سنڌ ۽ ڪشمير ۾ انجمن ترقي پسند جون باقاعدي شاخون
ته قائم ڪونه ٿيون. پر، اتان جا ڪي نوجوان لکندڙ
انجمن جي مرڪز سان وابسطه هئا ۽ پنهنجي پنهنجي
علائقي ۾ ترقي پسند تحريڪ جي ڪم کي ڦهلائي رهيا
هئا. انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو سبب سجاد ظهير
جي اڻ ٿڪ محنت ۽ اورچائي هئي. پر، سيد سجاد ظهير
پاڻ اهو اعتراف ڪرڻ به ضروري سمجهيو آهي ته ”اسان
جي ڪاميابين جي باوجود، ڪن حلقن ۽ فردن کي اعتراض
هو ته ترقي پسند ادب جي تحريڪ فنڪار جي تخيل جي
آزاديءَ ۽ تخليقي صلاحيتن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي.“
هن اهڙن نقادن جا نالا ته ڪونه کنيا آهن. پر،
منهنجيءَ معلومات موجب، ترقي پسند ادب جي تحريڪ جي
اهڙن نقادن ۾ هڪ مکيه نالو گوپال متل هو. مون سندس
ڪتاب ”لاهور کا جو ذڪر کيا“ پڙهيو آهي. منجهس ترقي
پسند ادب جي تحريڪ خلاف واقعي ڪافي مواد موجود
آهي. پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته هڪ دفعي
شيخ چلي رات جي وقت بجليءَ جي ٿنڀي هيٺان ڪا شيءِ
ڳولي رهيو هو.
ڪنهن شخص پڇيس ته ”ڇا ٿو ڳولين؟“
کيس جواب ڏنائين ته، ”گهر ۾ سئي وڃائجي وئي آهي.
اها ٿو ڳوليان.“
”هن شخص چيس ته سئي وڃائي اٿئي گهر ۾، ڳولين ٿو
هت؟“
چيائين ته ”پر، گهر ۾ روشنائي ته ڪانهي.“
گوپال متل اهو مثال ڏئي لکيو آهي ته ”ترقي
پسنديءَ جي شوقين اديبن ۽ شاعرن ۾ اها ڪمزوري آهي
ته ظلم ۽ ستم جي خلاف هو احتجاج اتي ئي ڪندا، جتي
پڪ هوندن ته رد عمل ڪونه ٿيندو.“ مون کي ان تي ياد
آيو ته، مظهر علي خان جو پٽ طارق علي ڪجهه عرصو اڳ
لنڊن ڇڏي پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ آيو هو. پر، ستت
واپس موٽي ويو. چيائونس ته ”ايترو جلد ڇو موٽئين؟“
چيائين ته ”اتي احتجاج جو حق ڪونهي، ٻه ٽي ڏينهن
ٻيا به ٽڪان ها ته، اڄ جيل ۾ پيو هجان ها“.
مون گوپال متل جو ڪتاب لاهور ۾ ورتو، جتي علي احمد
بروهيءَ وٽ ٽڪيل هئس. هو اتي پريس انفارميشن کاتي
۾ ڊائريڪٽر هو. هن پاڻ ڪتاب ۾ اها ڳالهه پڙهي چيو
ته، ”گوپال متل سچ لکيو آهي. سنڌ ۾ به عورتن کي
رڍن ۽ ٻڪرين وانگر ڪارو ڪاريءَ جي الزام هيٺ سنڌي
ئي ڪهن ٿا. ٻهراڙين ۾ خون، ڌاڙا ۽ چوريون
پاٿاريدار ڪرائن ٿا جيڪي سڀ سنڌي آهن. غريبن جون
سهڻيون زالون زوريءَ کڻائي، پاڻ وٽ عياشيءَ لاءِ
ڪير وهارن ٿا؟ انهن جي خلاف احتجاج ڇو ڪونه ٿو
ٿئي.
”جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي آهي ته هزارين
ايڪڙن جي مالڪن وڏيرن ۽ رئيسن وٽ واهه ۽ شاخون اهي
ئي اڳي وانگر تار وهنديون رهنديون آهن. پاڻيءَ جي
کوٽ جو اثر رڳو ننڍن کاتيدارن ۽ پڇڙيءَ وارن
آبادگارن تي ٿيندو آهي، انهن جو اوهي واهي ڪير
آهي؟“ بروهيءَ پوءِ ڏک مان چيو هو ته ”سچي ڳالهه
اها آهي ته امير جي دنيا غريبن جي دنيا کان ڌار
آهي.“
لاهور ۾ تحريڪ کي مٿي کڻڻ وارو ڊاڪٽر محمد دين
تاثير هو. چراغ حسن حسرت به ان ۾ پيش پيش هو، جو
دين اسلام جو مبلغ هو. پر، ان سان گڏ، ترقي پسند
ادب جو به مفسر ٿي ويو. مشهور شاعر، ن. م راشد مٿس
”اشتراڪي مسخري“ جي عنوان سان نظم لکيو هو. هن
لکيو آهي ته ”ترقي پسند اديبن ۾ سڀ منهنجا دوست
هئا. ليڪن ڪرشن چندر سڀني ۾ پيارو دوست هو. اسان
جو مشترڪه دوست، ديوندر ستيارٿي کيس ڏاڍو پٽائيندو
هو. خاص ڪري کيس پنهنجي ”جنسي فتوحات“ جون
غيرمعمولي خبرون ٻڌائي، هوش مان ڪڍي ڇڏيندو هو.
ڪرشن چندر سندس من گهڙت ڳالهين تي اعتبار ڪندو هو.
گوپال متل لاهور جي ٻئي ترقي پسند اديب مرزا اديب
بابت به طنزيه انداز ۾ لکيو آهي ته انهن ڏينهن ۾
”ادب لطيف“ نالي لاهور مان رسالو نڪرندو هو، جنهن
جو ايڊيٽر مرزا اديب هو ۽ پاڻ کي ”ترقي پسند اديب“
ڪوٺائيندو هو. مظلوم صورت شخص هو. هڪ دفعي ڪرشن
چندر، چوڌري برڪت علي ۽ مان سندس آفيس ۾ ويٺا
هئاسون. مرزا اديب جي ڪتاب ”صحرا نورد کي خطوط“ جو
ذڪر ٿيو. آرٽسٽ نئين ايڊيشن جي سرورق جي ڊزائين
ٺاهي کڻي آيو هو. چوڌري برڪت عليءَ ڊزائين ڏسي چيو
ته، ”آرٽسٽ سر ورق جي هن ڊزائين ۾ جِنَ جي شڪل ڇو
ٺاهي آهي؟“
مون کانئس ڊزائين وٺي چيو ته ”اهو جِنُ ڪونهي،
مرزا اديب آهي. آرٽسٽ سندس صحيح شڪل ٺاهي آهي.“
اهو ٻڌي، مرزا اديب کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. پر، ڪري ته
ڪري ڇا!
گوپال متل مرزا اديب وانگر ٻين ڪيترن ترقي پسند
اديبن تي به ڪتاب ۾ ٽوڪون ڪيون آهن. هڪ هنڌ ساحر
لڌيانويءَ، ديوندر ناٿ ستيارٿيءَ ۽ هڪ نوجوان شاعر
اشڪ لاءِ لکيو اٿس ته ”غزل جي روايتي عاشقن جي
پيروي ڪندي، هڪ حسين شاعره سان معاشقو ڪيائون.
ستيارٿيءَ وٽ ڪئميرا هئي. روزانو، شاعره جون مختلف
زاوين سان تصويرون ڪڍندو هو. ساحر وٽ ڪئميرا ڪانه
هئي. سو، وري شاعره جون تحريون رسالن ۾ ڇپائيندو
هو. شاعره جي واندڪائيءَ جو وقت منجهند جي مهل
هوندي هئي. هي ٽئي ڄڻا ٽاڪ منجهند جو، پيادل،
ڪاڙهي تتي ۾ پري کان پنڌ ڪندا، سندس رهائشگاهه تي
پهچي ويندا هئا.
هوءَ مٿن ڪهل ڪري، کين ٿڌو شربت پياريندي هئي. کيس
اهو وهم گمان به ڪونه هو ته هي پنهنجيءَ دل ۾
انهيءَ کي ”شربت وِصل“ جو ”ديباچو“ سمجهن ٿا.
پر هڪ ڏينهن هن اهڙو ڪم ڪيو، جو هنن جي آسن ۽
اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيائين. سو مان جنهن مهل ساڻن
مليس ته مٿس باهه ٿيا ويٺا هئا. مون کين چيو ته
ڳالهه ڇا هي؟ چيائون ته اڄ منجهند جو ساڻس ملڻ
وياسون، ته چيائين ته ”اوهان منهنجون هيتريون
ساريون تصويرون ڪڍي، مون کي ڏنيون آهن. انهن تي
ڪئميرا جي رولن جو به چڱو خرچ آيو هوندو. سو،
مهرباني ڪري، ٻڌايو ته اوهان کي ادا ڪري ڇڏيان.
اهو ته اوهان جو حق آهي. اوهان پورهيت مسڪين ماڻهو
آهيو!“
هندستان جي ورهاڱي وقت پنجاب ۾ فساد شروع ٿيا ته
گوپال متل جا گهر وارا هڪڙو ڏينهن به لاهور ۾ ٽڪڻ
لاءِ تيار نه هئا. سو، هو لاهور کان امرتسر ويندڙ
بسن جي آخرين قافلي ۾ هندستان روانو ٿيو.
گوپال متل جي لکڻ ۾ مزاح جو رنگ آهي. هن ترقي پسند
اديبن ۽ پنجاب جي سياسي صورتحال تي دلچسپ تبصرو
ڪيو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ”صحرا ۾ اذان“ آهي. جيڪو
مون ڪونه پڙهيو آهي.
هڪ دفعي مون گوپال متل جو ذڪر ڪيو. جويي صاحب چيو
ته ”هائو. پر، اهو ترقي پسند تحريڪ کان باغي ٿي
ويو هو.“ حقيقت هيئن آهي ته گوپال متل شروع ۾،
ترقي پسند اديبن سان گڏ هو. پر، ساڻس اختلاف ٿيس،
ته پوءِ به رجعت پسند اديبن سان شامل ڪونه ٿيو.
ايم. اين. راءِ. جي گروپ ۾ شامل ٿيو. ڪيترن ئي
ترقي پسند اديبن سان سندس محبت، پڇاڙيءَ تائين
قائم رهي. جويو صاحب ۽ شيخ اياز خود به ايم. اين.
راءِ. جا پوئلڳ هئا.
گوپال متل جڏهن هندستان روانو ٿيو ته لاهور ۾ بسن
جي اڏي تي سندس ترقي پسند اديب دوست به ٻين سان
گڏ، کيس ”الوداع“ ڪرڻ آيا. جڏهن سندس بس لاهور مان
امرتسر رواني ٿي ته سندن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
ترقي پسند اديبن لاءِ ائين سمجهڻ ته رڳو گوپال متل
جهڙا نظرياتي اديب سندن مخالف هئا، ۽ هونئن،
هندستان ۾ هرهنڌ فضا هنن لاءِ سازگار هئي، صحيح
ڪونهي. فرد واحد هجي يا ڪا جماعت يا تحريڪ هجي، هر
ڪنهن کي پنهنجين پنهنجين حالتن کي منهن ڏيڻو پوي
ٿو. ترقي پسند تحريڪ کي به پنهنجي دور جي حالتن کي
منهن ڏيڻو پيو، دٻاءُايڏو ته طاقتور هو، جو خود
تحريڪ جي وڏن وڏن اڳواڻن ۾ به صحيح سمت ۾ وک وڌائڻ
متعلق اختلاف پيدا ٿيا.
تحريڪ جا اڳواڻ، جوانيءَ ۾، انگلستان جي آزاد فضا
۾ تعليم وٺي واپس وطن موٽيا ته پنهنجي ڪروڙين هم
وطنين جي آزاديءَ جي جذبي سان سرشار هئا.
پر، جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي لڳي ته منجهي پيا ته
انگريزن جي حمايت ڪريون يا هٽلر، جپان ۽ مسولنيءَ
جو پاسو وٺون؟ آخرڪار فيصلو ڪيائون ته فاشسٽ
طاقتون ته انسانذات جي بنيادي حقن جي به خلاف آهن،
سو اتحادين يعني انگريزن ۽ سندن ساٿين جي حمايت
ڪريون. پر تحريڪ جي شروعات ئي انگريزن جي مخالفت
سان ڪئي هئائون، انڪري انهن جي ئي حمايت ڪرڻ هنن
لاءِ ڪا سولي ڳالهه ڪانه هئي. پر، اڳتي هلي، جڏهن
هٽلر روس تي حملو ڪيو ته صورت حال هيڪاري گنڀير ٿي
وئي. انهن ڏکين ڏينهن ۾ صحيح موقف فقط جوش مليح
آباديءَ ۽ ساغر نظاميءَ ورتو. ٻنهي جپان جي فاشزم
۽ انگريزن جي سامراجيت جي مذمت ڪئي. پر، ترقي پسند
اديبن جي اڪثريت اتحادين يعني انگريزن ۽ سندن
اتحادي قوتن، جي فائدي ۾ هئي، خاص ڪري جڏهن روس،
هٽلر جي خلاف اتحادين يعني انگريزن ۽ آمريڪن جو
جنگ ۾ پاسو ورتو، ته پوءِ هندستان جي سرڪار ترقي
پسندن لاءِ فوج ۾ ڀرتيءَ جا دروازا کولي ڇڏيا، سو
ڪيترن ئي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن هندستان جي
انگريزي فوج ۾ ملازمتون ورتيون. مجيد ملڪ فوج ۾
ڀرتي ٿيو ۽ فيض کي به آماده ڪيائين. سو، به ڀرتي
ٿيو. پطرس بخاري آل انڊيا ريڊيو سان وابسطه ٿيو.
هن ن. م. راشد، سعادت حسن منٽو، اسرار الحق مجاز ۽
ٻين کي به ريڊيي ۾ آندو. حفيظ جالنڌري ڳوٺن ۾
پروپئگنڊا جي کاتي جو سربراهه ٿيو ۽ ترقي پسند
تحريڪ جي بنيادي ڪارڪن، دين محمد تاثير پنهنجون
خدمتون وائسراءِ کي پيش ڪيون.
ليڪن، حيرت آهي ته هندستان سرڪار جي بدليل
پاليسيءَ ڪري ترقي پسند تحريڪ ۾ ڦوٽ پئجي وئي.
جيڪي لکندڙ جنگ ۾ انگريزن جو ساٿ ڏيڻ جي خلاف هئا،
تن جو موقف هو ته انگريزن جي حمايت ڪن شرطن سان
ڪرڻ کپندي هئي. پر منجهن رڳو انهيءَ سوال تي پاڻ ۾
اختلاف ڪونه ٿيا. سياسي ميدان ۾ ڪانگريس ۽ مسلم
ليگ هڪٻئي جي مدمقابل هيون. سندن سياست جا هر هنڌ
اثر پيا. ترقي پسند تحريڪ تي به ٿيا. ڪانگريس ۾
هندو ۽ مسلمان ٻئي شامل هئا. اڪثريت هندن جي هئي.
پر، مسلمان به منجهس شامل هئا. مسلم ليگ ۾ رڳو
مسلمان هئا. سو، ترقي پسند تحريڪ ۾، مسلم ليگ ۽
ڪانگريس جي سياست ڪري اختلاف پيدا ٿيا. تحريڪ جي
حلقن ۾ عام رايو اهو ئي هو ته مسلم ليگ
”فرقيوارانه سياست“ ڪري ٿي. انهيءَ سبب ڪري مسلم
ليگ ترقي پسند اديبن کي پسند ڪانه ڪندي هئي. پر،
انگريزن کان آزاديءَ جي جدوجهد جي آخرين سالن ۾
ترقي پسند اديبن، از خود، مسلم ليگ جي غير
مشروط حمايت ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته جمهوريت جي
اصولن موجب، اتر اولهه هندستان ۽ بنگال جي قوميتن
کي به حق خود اراديت ملڻ کپي. اهڙيءَ ريت، هنن
پاڪستان جي مطالبي جي حمايت ڪئي ۽ ”يوم پاڪستان“
جا جلسا پڻ ڪيا.
سن 1947 ۾، هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته سيد سجاد
ظهير پنهنجن قريبي دوستن ۽ ساٿين سان گڏ پاڪستان
هليو آيو. ليڪن، سندس ساٿي دهليءَ ۽ لکنو جي ماحول
کي ذهن مان ڪڍي ڪونه سگهيا. سو، پاڪستان جي عوام ۽
خصوصاً پڙهيل لکيل طبقي سان، رلي، ملي هڪ ٿي ڪونه
سگهيا. سنڌ، پنجاب، بلوچستان، سرحد ۽ بنگال ۾ اردو
ڪٿان جي زبان ڪانه هئي. پر، پاڪستان جي قومي زبان
هئي. ترقي پسند اديبن اردوءَ جي اها پوزيشن خيال ۾
رکي، ملڪ جي مقامي زبانن سنڌي، پنجابي، بلوچي،
پشتو ۽ بنگالي سکڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت ڪانه
سمجهي. نتيجو اهو نڪتو ته هو ملڪ جي عام ماڻهن جا
مسئلا، ڏک ۽ سور معلوم ڪري ئي ڪونه سگهيا. انهي
ڪري منجهن مقبوليت ۽ حمايت به حاصل ڪري ڪونه
سگهيا.
سندن نظرياتي نصب العين ”پيڙيل عوام کي آجپو ڏيارڻ
هو“ پر،
سندن عَمَلُ، پاڪستان ۾ اردوءَ جي حاڪميت جو فائدو
وٺي رڳو پاڻ کي سکيو ستابو ڪرڻ ٿي ويو. سندن هڪ
مکيه ساٿيءَ احمد عليءَ ”انگاري“ جي مصنف، قلابازي
ڏئي، دين جي عالم جو چوغو پاتو ۽ وزارت خارجه ۾
وڏي نوڪري وڃي ورتائين.
هڪ طرف اها صورتحال هئي، ته ٻئي طرف لياقت علي
خان، آمريڪين کان امداد وٺي وطن واپس موٽيو، ته
آمريڪين به پنهنجا مطلب پورا ڪرڻ لاءِ، پنهنجن
رٿيل منصوبن تي پير وڌائڻ شروع ڪيا. روس سان تڏهن
به ٺهيل ڪونه هئا، ۽ پاڪستان کي روس دشمن معاهدن
”سينٽو“ ۽ ”سيٽو“ جو ميمبر ڪرڻ کان به اڳ کانئس
پهريون پهريون مطالبو اهو ڪيائون ته اوهان وٽ جيڪي
به سوشلسٽ خيالن جون جماعتون ۽ تنظيمون آهن، تن کي
ٽِيٽَڪَ تي چاڙهيو.
هندستان سرڪار شروع کان غيرجانبدار پاليسي اختيار
ڪئي هئي. سو کين آمريڪي يا روسي مطالبن جي پرواهه
ڪانه هئي. اتان جا ترقي پسند اديب آرام ۽ اطمينان
سان پنهنجي منشور موجب ڪم ڪندا رهيا. پر، پاڪستان
۾ آمريڪي اشاري تي 1950ع ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ
تي بندش پئجي وئي.
ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن، مسلم ليگ جي مطالبي
موجب، پاڪستان ٺاهڻ جي حمايت ڪئي هئي ۽ ان سلسلي ۾
”يوم پاڪستان“ جا جلسا پڻ ڪيا هئا. سي کين ڪنهن به
ڪم ڪونه آيا. لياقت علي خان جي حڪومت ۾ سڀ ڪم
آمريڪي اشاري تي ٿيڻ لڳا. اڳتي هلي، ”راولپنڊي
سازش“ ڪيس ٺهيو، جنهن ۾، پاڪستاني فوج جا ڪي اعلى
عملدار ڦاٿا. تن ڏينهن ۾ اهي افواهه مشهور ٿيا هئا
ته انهن فوجي عملدارن پيش قدمي ڪري، ”سري نگر“ جي
ويجهو وڃي خيما کوڙيا هئا. پر، لياقت علي خان جو
کين اوچتو حڪم مليو ته ”اڳتي نه وڌو.“ سو، هو سري
نگر فتح ڪري ڪونه سگهيا. خدا ٿو ڄاڻي ته حقيقت ڇا
هئي. پر، مشهور ائين ٿيو ته اهو حڪم به لياقت علي
خان آمريڪن جي اشاري تي جاري ڪيو هو. هنن سوچيو ته
ڪشمير جي سوال تي ٻنهي ملڪن ۾ جنگ الائي ڪيترو وقت
هلندي. سو، هنن لياقت علي خان کي جنگ روڪڻ جو
اشارو ڏنو. هن کي ساريو پيو هو ته موقعو ملڻ تي،
اهي فوجي عملدار مون سان پلئه ڪندا. تنهن دور
انديشي ڪري، کين ”راولپنڊي سازش“ جي ڪيس ۾ ٻڌو، ۽
آمريڪين کي خوش ڪرڻ لاءِ، سوشلسٽ خيالن جا ڪي مکيه
اديب ۽ شاعر مثال طور فيض احمد فيض ۽ سجاد ظهير به
ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏيا. فيض جو هي شعر انهيءَ ڳالهه جي
عڪاسي ڪري ٿو:
یہ
داغ داغ اُجالا یہ
شب گزیدہ
سحر
وہ انتظار تھا جس کا یہ
وہ سحر تو نہیں
سيد سجاد ظهير وڏي خاندان جو فرد هو، جنهن ۾
هندستان ۽ پاڪستان جي مهذب خاندانن جي رهڻي ڪهڻيءَ
۽ اٿي ويٺيءَ جون روايتون ۽ رسمون هيون. از-
انسواءِ پاڻ وڏو ”صاحبِ طرز“ (TREND-
SETTER) اديب
۽ نقاد هو. سو، توڙي جو قيد ٿيو. پر، اتي به سندس
ساٿين کانئس گهڻو ڪجهه پرايو. سندس درس تمام وسيع
هوندو هو- قرآن شريف، حديث، مثنوي مولانا روم،
ديوان حافظ، ڪشف المحجوب ۽ انگريزي، فرانسيسي ۽
اردو ادبيات تي مشتمل هوندو هو.
هندستان جي هاڪاري اديب مالڪ رام، چيئرمن ساهتيه
ايڪيڊمي هندستان (جو بعد ۾ مسلمان ٿي ويو هو) ته
اهو به لکيو آهي ته ”سيد سجاد ظهير، فارسي زبان جي
مشهور شاعر حافظ شيرازيءَ تي تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب
”ذڪر حافظ“ جي نالي سان لکيو هو، جو انجمن ترقيءَ
اردو هندستان شايع ڪيو. آزاديءَ کان اڳ، سڄي
هندستان ۾، حافظ شيرازيءَ جي علمي ۽ ادبي هاڪ ۽
ڌاڪ هوندي هئي. هونئن به هو بين الاقوامي ليول تي
هڪ وڏو مڃيل شاعر آهي.
ڪورٽ ۾، سيد سجاد ظهير، فيض احمد فيض ۽ ٻين تي
راولپنڊي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ڪونه ٿيو. پر، سرڪاري
وڪيل پوءِ به ٻنهي کي موت جي سزا ڏيڻ جو مطالبو
ڪيو! سندس مطالبو ته رد ٿيو. پر، ملڪ ۾ سرڪاري رُخ
۽ رواج کي ڏسي کين چار سال قيد جي سزا ڏني وئي.
پر، ستت گهٽائي ٻه سال ڪئي وئي. هنن اها سزا
حيدرآباد ۽ مَڇَ جيل ۾ ڪاٽي. فيض احمد فيض جي ڪلام
جو مجموعو، ”زندان نامو“ انهن ڏينهن جو يادگار
آهي. جڏهن حيدرآباد جيل ۾ هو، ته هڪ حَسين خاتون
کان ”گلاب جي گُل“ جو تحفو ملڻ تي دلاويز اشعار
چيا هئائين ۽ انهن جو اختتام حافظ شيرازيءَ جي هن
لافاني شعر تي ڪيو هئائين:
خلل پذير بود، هر بنا که مي بيني
بجز بنائي
محبت که خالي از خلل است
هندستان سرڪار پاڪستان تي سيد سجاد ظهير جي فوري
آزاديءَ لاءِ وڏو زور آندو. دنيا جي ٻين به ڪيترن
ئي ملڪن مان وڏن وڏن دانشورن پڻ پاڪستان تي سخت
پريشر وڌو. سو، سن 1955ع ۾ ئي کيس آزاد ڪيو ويو.
سيد سجاد ظهير آزاد ٿيو ته هندستان ويو. پر، جڏهن
هِتِ هو، تڏهن سندس باري ۾ هڪ لطيفو ڏاڍو مشهور
ٿيو. سو هيءُ ته تاجڪستان جو مشهور اديب ترسون
زادو هڪ سرڪاري وفد ۾ پاڪستان آيو هو. لاهور ۾
سندس ملاقات سيد سجاد ظهير جي ڪنهن ويجهي دوست سان
ٿي، جنهن کي سڪ سان چيائين ته، ”مان سيد صاحب سان
ملڻ گهران ٿو.“ ترسون زادي کي انگريزي ڪانه ايندي
هئي ۽ سجاد ظهير جو دوست فارسي ڪونه ڄاڻندو هو.
سو، ذهن تي زور ڏئي چيائنس ته ”سجاد ظهير زير زمين
رفته است“
ترسون زادي ان جو اهو ئي مطلب ورتو، ته هو فوت ٿي
ويو آهي. سو، کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ سجاد ظهير جي دوست
کان پڇيائين ته ”هي المناڪ واقعو ڪڏهن ۽ ڪيئن
ٿيو؟“
سجاد ظهير جو دوست ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ وڏيءَ مشڪل
سان معزز مهمان کي سمجهائي سگهيو ته هو روپوش (U.G) آهي.“
– اهو ٻڌي، ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو!
سجاد ظهير زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ روس، جرمنيءَ ۽
انگلنڊ ويو ۽ اتي جي لئبررين ۾ امير خسرو تي
تحقيقي ڪم ڪندو رهيو.، ڇو ته دنيا جي گهڻن ئي ملڪن
۾، امير خسرو جي ست سو ساله ورسيءَ جا جلسا ٿي
رهيا هئا. سجاد ظهير لنڊن مان قزاقستان جي گاديءَ
”الما آتا“ ويو، جتي به امير خسرو تي ڪانفرنس ٿيڻ
واري هئي. لنڊن ۾ ڪنهن دوست پڇيس ته، ”توکي پنهنجي
اباڻي شهر کان پوءِ دنيا ۾ ڪهڙو شهر پسند آهي؟“
سجاد ظهير چيس ته، ”قزاقستان جو شهر ”الما آتا“
ڏاڍو وڻندو اٿم.
انسان کي اها ڪَلَ ئي ڪانهي ته سندس قسمت ۾ ڇا
لکيل آهي. سيد سجاد ظهير ٻن هفتن کان پوءِ،
ڪانفرنس لاءِ ”آلما آتا“ پهتو. ”الما“ جي معنى
”صوف“ آهي. ”آتا“ پيءُ جي معنى ۾ استعمال ٿيندو
آهي. جيئن مصطفى اتا ترڪ. اتا ترڪ معنى ترڪن جو
پيءُ. ”الما آتا“ سڄيءَ دنيا ۾ بهترين صوفن جي ڪري
مشهور آهي. بين الاقوامي ڪانفرنس 4 سيپٽمبر کان
9 تاريخ تائين رکيل هئي. سجاد ظهير 6 تاريخ ناشتي
لاءِ ميز تي ويٺو، ته سندس آڏو صوفن جي خوبصورت
ٽوڪري آڻي رکيائون. هن اڃا ناشتو شروع ئي ڪونه
ڪيو، ته اوچتو مٿس دل جو دورو پيو. ڊاڪٽر هڪدم
پهتو، کيس دوا درمل ۽ مڪمل آرام جو مشورو ڏنائين.
11 سيپٽمبر تي ظهير صبح سان وري بيهوش ٿي ويو ۽ 15
سيپٽمبر تي وفات ڪيائين. سندس خاڪي جسم هوائي جهاز
رستي انهيءَ ئي ڏينهن دهليءَ پهتو ۽ جاميه مليه جي
قبرستان ۾ دفن ٿيو.
سجاد ظهير جي وفات کان پوءِ، ترقي پسند ادب جي
تحريڪ جا ڪيترائي نامور اديبَ ۽ شاعرَ. مثال طور،
مخدوم محي الدين، اسرار الحق مجاز، سردار جعفري ۽
ٻيا ڪي اڳي ڪي پوءِ هندستان ۾ وفات ڪري ويا.
هِتِ اسان وٽ پاڪستان ۾ به فيض احمد فيضُ، سيد سبط
حسن، ظفر الحسن، احمد نديم قاسمي ۽ ٻيا هاڻي هي
جهانُ ڇڏي ويا آهن. پر، هنن جنهن تحريڪَ جو آغاز
ڪيو هو، تنهن هندستان ۽ پاڪستان ۾ اردو، هندي ۽
ٻين ٻولين ۾ ادب جا لاڙا ۽ روايتون ته هميشه لاءِ
بدلائي ڇڏيون. |