رباني صاحب جي قلم مان نڪتل،
هن دلفريب تحرير کي، ڀانئيان ٿو ته، ”ٿورو لکيو
گهڻوئي سمجهي“ پڙهڻ گهرجي.
دنيا ڄاڻي ٿي ۽ رباني صاحب به اسان کي هن ڪتاب ۾
بار بار آگاهي ڏني آهي ته ننڍي کنڊ ۾ اِن تحريڪ جا
اصل روح روان هئا، سيد سجاد ظهير، مُلڪ راج آنند،
فيض احمد فيض، محترمه رشيد جهان، پروفيسر احمد
علي، سيد سبطِ حسن ۽ ڪرشن چندر وغيره. انهن معروف
ليکڪن ۽ ترقي پسند تحريڪ سان وابسته کيپ کان اڳ،
دنيا ڄاڻي ٿي ته ننڍي کنڊ ۾ ٽن ٻولين جي ليکڪن جي
وڏي هاڪ ۽ ڌاڪ هئي. مثال طور هند ۾ منشي پريم چند،
رابندر ناٿ ٽئگور ۽ سنڌ ۾ وري مرزا قليچ بيگ جي
وڏي ڀَل ڀلان هئي. هي ٽيئي ليکڪ نظرياتي سطح تي
پنهنجي نظريي ۾ اصلاح پسند ته ضرور هئا، پر ترقي
پسند نظريي کان قطعي غير آگاهه!
ها! ائين سو برابر هو ته اُن وقت سڄو ننڍو کنڊ
فڪري سطح تي وڏي اُٿل پُٿل جو شڪار هو، هڪ پاسي
برطانوي راڄ، ٻئي پاسي روس مان اُڀرندڙ ڪميونسٽ
نظام جو چؤٻول ۽ هيڏانهن ننڍي کنڊ ۾، فيوڊل ڪلاس
وري برطانيه جو حامي بنجي رهيو هو، جڏهن ته روس جي
اثر هيٺ حيدرآباد دکن، لاهور، دهلي، ڪلڪتي ۽ بمبئي
وغيره ۾ ڪميونسٽ جماعتون قائم ٿيڻ لاءِ، تياريون
شروع ٿي رهيون هيون، ۽ هر طرف طبقاتي جدوجهد زور
وٺندي پئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ نيٺ 1923ع ڌاري
مزدور ڪسان پارٽي ٺهي، مولانا عبيدالله سنڌي،
ايم.اين.راءِ ۽ ڊاڪٽر اقبال سيالڪوٽي وغيره اُن
زماني ۾ نئين فڪر ۽ روشن خيالي جا وڏا مبلغ ٿي
ظاهر ٿيا ۽ کانئن پوءِ واري ٽهيءَ مان وري مُلڪ
راج آنند، سيد سجاد ظهير، محمود الظفر ۽ رشيد
جهان، قلمڪاريءَ جي ميدان ۾ ڪونتل ڪڏائڻ شروع ڪري
ڏنا هئا. خاص طور تي 1932ع ڌاري جنهن ڇرڪائيندڙ
ڪتاب جي نويد سان هي لڏو ظاهر ٿيو، ۽ اُن پستڪ جو
نالو رکيائون، ”انگاري“ ته بس ان جي شايع ٿيڻ سان
ئي دنيا ۾ وڏو ڀونچال اچي ويو، ۽ هر طرف کان ههڙا
آواز اُڀرڻ لڳا ته، ”ياالله! هي ڪير مُلحد ۽
ڪميونسٽ آهن، جيڪي ان نالي واري ڪتاب سان ادب ۾
گهڙي آيا آهن.“ ۽… آءٌ ڀانئيان ته ان وقت ننڍي کنڊ
جي هر وڏي شهر ۾ ان ڪتاب وڏوئي غلغلو پڻ مچائي
ڇڏيو جنهن سبب، ڪجهه ئي وقت اندر پوءِ ان کي
Ban
به ڪيو ويو.
اگرچه ان ڪتاب جا گهڻا ليکڪ، سيد سجاد ظهير ۽ رشيد
جهان، مسلمان گهراڻن جا چشم و چراغ اعليٰ تعليم
يافته لنڊن رٽرن ۽ شيعه خاندانن جا فرد هئا، پر
متاثر هئا وري مارڪس جي تعليمات کان.
اسان کي هن ڪتاب ۾ وِک وِک تي جيئن رباني صاحب به
ٻڌايو آهي ته سيد سجاد ظهير ۽ سندس دوست ترقي پسند
تحريڪ جو خاڪو ۽ منشور لنڊن مان ئي تيار ڪري کڻي
آيا هئا ۽ ان جي
Implementation
لاءِ پهرين ته ڪلڪتي ۽ پوءِ حيدرآباد دکن ۾ اچي
لنگر انداز ٿيا هئا. تحريڪ کي
زور
وٺرائڻ لاءِ هنن جلد پوءِ لکنؤ، حيدرآباد دکن ۽
لاهور ۾ پڻ انجمنِ ترقي پسند مصنفين جي شاخن جو
ڄار وڇائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون، ۽ باالآخر ترقي
پسند ليکڪن جي اهڙي پهرئِين ڪانفرنس 1936ع ۾ منعقد
ڪرڻ ۾ ڪامياب پڻ ٿي ويا، جنهن جي صدارت جڳ پڌري
ليکڪ منشي پريمچند کان ڪرايائون. بعد ۾ لاهور ۾ به
اهڙي پهرئين آل پاڪستان پروگريسو رائيٽرس ڪانفرنس
نومبر 1949ع ۾ ڪوٺائي وئي.
مجروح سلطان پوريءَ، پنهنجو هيءُ شعر به ان ئي
زماني ۾ ته چيو هو:
مين اکي لاهي چلا تها جانب منزل مگر
لوگ اته هي گئي اور کاروان بنتا گيا
ائين ننڍي کنڊ ۾ اهڙي تحريڪ جي پرچار لاءِ پهريون
سج حيدرآباد دکن ۽ پوءِ ڪلڪتي مان اُڀريو هو ۽
پوءِ نهايت جلد لاهور شهر تائين اُن جون روشنيون
پهتيون ته پوري ننڍي کنڊ تي وڏي آب تاب سان پکڙجڻ
پڻ شروع ٿي ويون، معروف صحافين مان، ميان افتخار
الدين، مظهر علي، چراغ حسن حسرت، ايوب ڪرماني ۽
فيض احمد فيض وغيره لاهور شهر ۾ ويهي روشن خياليءَ
کي گهر گهر پکيڙڻ لاءِ انگريزي اخبار ”پاڪستان
ٽائمز“ ۽ اردوءَ ۾ ”امروز“ اخبار جو پليٽ فارم
استعمال ڪيو، تڏهن ترقي پسند شاعر ظهير ڪاشميريءَ
پنهنجو هي مشهور شعر چيو:
همين
ہم
مين چراغِ آخرِ شب
ہمارے
بعد اندھیرا
نين اُجالا ہے
ترقي پسند تحريڪ جي وڌندڙ اثر باعث ان جي پهرئين
سال 1936ع کان ئي ننڍي کنڊ ۾، خاص طرح سان اردو
ادب جي آسمان تي ليکڪن جي هڪ پوري کير ڌار ظاهر
ٿيڻ شروع ٿي وئي، عصمت چغتائي، علي سردار جعفري،
جوش مليح آبادي، ڪيفي اعظمي، خواجه احمد عباس،
مجروح، مجاز، جان نثار اختر، ساحر لڌيانوي، احمد
نديم قاسمي ۽ لکنؤ واريون ليکڪ مايون حاجره مسرور،
خديجه مسرور ۽ ان دؤر ۾ هي اجهو اهڙن مڙني ئي ترقي
پسند ليکڪن ۽ ليکڪائن جو سرواڻ سڏجڻ لڳو هو!
ڪهاڻيڪار جناب ڪرشن چندر!
اگرچه انهن سڀني ليکڪن مان تحريڪ اندر ڪي سُني
گهراڻن مان آيا هئا ته ڪي شيعا ۽ ڪي ته وري،
مرڳوئي هندو به هئا ۽ هي سڀ هئا کڻي ڪهڙن به مذهبن
۽ مسلڪن جا، پر عرفِ عام ۾ مڙئي پيا سڏبا هئا
”پروگريسو رائيٽر“ ۽ بي پناهه تخليقي صلاحيتن سان
مالا مال، انهن مان ڪن ليکڪن طبقاتي جدوجهد کي زور
وٺرائڻ لاءِ ڪهاڻي، ڪن ناول ۽ ڪن وري شاعريءَ ۽
ناٽڪ جو محاذ سنڀاليو، ڪن صحافت ۾ لهوءَ جا چراغ
روشن ڪيا، ته ڪن وري فلم جي ميڊيم ذريعي سماجي
انقلاب برپا ڪرڻ جا خواب ڏٺا. خواجه احمد عباس ۽
ڪرشن چندر ته ڄڻ ان فيلڊ جا ميرِ ڪاروان بڻيا.
سندن دؤر جي اهڙين ڪن پراڻين فلمن منجهان خواجه
احمد عباس جي لکيل هڪ فلم ”نيا سنسار“ ته مون خاص
طرح سان ’يوٽيوب‘ تي پراڻين فلمن مان ڳولهي هٿ ڪري
ڏٺي هئي، جنهن جي هڪ گاني جا ٻول هئا:
ايک
نيا سنسار بسالے،
جنتا کا ہو راج، جگت
مين
جنتا کی
سرکار
۽ اِها ته ٿي مختصر طرح سان اردو ترقي پسند ليکڪن
جي ڪٿا. پر سوال آهي ته سنڌ جي ليکڪن منجهان
پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي دوران اُهو ڪهڙو سنڌي
قلمڪار هو جنهن ترقي پسند تحريڪ ۽ انجمنِ ترقي
پسند مصنفين جي لڏي سان سڀ کان پهرين وڃي شموليت
اختيار ڪئي هئي ۽ ان
ڳالهه جو اتو پتو لهڻ لاءِ ڪنهن وقت مون پراڻي
ڪميونسٽ ۽ ايڊوڪيٽ نورالدين سرڪي جو دروازو وڃي
کڙڪايو هو، تڏهن ٻڌايو هئائين، 49-1948ع ڌاري اهو
آءٌ ئي ته هوس، جنهن ڪميونسٽ پارٽي کي جوائن ڪيو
هو، ۽ لاهور واري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي،
سوڀوگيانچنداڻي ان وقت جيل ۾ هو ۽ شهيد حسن ناصر
ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري هوندو هو، ان ئي
زماني ۾ هفته وار ”صداقت“ جاري ٿي هئي، ۽ ع.ق.
شيخ، مراد علي مرزا،
جمال
ابڙو، ۽ ابنِ حيات پنهور وغيره ان اخبار لاءِ
ڪهاڻيون ۽ مضمون وغيره لکندا هئا. اخبار جو ايڊيٽر
ڪامريڊ قادربخش نظاماڻي هوندو هو ۽ ان وقت سنڌ ۾
ڪميونسٽن جي اِهائي واحد نمائنده اخبار هوندي هئي.
1951ع ۾ انجمنِ ترقي پسند مصنفين جو لاهور ۾
پهريون اجلاس سڏايو ويو ته ”سنڌي ٻولي“ جي ليکڪ
طور مون ئي ان ۾ سنڌ جي ترقي پسند ليکڪن پاران
نمائندگي وڃي ڪئي هئي ۽ اها ڪانفرنس اٽينڊ ڪري.
لاهور مان جڏهن موٽيس ته ساڳئي طرز تي اسان سنڌ ۾
سنڌي اديبن جي ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ ٺاهي،
جنهن ۾ اياز قادري، جمال ابڙو ۽ احسان بدوي ۽ ڪي
ٻيا به شامل ٿيا.
علاوه ازين! سرڪي صاحب مون کي اُن ملاقات دؤران هي
به ٻڌايو هو ته، ان زماني تائين رباني، حفيظ شيخ ۽
رشيد ڀٽي وغيره پڙهڻ لاءِ اڃان ڪراچي نه آيا هئا،
۽ اهي سڀ 1953ع کان پوءِ ئي ڪراچي پهتا هئا، جنهن
بعد ميٺارام هاسٽل جي ڪمري نمبر 74 ۾ روشن خياليءَ
جي پرچار لاءِ اسان ادبي ڪلاس شروع ڪيا، ۽ ان وقت
تائين اسان جي اها ”انجمنِ ترقي پسند مصنفين سنڌ“
ڪميونسٽ فڪر جي ئي اثر هيٺ هئي. بعد ۾ انجمن جي
مستقل گڏجاڻين مان نئين ادبي سنگت نڪري نروار ٿي،
۽ پوءِ ”انجمنِ ترقي پسند مصنفين“ جي ماتحت نه
رهي. اگرچه ادبي سنگت جو مول متو به لڳ ڀڳ انجمنِ
ترقي پسند مصنفين جهڙوئي هو، مثال طور ’انسان
دوستي‘، ’روشن خيالي‘ ’سائنسي سوچ‘. پر ڇاڪاڻ ته
’انجمنِ ترقي پسند مصنفين‘ ڪميونسٽ پارٽي جي
ڪنٽرول هيٺ هئي، ان ڪري ”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ الڳ
پليٽ فارم طور اُڀري سامهون آئي ۽ روشن خيالي ۽
ترقي پسند تحريڪ جي اثر قبولڻ ڪرڻ جي باوجود ان
دؤر جا گهڻائي سنڌي تخليقڪار، ترقي پسند ته بيشڪ
سڏرائيندا هئا، پر سنڌ جي تصوف ۽ صوفي مت جي ڳوهيل
مٽيءَ مان جنم وٺڻ باعث، ’مزاحمت پسند‘، ’وطن
پرست‘، ’سنڌ دوست‘ ۽ پاڻ کي ’صوفي‘ سڏرائڻ ۾ وڌيڪ
خوشي محسوس ڪندا هئا. پر سيد سجاد ظهير، فيض احمد
فيض ۽ رشيد جهان وانگر ڪميونسٽ ليکڪ سڏرائڻ کان
پاسو ئي ڪندا هئا ۽ ائين تمام تر ڪوشش جي باوجود
سنڌ ۾ سجاد ظهير واري ترقي پسند تحريڪ پوري طرح
سان پنهنجون پاڙون نئين سنڌي ادب ۾ پکيڙي نه سگهي.
اگرچه حاضر دؤر ۾ تخليقي ليکڪن مان ڪي ٿورا
ڪميونسٽ شاعر، افسانه نگار وغيره ايڪڙ ٻيڪڙ حال
حيات اڃا به آهن، پر اهي به جهڙوڪر: ”نه هئڻ جي
برابر آهن.“
ان ڪري ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي سڀني يا ته موٽي مذهب ۾
وڃي پناهه ورتو يا خوش فڪر صوفي ٿي ويا. مثال طور
محمد امين خان کوسو، جيڪو ڦوهه جواني ۾ ته ترقي
پسند خيالن جو ۽ اشتراڪي هو، پر وڏي عمر ۾ مذهبي
ماڻهو ٿي ويو، شيخ اياز صاحب به اهڙوئي رستو
اختيار ڪيو. سياسي ڪارڪنن مان ڄام ساقي صاحب اسان
سڀني جي سامهون آهي، ها! ايترو سو درست آهي ته
باوجود اهڙو رستو اختيار ڪرڻ جي قوم پرستيءَ تان
انهن مان ڪنهن به قلمڪار يا سياستڪار هٿ ڪڏهن به
نه کنيو. صورتحال اردو ڪميونسٽ ليکڪن جي به ڪجهه
اهڙي ئي رهي، مثال طور علي سردار جعفري محرم ايندو
هو ته ڪاري قميص ضرور پائيندو هو ۽ مير انيس وانگر
مرثيا لکندو پڙهندو هو. اهڙن ئي اشتراڪي شيعه
ڪميونسٽن مان جوش مليح آبادي وري ههڙو شعر به چئي
ڇڏيو:
انسان کو بيدار تو ہولنے
دو
ہر قوم پکارے
گی
ہمارے
ہیں
حسین
عصمت چغتائي، آخر ۾ افسانه لکڻ ترڪ ڪري ڪربلا جي
واقعي بابت مجلس جي انداز ۾ ناول تحرير ڪيو! ”اک
قطرهِ خون.“
۽ اهي سڀ اردو ترقي پسند اديب شاعر ۽ نقاد، جن
روشن خيالي سان ادب جي آسمان کي رنگا رنگ ڪيو، هڪ
هڪ ٿي ان تان ٽٽندا ڇڻندا ۽ وکرندا ويا ۽ ترقي
پسنديءَ کان شروع ٿيندڙ ادب جي آسمان جو روشن سج
آهسته آهسته گرهڻ ۾ ڦاسي ويو.
يعني 1936ع واري اها شاندار تحريڪ، جيڪا سيد سجاد
ظهير، رشيد جهان، ڪرشن چندر ۽ ٻين ڪيترين رنگا رنگ
شخصيتن جي ساٿ سان ننڍي کنڊ ۾ وڏي
Grandure
سان شروع ٿي هئي، نيٺ 1966ع تائين ايندي ايندي، ان
مان هوا نڪرڻ شروع ٿي ويئي. جڏهن ته ٻئي پاسي
هندستان ئي ڇا! 1936ع کان 2011ع تائين ترقي پسند
تحريڪ جي نالي ۾ گهڻوئي پاڻي هتان پاڪستان جي
پُلين هيٺان به تيزي سان گذري ويو، ۽ ائين آهسته
آهسته ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ لکيل گهڻوئي ادب
ٻنهي ملڪن ۾ ملبي جي هيٺان دٻجندو رهيو. علاوه
ازين ڪيئي مشهور وَ مقبول مارڪسٽ شخصيتن کي به
دنيا ڏٺو ته هنن پنهنجون ترجيحات ڦيرائي ڇڏيون ۽
سالن جا سال تحريڪ جي نالي ۾ قيد ڪاٽڻ جي باوجود
بالآخر
Establishment
سان وڃي سلهاڙجي ويا، آدرش تهس نحس ٿي ويا پر هتي
سوال آهي ته ائين آخر ڇو ٿيو؟ ۽ ان جي جواب طور في
الحال ته علامه اقبال جو هي شعر ياد اچي ويو اٿم:
تیری
تعمیر
میں
مضمر تھی
اک صورت خرابی
کی۔
۽ هيڏانهن سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب ۽ سوڀي
گيانچنداڻي جهڙا اسٿر پهاڙ بيشڪ ته اڄ به پاڻ کي
اهوئي ڪجهه سمجهن ۽ سڏرائن پيا، ۽ جيڪي هو واقعي
به آهن! ۽ جن جي قول ۽ فعل ۾ مشڪل سان ئي ڪي تضاد
نظر ايندا!
۽ پيارا پڙهندڙو! انهيءَ سموري مٿئين پس منظر کي
ذهن ۾ رکي ڏسو ته، ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ ۽
ان جي اثرن ۽ ڦهلاءُ بابت رباني صاحب جي ٻُين
تحريرن وانگي هي تحرير به حسب دستور ڏاڍي خوشگوار
۽ دلچسپ نوح ۾ لکيل محسوس ٿيندي، جنهن کي پڙهندي،
اعليٰ نثر پڙهڻ جو لطف هڪڙي پاسي ٿو اچي ته ”ترقي
پسند تحريڪ جي بنياد وجهندڙن کان آگاهي ٻئي پاسي
ٿي حاصل ٿئي. رباني صاحب لکيو آهي ”ته ترقي پسند
تحريڪ جي سڀني بنياد وجهندڙن کي پنهنجي دؤر جي
ڪيترين ئي ’ڪڙين حالتن کي مُنهن ڏيڻو پيو، مٿن
مخالفن جا دٻاءُ به باقاعده پوندا هيا، پر بالآخر
تحريڪ جي وڏن وڏن اڳواڻن ۾ صحيح رُخ ۾ وک وڌائڻ جي
ڏس ۾ ڪيئي اختلاف پيدا ٿيا ۽ تحريڪ زوال ڏانهن وڌڻ
شروع ڪري ڏنو.“ |