ترقي پسند تحريڪ جو مستند احوال اردوءَ، هنديءَ،
گجراتي، بنگاليءَ، مرهٽيءَ، مليالم ۽ ٻين ٻولين ۾
ته تفصيل سان ملي ٿو. پر، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪونه ٿو
ملي. بهرحال، تاريخي طور، اهو خاطريءَ سان معلوم
آهي ته تحريڪ 1930 کان 1940 واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي
۽ ساڳين ئي ڏهن سالن ۾ نه فقط هندستان جي مختلف
پرڳڻن ۾ پکڙجي وئي، پر، هر هنڌ، پنهنجا پير پختا
ڪيائين. اسان کي اهو به معلوم آهي ته تحريڪ جون
الهه آباد، لکنو ۽ حيدرآباد دکن ۾ جيڪي ڪانفرنسون
ٿيون تن ۾ ٻين پرڳڻن سان گڏ، سنڌ جا اديب به شريڪ
ٿيا.
هڪ طرف اها صورت حال هئي ته ٻئي طرف انهن ڏينهن ۾
انگريزن جي اڌ دنيا تي حڪومت هئي. عام چوڻي هئي ته
انگريزن جي بادشاهيءَ تان سج لهندو ئي ڪونهي. هڪ
ملڪ ۾ لهندو آهي ته ٻئي ۾ اڀرندو آهي. پر ايڏءَ
وڏيءَ سلطنت ۾ به انگريزن جي هٿ ۾ جيڪا ”سوني
جهرڪي“ هئي، سا هندستان جي حڪومت هئي. کين خبر هئي
ته دنيا ۾ سامراجي طاقتن جو وڏي ۾ وڏو دشمن
”سوشلسٽ روس“ آهي. سو، کانئس کين سخت خوف ۽ حراس
هوندو هو.
هندستان ۾ وري بيٺل خاندانن جا ٻار اعلى تعليم
لاءِ انگلنڊ ويندا هئا ته اتي عام ماڻهن (انگريزن)
جي آزادي ۽ پنهنجي وطن ۾ عام ماڻهن جي غلامي ڏسي،
انگريز سامراج جا دشمن ٿي ويندا هئا. واپس وطن
ويندا هئا ته انگريزن جي خلاف ڪم ڪندا هئا. سيد
سجاد ظهير، ڊاڪٽر محمد دين تاثير، فيض احمد فيض ۽
ملڪ راج آنند جا نالا اهڙن اديبن ۾ مشهور آهن.
هندستان جا ڪي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ انگريزن جا
دشمن هوندا هئا ۽ سندن پاڙون پٽڻ لاءِ وڏا جتن
ڪندا هئا. هندن ۾ اهڙو وڏو ليڊر مهاتما گانڌي هو.
سندس مکيه ساٿي جواهر لعل نهرو هو. حسرت موهاني،
مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي جوهر ۽ ابو
الڪلام آزاد اهڙن اوائلي اڳواڻن ۾، انگريزن جا
ڪٽر دشمن هئا. انهيءَ ئي سلسلي جو نامور مسلمانُ
اڳواڻ، مولانا عبيد الله سنڌي هو. جيڪو پنهنجي
استادَ ديو بند جي شيخ الهند مولانا محمود الحسن
جي چوڻ موجب، انگريزن جي خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ
افغانستان جي بادشاهه کي اڀارڻ لاءِ ڪابل ويو هو.
سفر جون صعوبتون برداشت ڪري، اتي پهتو ته سهي. پر،
سالن جا سال، افغانستان جي ”ايوان اقتدار“ جي
ويجهو رهڻ کان پوءِ محسوس ڪيائين ته ”هر ملڪ جو
پنهنجو پنهنجو ڪلچر ۽ مفاد ۽ مطلب آهي. سندس زماني
۾ پهريائين امير حبيب الله افغانستان جو حڪمران
هو. پوءِ امير امان الله ٿيو. ٻنهي کي هندستان جي
آزاديءَ ۽ منجهس رهندڙ مسلمان ڀائرن جي آجپي لاءِ
ڪا به همدردي ڪانه هئي. پر، انگريزن کي بلئڪ ميل
ڪرڻ لاءِ چوندا هئا ته هندستاني مسلمان ڀائرن جي
مدد لاءِ فوجون موڪليون ٿا. ڪجهه ڏينهن سرحد تي هل
بکيڙو ڪري، انگريزن کان رشوت وٺي ماٺ ڪري ويهي
رهندا هئا ۽ عيش عشرت شروع ڪندا هئا. امير حبيب
الله جي ذاتي زندگيءَ ۾ اسلام جو اثر ڪل ايترو هو
ته محلات ۾ سوين زالون هئس. پر، پوءِ به سندس جنسي
هوس پوري ڪانه ٿيندي هئي. سندس ڌوتيون افغان اميرن
۽ سردارن جي گهرن ۾ ڦرنديون رهنديون هيون. جتي به
ڪا غيرمعمولي خوبصورت خاتون ڏسنديون هيون ته کيس
ڦاسائڻ لاءِ چونديون هيون ته ”عليا صاحبه (راڻي)
اوهان کي محلات ۾ دعوت تي سڏيو آهي. هوءَ خوش ٿي
هار سينگار ڪري مقرر مهل تي محلات ۾ پهچندي هئي،
جتي ڌُوتيون سندس وڏو آڌر ڀاءُ ڪري، کيس شربت پاڻي
پياري انهيءَ ئي ڪمري ۾ موڪلينديون هيون، جتي امير
حبيب الله سندس انتظار ۾ ويٺو هوندو هو. شاهي
محلات جي ڪوڙڪيءَ مان پاڻ ڇڏائڻ ناممڪن هوندو هو.
سو، ڪيئي افغان خوبصورت خواتين منجهس پنهنجي عصمت
لٽائي آيون. هڪ دفعي ترڪيءَ جو ڪو نئون سفير ڪابل
۾ مقرر ٿيو، جنهن جي بيگم ڏاڍي سهڻي هئي. امير
حبيب الله جون ڌوتيون کيس ڌتاري، محلات ۾ وٺي
آيون، جتي سندس عصمت به لٽجي وئي. هوءَ موٽي گهر
پهتي، ته سڄو احوال پنهنجي مڙس کي خط ۾ لکيائين ۽
پاڻ خودڪشي ڪيائين. ان واقعي جو وڏو چوٻول ٿيو.
امير حبيب الله، سير تفريح لاءِ گهوڙي تي سوار ٿي
شام جو روزانو شهر کان ٻاهر نڪري ويندو هو. اتان
موٽيو ته رستي تي مٿس فائرنگ ٿي. سندس مرڻ
کانپوءِ، امير امان الله افغانستان جي سردارن کي
مطمئن ڪرڻ لاءِ چيو ته ”مان ڪڌي ڪم کان بچڻ لاءِ
کدڙو ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، پر مون کي بادشاهه
ڪريو.“
هي سمورو احوال سنڌ جي عالم، مولوي عبدالله
لغاريءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي، جيڪو ڊاڪٽر
هاليپوٽي مرحوم ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کانئس
لکايو هو، ڇو ته هو مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گڏ
ڪابل ويو هو. ڪتابُ، اسلام آباد جي سرڪاري اداريNATIONAL
INSTITUTE FOR CULTURAL AND HISTORICAL RESEARCH
جو ڇپايل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ اداري جو
ڊئريڪٽر رهي چڪو آهي. ڪجهه عرصو مان به ان اداري
جو ڊئريڪٽر رهيو آهيان.
ڪتاب ۾، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افغانستان ۾،
هندستان جي آزاديءَ لاءِ ڪيل ڪوششن جو تفصيلي ذڪر
موجود آهي ۽ اهو به ڄاڻايل آهي ته آخر ڪهڙن سببن
ڪري، مولانا سنڌي افغانستان مان مايوس ٿي، ماسڪو
ويو. مولانا سنڌي ماسڪو پهتو ته سندس وڏو آڌر ڀاءُ
ٿيو ۽ سرڪار کيس ”معزز مهمان“ قرار ڏنو. پر، هو
پنهنجيءَ مرضيءَ سان مشهور مسلمان عالمَ، مولانا
موسى جار لله جي گهر ٽڪيو، جنهن کانئس اسلاميات جا
درس ورتا. مولانا موسى جارلله جي گهرواري به وڏي
ديندار هئي. سا، سخت سرديءَ ۾ به اسر جو اٿندي هئي
۽ مولانا سنڌيءَ لاءِ پاڻي گرم ڪندي هئي ته کيس
وضو ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.
ستت، سوويٽ يونين جي وزير خارجه چيچرن مولانا
سنڌيءَ سان ملاقاتون ۽ سياسي ڳالهيون شروع ڪيون.
آخر ۾ کيس بااختيار روسي حڪومت جي اعلى آفيسر سان
هڪ خفيه ميٽنگ ۾ ملايائين، جتي هنن مولانا سنڌيءَ
کي انگريزن سان جهاد لاءِ سموري گهربل مالي ۽ فوجي
هٿيارن جي مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. مولانا سنڌي خوش
ٿيو. سندس سوويٽ اچڻ جو مقصد پورو ٿيو. پر، هن
ميٽنگ ۾ شريڪ اعلى علمدارن کي چيو ته ”اوهان مون
کي ترڪيءَ موڪليو. مان اتان اوهان کي اطلاع ڏيندس
ته مدد ڪنهن کي ڏيو.“ هنن ائين ئي ڪيو.
مولانا سنڌيءَ جي سوويٽ يونين ۾ رهائش دوران، لينن
سان ڪا به ملاقات ڪانه ٿي، ڇو ته هو اهڙو ته سخت
بيمار هو، جو ويجهڙن دوستن کي به سڃاڻي ڪونه
سگهندو هو. پر، ايم. اين. راءِ. ساڻس مسلسل رابطي
۾ هوندو هو. ايم. اين. راءِ. ٻين هندستاني مسلمان
باغين سان به رابطي ۾ هوندو هو، جيڪي انگريزن جي
خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ سوويٽ يونين ايندا هئا. انهن ۾
”خيري برادران“ مشهور آهن. پر، کين مولانا سنڌيءَ
جيتري اهميت ڪانه ملي. سو، ماسڪو مان تاشقند هليا
ويا. هِتِ، اسان لاءِ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته
مولانا سنڌيءَ جهڙو جبل جيڏو عالمُ، اسلامي ملڪ
ڇڏي، انگريزن کان آزاديءَ لاءِ مدد واسطي سوشلسٽ
روس ڇو ويو؟
بهرحال، اتان ترڪيءَ ويو، ڇو ته ”اسلامي خلافت“ جو
مرڪز هوندي هئي ان ڪري کيس اتان ئي پنهنجي پروگرام
کي اڳتي وڌائڻ جو ارادو هو. پر، جڏهن ترڪيءَ پهتو
ته سخت مايوس ٿيو. ڪمال پاشا اسلامي مرڪزيت
(خلافت) جو ڪم لاهي ڇڏيو هو. اسڪولن ۾ ٻارڙن کي
قرآن ڪريم جي تعليم ڏيڻ تي بندش وڌي هئائين، مسجدن
۾ عربيءَ ۾ ٻانگ ڏيڻ تي منع عائد ڪئي هئائين. مردن
جون ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون هئائين. عورتن کي پردو
ختم ڪرڻ ۽ انگريز منڊمن وارو نيم عريان لباس پائڻ
جو پروانو جاري ڪيو هئائين. سو، خود سندس
گهرواريءَ به کائنس علحدگي اختيار ڪئي هئي.
مولانا سنڌيءَ جي ترڪيءَ ۾ چڱي خاصي رقم چوري به
ٿي وئي. هنن حالتن هيٺ مولانا سنڌي ترڪيءَ ۾ ڪو
ٿورڙو عرصو رهيو. اتان عربستان هليو ويو. پر، اتان
جي حڪومت به کيس انگريزن جي خلاف سياسي ڪم ڪرڻ جي
اجازت ڪانه ڏني. هندستان ته موٽي ڪونه ٿي سگهيو،
جو انگريزن کيس ”جلاوطن قرار“ ڏنو هو. انهيءَ ڪري
انتهائي مجبوريءَ ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ سڄا سارا
تيرهن ورهيه مڪي شريف ۾ گوشه نشينيءَ جي زندگي
گذاريائين. مولانا غلام مصطفى قاسميءَ مون کي
ٻڌايو ته ”اڪثر وقت ڪعبتہ الله جي پاڇي ۾ گذاريندو
هو، جتي نماز، روزي ۽ قران ڪريم جي تلاوت کان
پوءِ، شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي ڪتاب ”حجتہ
الله بالغه“ جو مطالعو ڪندو رهندو هو. غربت جي
ڪري، بعضي بعضي لسيءَ ۾ لوڻ مرچ وجهي، ان سان ماني
کائيندو هو. هندستان ۾ مولانا حسين احمد مدنيءَ کي
موقعو ملندو هو، ته ڪنهن آئي وئي هٿ چار پئسا گذر
سفر لاءِ موڪليندو هئس.
مون هي تفصيل ان ڪري هت ڏنا آهن ته پڙهندڙ کي
معلوم ٿئي ته سيد سجاد ظهير هجي يا مولانا سنڌي
هجي، هو سمورا اسلامي ملڪ ڇڏي، انگريزن کان پنهنجي
وطن جي آزاديءَ ۽ عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ آخر سوويٽ
يونين ڏي ڇو پئي متوجهه ٿيا؟
روس جي سوشلسٽ انقلاب جا اثر سنڌ ۾ به اڻويهينءَ
صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ ئي پيا هئا. سن 1920 واري
ڏهاڪي ۾ جميشد نسروانجيءَ هاري پارٽيءَ جو بنياد
وڌو. ايم. اين. راءِ مشهور سوشلسٽ رهنما جي هدايتن
موجب انڊين نيشنل ڪانگريس کي انقلابي قومپرست
پارٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان سلسلي ۾
هن پنهنجي سوچ وارن ساٿين سان رابطو قائم ڪيو.
1923 ۾، سندس ٻن ساٿين غلام حسين ۽ شمس الدين
(ايم. اين. راءِ) جي هدايت تي هڪ خط سڄي هندستان
جي سوچ وارن شخصن کي لکيو ته لکنو ۾ گڏ ٿين ۽ وسيع
البنياد تي عوامي پارٽي قائم ڪن. اهو خط ڪلڪتي ۾
مظفر احمد ۽ حميد الله، عميلپور ۾ الف دين نفيس،
بمبئيءَ ۾ امير الحسن ۽ لاڙڪاڻي (سنڌ) ۾ سيد
عبدالغفور ۽ شاهه حسينيءَ ۽ لاهور ۾ خلافت تحريڪ
جي صوبائي سيڪريٽري مظهر عليءَ کي موڪليو. مان اڃا
ٻارهن تيرهن ورهين جو ٻار هئس ۽ پرائمري اسڪول ۾
پڙهندو هئس ته سنڌي زبان ۾ هڪ ڪتابڙي ڏٺم، جنهن تي
سادي پيلي رنگ جي ڪاغذ جو پوش هو. جتي ڪاپڙي پوري
ٿي، اتي لکيل هو، ”دنيا جي مزدورن جو اتحاد زنده
باد“ – ”انقلاب پائينده آباد“. اسان جو پرائمري
اسڪول تڏهوڪي نوابشاهه ضلعي جي ڪنڊياري تعلقي ۾
هو. روڊ ۽ ريل کان پنج ست ميل پرڀرو درياهه کي
ويجهو هو. پر، پڪي تي هو. اهڙي دور دراز اسڪول ۾
اهو پروپئگنڊا لٽريچر انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ ڪيئن
پهتو؟
سترهن ارڙهن ورهين جي عمر ۾ نوشهري فيروز جي مدرسي
هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ڪاليجي
تعليم لاءِ اول حيدرآباد آيس ۽ سال ٻن کان پوءِ
ڪراچيءَ هليو ويس. ٻن ٽن سالن ۾ رسالن ۾ افسانا
لکڻ شروع ڪيم. اتي قادر بخش نظاماڻي مليو. هو ٽنڊي
قيصر جو رهاڪو هو. روزگار جي سانگي ڪراچيءَ لڏي
آيو هو. سنڌي لٽريچر ۾ دلچسپي هئس. مياڻيءَ جي جنگ
تي ڪتاب لکيو هئائين. بلوچ قومپرست هو. پر، ننڍي
هوندي الائي ڪيئن ماسڪو مان ٿي آيو هو، سو سوشلسٽ
ٿي ويو هو. ڪراچيءَ ۾ سول اسپتال جي پاسي ۾، فلئٽ
۾ فيمليءَ سان رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ميل ملاقات
ٿيندي هئي. هڪ دفعي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏنائين.
بلوچستان جي هاڪاري شاعر گل خان نصير کي پنهنجي
فلئٽ تي سڏيو هئائين. دعوت ۾ رڳو اسان ٽي ڄڻا
هئاسون. ريڊ وائين پياريائين ۽ روسي بدڪون
کارايائين. گل خان نصير اسان کي پنهنجو ڪلام
ٻڌايو. قادر بخش نظاماڻي ۽ گل خان نصير ٻئي
قومپرست ۽ سوشلسٽ خيالن جا هئا.
بلوچن جي تاريخ تمام دلچسپ آهي. مون ڪجهه قدر پڙهي
آهي. سندن مکيه وصف بهادري آهي. پاڻيءَ پٽ جي
ٽينءَ جنگ ۾، احمد شاهه ابداليءَ جي سوڀ جو وڏو
انحصار بلوچن جي بهادريءَ تي هو. چاڪر خان رند
سندس مکيه مددگار هو.
سنڌ ۾ ون يونٽ جي خلاف جڏهن تحريڪ زور هئي، تڏهن
اخبارن ۾ خبر آئي ته ”روسين بلوچن جي مري قبيلي کي
مدد جي آڇ ڪئي آهي.“ پير علي محمد راشدي چين ۾
سفير جي عهدي تان فارغ ٿي، ڪراچيءَ ۾ لارينس روڊ
واري بنگلي تي رهندو هو.
اسد الله شاهه حسيني سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي
سيڪريٽري هو ۽ مان اسسٽنٽ سيڪريٽري. ٻئي وٽس ”اهي
ڏينهن، اهي شينهن“ ڪتاب جي سلسلي ۾ يا وري ڪنهن
ٻئي اهڙي ڪتابي ڪم سان ملڻ وياسين. ڪچهري ڪندي،
پاڻ اول چيني اڳواڻن ۽ پوءِ روسي اڳواڻن جون
ڳالهيون ڪڍيائين ته هن قسم جي معاملن ۾ انهن جو
رويو هيئن آهي.
مون کيس چيو ته، ”هائو، پر روسي ته ڪي ٿلهي عقل جا
ماڻهو آهن. هِتِ، سنڌ ۾ ون يونٽ جي خلاف هيڏي باهه
ٻري پئي آهي. پر، هو ويٺا ٿا مري بلوچن کي مدد جي
آڇ ڪن!“
راشدي صاحب ڪا دير ته پائيپ ڇڪيندو رهيو. پوءِ مون
ڏي نهاري، ڌيرج سان چيائين ته ”شايد، هڪ شخصَ جي
حيثيت ۾، بلوچُ سنڌيءَ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳو آهي.“
اها راشدي صاحب جي راءِ هئي. جنهن جي باري ۾ مختلف
ماڻهن جا مختلف رايا آهن. سندس گهروارِي راشدي
خاندان سان منهنجن پراڻن ۽ گهرن گهاٽن لڳ لاڳاپن
ڪري، ڪڏهن ڪڏهن سياسي ڳالهيون به ڪندي هئي. هڪ
دفعي راشدي صاحب جي ڪا ڳالهه نڪتي. چيائين ته:
“MY HUSBAND IS A COLD BLOODED POLITICIAN”.
سائين جي. ايم. سيد ۽ راشدي صاحب سالن جا سال پاڻ
۾ گهرا گهاٽا هئا. حسام الدين شاهه سان به وڏي
محبت هئس.
سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ سندس ڪم جي تعريف ڪندو
هو. هڪ ڀيري ٻنهي ڀائرن جي ڀيٽ ڪندي، ”حيدر منزل“
جي هڪ ڪچهريءَ ۾ چيائين ته، ”کهڙي کي ون يونٽ ٺاهڻ
جو گناهه بخش ڪري سگهجي ٿو. پر، راشديءَ کي ڪونه
ڪبو.“ ڪجهه دير بعد چيائين ته، ”پر، ٻنهي ڀائرن
مان ڪنهن تي هٿ رکڻو پوي ته مان اڄ به علي محمد
شاهه تي رکندس. هو حسام الدين شاهه کان وڌيڪ ذهين
۽ بهادر آهي.“
ڳالهه پئي ڪئيسون بلوچن جي قومپرستيءَ جي. منجهن
قوم پرستيءَ جو ٻج ڇٽڻ وارو شخص يوسف خان منگسي
هو. وڏو دانشور هو. صحافي هو. اشتراڪيت ڏي مائل
هو. بلوچستان ۾ ”جبل مٿي باهڙي“ ٻاريائين. جا دکي،
دکي، نيٺ ڀڀڙ ٿي پئي. ان جا الا پري پري پيا.
ٺُلُ سنڌ ۾ آهي. پر، بلوچستان واريءَ سرحد کان پري
به ڪونهي. ان جي خاڪ مان محمد امين کوسو ساماڻو،
جنهن کي سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي اوائلي اشتراڪين ۾
شمار ڪري ٿو. کيس اردو ترقي پسند شاعرن مخدوم محي
الدين ۽ اسرار الحق مجاز جو دوست ڪوٺي ٿو.
تاريخي طرح اها ڳالهه مڃيل آهي ته بلوچستان ۾
قومپرستيءَ جو انگ نهايت نمايان آهي. پر، حيرت جي
ڳالهه آهي ته اتي هاڻوڪي دور ۾ به گل خان نصير
جهڙا شاعر ۽ ”بلوچي ڪهني شاعري“ جي مرتب شير محمد
بلوچ (جنهن کي سندس دوست جنرل شيروف ڪوٺيندا هئا)
جي باوجود عام اديبن ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ ڪا
به غيرمعمولي ڪاميابي حاصل ڪانه ڪئي. بلوچستان جي
ڀيٽ ۾ اُن سنڌ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.
سنڌ ۾ ترقي پسند سوچ جي اولين مشاهيرن ۾، جمشيد
نسروانجي، محمد امين کوسو، حشو ڪيولراماڻي، سوڀو
گيانچنداڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، ڪيرت
ٻاٻاڻي، حيدر بخش جتوئي، قادر بخش نظاماڻي، برڪت
علي آزاد، ارباب نور محمد پليجو، عبدالقادر انڍڙ،
محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ نوابشاهه وارو،
”انقلاب“ اخبار جو ايڊيٽر، ڪامريڊ عبدالخالق شامل
آهن. انهن ۾، هڪڙا ٻين کان سينيئر هوندا. پر، ان
باري ۾ ڪا ڳالهه چئي نٿي سگهجي، ڇو ته سنڌي ترقي
پسند تحريڪ جي اوائلي دور بابت مستند مواد سنڌ ۾
ملي ئي ڪونه ٿو. البته هند ۾ موجود آهي. تازو،
نفيس احمد شيخَ تاج جويو وٽان ٻه ڪتابَ، مون کي
عاريتاً آڻي ڏنا. هڪڙو گوبند مالهيءَ جو ”سنڌڙيءَ
منهنجي جندڙي“ ۽ ٻيو ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ”ڪجهه ٻڌايم
ڪجهه لڪايم“.
اسان وٽ به اردو زبان ۾ تحريڪ بابت گهڻو مواد آهي
مون کي لاهور مان تازو ٻه ٽي ڪتاب مليا، پر، ٻيا
به گهڻا ئي آهن، جيڪي في الحال مون کي ڪونه مليا.
افسوس آهي ته انهن ۾ سنڌي زبان ۾ تحريڪ ترقي پسند
ادب جو ذڪرُ رڳو اشاري طور آهي. اديبن ۽ شاعرن جا
نالا ته آهن ئي ڪونه.
1930 کان 1940 واري شروعاتي دور ۾، سنڌي ترقي پسند
ادب جي شروعاتي دؤر جا هاڻي اسان وٽ متعبر شاهد
فقط ٻه آهن: هڪ محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيو
سوڀوگيانچنداڻي. جويي صاحب جي زندگي، علم، تعليم،
قلم، ڪاغذ ۽ ڪتاب سان گڏ گذري آهي. لکڻ پڙهڻ جو
ڏاڍو شوق اٿس. پر، منهنجيءَ معلومات موجب، ”سنڌي
ترقي پسند ادب جي تحريڪ“ بابت ڪو به ڪتاب ته ڇا،
ڪو مفصل مضمون به ڪونه لکيو اٿس. ساڳئي وقت سنڌ ۾
تحريڪ کي وڌائڻ لاءِ گهڻي ۾ گهڻو ڪم به (خاص طرح،
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ) پاڻ ئي ڪيو اٿس.
سوڀي گيانچنداڻيءَ جو نالو 1947 کان اڳ واري سنڌ
جي ساهتيه ۽ سياسي سرگرمين ۾ گهڻو اچي ٿو. ٽئگور
جي شانتي نڪيتن ۾ پڙهي آيو هو ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن
۾ پڙهندڙ نوجوان سنڌي شاگردن ۾ انگريزن جي خلاف
بغاوت جو عَلَمُ بلند ڪيو هئائين. کانئس اڳ اهو
ڪم، شايد، هشو ڪيولراماڻي ڪندو هو، جيڪو وري
انگلنڊ مان تعليم پرائي آيو هو. حشوءَ سوڀي ۾
اڳواڻيءَ جون سڀ لياقتون ڏٺيون.
هن به حشوءَ وانگر ڪاليجي شاگردن کان هڙتالون
ڪرايون ۽ انهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سو، ستت ئي
ترقي پسند ذهن وارن نوجوانن ۾ هر دلعزيز ٿي ويو.
ساڳئي وقت منجهن ترقي پسند ادب (يا ساهت) لاءِ به
شوق پيدا ڪيائين. اڳتي هلي، مزورن جي يونين ۾ به
وڃڻ لڳو ۽ اتي به ڪامياب ليڊڙ ثابت ٿيو. پاڪستان
ٺهيو ته سنڌ ڇڏي هند ڪونه ويو. پنهنجي آدرش ۽
اصولن موجب ”سوشلسٽ انقلاب“ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.
انهيءَ سموري عرصي ۾ کيس ڪن ساٿين جي ”من- ورتي“
جا ڪي تلخ تجربا به ٿيا هوندا. سن 1950ع واري
ڏهاڪي ۾ منهنجي ساڻس اول واقفيت ۽ پوءِ سنگت ٿي.
ڳالهه ڪيائين ته، ”ڪنهن معاملي ۾، پوليس سان آمهون
سامهون ٿياسون. مون پنهنجن ساٿين کي سيکاري ڇڏيو
هو، ته اڳواڻي مان ئي ڪندس. پر، جڏهن پوليس منهنجي
آمهون سامهون اچي ته نعرو هڻندس. پٺيان اوهان به
منهنجيءَ پٺڀرائيءَ ۾ نعرا هڻجو، ته پوليس ڊڄي
ويندي.
جڏهن پوليس منهنجي آمهون سامهون آئي ۽ مون نعرو
هنيو ته پٺيان وراڻي ڪانه ملي. اڃا جو ڪنڌ ورائي،
پوئتي نهاريان ته منهنجن ساٿين مان ڪير ئي ڪونهي.
سڀ پوليس جي ڊپ کان ڀڄي ويا هئا. اهو لقاءُ ڏسي
پوليس جو اعلى عملدار اڳتي وڌيو، مون وٽ آيو ۽
چيائين ته ”گوڙ شور ٿو ڪرين! هل اندر.“ مون کي
ٻانهن کان جهلي وڃي پوليس جي لاريءَ ۾ وهاريائين.
ڪيترا ڏِينهنَ قيد ڪاٽيائين. سو مون کانئس ڪونه
پڇيو. پر، پوءِ ايترا ته گهمرا قيد ٿيو، جو
انگريزي محاوري موجب چئبو ته “Gail-bird” ٿي
ويو. سندس سنڌي ساٿين ۾، ايتري اهنجَ، عذابَ ۽
نظربنديءَ جي سختي شايد حيدربخش جتوئيءَ ڏٺي هجي.
سائين جي.ايم.سيد ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ايترو
ته عرصو اسيريءَ ۾ گذاريو، جو ٻئي ڪنهن به اڳواڻ
ڪونه گذاريو. پر، هو سنڌ جي نئين نسل ۾ قوميت جو
اهڙو ٻج پوکي ويو، جنهن کي هاڻي ڦٽڻ ۽ گونچ ۽ گل
ڪڍي ٻوٽن ۽ سائي دار وڻن ٿيڻ کان روڪڻ مشڪل نظر
اچي ٿو. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ وڏن وڏن وڻن وارا
گجگاهه ٻيلا هوندا هئا. سنڌ ۾ تاريخ پاڻ دهرائي ته
عجب ڪونهي.
سوڀي جي سالن جي لاڳيتي جدوجهد جو نتيجو نظر ڪونه
آيو. هو ادبي (ساهتيه) ميدان کان وڌيڪ سياسي ميدان
۾سرگرم رهيو آهي. سوشلسٽ جي نظر سان نهاريو ته سنڌ
۾ مکيه مسئلو جاگيرداري نظام آهي. پر سوڀي هارين
کي متحد ڪرڻ بدران ڪراچيءَ جي مزدورن جي مدد سان
گڏجي انقلاب آڻڻ ٿي گهريو. ان سلسلي ۾ سالن جا سال
قيد ۽ ڪشٽ ۾ ڪاٽيائين. ٽڪر ٽاڪي، کير جي نهر وهائڻ
آسان ڳالهه به ڪانهي. نه ته فرهاد به شيرين ماڻي
ها. سوڀي جي سنگتين يعني ڪراچيءَ جي ۽ لانڍيءَ جي
انقلابي مزدورن جو ته هاڻي نالو به ڪونه ٿو ٻڌجي.
جنهن سوشلسٽ انقلاب جا سڄي عمر خواب ڏٺا هئائين،
سو، دونهين وانگر، هوا ۾ تحليل ٿي ويو ته پاڻ به
گهر ۾ گوشه نشين ٿي ويو.
هيءَ حقيقت ته هاڻي هر ڪنهن کي معلوم آهي ته روس ۾
سوشلسٽ انقلاب آيو. انقلاب کان اڳ ۽ پوءِ لکين
ماڻهو مئا. پر، سوويٽ يونين اسان جي اکين اڳيان
تاس جي پتن جي ماڙيءَ وانگر ڊهي ڍيرُ ٿي پئي.
ڪاٺيءَ کي اڏوهي کائي وڃي ٿي ڇو ته ڪاٺ ۾ اهڙي ڪا
اندروني ڪمزوري آهي. تيئن سوشلزم ۾ به اهڙي ڪا
اندروني ڪمزوري آهي، جو ان جو نظامُ جٽاءُ ڪري نٿو
سگهي. چين ۾ به سوشلزم هاڻي ڇٽو ڪري ڇڏيو اٿن. ڄڻ
ته هڪ ڪلو کير ۾ پنج ڪلو پاڻي پيل آهي. ان جو ڪو
ته سبب هوندو؟ شانگهائيءَ جا ”اسڪاءِ- اسڪريپرز“
ڏس، ته نيويارڪ جا اسڪاءِ اسڪريپرز وسري وڃن ٿا.
چيئرمن مائوءَ چين ۾ سوشلسٽ انقلاب آندو. مرد ۽
عورت جو فرق مٽائي، ٻنهي کي هڪٻئي وانگر محنت- ڪش
بنايو. مون بيجنگ ۾ نوجوان عورتن کي نوجوان مردن
وانگر ڊبل ڊيڪر بسون هلائيندي ڏٺو. هنن ريشمي ويس
وڳا لاهي ڇڏيا هئا. مردن واريون ساديون پينٽون ۽
بش شَرٽيون پاتيون هيون. پر، هاڻي OPEN-DOOR پاليسيءَ
کان پوءِ وري زالاڻا وڳا، ريشمي وڳا ۽ ميڪ اپ جا
سامان چين ۾ موٽي آيا آهن. نه فقط ايترو، پر چين ۾
ماڻهن کي پرائيويٽ ڪاروبار ڪرڻ ۽ مال ملڪيت ٺاهڻ
جي به اجازت ڏني وئي آهي. دنيا ۾ ارب پتي امير هن
وقت پهرئين نمبر تي آمريڪا ۾ ۽ ٻئي نمبر تي روس ۾
آهن. سوڀو ذهين ماڻهو آهي. هن انهن مڙني حقيقتن
مان ڪو ته نتيجو ڪڍيو هوندو.
ٻه ٽي سال ٿيا ته مان پنهنجيءَ نياڻيءَ ۽ داماد کي
”موهن جو دڙو“ ڏيکارڻ ويس ۽ دادو ضلعي ۾ اعجاز
چانڊئي وٽ ٽڪيس، جنهن جي ٻن ڀينرن سان گڏ ٻئي
ڏينهن صبح جو موهن جي دڙي وياسين. اتي سڀني کي دڙو
ڏسڻ لاءِ چئي مان ۽ اعجاز لاڙڪاڻي وياسين. سوڀي کي
فون تي اچڻ جو اطلاع ڏنوسين. پاڻ گهر هو. منجهند
جي مهل هئي، آرام سان تڙ پاڻي ڪري، فارغ ٿي، ٻاهر
نڪتو هو. ڪپڙا بدلائي اسان سان اچي ويٺو. ڪجهه دير
ڳالهه ٻولهه ڪيائين ۽ چاءِ جو ڪوپ پياريائين.
اعجاز ڏاهو شخص آهي، تنهن مون کي چيو ته سائين،
”هاڻي اٿون. سوڀي صاحب کي آرام ڪرڻو آهي.“
اسان سوڀي کان موڪلائي آياسون. مون اعجاز کي سوڀي
جي باري ۾ گهڻيون ئي وڏيون ڳالهيون ٻڌايون هيون.
سو ته سندس ملاقات مان سراسر مايوس ٿي موٽيو. پر،
منهنجي ذهن تي به اهو تاثر ويٺو ته ”ڪالهه جو
انقلابي، اڄ جو گوشه نشين آهي.“ سوچڻ لڳس ته هو
سڄو وقت واندو ويٺو آهي. جيڪڏهن پنهنجيءَ زندگيءَ
جي جدوجهد (MY
STRUGGLE) جو
سربستو احوال ويهي لکي يا لکائي ته وڏي خذمت ٿي
پوي، ڇو ته نئين نسل کي خبر پوي ته سنڌ ڪهڙن سورن
مان گذري آهي؟ هن سياست کان ڪناره ڪش ٿيڻ کانپوءِ
ڪي ننڍا ننڍا ڪتاب لکيا آهن، جي سندس ذاتي مشاهدن
۽ يادگيرين تي مبني آهن. انهن ۾ هڪڙي جو نالو آهي
”وڏي وٿ هئام.“ منجهس محمد امين کوسي جو ذڪر ڪندي
لکي ٿو ته ”محمد علي جوهر جو شاگردُ، ڪميونسٽ ۽
ڪانگريسي هو. منهنجي ساڻس واقفيت سن 1941ع ۾ ٿي.
سنڌ زميندار هوٽل، ڪراچيءَ ۾ مستقل ميمبر طور
رهندو هو. مون ان زماني ۾ پارٽيءَ جي ڪنهن معمولي
حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. سو، حڪم مليو ته محمد
امين کوسي وٽ حاضر ٿيان.
”نومبر مهيني جي هڪ شام جو هوٽل ۾ سندس ڪمري ۾
پهتس. پيار ۽ عزت سان اٿي مليو. هڪ ٽيبل ڏي وٺي
هليو جنهن تي چانهه جو سامان ڪيڪ، بسڪوٽ ۽ مختلف
قسمن جا سڪل ميوا پليٽن ۾ رکيا هئا. ايتري ۾
پروفيسر آصف جاهه ڪارواڻي، قادر بخش نظاماڻي،
ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ۽ ٽهلراماڻي به اچي وارد
ٿيا. پروفيسر ڪارواڻيءَ ڳالهه جي شروعات ڪئي ته
’تو شاگرد فئڪشن ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ سان دوستي
ٽوڙڻ کان نابري واري آهي. سو، توکي پارٽي ٽربيونل
اڳيان جواب ڏيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي.‘
مون چيو ته مان پارٽيءَ جو ميمبر ڪونه آهيان، ان
ڪري اوهان جي اڳيان جوابدار ڪونه آهيان. مان
پارٽيءَ جو فقط همدرد آهيان. شاگردن ۾ حشو
ڪيولراڻيءَ جي اثر کان واقف آهيان. اوهان ساڻس
اٽڪي، پنهنجيءَ تحريڪ کي نقصان پهچائيندا.
”بعد ۾، سکر جيل ۾ محمد امين کوسي سان ست مهينا گڏ
رهيس. تڏهن خبر پيم ته هو به پارٽيءَ جو باقاعدي
ميمبر ڪونه هو. پر، آل انڊيا ليول جي ليڊرن:
جوشيءَ ۽ اڌيڪاريءَ سان ملي، بحث مباحثا ڪري چڪو
هو. هندستان جي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن مخدوم محي
الدين (حيدرآباد دکن) ۽ اسرارالحق مجاز سان دوستي
هئس.“
تازو ”ڪاوش“ اخبار جي پهرين نومبر 2009ع واري پرچي
۾ وري محمد امين کوسي جو ذڪر ڪيو اٿس ته ”هو
(وڏيءَ عمر ۾) خاصو مجذوب ٿي ويو هو. تنهن هوندي
به هن اسان کي پنهنجي عليڳڙهه واري زماني، خلافت
تحريڪ، مولانا محمد علي جوهر، سنڌ اسيمبليءَ اندر
پنهنجي جنگ دشمن روين ۽ تقريرن کان آگاهي ڏياري.
هو 1939 کان 1941ع تائين انگريز- دشمن- روين جو
ترجمان هو.“
منهنجي خيال موجب، محمد امين کوسو 1940 ۾ پنهنجيءَ
جوانيءَ واري زماني ۾، ترقي پسند خيالن جي اديبن ۽
شاعرن سان رابطو رکندو هوندو. ليڪن وڏيءَ عمر ۾
مذهبي ماڻهو ٿي ويو هو. ليڪن قومپرست اڳواڻن سان
سندس عشقَ ۽ عقيدت ۾ ڪو به فرق ڪونه آيو. عبيدالله
سنڌيءَ ۽ الله بخش سومري جو نالو وڏي ادب ۽ احترام
سان کڻندو هو ۽ سندن وفات کان پوءِ سائين جي. ايم.
سيد سان لنو لاتائين. پير علي محمد راشديءَ کي
”معلم الشياطين“ (شيطانن جو استاد) ڪوٺيندو هو.
محمد امين کوسي سان منهنجي ملاقات اتفاقيه نموني
۾ ٿي. سن 1963ع جي ڳالهه آهي ته مان سنڌي ادبي
بورڊ جي سالياني سرڪاري گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ
لاهور ويو هئس ۽ ”لاهور هوٽل“ ۾ ٽڪيل هئس.
سانجهيءَ جو شهر مان موٽيس، ته هوٽل جي گيٽ وٽ، هڪ
وڏيءَ ڄمار وارو قداور شخص، سفيد ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ،
ٻروچڪيءَ سلوار، قميص ۽ صدريءَ ۾ بيٺو هو. مون
اڳتي وڌي کيس هٿ ڏنو ۽ پڇيو ته ”اوهين محمد امين
کوسا آهيو؟“
”هائو، پر توکي ڪيئن خبر پئي؟“
”سائين جي.ايم.سيد ۽ سائين حسام الدين راشديءَ جي
ڳالهين مان.“
”ته پوءِ اڄ کان پوءِ پاڻ دوست آهيون.“
اسان ان ڏينهن کان رڳو دوست ڪونه ٿي وياسين، پر
تمام گهرا گهاٽا دوست ٿي وياسين. انهيءَ ڪري، مان
ساڻس ذاتي لڳ لاڳاپن ۽ پنهنجي مشاهدي جي آڌار تي
کيس ”سنڌ جو ڪٽر قومپرست“ سمجهان ٿو. پاڻ چوندو هو
ته ”مان سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو امام آهيان.“ منهنجي
خيال موجب سندس ذهن ۾ ”قوميت“ ۽ ”انقلابيت“ جي
جيڪا چڻنگ آئي، سا بلوچ ليڊر يوسف خان منگسيءَ جي
ٻاريل مچ مان اڏاڻي هئي. مون سان ڪڏهن ڪڏهن سندس
ذڪر ڪندو هو. پر، وڏيءَ عقيدت سان ڪندو هو. سنڌ
اسيمبلي ۾ محمد هاشم گذدر کي نيڪ ٽاءِ مان ورتو
هئائين ۽ ٻين
سان جهيڙا جهڳڙا ڪيا هئائين. انهن جو ذڪر، سائين
جي. ايم. سيد ”حيدر منزل“ تي ڪچهرين ۾ ڪندو هو.
پر، محمد امين خان مون سان ڪڏهن ڪونه ڪيو ۽ نه وري
ڪڏهن اسرار الحق مجاز ۽ مخدوم محي الدين جو ذڪر
ڪيائين. مون ٻڌو ته جيڪب آباد جي ويجهوهڪ پبلڪ
جلسي ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن مٿس حملو ڪيو هو. مٿي
تي لٺين جا سخت ڌڪ لڳس. بچي ويو، پر، سندس ذهني
تعاون متاثر ٿيو. ليڪن، پوءِ به کيس ٽي ساٿي ۽
محسن دل تي هئا. هڪ مولانا عبيد الله سنڌي، ٻيو
خانبهادر الله بخش سومرو ۽ ٽيون سائين جي. ايم.
سيد. ٽئي سنڌي قومپرست هئا. سائين جي. ايم. سيد
اها ڳالهه بار بار ڪندو هو ته هڪ دفعي مولانا
سنڌيءَ فرمايو ته، ”اڄ اسان جو خانُ محمد امين،
نماز ۾ اسان جو امام ٿيندو.“ بعضي، مولانا سنڌيءَ
جو عشق ۽ عقيدت سان ذڪر ڪندو هو، سندس اکين ۾
ڳوڙها تري ايندا هئا.
جڏهن الله بخش سومري جو ذڪر ڪندو هو، تڏهن اڪثر
چوندو هو ته ”بابا، فرق ته رڳو هيءُ آهي ته هو قبر
جي اندر آهي ۽ مان ٻاهر آهيان.“ ڪراچيءَ ۾ هڪ دفعي
رحيم بخش سومري جي دانهن ڏنائين ته ”رات جو هوٽل
تي آيو هو، سو چٺي ڇڏي ويو.“ ائين چئي چيائين ته
”منهنجيءَ مقعد ۾ ڪٽيل گوگائي مرچن جي ڳوڻ وجهي
ويو. هاڻي، ڀلا ڪير پڇيس ته بابا منهنجي جيئري
هوندي تون الله بخش سومري جو وصي وارث ڪيئن ۽ ڪڏهن
ٿئين؟“
مون رحيم بخش سان اها ڳالهه ڪئي. مون سان گهرو
گهاٽو هو. چاليهن سالن جو يار هو. کلي ڏنائين.
چائين ته ”بلاشڪ چاچي محمد امين کان وڌيڪ بابا جو
ڪو به عاشق ڪونه هو.“
محمد امين خان، ٺل کان ڪراچيءَ پهتو ناهي، ته مون
کي حيدرآباد تار يا فون ڪندو، ”مان هن تاريخ تي هن
مهل ڪراچيءَ هوندس. تون حيدرآباد مان نڪر. هوٽل ۾
پهچي وڃ. اتان ڪاڏي نه وڃجانءِ.
”مسٽر ۽ مسز الانا کي رات جي مانيءَ تي سڏيو اٿم.
انهن ٻن ۽ توکان، مون کان سواءِ ٻيو ڪير ڪونه
هوندو. ڪاڏي نه وڃجانءِ.“
الانا مرحوم ان رات مانيءَ کان پوءِ هڪ بجي تائين
اسان کي قائداعظم جي ننڍپڻ جا احوال ٻڌايا، جيڪي
پنهنجي ڪتاب QUAID-E-AZAM-
STORY OF A NATION ۾
ڪونه لکيا اٿس. مون محمد امين خان سان ورهين جا
ورهيه ائين گڏ گذاريا. هو ڪراچيءَ ۾ اول اول سنڌ
زميندار هوٽل ۽ پوءِ نيشنل سٽي هوٽل ۾ ٽڪندو هو.
ڪڏهن هاليڊي ان هوٽل ۾ ٽڪندو هو. پر، اها ”هاليڊي
ان هوٽل“ فريئر هال واري هاڻوڪي ڪانه هئي. صدر ۾
هڪ ننڍي، پر صاف سٺي هوٽل هئي. حيدرآباد ۾ فاران
هوٽل ۾، لاهور ۾ لاهور هوٽل ۾ ۽ پنڊيءَ ۾
”سِلِوَرِ گِرِلِ“ هوٽل ۾ ٽڪندو هو.
هر هنڌ هوٽل جي ڪمري ۾ سندس رهائش جو نمونو اهو ئي
هوندو هو، جيڪو سوڀي بيان ڪيو آهي. ٻيو ته پيلي
ٽيڪسي ڪرايي تي ڪندو هو ۽ هوٽل جي ٻاهران بيهاري
ڇڏيندو هو. پوءِ پاڻ ڪاڏي وڃي ته ڇا، نه وڃي ته ڇا
سندس مرضي ٽئڪسي سڄو ڏينهن بيٺي هوندي.
محمد امين خان کوسو غيرمعمولي ماڻهو هو. مون کي
خوشي آهي ته قسمت مون کي سندس قربت ۽ محبت نصيب
ڪئي. منهنجي ذهن تي سندس شخصيت جا نقش نگار ائين
ئي لافاني آهن، جيئن تاج محل جي ديوارن تي سنگمرمر
جا گل. جڏهن به ياد ايندو اٿم ته شاهه سائينءَ جا
لافاني لفظ چپن تي ايندا اٿم.
اندر روح رهيام، سَڄَڻَ اوطاقون ڪري.
سوڀي محمد امين کوسي سان گڏ ٻه ٽي نالا ٻيا به
کنيا آهن. پروفيسر آصف جاهه ڪارواڻي، قادر بخش
نظاماڻي، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، ٽهلراماڻي ۽ حشو
ڪيولراماڻي. انهن مڙني ۾ سر فهرست نالو جمشيد
نسروانجي آهي. هن سنڌ ۾ سڀ کان اول هاريءَ پارٽيءَ
جو بنياد وڌو هو. اها ڳالهه سن 1920ع واري ڏهاڪي
جي آهي. پارسي مذهب جو هو. سوشلسٽ يا ڪميونسٽ ڪونه
هو. پر، پاڻَ وڏو عوام دوستُ ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي
هو. پير علي محمد راشديءَ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾
سندس وڏي تعريف ڪئي آهي ۽ کيس ”ڪراچي شهر جو حقيقي
معمار“ قرار ڏنو آهي. سوڀي پنهنجي مضمون ۾ جيڪي
نالا کنيا آهن تن ۾ مون سڀني کان اول آصف جاه
ڪارواڻي ڏٺو. سن 1952 ۾ نوشهروفيروز مان مئٽرڪ پاس
ڪري اچي حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾ داخلا ورتم، ته
آصف جاهه ڪارواڻي اتي پڙهائيندو هو. ڪاليج ۾ شيخ
حفيظ منهنجو دوست هو. کيس يا مون کي ڪارواڻي صاحب
جي ذهني روين جي ڪا به خبر ڪانه هئي. ٽهلراماڻيءَ
کي ڪراچيءَ ۾ سائين جي. ايم. سيد جي رهائشگاهه
”حيدر منزل“ تي گهڻو ڏٺم. عبدالقادر انڍڙ فقير
منش هو. ڪراچيءَ ۾، سائينءُ وٽ، ”حيدر منزل“ تي
ساڻس اڪثر ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي رهندي هئي. پاڻ دل
و جان سان حشو ڪيولراماڻيءَ جو مداح هو. مون سان
سندس ڳالهيون ڪندو هو. حشو ڪيولراماڻي مون ڪونه
ڏٺو. سندس دوستن کان سندس ڳالهيون ٻڌيم. منهنجو
ڳوٺائي هو. ڪنڊياري کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي
ڀرين جو ويٺل هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به سنڌ ڇڏڻ
لاءِ تيار ڪونه هو. سرڪار کيس زوريءَ سنڌ مان ڌڪي
ڪڍيو. دهليءَ ويو ته ”هندستان ٽائيمس“ مشهور اخبار
۾ ملازمت مليس. پر، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان دل
جي تار ڳنڍيل رکيائين. دهليءَ ۾ SINDHI
SHORT STORIES نالي
ڪتاب ڇپايائين. ڪراچيءَ جي ”ڊان“ اخبار انهيءَ
ڪتاب تي تبصرو ڪيو ته:
THESE COUNTRY MEN OF SHAH LATIF ARE REALLY GREAT
ARTISTS. THIS BOOK OF HUNDRED PAGES IS WORTH ITS
WEIGHT IN GOLD.
انهيءَ ڪتاب جو DELUXE
EDITION به
ڪڍيائين. پهرئين ڇاپي ۾ منهنجو هڪ افسانو وڌو
هئائين. ٻئي ۾ ٻيو به شامل ڪيائين- ”بري هن ڀنڀور
۾-“ انهيءَ جو انگريزي ترجمو “THE
DELUGE” عنوان
سان ڪيائين، جيڪو دهليءَ ۾ چين جي ڪنهن سفارتڪار
کي اهڙو وڻيو، جو چينيءَ ۾ ترجمو ڪري بيجنگ
موڪليائين. اتي ”شرجئي ويڻشو“ نالي، چين جي مشهور
پندرهن روزه رسالي ۾، دنيا جي عظيم افسانن سان گڏ
شايع ٿيو. پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني مون کي
رسالي جو اهو پرچو موڪليو جو مون کان پير حسام
الدين راشديءَ ورتو. حشوءَ جي مون سان پرپٺ دل ٿي
وئي. ڏاڍا محبت ڀريا خط لکندو هو. ڪجهه سال ٿيا ته
هيءُ جهان ڇڏي ويو آهي.
گوبند مالهيءَ پنهنجي ڪتاب. “سنڌڙي، منهنجي جندڙي“
۾ لکيو آهي ته محمد امين کوسي سان منهنجي واقفيت
حشوءَ ڪرائي. حشو گهڻو ڳالهائيندو هو. هڪ محمد
امين کوسو ئي هو، جو کيس رَدُ ڪَدُ ڏيندو هو.
گوبند مالهيءَ لکيو آهي ته ”سنه 1940ع هو. (تاريخ
ياد ڪانهي). صبح جو اٺين وڳي ڌاران سي. آءِ. ڊي.
جو هڪ هندو انسپيڪٽر آيو. حشوءَ در کوليو ته پوليس
انسپيڪٽر چيس ته تون (پنهنجين سياسي سرگرمين ڪري)
گرفتار آهين. حشوءَ مون ڏي نهاري چيو ته، ’تون گهر
وڃ ۽ منهنجو ڌوتل ڪڙتو ۽ پاجامو کڻي اچ ته مان
پائي، انسپيڪٽر سان وڃان. ڊائري يا نوٽبڪ به آڻج.‘
”مان ٽئي نَنگَ کڻي آيس ته چيائين ته ’محمد امين
کوسي سان وڃي مل ۽ چئينس ته منهنجي ضامن جو
بندوبست ڪري‘.
”محمد امين نياپو ٻڌي (حشوءَ سان ملڻ لاءِ) مون
سان گڏجي صدر پوليس اسٽيشن تي هليو. محمد امين
کوسو ڪراچيءَ ۾ سدائين سنڌ زميندار هوٽل تي رهندو
هو. مون کي بروقت اتي ئي ملي ويو. منهنجيءَ دل ۾،
محمد امين کوسي کان سوشلزم سمجهڻ جي آرزو پيدا ٿي.
”1940 ۾، منهنجو ڪاليج جو پهريون ٽرم (TERM) ائين
ئي انهن سرگرمين ۾ گذري ويو. مون لکڻ تان هٿ نه
کنيو هو. ’سنڌو‘ رسالي ۾ اردوءَ تان ترجمو ٿيل
منهنجون ڪهاڻيون ۽ ليک ڇپبا هئا.
”سوڀو گيانچنداڻي منهنجي پُڦاٽَ ليکوءَ جو دوست
هو. ٽئي ڄڻا گڏ رهندا هئاسين هڪ فلئٽ ۾. سوڀي کي
پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. ٿلها ٿلها ڪتاب آڻيندو هو.
رات جو دير دير تائين پڙهندو رهندو هو. هڪ ڏينهن
لڙيءَ منجهند جو سوڀي جو آواز ٻڌم. ڪٿان ٻاهران
موٽيو هو. ليکوءَ کي پئي چيائين ته، اڄ سڌ پئي اٿم
ته (گوبند مالهي) حشو ڪيولراماڻيءَ جي سنگت ۾
شاگردن جي يونين ۾ سرگرم رهيو آهي. اها به خبر پئي
اٿم ته اردوءَ جي ترقي پسند اديبن جون رچنائون
(تحريرون) ’سنڌو‘ رسالي، چوڏس رسالي ۽ ٻين مخزنن ۾
ڇپائيندو آهي.“
گوبند مالهيءَ پنهنجي ڪتاب ۾، گوبند پنجابيءَ جو
ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”جمال الدين بخاريءَ کي ڪو
مضمون پڙهي ٻڌائي رهيو هو. مون کي چيائين ته ڪرسي
ڇڏي ويجهو اچي ويهه. ائين ڪيم ته نوجوان ڏي نهاري
مون کي چيائين ته هي آهي گوبند پنجابي. نئين دنيا
ڪتاب گهر طرفان، ڪنهن غيرملڪي اديب جي آٽو
بايوگرافيءَ جو سنڌي ترجمو ڇپائي رهيو آهي. پوءِ
مون ڏي نهاري نوجوان کي چيائين ته هي آهي ’گوبند
مالهي‘.
گوبند مالهيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌڙي منهنجي جندڙي“ ۾
حشو ڪيولراماڻيءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته:
”ڪراچيءَ جي آرٽس ڪاليج ۾ مان پڙهندو هئس، جيڪو
ڊي. جي ڪاليج جي هڪ انيڪسيءَ ۾ هو. ان جو ڊينِ هو
پروفيسر ايڇ. ايم. گربخشاڻي. ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس
يونين هلچل هلائي. ’فيون گهٽايو ۽ قسطن ۾ وٺو‘.
انهيءَ هلچل جو روح روان هو حشو ڪيولراماڻي. هو
ڪاليج جو شاگرد ڪونه هو. انگلنڊ مان تعليم پرائي
آيو هو ۽ هندستان جي انگريزن کان آزاديءَ جو
اتساهه کڻي آيو هو. جوان ۽ رعبدار پرسنلٽيءَ جو
مالڪ هو. گڏيل سڏيل انگريزيءَ ۽ سنڌي ۾ ڳالهائيندو
هو ۽ هٿن جي حرڪت سان ڪافي اثردار اڳواڻ لڳندو هو.
مان حشوءَ کي پري کان ڏسندو هئس. دل ئي دل ۾ هن جي
تنظيمي صلاحيتن ۽ ليڊرشپ جي قوتن جو داد ڏيندو
هئس. مون حشوءَ ۾ آدرشي اڳواڻ ڏٺو. بهادر ۽ مقصد
سان سچو. ساٿين سان برابريءَ واري سلوڪ سان خيالن
جي ڏي وٺ ڪندو هو. هو صبح جو سوير گهران نڪرندو
هو. پوءِ سڄو ڏينهن هل هلان.“
حشو ڪيولراماڻي سنڌ ڇڏي هند ڪونه پئي ويو. سائين
جي. ايم. سيد ٻڌايو ته سنڌ سرڪار کيس زوريءَ ڪڍيو.
گوبند مالهيءَ لکيو آهي ته مون خواجه غلام عباس جي
ناول ”رقاصه“ جو ”نئين دنيا“ ڪتاب گهر لاءِ سنڌي
ترجمو ڪيو. ليکوءَ به ڪن ڪهاڻين جي ترجمي جي آڇ
ڪئي. ”ڪتابُ گهر“ جي نئين ڪتاب ۾ ”نيلم“ عنوان
سان، پنج ڪهاڻيون شايع ٿيون. ٽي مون ۽ ٻه ليکوءَ
ترجمو ڪيون. ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ طرفان ٻئي ”ٽرم“
۾ هڪ ئي ڪتاب ڇپيو- ”نوراني ديوي“- اهو به اردو
ڪهاڻين جو ترجمو هو. اهڙيءَ ريت، گوبند مالهيءَ جي
ڪتاب مان ته معلوم ٿئي
ٿو ته ”سنڌي ترقي پسند ادب“ جي شروعات، اردو ترقي
پسند اديبن جي تحريرن خاص ڪري ڪهاڻين، جي سنڌي
ترجمن سان ٿي ۽ مترجمن جي اڪثريت هندو اديبن جي
هئي، جيڪي ڪاليجن ۾ پڙهندا هئا. سوڀي جي بيان مان
پڻ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته سنڌي ترقي
پسند ادب جي شروعات اردو اديبن جي تحريرن جي ترجمن
سان ٿي. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي، 8 نومبر 2009 جي
”ڪاوش“ اخبار ۾ پنهنجي مضمون ۾ لکيو اٿس ته:
”گوبند مالهي ۽ گوبند پنجابي هڪ رسالو ڪڍي رهيا
هئا، جيڪو ترقي پسند ادب جي پيڙهه جو پٿر هو.
گوبند مالهيءَ منجهس خواجه احمد عباس، قرت العين
حيدر، سعادت حسن منٽو، ڪرشن چندر ۽ ٻين جون
لکڻيون، ترجمو ڪري پئي شايع ڪيون. مون منجهس آکيري
جو ٽٽڻ ڪهاڻي پنهنجي نالي سان وڌي“.
سُئي سَڳي کي سيريندي آهي. ترجمو ٿيل ڪهاڻين جا
مجموعا نڪتا، ته گوبند مالهيءَ ۽ سندس ساٿين فيصلو
ڪيو ته ”اصلوڪين سنڌي ڪهاڻين جو مجموعو ڇپائجي.“
ٻين اکرن ۾ ائين چئجي ته سنڌي ترقي پسند ادب ۾
اصلوڪين تحريرن جو آغاز ائين ٿيو. |