”اي پيغمبر خدا جا! پهرين آئون خدا تي ايمان رکي ۽
ان جي ذات تي ڀروسو رکندي سال ۾ ٻه داڻا کائيندي
هيس. پر هاڻ جيئن ته آئون هڪ انسان جي هٿ وس
آهيان، سو ڪهڙي خبر ته مونکي سال کان پوءِ ڇڏي يا
ٻن سالن بعد. انڪري مون کي هڪ داڻو ٻئي سال لاءِ
رکي ڇڏيو.“
حضرت عيسى عليه اسلام
ماڪوڙيءَ جي ڳالهه ٻڌي الله جي درٻار مان دعا
گهري: ”منهنجا مولا! ڏينهن قيامت تائين انسان کي
رزق تون ئي پهچائجانءِ. جيڪڏهن هيءَ ذميواري تون
ڪنهن انسان کي ڏني ته ماڻهو بک مري ويندا.“)
·
کٽيو کائي فقير، ڌڪ جهلي ڀولي.
·
(ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ مار ڀولڙيءَ کي ملي ٿي. پر پئسا
فقير کي ملن ٿا)
·
مُنهن به پنهنجو، موچڙو به پنهنجو.
·
پرائي آس ڪني جي لاس.
·
جيسين ڍائو مٿو کنهي، تيسين بکئي جو وڃي سِرُ.
·
تِر جي گٿي سؤ چوٽون کائي.
(ڪڏهن ڪڏهن انسان جي معمولي غلطي هن کي وڏي تڪليف
۾ وجهيو ڇڏي ۽ پير جي ترڪڻ کان جيڪڏهن زبان جو
ترڪڻ آهي ته اها ٻيڻي مصيبت. ان ڪري چوندا آهن ته
جيڪي به ڳالهائجي سوچي سمجهي ڳالهائجي.
زبان ڏندن کي چيو: ”توهان جيڪي به کائو ته ڌيان
سان کائو. ڪٿي ائين نه ٿئي ته مرچ توهان چٻاڙيو
تڪليف مون کي کڻڻي پوي.“
ان تي ڏندن وراڻيو: ”مائي تون به خدا جي واسطي هر
هڪ سان سٺي نموني سان ڳالهائيندي ڪر. ائين نه ٿئي
جو تنهنجي غلطيءَ جي سزا اسان کي ڀوڳڻي پوي ۽
ٻٽيهه ڏند وات کان ٻاهر اچي ڦهڪو ڪن، ٺونشن لڳڻ
تي“)
·
ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.
·
جڳ مڙوئي جوا بازي، ڪن کٽي ڪن هارائي.
·
سن ڳولي سن کي.
(هر هڪ پنهنجي هم عمر کي ڳولي ياري دوستي رکي ٿو.
جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
·
(Birds of same feather fly together.
·
نڀاڳي مڱڻهار کي گهور مهل ٽورو لڳي.
·
ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌو ڀلو.
·
پڇڻا نه منجهڻا
(پڇڻ وارو ڪڏهن به نٿو ڀلجي پوءِ چاهي رستي ۽ راهه
جي ڳالهه هجي يا علم ادب جي. سياڻن جو چوڻ آهي ته
ٻار ۾ ننڍي هوندي کان پڇڻ جي عادت وجهجي جيئن هن
جي ناليج (معلومات) وڌي. پر سوال اهو آهي ته
معلومات به تڏهن وڌندي جڏهن هن کي صحيح جواب
ملندو. پر جي ماءُ پيءُ يا استاد پاڻ ئي ڏڏ هوندو
ته ٻئي کي ڇا ناليج مهيا ڪندو.
هڪ ٻار پنهنجي پيءُ کان پڇيو: ”بابا! مينهن ڪيئن
ٿو پوي؟“ پيءُ، ”پٽ
مون کي خبر ناهي.“
پٽ:
”ڀلا بابا راڪيٽ چنڊ تي ڪيئن ٿو پهچي؟“
پٽ: ”ڀلا بابا........ چڱو ٺهيو........ ڪونه ٿو
پڇان.“
پيءُ: ”پُڇُ. پٽ! پڇ. نه پڇندين ته ناليج ڪيئن
وڌندئي.“)
·
سينڍ ۾ مارئي ڳائڻ.
(ڍڪيل لڪيل لفظن ۾ ڪنهن ڳالهه جو اظهار ڪرڻ)
·
سڀڪا ٻڪري پنهنجي ڦاهي ٽنگبي آهي.
·
ٻانهي ٿي ڪمائجي، بيبي ٿي کائجي.
(جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته:
·
(Serve like a slave, Live like a lord.
·
ٻڏي ٻيڙيءَ جون هريڙون ئي ڀليون.
(اڻهوند کان وري به ڪجهه هئڻ ڀلو. جيئن اڙدو ۾
چوڻي آهي ته بهاگتي چور کي لنگوٽ هي سهي)
·
ننڊ موت جي ڀيڻ آهي.
(ننڊ موت جي ڀيڻ آهي يا ڀاڄائي پر ننڊ بعد انسان
مئن برابر ٿيو وڃي. سخت سرديءَ جي موسم هئي. ماڻهو
گهرن ۾ آرام سان ستا پيا هئا.
هڪ بادشاهه ڪنهن ضروري ڪم سان ٻاهر نڪتو ۽ هڪ
هنڌان لنگهيو ته هن کي هڪ فقير تنور (کوري) جي
ويجهو ستل نظر آيو. ههڙي سيءَ ۾ فقير کي ائين ٻاهر
سمهندو ڏسي، بادشاهه کي تعجب لڳو. پر ڪم جي
مصروفيت ۾ کائنس، فقير جي ٻاهر سمهڻ واري ڳالهه
وسري وئي. جڏهن صبح ٿيو ته بادشاهه کي فقير جي
ڳالهه ياد آئي ۽ نوڪر موڪلي هن فقير کي سڏرايو.
جڏهن فقير درٻار ۾ حاضر ٿيو ته بادشاهه پڇيس:
”رات سيءَ ۾ توکي تنور ڀرسان ستل ڏٺم. ٻڌاءِ ته
ههڙي سيءَ ۾ تو رات ڪيئن گذاري؟“
فقير بنان ڊپ ڊاءِ جي جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت!
اڌ رات تو وانگر گذاريم ۽ اڌ رات توکان بهتر نموني
سان.“
بادشاهه اهو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ چيو: ”منهنجي
سمجهه ۾ تنهنجي ڳالهه نه آئي. ذرا کولي ٻڌاءِ.“
فقير وارڻيو: ”اڌ رات تائين تنور گرم رهيو ۽ ان جي
گرمائش ۾ مون کي ننڊ اچي وئي ۽ پوءِ سمهڻ بعد ڇا
بادشاهه ڇا فقير سڀ هڪجهڙا ٿيو وڃن. سو اهڙي طرح
اڌ رات تو وانگر گذاريم. پوءِ جڏهن تنور ٿڌو ٿيو ۽
سيءَ جي ڪري ننڊ نه آئي ته آئون خدا جي عبادت ۾
مشغول ٿي ويس. اهڙيءَ طرح رات جو باقي حصو مون
توکان بهتر نموني ۾ گذاريو.“
·
ٻڪريءَ جي ماءُ ڪيستائين خير گهرندي.
·
نار وهي
نه
وهي، وٺ رينگٽ کي.
·
وعدو ڪجي ته پاڙجي.
(۽ ڪي ڪي واعدا پاڙڻ ۾ ماڻهن کي تمام گهڻي خوشي
ٿئي ٿي. هڪ صاحب کي ٽپال رستي خط مليو، جنهن ۾
لکيل هو: ”جيڪڏهن تو ٽن ڏينهن اندر پنجويهه هزار
رپيا فلاڻي هنڌ نه پهچايا ته، اسين تنهنجي زال کي
اغوا ڪري وينداسين.“
صاحب هڪدم ورندڙ ٽپال ۾ جواب لکي موڪليو: ”مونکي
افسوس آهي ته آئون توهان جو مطالبو پورو ڪري نٿو
سگهان پر مون کي يقين آهي ته توهان پنهنجو وعدو
ضرور پاڙيندا.“)
·
نقل لاءِ به عقل کپي.
(نقل يعني ڪاپي ڪرڻ يا ٻئي جهڙي شيءِ ٺاهڻ ڪو سولو
ڪم ناهي. سٺو نقل به اهو ڪري سگهي ٿو، جنهن کي عقل
هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ريڊيو، ٽي. وي
ڪئلڪيوليٽر، ڪمپيوٽر جهڙيون شيون پهرين آمريڪن
ٺاهيون، جن تان جپانين ڪاپي ڪئي ۽ انهن کان به زور
ٿي ويا ۽ اها ڪاپي يا نقل ٻيون قومون به ڪري
سگهيون ٿي، پر جپاني عقل ۾ ٻين کان وڌيڪ آهن.
هونءَ عقل ۽ نقل ۾ گهٽ پاڪستاني به نه آهن، قصو
مشهور آهي ته آمريڪن، جپاني ۽ پاڪستاني همراهن جو
مقابلو ٿيو. آمريڪن هڪ شيشي جي سنهي لٺ ٺاهي،
جپانيءَ نه فقط اهڙي هوبهو لٺ ٺاهي پر ان ۾ سوراخ
به ڪيو. ان بعد پاڪستانيءَ اهڙي شيشيءَ جي سنهي لٺ
ٺاهي ۽ نه فقط ان ۾ سوراخ ڪيو پر ان لٺ تي
Made in japan به
لکيو)
·
اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.
(ڪيترا ماڻهو نون دوستن جي ٺهڻ تي، اڳيان دوست
وساري ڇڏين ٿا جيتوڻيڪ چوندا آهن ته ننڍپڻ جو دوست
وڌيڪ وفادار ٿئي ٿو)
پنهنجي گهوڙي جا پنڌ ۽ پنهنجي گابي جا ڏند هر مالڪ
کي ياد هوندا آهن.
(هر هڪ کي پنهنجي جانور جي اوڻاين پوڻاين جو علم
ٿئي ٿو)
·
ڏٺو پير پني مراد.
·
اَن جي پَلي گهر ۾ ڀلي، جل جي مڇي جل ۾ ڀلي.
·
چاڪريءَ ۾ آڪري ڪهڙي.
·
ننڍا ڪوئا وڏن جا ٿا ڪن ڪترين.
(اڄ ڪلهه هر مائٽ کي اها شڪايت آهي ته نئين ٽهي
وڌيڪ تيز ۽ چالاڪ آهي. اڄڪلهه جو ٻار ريڊيو، ٽي.
وي ۽ آس پاس کان ڳالهيون ٻڌي وڏن کان به هوشيار
ٿيندو وڃي ۽ وڏن سان سوال جواب ۽ بحث ڪرڻ تي مائٽ
مٿيون پهاڪو ئي ڏين ٿا ته ننڊا ڪوئا وڏن جا ٿا ڪن
ڪترين. يعني وڏن کي به چپ ڪرايو ڇڏين.
هڪ ننڍڙي ٻار پهرين ڏينهن اسڪول مان موٽڻ تي
پنهنجي ماءُ کان پڇيو:
”امان! بابا ڪيئن پيدا ٿيو؟“
هاڻ ماءُ ننڍي ٻار کي ان سوال
جو
ڪهڙو جواب ڏئي. ٿوري دير سوچي چيائين:
”ان کي ٻگهه پکي اڱڻ ۾ ڇڏي ويو.“
”ڀلا تون ڪيئن پيدا ٿئين؟“ ٻار پڇيو.
”مونکي به ٻگهه پکي اڱڻ ۾ ڇڏي ويو.“ ماءُ وراڻيو.
”ڀلا ادو؟“
”ان کي به ٻگهه پکي ڇڏي ويو.“ ماءُ وراڻيو.
”ڀلا، آئون ڪيئن ڄايس.
توکي به ٻگهه پکي ڇڏي ويو.“ ماءُ وراڻيو.
”ڪمال آهي“ ٻار تعجب مان چيو، ”يا
هن گهر ۾ ڪنهن به نارمل
برٿ
نه ورتو آهي؟!“
·
دانگي ڀڃي ڪتي جي ذات پرکڻ.
(نقصان سهي ٻئي جي لياقت پرکڻ)
·
چاڪرن اڳيان چُوڪر ۽ ڇوڪرن اڳيان چل ڪسته ء زن.
·
خير ڪندي هٿ سڙن ته سڙڻ ڏين.
·
چڪني مٽ تي بوند به نٿي ٽڪي.
·
شينهن جنگل جو بادشاهه آهي.
(سائين بلڪل هوندو. ڏاڍو مڙس جو ٿيو. هونءَ ته
اسان جا ڪيترا سياستدان به شينهن ٿي پيا آهن. ڪي
سنڌ جا ڪي پنجاب ته ڪي سرحد ۽ پاڪسان جا. بهرحال
جنگل جو بادشاهه شينهن جانور ئي آهي)
هڪ شينهن جنگل ۾ هر جانور کان اهو پڇندو رهيو:
”ٻڌايو ته جنگل جو بادشاهه ڪير آهي؟“
سڀني جانورن ڊڄي اهو جواب ٿي ڏنو:
”سائين منهنجا توهين ته آهيو.“
هن هڪ هاٿيءَ کان به اهو سوال ڪيو.
”ٻڌاءِ ته جنگل جو بادشاهه ڪير آهي؟“
ان بي ڍنگي سوال تي هاٿيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن
پنهنجي سونڍ شينهن جي چوڌاري ويڙهي کڻي پٽ تي
هنيس. شينهن سور کان ڪنجهندو اٿيو ۽ چيو:
”ڀائي! جيڪڏهن توکي منهنجي سوال جو جواب معلوم
ناهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته تون مون سان
بدتميزي ڪرين.“
·
چاڪيءَ جي ڏاند کي گهر ۾ ئي ڪوهه پنجاهه.
(هو سڄو ڏينهن گهر ۾ ئي هلي ٿو)
·
چڻن سان گڏ گُهڻا
به پيسجي ويندا آهن.
(جيئن چوندا آهن ته سڪن سان گڏ آلا به ٻري ويندا
آهن. يعني ڏوهن سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن بي گناهه به ڦاسي
چڙهندا آهن)
·
ڦُرئي واڻئي واريون دانهون ڪرڻ.
(ڦر ٿيڻ تي نه فقط واڻيو پر هر ڪو دانهون ڪري ٿو.
بشرطيڪه هن جي چڱي ملڪيت يا مال لٽجي ويو هجي. پر
ڪي ماڻهو مال ملڪيت نه وڃڻ تي به دانهون ڪن ٿا.
هڪ ماڻهو منهن مٿو پٽيندو ڊوڙي رهيو هو ۽ هن کي
جهلڻ لاءِ پٺيان ٻيو ڄڻو رڙيون ڪري رهيو هو: ”اڙي
وارو ڪريو، جهليوس. ڀڄيو پيو وڃي.“
اڳيون ڀڄندڙ تکي ڊوڙ پائي، وڃي چونڪ ۾ پهتو جتان
لنگهندڙ بس ۾ چڙهي غائب ٿي ويو. پٺيان رهجي ويل
همراهه جي چوڌاري ماڻهو اچي گڏ ٿيا. کيس تسلي ڏئي
پڇڻ لڳا:
”ڇا ٿيو سائين، هو توهان جو ٻٽون کڻي ويو؟“
”نه بابا.“
”ڪجهه ٻيو ڦري ويا.“
”نه مٺا.“
”توهان جي گهر مان چوري ڪري ويو.“
”نه سڄڻ.“
”ته
پوءِ هن جي ڪڍ ڇو ڊوڙي رهيو هئين؟“
”مار پويس! نڀاڳي ٽئي غزل مون کي ٻڌائي ڇڏيا ۽ هاڻ
جڏهن منهنجو ڪلام ٻڌائڻ جو وارو آيو ته ٻڌڻ بنان
ڀڄي ويو، بي ايمان ڪنهن جاءِ جو.“)
·
هاٿي ڏٻرو تڏهن به سوا لک جو.
·
چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک.
(چور ماڻهوءَ جو پاڻهي ظاهر ٿيڻ. پر ضروري ناهي ته
هر چوريءَ ۾ چور ظاهر ٿي پوي. هڪ وڏن ماڻهن جي ڊنر
هلي رهي هئي، جنهن ۾ ميزبان عورت پنهنجي نئين ورتل
منڊي آيل مهمان کي ڏيکاري. ڏسندي ڏسندي اها غائب
ٿي وئي. ميزبان عورت چيو: ”توهان سڀ معزز مهمان
آهيو، ڪنهن تي به چوريءَ جو شڪ نٿا ڪري سگهون.
هيئن ڪريون ٿا ته چانديءَ جو وٽو ٽيبل جي وچ تي
رکي بتي وسائي ڇڏيون ٿا. ٿي سگهي ٿو ڪنهن وٽ ڀل ۾
اها منڊي هلي وئي هجي. بهرحال جنهن وٽ به هجي ته
هو اها منڊي هن وٽي ۾ وجهي.
ٻن ٽن منٽن لاءِ بتيون بند ڪري گُگهه اونداهه ڪئي
وئي، ان بعد جهڙي بتي ٻاريائون ته چانديءَ جو وٽو
به غائب هو)
·
دمڙيءَ جي دال، بُئا ڇڊي نه ڪجانءِ.
(اجائي پڪائي نه ڪجانءِ. هڪ اهڙي ئي بئا پوڙهي
مائي جيڪا بيحد ڪنجوس هئي، هڪ پلاسٽڪ سرجن کان
پڇيو: ”منهنجي منهن کي بدلائڻ (چمڙي ڇڪائڻ) يعني
جوان ڪرڻ جا گهڻا پئسا وٺندائو؟“
”پنجويهه هزار رپيا.“
”ايترا گهڻا. توهان ڊاڪٽر ته نه آهيو، ڊاڪو آهيو.
ڪجهه گهٽ پئسن ۾ بندوبست ٿي سگهندو؟“ پوڙهي عورت
رڙ ڪري پڇيو.
”ماسي ان کان بهتر آهي ته توهان برقعو کڻي پايو.“
سرجري جي ماهر اطمينان سان چيو.
·
دمڙيءَ جي دال ٽي وقت چاڙهڻ.
(وڏي قناعت ڪرڻ).
·
رڍن جي لت ڀيڏيءَ تائين.
·
جاڏي قدم شريف، نه ربيع نه خريف.
(نه ربيع نه خريف معنى نڀاڳو هئڻ، ڪوبه فائدو نه
ٿيڻ)
·
حلوائيءَ جو دڪان ۽ ڏاڏي سائينءَ جو ختمو.
(پراڻي مال تي دل کولي سخاوت ڪرڻ)
·
پراڻي مال تي ٽوپي نراڙ تي.
(ٻئي جي مال تي لئه ڪري هلڻ)
·
مرد جي دل ۽ درياهه تي ڪهڙو ويساهه.
·
جيئري مک کي ڳهڻ ڏکيو ڪم.
·
جهڙو هجي ديس تهڙو ڪجي ويس.
·
هيسيل ٻلي ڪوئن کان ڪن ڪترائي.
·
اچي لکڻ نه پڙهڻ، پر نالو محمد فاضل.
·
مفت جو شراب قاضيءَ کي به حلال.
·
سوڙ آهر پير ڊيگهارجن.
(يعني جيتري حيثيت هجي، اوترو ئي خرچ ڪجي. يا
جيترو وت هجي اوتري پهلواني ڏيکارجي)
هڪ شخص پاڙي وارن کي تپائي رکيو هو. ڪڏهن ڪنهن جي
چوري ڪيائين ٿي ته ڪڏهن ڪنهن جي. آخر هڪ ڏينهن
جهلجي پيو. عدالت ۾ جج فيصلو ڪرڻ کان اڳ پڇيس ته
ڪيترو ڏنڊ وجهانءِ. چور هٿ ادب جا ٻڌي چيو:
”سائين خبر اٿانوَ ته بيروزگار آهيان. پنهنجي
ڪمائيءَ جو ڪوبه ذريعو نه اٿم. انڪري ڏنڊ اوترو
وجهو جيتري جي پاڙي وارا دٻ جهلي
سگهن.“)
·
حاتم جي قبر تي لت هڻڻ.
(گهٽ ڏئي، وڏي لٻاڙ هڻڻ)
·
جي روح ڏئي ريلو، ته وطن هڪ وک ٿئي.
·
اٽو، چئي گهوٻاٽو.
(هڪ بدران ٻي ڳالهه چوڻ يا ڪرڻ)
هڪ زميندار جي ڍڳي چوري ٿي وئي. نوڪر کي موڪليائين
ته وڃي رپورٽ لکائي اچ.
نوڪر پڇيو: ”صوبيدار کي ڇا چوان؟“
زميندار چيس: ”ٻڌائينس ته رات جا ٻارنهن وڄي رهيا
هئا. تارا چمڪي رهيا هئا. ڪتا ڀونڪي رهيا هئا. ان
وقت چور ڀت ٽپي ڍڳي کڻي ڀڄي ويا.“
نوڪر سڄي واٽ اهو جملو ورجائيندو ويو. ٿاڻي تي
پهچڻ تي جڏهن صوبيدار پڇيس ته چيائين:
”ڏينهن جا ٻارهن وڄي رهيا هئا. ڪتا چمڪي رهيا هئا.
تارا ڀونڪي رهيا هئا. ان وقت چور ڍڳي ٽپي ڀت کڻي
ڀڄي ويا.“)
·
رسي سڙي وئي پر وڪڙ نه ويو.
·
آيو رمضان ڀڳو شيطان.
·
دل جو گهاءُ، هڪ راڻي ڄاڻي ته ٻيو راءُ.
·
ادي جي گهر مهمان، منهنجي دل کي نڪي لهر نڪي لوڏو.
·
ڏڌل کير وري ٿڻين نه پوي.
(يا ڇٽل تير وري موٽي نه اچي. ڪيتريون شيون هڪ
دفعو وڃڻ بعد مشڪل سان ئي موٽن ٿيون. وڃايل شيءِ
جو افسوس نه ڪجي ۽ دل کي ٿي سگهي ته وندرائي ڇڏجي.
مُلان نصير الدين وانگر، جيڪو هڪ هٿ ۾ جيرانڊي ۽
ٻئي هٿ ۾ ان کي رڌڻ جي ترڪيب کڻي گهر پئي ويو ته
رستي تي هڪ سرڻ لامارو هڻي کانئس جيرانڊي کسي وئي.
ملان زور زور سان کلڻ لڳو. ڪنهن چيس: ”ملان هن ۾
کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
وراڻيائين: ”ان تان پيو کلان ته بيوقوف سرڻ
جيرانڊي ته ڦري وئي پر پچائيندي ڪيئن؟ رڌڻ جي
ترڪيب ته مون وٽ رهجي ويس.“)
·
ڪوبه ڄمندي ڄام نٿو ٿئي.
·
پرايو ٻار ٽڪو ڏئي به کارجي.
·
رڍ جي پڇ ۾ چنڀڙڻ مان ڇا هڙ حاصل.
(ڪمزور ۽ ڪم ظرف ماڻهوءَ تي ڀروسو ڪرڻ مان ڪهڙو
فائدو؟)
·
ڏنو ٻنو آهي.
·
ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ٿئي ٿو.
·
رت دانگيءَ تي به وري ٿو.
(پنهنجي لاءِ هر هڪ کي قياس ٿئي ٿو)
·
سخي ۽ شوم جو ٻارهين مهيني حساب ساڳيو.
·
ڏاڙهي جنهين جي پيٽ ۾، سي پتڻ پهرين پهچن.
(ڏاڙهي پيٽ ۾ هئڻ معنى ننڍي عمر ۾ سياڻو هئڻ)
·
اٽو ٻڌي پٺيان پوڻ.
(لاهي پاهي ڪم کي لڳڻ)
·
تيليءَ مان ٿنڀ ٺاهڻ.
(ننڍي ڳالهه کي وڏو ڪري پيش ڪرڻ. تيليءَ مان ٿنڀ
ٺاهڻ وارا به ڪئين ماهر پيا آهن، جيڪي پرائي جي
معمولي خراب ڳالهه کي هيڪاندو گهڻو خراب ڪري پيش
ڪن ۽ پنهنجي هر ڳالهه جي واکاڻ ۽ تعريف ڪن.
لنڊن کان موٽيل هڪ صاحب کان پڇيو ويو ته جناب
توهان لنڊن ۾ ڇا ڪندا هئا؟
موصوف جواب ڏنو: ”آئون اتي ريسرچ آفيسر هيس.“
سوال ڪرڻ وارو بيحد پريشان ٿيو ۽ چيو: ”توهان ته
بلڪل نج ڄٽ هئا، هڪ اکر به پڙهڻ نٿي آيو. اتي
توهان کي ريسرچ آفيسر طور ڪيئن رکيائون؟“
وراڻيائين: ”آئون دراصل پٽاٽن تي ريسرچ ڪندو هيس.“
ان تي پڇڻ واري وري پڇيس: ”اهو ڀلا ڪيئن؟ پٽاٽن تي
ريسرچ ڪرڻ لاءِ به ته ايگريڪلچر (زراعت) ۾ ڊگري
هجڻ ضروري آهي.“
اهو ٻڌي لنڊن کان موٽيل صاحب جواب ڏنو: ”ڳالهه
دراصل هيءَ آهي ته اتي هڪ ڀاڄيءَ جو دڪان هو جتي
آئون وڏا پٽاٽا چونڊي هڪ ڇٻيءَ ۾ وجهندو هوس ۽
ننڍا پٽاٽا ٻيءَ ڇٻيءَ ۾)
·
گهڻي پڇ پڇ ڪرڻ چرين جو ڪم آهي.
(خبر ناهي چرين جو ڪم آهي يا نه پر فيلسوفن جو
ضرور آهي)
هڪ فيلسوف بازار مان لنگهي رهيو هو ته چاڪيءَ جي
گهاڻي تي هن کي ڍڳو نظر آيو، جنهن جي ڳچيءَ ۾
گهنڊڻي ٻڌل هئي. هن کي گهنڊڻيءَ جو مقصد سمجهه ۾
نه آيو. گهاڻي جي مالڪ فلاسفر کي سوچ ۾ ٻڏل ڏسي
چيو:
”ڇا پيو سوچين، ڀائو؟“
فيلسوف چيو: ”گهاڻي جي چوڌاري ڍڳي جو چڪر هڻڻ ته
صحيح آهي، پر گهنڊڻي ٻڌڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“
گهاڻي جي مالڪ چيس: ”گهنڊڻي ان ڪري آهي ته جيڪڏهن
ڍڳو بيهي رهي ته گهنڊڻي به بيهي رهندي ۽ اسان
سمجهي وينداسين ۽ ڍڳي کي اچي هڪل ڪنداسين.“
فيلسوف چيو: ”تنهنجي ڳالهه صحيح آهي پر سمجهه کڻي
ته تون اندر آهين ۽ ڍڳو هڪ ئي هنڌ بيهي رڳو ويهي
ڪنڌ ڌوڻي ته پوءِ؟“
گهاڻي جي مالڪ يڪدم جواب ڏنس:
”سائين هي ڍڳو آهي ڪو فيلسوف ڪونهي.“
·
تڪڙي ڪتي
انڌا گلر ڄڻي.
·
ماڇي نه ماڻهو، ڪتو نه مال.
·
پوليس واري جي دوستي به خراب ته دشمني به خراب.
·
پئسو ته سانئڻ، ڪنگلي ته ڏانئڻ.
·
چرندي چڳ بچاءِ ته قافلي ۾ ڪم اچي.
·
سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
(اهو بلڪل صحيح آهي جيئن انگريزيءَ ۾ به چوندا آهن
ته:
·
Honesty is the best policy.
پر سائين اڄڪلهه جي دور ۾ اهڙا اهڙا ائڪٽر
سياستدان به ڏسڻ ۾ اچن ٿا جو ساڳيو ڪوڙ هر هر
ڳالهائي ماڻهن جي منهن ۾ اهڙي ڌوڙ وجهيو ڇڏين جو
هو ان کي سچ سمجهيو وهن ۽ سچ ڳالهائڻ واري کي ڪوڙو
ڪري ڀڄايو ڪڍن. پروين شاڪر جو هڪ شعر آهي ته:
·
مين سچ کهون گي مگر پهر بهي هار جاؤن گي.
·
وه جهوٽ بولي گا اور لاجواب کردي گا.
·
هٽيءَ مان هٽ يا هٽي به چٽ.
(واپار ۽ ڌنڌي ڌاڙي جي ڪاميابي ۾ قسمت جو به وڏو
هٿ آهي پر ڪي چون ٿا ته ان ۾ زال جو به هٿ رهي ٿو،
جو هر ڪامياب مرد جي پويان عورت آهي.
ٻه ساهيڙيون گهڻي عرصي بعد پاڻ ۾ مليون. هڪ چيو:
”ٻڌو اٿم ته تو هڪ لکپتيءَ سان شادي ڪئي آهي!“
”شادي ته ڪئي آهي پر لکپتي هن کي مون ڪيو آهي.“
”تو هو پهرين ڇا هو!؟“ ساهيڙيءَ حيرت مان پڇيو.
”ڪروڙ پتي.“
·
اڻائي به وئي تڻائي به وئي وري ڪپهه جي ڪپهه.
·
ملان جي ڊوڙ مسيت ڏي.
·
جنهن جي وڃجي گهر، تنهنجي ڪجي پر.
·
ٻاليتو (ٻارن وارو) نه ماليتو (مالدار).
·
لوهار جي گهر ۾ ڀڳل ٽڦڻي، ڪنڀار جي گهر ۾ دلو ڀڳل.
·
پيٽ نه هجي ته سونيون ڀتيون اڏجن.
·
جيسين پيٽ ۾ نه روٽي تيسين ڳالهه مڙيوئي کوٽي.
(ڪن انسانن جو ڪرڻ وقت به وڏو قدر ٿئي ٿو)
چرچل کان هڪ اخبار نويس عورت پڇيو: ”مسٽر چرچل
توهان کي پڪ خوشي ٿيندي هوندي ته توهان جي تقرير
ٻڌڻ لاءِ ايترا ماڻهو اچيو گڏ ٿين جو ترڇٽڻ جي
جاءِ نٿي ملي.“ |