گوبند مالهيءَ پنهنجي ڪتاب، ”سنڌڙي، منهنجي جندڙي“
۾ لکيو آهي ته، ”نئين دنيا ڪتاب گهر جو اصلوڪين
ڪهاڻين جو مجموعو ڇپائيءَ ۾ هو، جو اوچتو سوڀي مون
کي چيو ته عبدالستار جي ڪهاڻي به ان ۾ شامل ڪر،
مسلمانن ۾ ادب لاءِ شوق پيدا ٿيندو، ممڪن آهي ته
ڪو مسلمان ليکڪ به نڪري نروار ٿئي. مون پڇيومانس
ته ستار ڪا ڪهاڻي لکي آهي؟ هن چيو ته مون لکي آهي،
تون ان کي ادبي رنگ ڏِجِ ۽ ڇپج عبدالستار جي نالي
۾.
گوبند مالهيءَ ايترو لکي، چيو آهي ته ”ريگستاني
ڦول“ عبدالستار جو ليک ”حليما“ جي عنوان سان ڇپيو.
تازو سوڀي ”ڪاوش“ اخبار ۾ لکيو آهي ته ”ريگستاني
ڦول“ ڇپائڻ جي تجويز مون گوبند مالهيءَ کي ڏني
هئي.
مٿئين پس منظر ۾، سنڌي ترقي پسند ادب جي شروعات
بابت تصوير هيئن بيهي ٿي:
1. سنڌي
ترقي پسند ادب جي شروعات اردو ترقي پسند اديبن جي
تحريرن جي سنڌي ترجمي سان ٿي.
2. اردو
ترقي پسند اديبن جي انهن تحريرن ۾ زياده تر
ڪهاڻيون هيون.
3. انهن ڪهاڻين جا سنڌي ترجما ڪندڙ، گهڻي ڀاڱي
ڪاليجن ۾ پڙهندڙ نوجوان سنڌي هندو شاگرد هئا، جن ۾
سرفهرست ٻه چار نالا نظر اچن ٿا: سوڀو گيانچنداڻي،
گوبند مالهي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي (۽ شايد
حشو ڪيولراماڻي پڻ، جنهن هندستان وڃڻ کان پوءِ اتي
به سنڌي ڪهاڻين جا انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽
”هندستان ٽائيمس“ ۾ ڇپايا.)
4. سنڌي ترقي پسند ادب جو پهريون پهريون ڪتاب
”ريگستاني ڦول“ هو، جيڪو سنڌي اصلوڪين ڪهاڻين جو
مجموعو هو. منجهس سڀ ڪهاڻيون سنڌي هندو ليکڪن جون
هيون. فقط هڪ ڪهاڻي شيخ عبدالستار جي هئي پر، اها
به لکيل سوڀي جي هئي.
5. گوبند مالهيءَ ”ريگستاني ڦول“ سوڀي جي صلاح تي
ڇپايو هو. اهو ڪتابُ، پهريون پهريون پتڪڙو تارو
هو، جيڪو سنڌي ترقي پسند ادب جي آسمان ۾ اڀريو.
”پتڪڙو“ هن ڪري چوان ٿو، جو ننڍو سو ڏيڍ سو صفحن
جو ڪرائون سائيز ۾ تمام سادي ڪاغذ تي ڇپيل، هلڪڙي
سادي ڪور وارو ڪتابڙو هو. شايد، ان زماني ۾ ڪتاب
سادي ڪاغذ تي ڇپبا هئا ته سستا ملن.
گوبند مالهيءَ لکيو آهي ته سنڌي اصلوڪين ڪهاڻين جي
ڪتاب ”ريگستاني ڦول“ ۾، سوڀي جي لکيل، ليڪن
عبدالستار شيخ جي نالي ۾ ڇپيل ڪهاڻيءَ (”حليما“)
پنهنجو رنگ ڏيکاريو. شيخ ايازُ (شيخ مبارڪ عليءَ)
جي نالي سان شروع کان ئي شڪارپور ۾ لکندو رهندو
هو. مون هن جو ”ساورڪر“ تي به شعر پڙهيو هو.
”ريگستاني ڦول“ شايع ٿيڻ بعد اياز ۽ سندس دوست
”راز“ جو به ”شيخ“ هو، مون وٽ آيا. اياز ڊزن کان
وڌيڪ پنهنجا انقلابي شعر مون کي پڙهي ٻڌايا. مان
ڪافي متاثر ٿيس. هن مون کي مسيليني ٽائيپ اصلوڪين
ڪهاڻين، مضمونن ۽ شعرن ڇپائڻ جي صلاح ڏني. سوڀو
اياز جا شعر ٻڌي ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي. هن به اياز
جي صلاح جي تائيد ڪئي. مان ڀايان ٿو ته ”پرهه ڦٽي“
مجموعي جي شروعات ئي اياز جي انقلابي گيتن سان ٿي.
اياز ادبي ڪلاس (گڏجاڻين) جو به مکيه انگ ٿي پيو.
راز جا شعر به ڇپيا. شايد ارجن شاد جا به. شاد به
ان زماني ۾ اسان جي ويجهو آيو. هو ۽ اياز ٻئي ڄڻا
سوڀي ۽ ابراهيم جويي جي صحبت ۾ باشعور ٿيندا ويا.
جويو ايم. اين. راءِ جي ويچارن جو هو، اياز خاص
طور انهن ويچارن سان همراءِ ٿيندو ويو.
گوبند مالهيءَ سنڌي اصلوڪين ڪهاڻين جي مجموعي ۾
سوڀي جي لکيل، پر عبدالستار شيخ جي نالي سان ڇپيل
ڪهاڻي ”حليما“ جو ذڪر ڪيو آهي. اهو عبدالستار شيخ
اڳتي هلي مون ڏٺو. ساڻس ڪجهه قدر دوستانا تعلقات
به ٿيا. ٻه ٽي ڄڻا گڏجي سائين جي. ايم. سيد سان سن
ملڻ وياسين. اها پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ چئن پنجن
سالن جي ڳالهه آهي. شيخ عبدالستار ماٺيڻو ماڻهو
هو. هن ڪڏهن به پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پنهنجن سنڌي
اديبن ۽ ساٿين جو ذڪر ڪونه ڪيو. هو پوءِ ڪيئن مون
کان ڇڄي ويو. اهو مون کي ياد ڪونهي. حيدرآباد جي
”بليئر ڪلينڪ“ واريءَ گهٽيءَ ۾ رهندو هو. وڪالت
ڪندو هو. سندس سوٽ ع. ق شيخ جويي صاحب جي ڪري
منهنجو به دوست ٿيو. ”ريگستاني ڦول“ پڙهڻ لاءِ
ڏنائين. هڪ ٻيو ڪتاب به ڏنائين. نالو هئس ”کهه ۽
کٿوري.“
”ريگستاني ڦول“ کان ڪيترو عرصو پوءِ ”کهه کٿوري“
ڪتاب شايع ٿيو، جو ع.ق. شيخ جو لکيل هو. حيدر بخش
جتوئيءَ جو ڪتاب ”هارين جون ڪهاڻيون“ به لڳ ڀڳ،
انهيءَ زماني ۾ ڇپيو هو. اُهو ئي ڪتابُ، منهنجي
خيال موجب، اوائلي دؤر ۾ سنڌي ترقي پسند ادب جو
صحيح معنى ۾ شاهڪار آهي.
جتوئي صاحب ڊپٽي ڪلڪٽر جي سرڪاري عهدي تي فائز هو،
جتان پنهنجيءَ خاص خوشيءَ سان استعيفا ڏئي،
انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيو ۽
هاري پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪيائين. ”هاري حقدار“ نالي
هڪ هفتيوار اخبار پارٽيءَ جي ترجمان طور شايع
ڪيائين. مشهور ترقي پسند اديبُ ڪيرت ٻاٻاڻي، سڪ
سان ملڻ ويس، ته ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سڪ سان چيائينس
ته ”وقت تي آيو آهين. هاڻي پريس به هلاءِ ۽ اخبار
به، ته مان پنهنجو وقت هاري پارٽيءَ کي ڏيان.“
1935ع واري ايڪٽ کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جون
چونڊون، ڪنور جو قتل، الله بخش جو قتل، حرن جي
تحريڪ ۽ پير صبغت الله جي شهادت انهيءَ ئي دور جا
تمام وڏا واقعا هئا، جن مان هر هڪ هڪ تي جدا جدا
ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي.
هفتيوار ”صداقت“ اخبار به انهيءَ ئي دور ۾ شايع ٿي
هئي، جيڪا ترقي پسند خيالن جي ترجمان هئي. ليڪن،
انهيءَ کان به اڳ، سن 1940ع ۾، ”نئين دنيا ڪتاب
گهر“ قائم ٿيو، جنهن جو بنياد گوبند پنجابيءَ وڌو.
جيڪب آباد وارو برڪت علي آزاد سندس ٻانهن ٻيلي هو.
انهيءَ ئي اشاعتي اداري سنڌي ترقي پسند ادب جا
گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب شايع ڪيا. غالباً ڊزن کن ته هئا،
جن ۾ خود گوبند پنجابيءَ جي اصلوڪين سنڌي ڪهاڻين
جو مجموعو ”سرد آهون“ به ڇپيو. گوبند مالهيءَ
انهيءَ ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو پيش
رو قرار ڏنو آهي. نئين دنيا ڪتاب گهر“ اول اول
شڪارپور ۾ هو جو پوءِ ڪراچيءَ ۾ آندو ويو. تڏهن
”نئين دنيا ڪتاب گهر“ جو انتظام گوبند پنجابيءَ
وٽان گوبند مالهيءَ جي هٿ هيٺ آيو، جنهن پڻ سنڌي
ترقي پسند لٽريچر جي اشاعت جاري رکي ۽ ڊزن کن ٻيا
ڪتاب به ڪڍيا. پر، انهيءَ کان وڏو ڪم اهو ڪيائين
ته ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ مان، ”نئين دنيا“ نالي
سان ماهوار ادبي رسالو جاري ڪيائين، جيڪو ورهاڱي
کان پوءِ به بمبئيءَ مان اتم ۽ سندري شايع ڪندا
هئا.
ڪراچيءَ ۾ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ بندر روڊ تي هوندو
هو. اتي اڳتي هلي، سوڀي جي رهنمائيءَ هيٺ، ادبي
گڏجاڻيون شروع ٿيون. اڳتي هلي، ”ميٺا رام هاسٽل“
انهن ادبي گڏجاڻين جو مرڪز مقرر ٿي. هر هفتي هڪ
ادبي گڏجاڻي ٿيندي هئي، جنهن ۾ اديب ۽ شاعر
پنهنجون لکڻيون پيش ڪندا هئا. جيڪي گڏجاڻيءَ ۾
شريڪ اديب ۽ شاعر پرکيندا هئا: منجهن سوڀو
گيانچنداڻي، شيخ اياز، گوبند مالهي، نارائڻ شيام،
آنند گولاڻي، سڳن آهوجا، شيخ عبدالرزاق راز، گوبند
پنجابي، ڪرشن کٽواڻي رام امر لعل پنجواڻي، لڇمڻ
راجپال، گل آساڻي، ڀڳوان لعل ۽ گوبند مالهي شريڪ
هوندا هئا.
شيخ اياز به شايد انهن ئي ڏينهن ۾، هن ادبي ٽولي
سان گهرو گهاٽو ٿيو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ۾
لکيو آهي ته ”هو مستن وانگر پيو ڦرندو ۽ چڪر
لڳائيندو هو. حشو ڪيولراماڻيءَ سان ڏاڍي پريت
هوندي هئس. ڪلاڪن جا ڪلاڪ وٽس ويٺو هوندو هو. ڪڏهن
سائيڪل تي هوندو هو، ته مون کي زوريءَ اڳيان
سائيڪل جي ڏنڊي تي برنس روڊ جي گهٽين مان پيو
ڦيريون پارائيندو هو. پڇڻ تي ٻڌائيندو هو ته
’حسينائن جي ديدار تي نڪتو آهيان.‘ ڪڏهن وري ڊائري
هٿ ۾ هوندي هيس ۽ گنگنائيندو رهندو هو. مون کي
ميٺا رام هاسٽل ۾ پنهنجي روم ۾ وٺي ايندو هو ۽
تازو لکيل شعر اهڙيءَ ته تيز ڌارا ۾ پڙهندو هو، جو
ڄڻ ته نهر ٿي وهي. سندس ڪلام دل تي ڇائنجي ويندو
هو. هڪ سياسي انقلابي گيت لکيو هئائين، جو وري وري
پڙهي ٻڌائيندو هو.
او باغي او راڄ دروهي
ڀارت ۾ بلوي جا باغي
ڪراچيءَ جي ’رام باغ‘ ۾ (جنهن کي هاڻي ’آرام باغ‘
ڪوٺن ٿا) هڪ پبلڪ جلسو ٿيو، ان ۾ به اهو سياسي
انقلابي گيت پڙهي ٻڌايو هئائين“.
گوبند مالهيءَ جي ڪتاب ”سنڌڙي منهنجي جندڙي“ ۽
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڪتاب ”ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لڪايم“ ۾
ڏنل احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته:
1. پاڪستان
ٺهڻ کان اڳ ميٺا رام هاسٽل وارين هفتيوار ادبي
گڏجاڻين ۾ جيڪي اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيندا هئا سي
اڪثر هندو هوندا هئا، مسلمان لکندڙ فقط ٻه هوندا
هئا: هڪڙو شيخ اياز ۽ ٻيو شيخ عبدالرزاق راز.
2. شيخ
اياز جي شعر کي وڌيڪ مقبوليت حاصل هئي. هو پبلڪ
جلسن ۾ به پنهنجا انقلابي گيت پڙهندو هو، جنهن جو
هڪ مثال ته ”رام باغ“ وارو مٿي ذڪر ڪيل پبلڪ جلسو
آهي. پر، اياز غالباً پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ به
ڪٿي ذڪر ڪيو آهي ته ابراهيم جويي سان گڏجي ٿر
پارڪر ضلعي ۾ (شايد، عمرڪوٽ جي پاسي) ڪنهن ترقي
پسند خيالن جي ساٿيءَ جي اليڪشن ۾ ورڪ ڪرڻ وياسون.
اتي مون پبلڪ جلسن ۾ پنهنجا انقلابي گيت پڙهي
ٻڌايا. اياز ائين به لکيو آهي ته انهن ڏينهن ۾
اسين دنيا کي بدلائڻ جا خواب ڏسي رهيا هئاسون.
3. جديد
سنڌي ادب جو نقيب ”سنڌو“ رسالو هو. پر، سنڌي ترقي
پسند ادب جو ترجمان ”اڳتي قدم“ رسالو هو، جنهن جو
ايڊيٽر شيخ اياز هو. ڪنهن به جماعت يا تنظيم جي
ويڄ ويچار کي اڳتي وڌائڻ ۾ اخبارون ۽ رسالا وڏو
رول ادا ڪن ٿا. هنن ٻن رسالن جي به وڏي اهميت آهي.
مون ”اڳتي قدم“ رسالي جو فقط هڪ پرچو ڏٺو آهي.
منجهس سائينداد سولنگيءَ جي ڪهاڻي ”انڌي ۽ جنڊ“
پڙهيم جنهن جي گهڻي شهرت هئي.
4. پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ ٽن رسالن پنهنجو پاڻ ملهايو. (1)
ماهنامو ”نئين زندگي“، (2) ٽماهي ”مهراڻ“ ۽ (3)
ماهنامو ”روح رهاڻ.“
5. پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ اياز چڱو عرصو لکڻ ڇڏي ڏنو هو. ڪنهن
هنڌ اهڙو اظهار به ڪيو اٿس ته، ”منهنجا ساٿي، هندو
لکندڙ هوندا هئا، جيڪي هندستان لڏي ويا ته لکڻ تان
ارواح ئي کڄي ويو“.
6. پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ اياز وڪالت ڪندو هو. پهريائين
ڪراچيءَ ۾، پوءِ سکر ۾. شيخ عبدالرزاق راز سکر ۾
رهندو هو ۽ ڪجهه عرصو سکر ميونسپالٽيءَ ۾ چيف
آفيسر به هو. رشيد ڀٽي ۽ مقبول صديقي سندس هٿ هيٺ
ڪلارڪ هوندا هئا. سدائين، سندس ڪنجوسيءَ جي شڪايت
ڪندا هئا. شيخ عبدالرزاق راز سکر ۾ ”حبيب
پبليڪيشن“ نالي هڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو. شيخ اياز
جا به ڪجهه ڪتاب ڇپايائين. جن مان هڪڙي جو نالو هو
”پنهل کان پوءِ“. اهو ڪتابُ سندس خطن جو مجموعو
هو، جيڪي هن (سندس لفظن ۾) پنهنجيءَ محبوبه کي
لکيا هئا. اها اختر شيرانيءَ جي خيالي محبوبه سلمى
وانگر ڪانه هئي. شڪارپور جي هڪ وچولي درجي جي
پڙهيل ڪڙهيل خاتون هئي. ٻين عام سنڌي پڙهيل خواتين
وانگر هن به پنهنجي ناتي مالي مفادن کي ترجيح ڏني.
اياز کي رد ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ مڊل ڪلاس جي هڪ سنڌي
واپاريءَ سان شادي ڪيائين. اياز ”پنهل کان پوءِ“
ڪتاب جي هڪ خط ۾ کيس ميار ڏني آهي ته ”اوهان کي
بنگلو ۽ ڪار کپندي هئي،جا مون وٽ ڪانه هئي.“ پر
انهيءَ احساس کان پوءِ به هو کيس وساري ڪونه
سگهيو. مون هڪ دفعو اها خاتون ڏٺي هئي. شڪل صورت
جي پوري پني هئي. منجهس ڪا به خاص جاذبيت ڪانه
هئي. پر، ننڍپڻ وارين رسم وراهه جي ڪري هوءَ سڄي
عمر اياز جي ذهن تي ڇانيل رهي. ٻنهي جون شاديون ٿي
ويون ۽ دنيائون ڌار ٿي ويون. پر، پوءِ به اياز جي
شعر ۾، محترمه روشن هميشه وانگر روشن رهي.
مون صبح جي هير کي ساجهر ڏنا تولئه سلامَ
مون کي پل پل پورَ تنهنجي پيار جا
7. شيخ عبدالرزاق جو ڪتابي سلسلو ”حبيب پبلڪيشن“
بند ٿي ويو. ڪجهه عرصو واندو ويٺو هو. بنيادي طرح
بزنيس مئن ڪونه هو. اديب ۽ شاعر هو. سو، کيس آماده
ڪيم ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ واري سنڌي ترقي پسند
ادب ۽ خاص طرح انهيءَ زماني واريءَ ”ساهت (ادبي)
سنگت“ جو احوال لکي ڏئي. هن ”هائو“ ڪئي ۽ ڪجهه
قسطون به لکي ڏنائين. جي مون ماهنامي ”نئين زندگي“
۾ ڀايان ٿو ته سنه 1956 ۾ ڇاپيون. ان زماني ۾
رسالي جي ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جو معاون
هئس. ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هئس ۽ سنڌي ادبي سنگت
ڪراچيءَ جو سرگرم ڪارڪن هئس. سو، پاڪستان کان اڳ
واريءَ ادبي (ساهت) سنگت جي معلومات ۾ دلچسپي هيم.
شيخ عبدالرزاق راز کان وڌيڪ، شيخ اياز سان، گهري
گهاٽي سنگت هيم. پر، هن ڪڏهن به پاڪستان کان اڳ
وارن پنهنجن ادبي ساٿين جي باري ۾ ڪا ڳالهه ئي
ڪانه ڪئي ۽ نه وري اڳوڻيءَ ”ادبي (ساهت) سنگت“ جو
ڪو ذڪر ڪيو.
8. گوبند مالهيءَ جي ڪتابَ ”سنڌڙي منهنجي جندڙي“
۾ انهيءَ زماني وارين ميٺا رام هاسٽل جي ادبي
گڏجاڻين جي مختصر احوال سان گڏ، تڏهوڪيءَ ادبي
سنگت بابت هيءَ معلومات به ڏنل آهي. ”نئين دنيا“
ماهوار مخزن جاري ٿي. اها پهريائين فلمي ۽ پوءِ
ساهتيڪ (ادبي) وڌيڪ رهي. ان جي ارد گرد ساهتڪارن
جو مجموعو به جڙي مڙي ويو. سنڌي ساهتڪارن جي جماعت
بندي به ٿي. سنڌي ادبي سنگت به جڙي، جنهن جو
پريزيڊنٽ آسانند متورا ۽ جنرل سيڪريٽري مان
چونڊيس. جوائنٽ سيڪريٽري بهاري ڇاٻريا يا شيخ اياز
چونڊيو ويو. اڳتي هلي لکيو اٿس: سنڌ ۾ ”ادبي سنگت
جي ميڙ لاءِ ٽن مترن شيخ اياز، بهاريءَ ۽ مون دعوت
ناما ڪڍيا هئا“.
ڪنهن به مقصد جي حاصلات لاءِ، ماڻهن جو هجوم ڪافي
ناهي. هجوم ۾ باصلاحيت ڪارڪنن جي تنظيم کي وڏي
اهميت هوندي آهي. 1930ع واري ڏهاڪي ۾ روشن فڪر ۽
صحتمند ادب کي فروغ ڏيارڻ لاءِ ترقي پسند سنڌي
ساهتڪارن جو چڱو هجوم ته گڏ ٿي ويو هو. پر تنظيم
جي ضرورت هئي. سو، گوبند مالهيءَ جي بيان ته
”ساهتڪارن جي جماعت بندي به ٿي وئي ۽ سنڌي ادبي
سنگت به جڙي وئي“ کي وڏي اهميت حاصل آهي.
مسلم ليگ سنڌ ۾ اڳي ڪمزور هوندي هئي. پر، ”مسجد
منزل گاهه“ وارن فسادن کان پوءِ، سنڌ ۾ به پنهنجا
پير پختا ڪيا. ان جي اڳواڻي سائين جي. ايم. سيد
ڪري رهيو هو. هونئن، پردي پٺيان اصل ماڻهو پير علي
محمد راشدي هو. منزل گاهه وارن فسادن کان پوءِ سنڌ
جي هندن ۽ مسلمانن ۾ اڳوڻي محبت ۽ ڀائيچارو ڪونه
رهيو هو. سائين جي. ايم. سيد سڄي هندستان ۾ سڀ کان
اول سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ“ پاس ڪرايو
هو. هندو- مسلم سياست جو طوفان هر هنڌ ڇائنجي ويو
هو. هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڪستان جي نعري جو
پڙاڏو هو. آخر ۾ ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن تي به ان
جو پاڇو پيو. هنن، هندستان کي ورهائڻ ۽ پاڪستان
ٺاهڻ جي مطالبي جي غيرمشروط حمايت ڪئي. سو، ملڪ جي
هن مجموعي ماحول ۾ جيڪڏهن ”سنڌي ساهت (ادبي)
سنگت“ڪراچي سنڌي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن ڪراچيءَ
جي ادبي سنگت جون شاخون سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪونه
کوليون، يا خود ڪراچي ادبي سنگت جي جوڙجڪ،
ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۽ جنرل باڊيءَ جي ميمبرن جا
نالا ۽ ٻيو احوال ڪونه لکيو، ته ملڪ جي تڏهوڪيءَ
مجموعي پس منظر ۾ ۽ اڄ به اها ماجرا آسانيءَ سان
سمجهي سگهجي ٿي.
14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهيو. ليڪن، انگريزن کان
آزاديءَ جي خوشي ورهاڱي جي فسادن جي نذر ٿي وئي.
اوڀر پنجاب ۾ سکن مسلمان عورتن جون عصمتون لٽيون ۽
ٻار ۽ ٻڍا قتل ڪيا، زخمي ماڻهن سان ڀريل ريل
گاڏيون سرحد پار ڪري پهتيون، ته زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ
وارو ڪم ٿيو.
لاهور ۾، سر مراتب علي شاهه جي خاندانَ جو وڏو اثر
۽ رسوخ تڏهن به هو ۽ اڃا به آهي. پاڪستان جي
ٻاويهن امير ترين خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو. (مرحوم)
سر مراتب علي شاهه جي وچين فرزند سيد واجد علي
شاهه کي اداره ثقافت اسلاميه لاءِ مون مرڪزي حڪومت
کان مدد وٺي ڏني ته کيس مون سان محبت ٿي وئي ۽
اداري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر مقرر ڪيائين.
پاڻ چيئرمن هو. جوانيءَ ۾ سياست ۾ به پير هوندو
هئس. قائداعظم ۽ لياقت علي خان ٻنهي کي ويجهو هو.
ڪڏهن ڪڏهن گذريل ڏينهن جون ڳالهيون ڪندو هو. اداري
ثقافت اسلاميه جي ميٽنگن ۾ سندن ڳالهيون ڪندو هو.
هڪ دفعي چيائين ته ”ڪير ٿو چوي ته قائداعظم زيارت
۾ رحلت ڪئي؟“
سڀني ميمبرن حيران ٿي چيس ته ”اسان ته ائين ئي ٻڌو
آهي.“
تڏهن پاڻ چيائين ته ”جڏهن ورهاڱي وقت مشرقي پنجاب
جا مهاجر لاهور پهتا، ته قائد مون کي چيو ته مان
مهاجرن جي ڪئمپ هلڻ گهران ٿو. پاڻ مون وٽ ئي ٽڪيل
هو. مون کي ساڻ وٺي ڪئمپ ڏسڻ هليو. سکن مسلمان
مهاجرن سان ڪي عقوبتون ڪيون هيون! هنن خوبصورت
مسلم خواتين سان وري وري زوريءَ زنا ڪئي هئي ۽
وچوليءَ عمر جون زالون پنهنجن ڳوٺن ۽ گهرن ۾
نوڪرياڻين وانگر ڪم ڪار لاءِ ريل گاڏين مان کڻي
هليا ويا. وڏيءَ عمر جون عورتون ڪُلُ ڪهي ويا. ڪن
عورتن جا مرد قتل ٿي ويا هئا. ڪن مردن ۽ عورتن جا
ٻار گم هئا. هر طرف آه و زاري هئي.
سيد واجد علي شاهه چيو ته ”قائد اهو دردناڪ منظر
ڏسي، مون سان گڏ گهر موٽيو، ته مون محسوس ڪيو ته
سندس روح پرواز ڪري ويو هو. ان کان پوءِ واري عرصي
۾ لاهور کان ڪراچيءَ ۽ اتان کان زيارت تائين، هر
هنڌ فقط سندس جسم گهلبو رهيو.“
سيد واجد علي شاهه جي ڳالهه ٻڌي، مون کي ورهاڱي
وارن فسادن تي امرتا پريتم جا اشعار ياد آيا:
اج آکھاں وارث
شاہ نُوں کِنون
قبراں وِچّوںِ
بول
تے اج
کِتاب عشق دا کوئی اگلا
ورقا پھول
اِک روئی سی دِھی پنجاب
دی،
تُوں لکھ
لکھ مارےوَین
اَج لکھاں دِھیّاں روندیاں،
تنیوں وارث
شاہ نُوں کہن
اُٹھ
دردمنداں دیا
دردیا،
اُٹھ
تک اپنا پنجاب
اَج بیلے لاشاںوِچّہیاں تے لہُو
دِی بھری چناب
کِسے نے پنجاں پانیاں وِچ
دِتی زہر
رَلا
تے اوہناں پانیاں دھرت
نُوں دِتا
پانی لا
زرخیز
زمین
دے لوں لوں پُٹھیاں زہر
گِٹھ
گِٹھ
چڑھیاں لالیاں پُھٹ پُھٹ چڑھیا
قہر
دِہ ولسی دا
پھیر
وَن وَن وَگی جا
اوہنے ہر
اٍِک وانس
دی ونجھلی دِتَی بنا
ناگاں کِیلے لوک
مُنہّ بِس پھر ڈنگ
ہی ڈنگ
پلو پلی پنجاب
دے نیلے پَے گئے انگ
کلیوں ٹّٹے گیت
پِھر ترکّلیوں ٹٹی تند
ترنجنوں ٹُٹیاں سہیلیاں چڑخڑے گھوکر
بند
سنے سیج
دے بیڑیاں لڈّھن
دِتَیاں روہڑھ
سنے ڈالیاں پینگھ
اَج پِپلاں دِتَی توڑ
جِتّھے وجدی پھُوک
پیار
دی اوہ
ونجھلی گئی گواچ
رانجھے دے سب
ویر
اَج بُھل گئے اس
دی جاچ
دھرتی تے لہُو
وّسیا
قبراں پّیاں چون
پریت
دیاں شہزادیاں اَج
وِچ مزاراں رون
اَج سبّھے کیدو
بن گئے حُسن
عِشق دے چور
اَج کِتّھوں لیایئے لبھ
کے وارث
شاہ اِک ہور
اَج آکھا وارث شاہ نُوں کِتوں قبراں وِچّوں بول
تے اَج
کِتابِ عِشق دا کوئی اگلا
ورقا پھول
عام تاثر اهو آهي ته ورهاڱي وقت، فسادن لاءِ
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جوابدار جماعتون هيون. پر،
پوري حقيقت، شايد ائين ڪانهي. ڳالهه جي تهه تائين
پهچڻ لاءِ معلومات جا بنيادي ذريعا مطالع ڪرڻ
ضروري آهن. ابو الڪلام مسلمان هو ۽ ڪانگريس جو وڏو
ليڊر هو. هن انگريزن کان آزاديءَ جو احوالُ،
انگريزيءَ ۾ INDIA
WINS FREEDOM جي
نالي پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هونئن انهيءَ موضوع
تي ٻيا به ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن. ليڪن، سندس
ڪتاب تمام اهم آهي. ان جو پهريون ڇاپو جنوري 1959ع
۾ شايع ٿيو هو. مون به ان وقت ورتو هو ۽ پڙهي پورو
ڪرڻ کان اڳ، ان کي ڇڏي، ٻئي ڪنهن به ڪتاب کي هٿ
لائي ڪونه سگهيس.
ابوالڪلام وڏو انسان ۽ اعلى اڳواڻ هو. هندستان جي
پارليامينٽ اجلاس ۾، جڏهن چاءِ پيئڻ لاءِ عارضي
وقفو ٿيندو هو ته پاڻ ۽ جواهر لعل نهرو پارليامينٽ
هائوس جي ورانڊي ۾ چهل قدمي ڪندا هئا ۽ اجلاس ۾
زير بحث مسئلن بابت صلاح ۽ مشورو ڪندا هئا. چهل
قدمي ڪندي، هندستان جو وزيراعظم پنڊت نهرو، مولانا
جي احترام ۾ هميشه کانئن ٻه قدم پويان هلندو هو.
سندس ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پهرئين ڇاپي کان مهينو
پوءِ شايع ٿيو. ٽيون ڇاپو ٻه مهينا پوءِ شايع ٿيو.
چوٿون ڇاپو سن 1960ع ۾ شايع ٿيو. پنجون آگسٽ سن
1964ع ۾ نڪتو. ڇهون ڇاپو جولاءِ 1967ع ۾ نڪتو.
اٺون ڇاپو سيپٽمبر 1972ع ۾ نڪتو، نائون ڇاپو جون
1975ع ۾ نڪتو، ڏهون ڇاپو آڪٽوبر 1976ع ۾ نڪتو،
يارهون ڇاپو جولاءِ 1978ع ۾ نڪتو، ٻارهون ڇاپو
آگسٽ 1984ع ۾ نڪتو. تيرهون ڇاپو آگسٽ 1986ع ۾
نڪتو.
ڪتاب جا نَوَ وڌيڪ ڇاپا هندستان ۾ شايع ٿيا، ليڪن،
ڪن رڪاوٽن سبب ڪجهه وقت، لڪيل رهيا. پر، ڪتاب جي
ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ايتري ته گهُرَ هئي، جو جون
1988ع ۾ هڪ RE-PRINT به
شايع ٿيو.
آمريڪا ۾ ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1960ع ۾ نيويارڪ ۾
نڪتو ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب جا اردو، فارسي ۽ روسي زبان ۾ ترجما شايع ٿيا
آهن. اردو زبان ۾ مڪمل ۽ معياري ترجمو ابو سلمان
شاهجهانپوريءَ جي ترتيب، تدوين ۽ حاشيءَ سان،
پاڪستان ۾ سنه 1991ع ۾ ”مڪي دار الڪتب“ 32 ميڪيگن
روڊ، لاهور، شايع ڪيو آهي. |