رباني صاحب هن ڪتاب ۾ خاص طرح سان پاڪستان ۾ هن
تحريڪ جي نه اُپڙجي سگهڻ جي سببن جو ته ڏاڍوئي
حقيقت پسندانه جائزو ورتو آهي ۽ تحقيق ته درست ئي
ورتو آهي، جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته ”سندن نظرياتي
نصب العين پيڙيل عوام کي آجپو ڏيارڻ هو، پر سندن
عمل پاڪستان ۾ اردوءَ جي حاڪميت جو فائدو وٺي، رڳو
پاڻ کي ئي سکيو ستابو ڪرڻ ٿي پيو، سندن هڪ مکيه
ساٿي احمد علي (انگاريءَ جي هڪ افسانه نگار)
قلابازي ڏئي، دين جي عالم جو چوغو پاتو، ۽ وزارتِ
خارجه ۾ وڏي نوڪري ورتائين! ڏسندي ڏسندي ٻين به
پوءِ اهڙي ئي روش اختيار ڪئي“. رباني صاحب لکيو
آهي ته ”ترقي پسند تحريڪ، جو مستند احوال اردو،
هنديءَ، گجراتيءَ، بنگاليءَ، مرهٽيءَ، مليالم ۽
ٻين ٻولين ۾ ته بيشڪ تفصيل سان ملي ٿو ۽ موجود
ناهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾.“ رباني صاحب هن ڪتاب ۾
اسان کي اهو به ٻڌايو آهي ته هن تحريڪ بابت الهه
آباد، لکنؤ ۽ حيدرآباد دکن ۾ جيڪي جيڪي ڪانفرنسون
ٿيون هيون تن ۾ ٻين پرڳڻن سان گڏ سنڌ جا اديب به
شريڪ ٿيا هئا (پر اُهي ڪهڙا ۽ ڪير ڪير هئا؟ ۽ انهن
بابت سنڌي ادب جي تاريخ گهڻو ڪري ته اڄ خاموش ئي
آهي).
سنڌ ۾ گهڻائي ليکڪ شوقيه ڪميونسٽ ۽ اشتراڪي بڻيا،
پر سنڌ جي مٽي آهي ئي ڪا تصوف ۽ صوفي مت جي خمير
مان ڳوهيل، ان سبب هند سنڌ ۾ هن ترقي پسند تحريڪ
سان جيڪي ڪجهه به ٿيو ان لاءِ قرة العين حيدر جو
هي تجزيو... ڪيڏو نه حقيقت پسندانه آهي.
- مصلحت پسند ماڻهن جو تحريڪ ۾ گهڙي اچڻ.
- ٻيو تحريڪ لاءِ تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيا موقعه پرست
قلمڪار.
- ٽيان اهي اديب، جيڪي ٻاهران هڪڙا نظر ايندا رهيا
۽ اندران ٻيا نڪري پيا.
۽ نتيجي ۾ عظيم ذهنن جي تيار ڪيل جنهن ترقي پسند
تحريڪ کي وڌي، بڙ جو ڇايادار وڻ ٿيڻو هو اُها
يوڪليٽس جي وڻ وانگر هوا ۾ لچڪندي، لٽندي رهي ۽
نيٺ تتر وتر ٿي وئي. ملڪ ۾ هاڻي ان جو باقاعده
وجود به ڪٿي آهي؟ ۽ اهو هاڻي پوريءَ پڪ سان چئي
نٿو سگهجي.
۽ جيئن مون شروع ۾ لکيو ته هي ڪتاب ان موضوع تي ڄڻ
ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا وانگي آهي، ان ڪري مون به
ان کي غنيمت ڄاڻي ئي پڙهيو آهي.
رباني صاحب، حسبِ دستور پنهنجي ٻين ڪتابن وانگر،
هي ڪتاب به ڏاڍي دلفريبت سان تحرير ڪيو آهي ۽ ان
جي سٽ سٽ ۾ سچ پڇو ته ايڏي ته شگفتگي ۽ ايڏي ته
سرشاري آهي جو سندن تحرير جي تاثير سان مون کي ته
هن گرم موسم ۾ ههڙي ڪتاب کي پڙهندي، هڳاءُ ڀريي
ٿڌي ٿڌي ۽ مِٺي مِٺي ملڪروز پيئڻ جهڙو ئي لطف
محسوس ٿيو.
حيدرآباد
20هين جولاءِ 2011ع
|
نصير مرزا
اسٽيشن ڊائريڪٽر
ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد
|
|
|
سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر
سن 1947ع ۾، هندستان جي ورهاڱي کان اڳ،
جيڪي تحريڪون اٿنديون هيون، تن جو سڄي ملڪ تي اثر
پوندو هو، اردوءَ ۽ هنديءَ جي مسئلي تي هندن ۽
مسلمانن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ انهيءَ ڳالهه جو هڪ چٽو
مثال آهي. ٻنهي ڌرين هڪٻئي جي ضد ۾ هنديءَ ۾
سنسڪرت ۽ اردوءَ ۾ عربي توڙي فارسيءَ جا اکر وڌائڻ
شروع ڪيا. سو، اخبارون پڙهه ته ”الوحيد“ جي ٻولي
هڪڙي ته ”سنسار سماچار“ جي ٻي، توڙي جو ٻَئي
سنڌيءَ ٻوليءَ جون اهم اخبارون هيون.
”خلافت تحريڪ“ واريءَ تحريڪ ۾ وري ٻَئي ڌريون يعني
هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ گڏ هئا. سو، ڪانگريس جي سڏ
تي، مسلمانن مٿن تان ريشم جون مشهدي لونگيون لاهي،
جوڙيءَ (کاڌيءَ)، جا پٽڪا به ٻڌا. هنن مثالن جو
مطلب اهو ٿيو ته سنڌ جيئن ته هندستان جو حصو هئي،
ان ڪري اها به اهم تحريڪن کان متاثر ٿيندي هئي.
ترقي پسند ادب جي تحريڪ بنيادي طرح اردو زبان جي
هئي. پر، ان جا اثر رڳو اردو تائين محدود ڪونه
رهيا، علاقائي ٻولين تي به پيا.
هڪڙيون تحريڪون هونديون آهن، جيڪي ڏاڍي زور شورسان
اٿنديون آهن. پر، اڳتي هلي، انهن جا اثر آهستي
آهستي گهٽجي ويندا آهن. مثال طور، خاڪسار تحريڪ.
ٻيون وري بظاهر ختم ٿي وينديون آهن، پر انهن جا
اثر ختم ڪونه ٿيندا آهن. ترقي پسند ادب جي تحريڪ
جا اثر هندستان جي مڙني ٻولين ۾ اردوءَ وانگر
سرايت ڪري ويا، ته پوءِ ڪڏهن به ختم ڪونه ٿيا. ان
جا سبب معلوم ڪرڻ ضروري آهن، ته خبر پوي ته اها
تحريڪ ڪڏهن، ڪٿان ۽ ڇو شروع ٿي؟ ان جو بنياد ڪنهن
وڌو؟
”انجمن ترقي پسند مصنفين“ سن 1936ع ۾ هندستان جي
تڏهوڪي يو.پي
(U.P)
پرڳڻي مان شروع ٿي. ان جو بنياد سيد سجاد ظهير
وڌو. سندس خاندان جونپور ضلعي ۾، ڪلان پور ڳوٺ جو
رهندڙ هو ۽ ان جي آمدنيءَ جو ذريعو زمينداري هو.
پر، سجاد ظهير جي ڏاڏي، سيد ظهير حسن، زمينداريءَ
سان گڏ سرڪاري نوڪري به ڪئي. مختيارڪار ٿيو ۽
پنهنجي اولاد کي انگريزيءَ جي تعليم ڏياريائين.
سندس پٽ سيد وزير حسن، پهريائين پرتاب ڳڙهه ۾
وڪالت ڪندو هو. پوءِ لڏي لکنَو ويو. اتي سياست ۾
بهرو وٺڻ لڳو ۽ آل انديا مسلم ليگ جو سيڪريٽري
ٿيو. انگريزن کيس پهريائين اَوَڌَ جي چيف ڪورٽ جو
جج ۽ پوءِ چيف جج مقرر ڪيو. هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ
ڪلان پور جي ڀرواري ڳوٺ جي زميندار جي ڌيءَ پنهنجي
پٽ کي پرڻائي، جنهن مان پنج پٽ ٿيس. علي ظهير، حسن
ظهير، سجاد ظهير ۽ باقر ظهير، پنج ئي ذهين هئا ۽
وڏي هوندي نالو ڪڍيائون.
سيد سجاد ظهير 5 نومبر 1904ع تي لکنَو ۾ ڄائو،
ابتدائي تعليم پوري ڪيائين، ته پڻس انگلنڊ موڪليس،
ته آڪسفورڊ مان
B.A
ڪري، انڊين سول سروس جو امتحان پاس ڪري، آءِ سي
ايس عملدار ٿئي. پر، سجاد ظهير جي قسمت ۾ ٻيو ڪجهه
لکيل هو. انگلنڊ مان پيءُ کي خط لکيائين ته ”آءِ
سي ايس. عملدار ٿيڻ تي منهنجي مرضي ڪانهي.“ تڏهن
پڻس چيس ته ”پوءِ بئريسٽري ڪري اچ.“ اها ڳالهه به
رڳو پيڜءُ
کي راضي رکڻ لاءِ قبول ڪيائين. سندس پس و پيش ڪرڻ
جو سبب اهو هو، ته آڪسفورڊ ۾ پاڻ هندستان جي
انقلابي نوجوانن سان وڃي شامل ٿيو هو، جيڪي
انگريزن جي سخت خلاف هئا.
سن 1917ع جي آڪٽوبر مهيني ۾، روس ۾ انقلاب آيو،
جنهن جا اثر سڄيءَ دنيا تي پيا. يورپ جي ڪيترن ئي
وڏن شهرن وانگر لنڊن ۾ به ”آڪٽوبر ڪلب“ ٺهيا. سجاد
ظهير آڪسفورڊ جي ”آڪٽوبر ڪلب“ جو ميمبر ٿيو ۽ اتان
جا بحث مباحثا ٻڌي، انقلابي ذهن جو ٿي ويو. سياسي
خيالن جو ته ننڍي هوندي کان ئي هو، ڇو ته پڻس جي
سياسي سرگرمين جا سندس ذهن تي پاڇا پيا هئا.
سن 1932ع ۾ ڇهن مهينن جي عرصي لاءِ هندستان آيو.
”انگاري“ (اڱر) نالي افسانن جو ڪتاب ڇپايائين،
جنهن ۾ پنج سندس پنهنجا لکيل هئا، ٻه احمد عليءَ
جا، هڪ محمود الظفر جو ۽ هڪ افسانو ۽ هڪ ناٽڪ رشيد
جهان جو، جيڪا محمود الظفر جي گهرواري هئي. اهي
افسانا موجوده معيار موجب رواجي هئا. پر، منجهن
معاشري جي عيبن ۽ اوڻاين تي سخت تنقيد هئي. سو،
وڏي هلچل شروع ٿي وئي. رشيد جهان کي ته قتل جون
ڌمڪيون به مليون. نيٺ، لاڳيتي احتجاج ڪري يو.پي
(U.P)
صوبائي سرڪار کي ڪتاب تي بندش وجهڻي پئي. سيد سجاد
ظهير لنڊن موٽي ويو.
لنڊن ۾ نومبر جو مهينو سخت سرد ٿئي ٿو! سن 1935ع
جي انهيءَ ئي مهيني ۾ شام جي وقت سخت سرديءَ ۾، هن
”بيجنگ هوٽل“ ۾ پنهنجن ويجهن دوستن ۽ هم خيالن
رفيقن جي ميٽنگ ڪوٺائي، جن ۾ محمد دين تاثير، ملڪ
راج آنند، جيوتي گوش ۽ پرمودسين گپتا کي اچڻ جو
تاڪيد ڪيائين. ملڪ راج آنند ميٽنگ جي صدارت ڪئي.
جيوتي گوش ”انجمن ترقي پسند منصفين“ جي منشور جو
ابتدائي مسودو اڳيئي لکي تيار ڪيو هو، جيڪو ميٽنگ
۾ سڀني اکر اکر ڪري پڙهيو ۽ ضروري درستيون ڪري،
مٿس صحيحون وڌيون. سجاد ظهير ميٽنگ ۾ منظور ڪيل
درستين موجب، منشور ڇپائي هندستان ۾ پنهنجن دوستن
ڏي موڪليو ۽ کين لکيو ته ”پنهنجن ٻين هم خيال
دوستن کي پڙهايو ۽ مٿن پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ انجمن
جون شاخون کولڻ جو بار وجهو.“
سن 1935ع جي آخر ۾ ئي پاڻ لنڊن مان موٽي آيو، هاڻي
بئريسٽر به هو ۽ پڪو سوشلسٽ انقلابي پڻ.
سن 1936ع ۾ يو. پي. پرڳڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ”انجمن
ترقي پسند مصنفين“ جي ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن جي
صدارت، ڪهاڻيڪار پريم چند کان ڪرايائين.
هندستان ۾، ”ترقي پسند ادب جي تحريڪ“ ائين شروع
ٿي.
گڏيل هندستان وڏو ملڪ هو، ان ۾ اردو زبان جا
ڪيترائي اديب ۽ شاعر هئا، جي سيد سجاد ظهير جا هم
خيال هئا- مثال طور فيض احمد فيض. هن پنهنجي هڪ
دوست کي خط ۾ لکيو آهي ته، ”هندستان ۾ ترقي پسند
ادب جي تحريڪ شروع ٿي، ته مان پهريَن پهريَن اديبن
۽ شاعرن ۾ هئس، جيڪي منجهس شريڪ ٿيا.“
فيض احمد فيض وانگر ٻيا شاعر ۽ اديب پڻ (ڪي اڳي ته
ڪي پوءِ) تحريڪ سان وابسته ٿيا. انهن ۾ علي سردار
جعفري، جوش مليح آبادي، مخدوم محي الدين، اسرار
الحق مجاز، حيات الله انصاري، پروفيسر احتشام حسين
چغتائي، ظهير ڪاشميري، راجندر سنگهه بيدي، خواجه
احمد عباس، پروفيسر ممتاز حسن، ساحر لڌيانوي ۽
احمد نديم قاسميءَ جا نالا اهم آهن.
ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو مقصد ادب جي ذريعي
زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جي ترجماني ڪرڻ هو، ته جيئن
معاشري ۾ اعلى انساني قَدُرَنِ جي حوصله افزائي
ٿئي. منشي پريم چند ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي
ڪانفرنس جي صدارتي تقرير ۾ اهو موثر لفظن ۾ بيان
ڪيو هو. هن چيو ته:
”اَدَبُ آرٽسٽ جي روحاني توازن جي ظاهري صورت آهي.
ادبُ اِنسانَ ۾، وفاداريءَ، سچائيءَ، همدرديءَ،
انصاف ۽ برابريءَ ۽ ڀائپيءَ جا امنگ اُڀاري ٿو،
جيڪي زندگيءَ کي سونهن عطا ڪن ٿا.“
ستت ٻين ڪيترن ئي وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پڻ
تحريڪ جو خير مقدم ڪيو. مثال طور رابندر ناٿ
ٽئگور، مسز سروجني نائڊو ”بلبل هند“، مولوي
عبدالحق ”بابائي اردو“، قاضي عبدالغفار ”ليلى کي
خطوط“ جو مصنف، صوفي غلام مصطفى تبسم، چراغ حسن،
عبدالمجيد سالڪ، مولانا غلام رسول مهر، فراق مجنون
گورکپوري ۽ ٻيا. انهن قد آور شخصيتن جي حمايت
تحريڪ جو مان هيڪاري مٿانهون ڪيو.
سيد سجاد ظهير لنڊن مان هندستان ۾ پنهنجن هم خيال
دوستن کي انجمن جون شاخون کولڻ لاءِ جيڪو خط لکيو
هو، انهيءَ جي موٽ کيس سڀ کان اول حيدرآباد دکن
مان ملي. ان جو مکيه سبب اهو هو ته حيدرآباد دکن
هندستان ۾ مسلمانن جي تهذيب ۽ تمدن جو هڪ خاص مرڪز
هو. اردوا دب جو ته سرچشمو هو. علامه اقبال کان
وٺي سيد سبط حسن تائين، ڪو به اهڙو اديب، شاعر ۽
محقق ڪونه هو، جيڪو حيدرآباد دکن جي حاڪم يعني
نظام جي علم پروريءَ مان فيضياب نه ٿيو هجي. نظام
سڄيءَ دنيا ۾ امير ترين ماڻهو هو. سن 1937ع ۾ سندس
دولت سوا ٻه سئو ارب ڊالر هئي. (هاڻوڪي دؤر ۾ امير
ترين ماڻهوءَ جي دولت فقط چاليهه ارب ڊالر آهي.)
نظام سخت ڪنجوس به هو، پر عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي
کليءَ دل سان سرپرستي ڪندو هو. انگريزن جي پاڇي
هيٺ حڪومت ڪندو هو، تنهن هوندي به حيدرآباد دکن جو
شهر ترقي پسند خيالن جي اديبن ۽ شاعرن جو مرڪز هو.
مخدوم محي الدين مڙني ۾ هردلعزيز هو.
هن سيد سجاد ظهير جو خط ملڻ بعد سيد سبط حسن کي
ساڻ وٺي وڃي مولوي عبدالحق ۽ قاضي عبدالغفار سان
ملاقات ڪئي ۽ ساڻن حيدرآباد دکن ۾ ”انجمن ترقي
پسند مصنفين“ جي شاخ کولڻ جي ڳالهه ڪئي. ٻنهي ڄڻن
کي حيدرآباد ۾ وڏيءَ عزت ۽ ادب سان ڏٺو ويندو هو.
ٻئي ڄڻا پنهنجيءَ سچائيءَ ۽ انسان دوستيءَ ڪري،
عوام ۽ خواص ۾ مشهور هئا. سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار
ڪري، کين مشورو ڏنائين ته اها ڳالهه تڏهن ٿي
سگهندي، جڏهن مسز سروجني نائڊوءَ ”انجمن“ جي
سرپرستي قبول ڪندي. پوءِ اوهان سرڪاري عتاب ۽
روزمره جي کٽراڳ کان ڇٽي پوندا. اها ڳالهه ٻنهي کي
وڻي ۽ قاضي صاحب سان گڏجي، مسز نائڊوءَ سان ملڻ
ويا، اتي اتفاق سان، سندن ملاقات اول مسز نائڊوءَ
جي ڌيءَ پرماجا سان ٿي، جيڪا قاضي عبدالغفار جو
ازحد ادب ڪندي هئي. هوءَ کين ماءُ وٽ وٺي وئي ۽
چيائينس ته ”امان، هي ٻئي ڄڻا بُني ڀائيءَ جا دوست
آهن.“ (سيد سجاد ظهير جا مٽ مائٽ ۽ ويجها دوست کيس
”بُني ڀائي“ ڪوٺيندا هئا.) اهو ٻڌي، مسز نائڊو خوش
ٿي ساڻن قرب سان ملي. انجمن جي سرپرستي قبول
ڪيائين، ڇو ته سيد سجاد ظهير جي هڪ عزيزه، سعيده
خاتون، حيدرآباد دکن جي نظام جي خاندان ۾ نواب
ياور علي خان جي بيگم هئي.
مسز نائڊو انجمن جي سرپرست ٿي، ته ان جو افتتاحي
اجلاس به سندس گهر ۾ ئي ٿيو. سندس هڪ ننڍي ڀيڻ
هئي، جنهن جو نالو سهاسني هو. اها سوشلسٽ خيالن جي
هئي. هڪ ڀاءُ پڻ هئس، جيڪو انگلنڊ بئريسٽري ڪرڻ
ويو هو. پر، اتي هندستاني انقلابي نوجوانن سان وڃي
شامل ٿيو. هو برلن ويا، ته هي به ساڻن گڏ ويو،
جتي، سندس رسم وراهه (انقلاب کانپوءِ)، ماسڪو جي
ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن سان ٿي. سندن دعوت تي روس
هليو ويو ۽ سڄي عمر اتي رهيو. 1937ع ۾ وفات
ڪيائين.
مسز نائڊو پاڻ انگلنڊ ۾ تعليم پرائي هئي ۽
انگريزيءَ ۾ اعلى پايي جو شعر چوندي هئي. ان ڪري
کيس ”بلبلِ هند“ ڪوٺيندا هئا. سوشلسٽ ڪانه هئي.
”انسان دوست“ هئي. هندستان موٽي آئي، ته ايڏو مان
مرتبو حاصل ڪيائين، جو آل انڊيا ڪانگريس جي صدر
ٿي. ايڏو وڏو درجو ته اڳي ڪنهن به هندستاني عورت
کي ڪونه مليو هو. ابو الڪلام آزاد ۽ پنڊت نهرو به
سندس ازحد ادب ڪندا هئا. مسز نائڊو ئي سهرورديءَ
جي ڀاءُ کي سياست سان متعارف ڪرايو هو، جو ورهاڱي
کان پوءِ پاڪستان ۽ اسپين ۾ سفير مقرر ٿيو، اڳتي
هلي، سهروردي پاڻ پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو.
ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هٽلر روس تي حملو ڪيو، ته
حيدرآباد جي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن ان کي نندڻ
لاءِ جلسو ڪيو. هاڻي جو مسز نائڊو ”انجمن“ جي
سرپرست هئي ته صلاح بيٺي ته جلسي جو افتتاح مسز
نائڊو کان ڪرائجي ۽ صدارت پنڊت نهروءَ کان جيڪو به
پنهنجن انقلابي خيالن ڪري مشهور هو. حيدرآباد جي
اديبن ۽ شاعرن جو وفد وري به مخدوم محي الدين جي
اڳواڻيءَ ۾ پنڊت نهروءَ سان ملڻ لاءِ الهه آباد
ويو. الهه آباد ۾ پنڊت نهروءَ جي رهائشگاهه ”آنند
ڀون“ ۾ هئي. هو وفد جي ميمبرن سان مليو ۽ کين
چيائين ته ”ٻه منٽ ترسو، ته مان مولانا آزاد کي
ريلوائي اسٽيشن تي اماڻي اچان ٿو.“ ايتري ۾ مولانا
آزاد اندران نڪتو. پنڊت نهرو پورچ ۾ بيٺل ڪار جو
دروازو کولي بيٺو. مولانا اندر ويٺو. پنڊت نهرو به
وهڻ وارو هو، ته مولانا آزاد چيس ته ”جواهر، ٽوپي
پائي اچ.“ پنڊت نهرو ”معاف ڪجو! معاف ڪجو!“ چوندو،
تڪڙو تڪڙو گهر ۾ ويو، ته مخدوم محي الدين کي ٻه ٽي
منٽ مولانا آزاد سان ڳالهائڻ جو موقعو ملي ويو.
ساڻس مدعا بيان ڪيائين. مولانا آزاد سندن ڳالهه
توجهه سان ٻڌي ۽ کيس خاطري ڏني ته ”مان پنڊت
نهروءَ کي اوهان جي جلسي جي صدارت لاءِ چوان ٿو،
هو ايندو.“ امين پارڪ ۾ شاندار جلسو ٿيو. ويهه
پنجويهه هزار ماڻهو آيا. مسز نائدو جلسي جو افتتاح
ڪيو ۽ پنڊت نهروءَ نهايت دلپذير تقرير ڪئي.
سن 1945ع ۾، ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هٽلر جي شڪست
ٿي ته حيدرآباد دکن ۾ ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن ان
جو جشن ملهائڻ لاءِ وري ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾
لاهور، الهه آباد، پٽنا ۽ بمبئيءَ مان اديب ۽ شاعر
شريڪ ٿيا. ائين ترقي پسند ادب جي تحريڪ ٻين هنڌن
ڏي به پکڙجي وئي.
سبط حسن لکيو آهي ته ”تحريڪ ۾، اردوءَ سان گڏ،
هنديءَ، بنگاليءَ، مرهٽيءَ، گجراتيءَ، تيلگو،
تامل، مليالم، سنڌيءَ، پنجابيءَ ۽ پشتو سميت سڀني
زبانن جا اديب شريڪ ٿيا.“
اردوءَ جي اديبن مان ڪي مکيه نالا ته هر ڪنهن کي
معلوم آهن، پر سنڌيءَ ۽ ٻين زبانن جي اديبن جا
نالا معلوم ڪونه آهن.
سجاد ظهير به لکنَو ۾ ڪوٺايل آل انڊيا ڪانفرنس جي
احوال ۾ لکيو آهي ته:
هال ۾، نوين ساڍي نوين بجي هڪ هڪ ڪري، مهمان اچڻ
شروع ٿيا. آهستي آهستي هال ڀرجڻ لڳو. مدراس،
بنگال، گجرات، مهارا شٽر، پنجاب، سنڌ، بهار ۽ يو.
پيءَ جي نمائندن سان پهريون ٻه صفون ڀرجي ويون.“
پر، هن به سنڌ جي نمائندن جا نالا ڪونه کنيا آهن.
هندستان ۾ اردو ادب جا مکيه مرڪزَ دهلي، آگرو،
لکنَو، لاهور ۽ حيدرآباد دکن هئا. لاهور جي ته
انهن ڏينهن ۾ به وڏي ڌاڪ هئي. سو، سجاد ظهير اتي
تحريڪ جي شاخ کولڻ لاءِ پاڻ وڃڻ ضروري سمجهيو. |