سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رُٺي آهي گهوٽ سان

باب: --

صفحو :1

رُٺي آهي گهوٽ سان

الطاف شيخ

پنهنجي طرفان

هي پهاڪا ۽ چوڻيون گهٽ ۾ گهٽ 1965ع کان گڏ ڪندو اچان. ڪٿي ڪو پهاڪو پڙهيو يا ڪنهن کان ٻڌو ٿي ته نوٽ ڪيم ٿي. خاص ڪري پوڙهن هندو سنڌي دڪاندارن کان ڏاڍا ٻڌا اٿم. وچ ۾ ڪجهه عرصو ڇڏي به ڏنم، شايد اهي اهو دور هو جو جڏهن منهنجو جهاز بندرگاهه ۾ گهٽ بيهندو هو ۽ سمنڊ تي گهڻو هلندو هو. ان بعد ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ رهڻ دوران _ خاص ڪري جپان، چين ۽ ملائيشيا ۾، اتي جي ڳوٺاڻن کي ڳالهه ڳالهه ۾ ڪا چوڻي استعمال ڪندو ٻڌي انهن زبانن جون چوڻيون ۽ پهاڪا پڻ گڏ ڪرڻ لڳس.

جيتوڻيڪ شروع ۾ ڇپائڻ جو خيال نه هو. ائين ئي پنهنجي لاءِ گڏ ڪندو ويس پر پوءِ ملائيشيا ۾ يڪا سارا ست اٺ سال رهڻ واري دور ۾ اتي جي ملئي ادبي دوستن صلاح ڏني ته اهي پهاڪا ڇپرايا وڃن، خاص ڪري ملئي زبان جا. ڇو جو ان وقت ملائيشيا ۾ ڪوبه ملئي پهاڪن (ملئي زبان  ۾ پهاڪن کي ”پِري ڀهاسا“ Prebahasa چئجي ٿو) جو ڪتاب نه ڇپيو هو.

ملئي پهاڪن کي ڇپائڻ وقت اهو سوال پيدا ٿيو ته انهن کي ڪهڙي طرح سان ترتيب ڏنو وڃي. الفابيٽ جي حساب سان يا مختلف عنوانن هيٺ رکيو وڃي. پهاڪن جي معنى ۽ اصل نسل به ڳولي ڏنو وڃي يا نه. ان بحث ۾ سال ٻه ٻيا به نڪري ويا. آخر اتي جي (ملائيشيا جي) اديبن اها صلاح ڏني ته في الحال جيئن آهن تيئن ڇپايا وڃن. ڊڪشنرين وانگر پهاڪا به ڪنهن جي ملڪيت نه آهن. دير سان يا نه ڇپائڻ کان بهتر آهي ته جيڪي آهي اهو ڇپجي وڃي ته سٺو، پوءِ بعد ۾ ٻيا اديب ان کي سڌاريندا ۽ تبديليون آڻيندا رهن. اهڙي طرح اهو ڪتاب ”Proverbs of Far East“ جي نالي سان ڇپيو جنهن جا پيش لفظ ملائيشيا جي جهوني ۽ مشهور افسانه نگار ڪرس ماس ۽ ”Daughter of  East“ جي ليکڪا بينظير ڀٽو لکيو.

مٿيون ڪتاب نه فقط ملائيشيا ۾ جپان، چين ۽ ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ ڪافي پسند ڪيو ويو. پاڪستاني انگريزي اخبار Dawn ۽ هيرالڊ ۾ ان تي Review پڻ آيا. ان ڪتاب ۾ ملئي پهاڪن سان گڏ جپاني ۽ چيني پهاڪا پڻ شامل ڪيا هئم. ان ڪتاب بعد منهنجي ڪيترن سنڌي اديب دوستن ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي صلاح ڏني. مون سوچيو ته نه فقط ان ڪتاب جا ملئي، چيني ۽ جپاني پهاڪا پر سنڌي پهاڪا پڻ ان ۾ شامل ڪيا وڃن. اهو سوچي هي ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان..........“ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو نالو ”رٺي آهي گهوٽ سان ڳالهائي نٿي ڳوٺ سان“، چوڻيءَ تان کنيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ سنڌي يا ٻين زبانن جا مڙيئي پهاڪا نه آهن. بس ائين کڻي چئجي ته هيءَ ذاتي Collectionآهي. ان کي اڃان به وڌائي سگهجي ٿو. اڃان به بهتر ڪري سگهجي ٿو. پر اعلى کان اعلى شيءِ جي تخليق جي چڪر ۾ ائين ئي ويٺو رهجي يا لاڏاڻو ڪري وڃجي، ان کان بهتر آهي ته جيڪي حال حبيبان ٿي سگهي في الحال اهو پيش پريان ڪيو وڃي.

هن ڪتاب جي صورتحال ۽ گرامر جي چُڪن جي درستيءَ لاءِ هڪ دوست تاج بلوچ کي عرض ڪيم. هو مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيو ته هن ۾ ايتريون اوڻايون پوڻايون آهن جو صحيح شڪل ۾ آڻن لاءِ وڏو وقت کپي. بهرحال منهنجي چوڻ تي هن ۽ آفتاب ابڙي صاحب جيڪا ٿورو گهڻو مٿاڇڙي ميڪ اپ ڪئي ان لاءِ سندن ٿورائتو آهيان. باقي غلطيون رهيل آهن انهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان.

مٿيون ڪمزوريون منهنجن ٻين ڪتابن ۾ جام آهن، جن لاءِ منهنجا اديب دوست ۽ مهربان پڙهندڙ ٻڌائيندا رهن ٿا. پر ان معاملي ۾ منهنجي سڌرڻ جي اميد گهٽ ئي آهي. آئون سنڌي ٻوليءَ جو اهو اديب آهيان جنهن جو 1963ع کان وٺي گهڻو وقت سنڌ کان ٻاهر گذريو آهي. جتي سنڌي ڳالهائڻ يا ٻڌڻ جو ورلي ڪو موقعو ملي ٿو. ان کان علاوه آئون اهو اديب آهيان جنهن جو گهڻو وقت (جهازن توڙي بندرگاهن ۾) اديبن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن سان ملڻ بدران پاڻ جهڙن جهازي مسترين ۽ ماڇي مهاڻن ساٿين سان گذري ٿو. سو اهڙي صورت ۾ سنڌي جي صورتخطي ۽ گرامر وغيره ڪيئن ٿي سڌري سگهي. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ چانهه پياريندڙ پٽيوالي جي زبان سڌرڻ جي اميد ضرور ٿي سگهي ٿي. پر جهازجي ٻارهن هزار هارس پاور جي هلندڙ انجن واري ڪمري ۾ يونانين، چينين، پٺاڻن ۽ مڪرانين سان ڪم ڪندڙ مون جهڙي جي گرامر ڇا سڌري سگهي ٿي. سا به هن عمر ۾! سوچڻ جي ڳالهه آهي.

هڪ ٻي ڳالهه ته ٺاهي ٺاهي سوچي سوچي، لکڻ سان شايد (يعني پڪ نه اٿم) ڪجهه بهتر لکي وڃان. پر جنهن رفتار سان مونکي لکڻ لاءِ ڳالهيون ڌيان  ۾ اچن ٿيون ان حساب سان ايترو وقت نه اٿم جو زبان جي Cosmetics کي ڏئي سگهان. بس اهوئي سوچي مطمئن ٿيندو آهيان ته هي رنڍا روڙيندي جيڪڏهن پڙهندڙ تائين منهنجو Message پهچي ٿو ۽ هو ان کي سمجهي به ٿو ته مون لک کٽيا. نه ته اڄ جي Electronic Media ۾ ڪنهن کي وقت آهي ڪتاب يا اخبار پڙهڻ جو.

الطاف شيخ

        ائڊريس: پوسٽ باڪس نمبر 12292

       ڊفينس سوسائٽي، ڪراچي 75500

هر فن مولا _ الطاف

الطاف شيخ جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد هاڻي خيرن سان پنجاهه جي ويجهو اچي پهتو آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي ليکڪ لاءِ ان کان وڌيڪ خوشيءَ ۽ فخر جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هو ايترين سارين تصنيفن جو مالڪ هجي ۽ پڙهندڙ سندس هر نئين تصنيف کي هٿو هٿ کڻي وڃن. نه رڳو ايترو بلڪ انهن ڪتابن جا ڇاپا مستقل طور ٻيهر مارڪيٽ ۾ ايندا رهن. منهنجي خيال ڪوبه ناميارو ليکڪ ان کان وڏي ڪنهن به اعزاز جي تمنا ڪري ئي نٿو سگهي. نوجوانن کان وٺي ٻڍن تائين، شاگردن کي ويندي ڌنڌوڙن ۽ واپارين تائين الطاف جو نالو ئي بهترين تفريح، ڄاڻ ۽ تربيت جي ضمانت آهي. هنجي سادين سودين لکڻين جو جادو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي. سندس هر نئين تجربي جو انتظار نه صرف پڙهندڙن کي رهي ٿو، بلڪ پبلشر به ڏينهن ڳڻيندي گذاريندا آهن.

ايتري ساري مقبوليت، ساراهه ۽ عقيدت جي باوجود الطاف اڄ به اهوئي ساڳيو سادو، شريف، گهٽ ڳالهائڻو، شرميلو ۽ اٻوجهه انسان آهي، جيڪو ٻه ڏهائيون اڳ هو. هن ڪڏهن به پنهنجي مقبوليت کي ڪاميابي جي ڏاڪڻ طور استعمال نه ڪيو آهي. وڏي واڪ پنهنجي ادبي حيثيت جي دعوى نه ڪئي آهي. انعام اڪرام توڙي اعزاز جي تمنا نه ڪئي آهي. سيلاني آهي. پنهنجا مشاهدا ڪاغذ تي اتاريندو، ٻئي سفر تي روانو ٿيو وڃي. پٺتي موٽي نهارڻ سکيو ئي ناهي. اسان جي ادب ۾، جتي پنهنجي منهن ميان مٺو ٿيڻ جو رواج تمام سينيئر ليکڪن وڌو آهي، اتي الطاف جي حيثيت ۽ قدوقامت هڪ راڪاس جيڏي ضرور آهي، پر سندس عجز ۽ انڪساريءَ کيس پاڻ کان ڏهين پتي گهٽ لکندڙن آڏو به حجاب ۽ احترام وچان ڪنڌ جهڪائي جهيڻي آواز ۾ مختصر جملا ڳالهائڻ ئي سيکاريو آهي. ادبي تڪبر، پاڻ پڏائڻ  ۽  صدارتي ڪرسيون تاڙڻ هن جي فطرت ۾ شامل ناهي. تقرير ڪرڻ  هن جي وس جي ڳالهه ناهي. اڪيلو ڪنهن به تقريب ۾ ويندي شرمائيندو آهي. جاهل جي ٻٽاڪن تي دل ئي دل ۾ کلندو ضرور هوندو، پر ٻڌندس ايڏي غور سان جو لڳندو ته کانئس به ڪجهه پرائي رهيو آهي. انهن سڀني خوبين جي پياري مالڪ، نهايت ئي خاموشيءَ سان سنڌي ادب کي اهو ڪجهه ڏنو آهي، جو جيڪڏهن ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ لکيو وڃي ها ته الطاف جيڪر ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اعزازن جو مالڪ هجي ها، ڪانه ڪا يونيورسٽي سندس خدمتن جي عيوض کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري عطا ڪري چڪي هجي ها ۽ حڪومت کيس سندس صلاحيتن، قابليت توڙي تجربي جي آڌار تي مناسب منصب تي فائز ڪري چڪي هجي ها. کانئس گهٽ محنتي، گهٽ قابل ۽ گهٽ لگن وارا ليکڪ Self _ Promotion ۽ پي آر جي آڌار تي يا ته اعلى عهدن تي پهتل آهن، يا وري ڪنهن نه ڪنهن بهاني پلاٽ، پرمٽ ۽ پي مينٽ وٺيو پنهنجي مالي توڙي ادبي شهنشاهيت قائم رکيو ويٺا آهن. اهڙي ماحول ۾ ايتري نا قدريءَ، جي باوجود، مون الطاف کي ڪڏهن به شڪايت ڪندي نه ٻڌو آهي ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن سندن پيشانيءَ تي ڪڏهن ڪو گهنج ئي ڏٺو اٿم. هُو ڪم ۽ چاهيندڙ جي محبت کان ايترو ته مطمئن آهي جو صلي جي پرواهه ڪئي بغير ماٺ ميٺ ۾ ڪتابن مٿان ڪتاب گهڙيندو ٿو وڃي. اڃـان جوان آهي؛ اها رفتار رهيس ته ايندڙ چند سالن ۾ سَوَ کي ڌڪ هڻندو. خدا ڪري ائين ٿئي؛ ۽ جي ائين ئي ٿيو ته پوءِ اهو ڪارنامو جديد سنڌي ادب ۾ سنگ ميل جي حيثيت حاصل ڪري وٺندو، جنهن  تائين پڄڻ لاءَ ڪنهن ٻئي الطاف جي ضرورت پوندي.

هيءُ ڪتاب سفرنامن کان ٿورو هٽي، محاورن، چوڻين ۽ پهاڪن تي ٻڌل ضرور آهي، پر ليکڪ پنهنجي سمونڊ،ساحل ۽ سڙهه واري خلش کان آجو ٿي نه سگهيو آهي. پرڏيهه جي خوشبو هر سٽ ۽ هر صفحي تي موجود آهي. سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون اهي گڏ ڪيون اٿس، جيڪي بيوطن سنڌين کان ڏيساور ۾ ٻڌيون اٿس. مَلئي،. چيني ۽ جپاني محاورا پڻ، اهي جيڪي اسان جي قومي مزاج سان ٺهڪي ٿا اچن. ڇڏي ڪوڏي به نٿو. جيڪي مليس ٿو سو ميڙي چونڊي امانت سمجهي، نهايت ئي ايمانداريءَ سان اچي ٿو ديس واسين جي جهول ۾ وجهي. ڪهاڻيون هجن، چرچا ڀوڳ هجن توڙي انگ اکر هجن، جيڪي جتان مليس ٿو، وڃي ٿو گڏ ڪندو. ٻيو ته ٺهيو، پر شاگردن جي لاءِ ولايتي ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن جي واقفيت، انهن ۾ داخلا وٺڻ جا طريقا ۽ ڪورس جا تفصيل پڻ جمع ڪري، ڪٿي نه ڪٿي سوڙهه سنگهوڙ ۾ جڳهه بنائي، ڇپائي ڇڏيا اٿس ته جيئن اڻ سُنهن کي ٿوري گهڻي واٽ نظر اچي. ترجما ڪيا اٿس ته جيئن پنهنجي ۽ ٻاهرئين ادب جي رفتار ۽ معيار کي ڀيٽي سگهجي. انهن مڙني خوبين کيس نه رڳو ماڻهن ۾ محبوب بنايو آهي، پر گڏو گڏ محنت، جاکوڙ ۽ جدوجهد جي علامت پڻ بنجي پيو آهي. ڪوبه نئون ليکڪ سندس ڪوششن ۽ ڪاوشن مان سبق حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ساڳئي طرح ڪوبه جهونو اديب جڏهن قلم وهائي ٿڪجي پوي، ته الطاف جي پورهئي ڏانهن نهاري، منجهانئس اتساهه حاصل ڪري سگهي ٿو.

چوڻيون ۽ پهاڪا هر قوم جي تواريخ، ثقافت ۽ روايتن جو عڪس هوندا آهن. منجهانئن ماضيءَ جو اولڙو پوندو آهي ۽ مستقبل جو تصور اڀرندو آهي. هر چوڻيءَ پويان ڪانه ڪا ڪهاڻي پوشيده هوندي آهي ۽ هر محاورو تواريخ جي ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي علامت هوندو آهي. اظهار جا اهي ذريعا عوامي سوچ، مزاج، ذهني لاڙن، نفسياتي جهڪاءَ ۽ تواريخي پس منظر جا مظهر هوندا آهن. نه راتو رات جڙيا آهن ۽ نه شاهي ايوانن ۾ نپنا آهن. عام ماڻهوءَجي سوچ جو نچوڙ آهن، ان ڪري صدين کان زنده آهن ۽ ٻوليءَ جي زنده رهڻ تائين حياتي ماڻيندا.

تحقيقي ذهن رکندڙ عالمن کي گهرجي ته اهڙن علمي گوهرن جا پڻ بڻياد ڳولڻ لاءِ ميدان ۾ اچن. ائين ڪرڻ سان وڃايل تواريخي ڪڙيون ملنديون، نفسياتي اوڻاين تان پردو کڄندو ۽ آئيندي قومي ذهني صحت سڌارڻ ۾ مدد ملندي.

اها حقيقت آهي ته هن صنف تي ڪجهه ڪتاب اڳ ۾ ڇپيا آهن، پر عوامي ذخيرو ايڏو ته گهڻو ۽ وسيع آهي جو باقاعدي، منظم طريقي سان ريسرچ ڪرڻ کان سواءِ مڪمل تسلي ٿيڻ ممڪن ناهي. ان ڪم ۾ مشڪلاتون به گهڻيون آهن. مختلف علائقن ۾ ساڳي ئي پهاڪي کي مختلف انداز ۾ ادا ڪيو ويندو آهي. قومن، ذاتي، قبيلن ۽ ماڳن وغيره متعلق پهاڪا پڻ متضاد عصبي لاڙا رکن ٿا. ان کان سواءِ تمام وڏو ذخيرو پهاڪن ۽ چوڻين جو، ورهاڱي وقت هندستان ڏانهن لڏي ويل هندو پاڻ سان گڏ کنيو ويا. اُن جي اهميت ان ڪري پڻ محسوس ٿئي ٿي جو سماج، مذهب ۽ ثقافت جي اها ايڪائي هڪ خاص ۽ جدا ذهني لاڙي جي مالڪ هئي، جنهنجي اظهار جو ذريعو پڻ ڪجهه قدر مختلف نوعيت جو هُئو. سندن سوچ شهري، پيشو نوڪري يا وڻج واپار، سماج گهڻي ڀاڱي آزاد، تعليم سرس ۽ سياسي سجاڳي سَجيهه هئي؛ انڪري اهي سڀ شيون سندن گفتگو توڙي Expression مان مختلف انداز سان جهلڪنديون هيون. الطاف سڄي دنيا گهمي آهي ۽ ڪيئي بار گهمي آهي. هن کي اڪيچار موقعا مليا آهن ته هُو اهڙن سنڌي خاندانن سان گهلي ملي ڳالهائي، جيڪي ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي، پرڏيهه ۾ آباد ٿيا؛ کانئن ٻوليءَ جي اها چاشني چکي، جيڪا هاڻي شايد نه سنڌ ۾ رهي آهي ۽ نه وري هند ۾. اهو ڪم ڏکيو آهي ۽ الطاف جي مزاج مطابق پڻ ناهي؛ پر هن هڪ انوکي انداز ۾ شروعات ڪئي آهي. بنان عالماڻي معتبرائيءَ جي، هن درويش جيڪي ۽ جيئن ٻڌو آهي، سو لکي وڃي پار پيو آهي. باقي ڪم ان ميدان جي ڪهنه مشق کيڏاڙين مٿان ڇڏيو اٿس ته هُو ڪينءَ ٿا ويهي اڳيون پويون ٻوٽيون پٽي، لفظن ۽ جملن کي پاڻ ۾ ڀيئي، هڪ جامع معياري ۽ مڪمل ڪتاب عام کي آڇين. هُن عام راهه تان هٽي، هڪ ٻي به نواڻ پيدا ڪئي آهي. محاورن ۽ چوڻين جي معنى ۽ مطلب سمجهائڻ خاطر ٽوٽڪا، ڀوڳ يا واقعا تفصيل سان ڏنا اٿس، جيڪي پنهنجي دلچسپيءَ سبب ڪتاب جي جان بنجي ويا آهن. اهڙو پيرايو صرف الطاف ئي اختيار ڪري سگهي ٿو. سنجيده محقق کي شايد اها حرڪت اگري لڳي، پر پوءِ الطاف ڪٿي به نه سنجيده هجڻ جي دعوى ڪئي آهي ۽ نه وري محقق هئڻ جي. هُن ته پنهنجي طرفان مڪمل ڪتاب ڏيڻ جي مالڪيءَ تان پڻ هٿ کنيو آهي. چيومانس: ”ٿوري محنت ڪري، هن موضوع تي ٻيا ڪتاب پڙهي، ماڻهن سان ملي، ڪجهه وڌيڪ مواد حاصل ڪري جيڪر هڪ مڪمل ڄاڻيٽي ڏين ها ته بهتر.“

چيائين: ”اهو ڪم منهنجو ناهي. ڀلي ته ٻيا وڃي ان تي وڌيڪ ڪم ڪن. مون کي جيڪو مواد سفر دوران هٿ آيو، اهو منهنجي انداز ۾ کڻي ڇاپيو اٿم. وڌيڪ جيڪو ڪم جنهن کي سونهين، سو ڪري.“

مون کي الطاف جي خلوص تي يقين آهي. هن پنهنجي طرفان، معمولي ئي سهي، هڪ سوکڙي وڌيڪ سنڌي پڙهندڙن کي ڏني آهي. سمونڊ ۾ هڪ ڦڙي جو اضافو ڪيو آهي. سندس اهي ئي وَڙَ کيس وڏو انسان بنائڻ لاءِ ڪافي آهن. خدا کيس وڏي ڄمار ڏئي ته جيئن هُو پنهنجي ٻوليءَ ۽ ديس واسين جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهي. اسان سڀني جون دعائون هميشه ساڻس گڏ رهنديون.

قمر شهباز

23 اپريل، 1965

ڪراچي

مهاڳ/ پيش لفظ

الطاف شيخ جي مهانتا صرف ان ڪري نه آهي ته هو عام زندگيءَ ۾ نهايت صاف گو ۽ کرو ماڻهو آهي. يا هن اڌ دنيا جي معلومات اسان تائين پهچائي آهي، بلڪ هو ان لحاظ کان به وڏو ماڻهو آهي، جو هن پنهنجي لکڻين ذريعي لکين پڙهندڙ پيدا ڪيا آهن. مون ڪيترن دوستن کي ڏٺو آهي، جن کي چڱي معلومات وارو ڪتاب هٿ ۾ کڻندي ئي ٻرو چڙهي ويندو آهي، پر جڏهن اُهي الطاف شيخ جو ڪو سفرنامو ڏسڻ ڪاڻ وٺندا آهن ته پڙهي پوري ڪرڻ کان اڳ، موٽائي ڏيڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهن، ڪتاب جتان به شروع ڪيائون، ان کي اڌ ۾ ڇڏي، مهڙ کان پڙهڻ لڳندا آهن. اهڙي نموني منجهن پڙهڻ جي هيرَ پئجيو وڃي.

الطاف شيخ دنيا جي جنهن به ڪنڊ ۾ ويو آهي، اتان ڪانه ڪا وٿ ونڊي آيو آهي، هن دنيا جي هر وٿ کي ”اُلٽي اک“ سان ڏٺو آهي، جنهن ۾ کيس، سنڌ سنڌ سان واسطو رکندڙ شيون نظر آيون آهن. کيس بينڪاڪ گهمندي، بوبڪ نظر آيو آهي، ته سئزرلينڊ ۾ به سيوهڻ جا سير ڪندو رهيو آهي. جتي به کيس اعلى انساني قدر، اوچي ڳاٽ نظر آيا آهن، اُتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي ته ڪاش اُهي گڻ اسان جي ماڻهن ۾ هجن ته هوند اسان به اڄ انهيءَ پَدَ تي هجون ها. اُها دنيا جي ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن جو هن ذڪر نه ڪيو آهي! جديد ترين موٽر گاڏين کان وٺي، ڪاغذن جي ٽڪرن کي سليقي سان اڇلائڻ تي هن لکيو آهي. ماڻهن جا اُهي ڪهڙا گڻ يا اوگڻ هن کان اوجهل رهيا آهن.

الطاف شيخ لکيو آهي، خوب لکيو آهي. اهو نه ڏسندي ته ان ۾ گرامر جون غلطيون آهن، يا محاوري جا مونجهارا، پر هن لکيو آهي. سچائيءَ سان، همت سان، صرف هڪ جذبي خاطر ته اِهي ڳالهيون اسان وٽ هجن، اسان جا نوجوان ايتري محنت ۽ لڳاءَ سان ڪم ڪن، جو جرمني، جپان، سنگاپور۽ سئزرلينڊ واري ترقي سنڌ جو مقدر بڻجي. ڪاش! اسان جا ماڻهو دنيا جي نئين رنگ ۽ ڍنگ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، هو به اهي طريقا اختيار ڪن، جن سان دنيا جي ٻين ماڻهن ترقي ڪئي آهي. شل! اسان جا ماڻهو پراڻين ريتن ۽ رسمن کي ڇڏي، بدليل دنيا جو رنگ ۽ ڍنگ اختيار ڪن.

”الطاف شيخ ڪوڙيون ڳالهيون لکي، ماڻهن کي ڀنڀلائي ٿو.“ مون کي اهي لفظ هڪ اهڙي ماڻهو چيا، جيڪو ڪجهه وقت اڳ جهازي نوڪري ڪري چڪو هو _ ”مان انهيءَ جو فيصلو نٿو ڪري سگهان، جو مان پاڪستان کان ٻاهر ڪونه ويو آهيان.“ مون کيس وراڻيو، دل ۾ سوچيم: اهو به ممڪن آهي، چوندا آهن ته ”فقير فقير کي نه سهي“ شيون سڀ ساڳيون، اک اک جو ڦير هجي. هن ويچاري کي اُهي شيون ائين نظر نه اينديون هجن، جيئن الطاف شيخ صاحب پَسيون آهن، ڇاڪاڻ ته،

                      Beauty lies in the eyes of the beholder.

ليلى ته رنگ جي ڪاري هئي پر مجنون کي موهي وڌائين، ساڳيو فليٽ ٻچڙن جو اجهو ٿي سگهي ٿو ته يارن جي عياشي جو اڏو به، اڌ ڀريل گلاس، ڪن کي اڌ خالي نظر اچي ٿو ته ڪن کي اڌ ڀريل. پر جيڪڏهن ڪنهن مصلحت خاطر الطاف شيخ صاحب مبالغي کان ڪم ورتو آهي ته فارسي واري جي چواڻي؛ دروغ مصلحت آميز به از راستي فتنه انگيز.

هن کان اڳ الطاف شيخ رڳو سفرناما لکيا آهن، پوءِ الائي ڪيئن هن صنف طرف ڌيان پيو اٿس. ”پهاڪا ۽ چوڻيون“ لوڪ ادب جو نهايت اهم حصو آهي، جيڪي ڪنهن قوم جو گڏيل ورثو ٿين ٿا. انهن جي مطالعي مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ان قوم جو سماجي شعور ڪهڙي پد تي آهي، زماني جي لاهين چاڙهين کي هو ڪيئن ٿا ڏسن، مختلف عملن ڏانهن سندن رويو ڪهڙو آهي. هو عام زندگيءَ ۾ ڪهڙي عمل کي گهٽ سمجهن ٿا ۽ ڪهڙي ڪم کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. جيئن هڪ جپاني چوڻي آهي ته ”مهمان کي ڇڙٻ ڀلي ڏيو، پر کيس بک نه ماريو“. فارسيءَ جي چوڻي آهي ته ”بخدمت منه دست برپاءِ من، مرادنان ده و کفش برسر بزن“. معنى خدمت سان منهنجي پيرن تي هٿ نه رک، مون کي ماني ڏي ۽ ڀلي پادر مٿي تي هڻ. ان لاءِ سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان.“ يا ڪي ايئن چون ته ”ماني ڪاڻ مانُ نه وڃائجي“. هر قوم جا پنهنجا سماجي رويا ٿين ٿا. انهن جي اڀياس جو بهترين ذريعو ان قوم جا پهاڪا ۽ چوڻيون آهن. پهاڪا اجتماعي شعور جو نچوڙ هوندا آهن، جيڪي صدين پڄاڻان ٺهندا آهن. پهاڪا ڏور بيت يا عام شاعريءَ وانگر ڪونه ٺاهبا آهن، اُهي مختلف سُچيتن جي سوچ مان گذري پاڻ مرادو عمل ۾ ايندا آهن. ها، البت ايئن به ٿيو آهي ته ڪچهريءَ ۾ ڪن گوهرن گفتا چيا، جن ۾ ايتري ته گهرائي ۽ مشاهداتي سگهه هئي، جو جن ٻڌا، انهن جي هِنئين ۾ هُري ويا ۽ آهستي آهستي لوڪ پَڌاريا ۽ عام ٿي ويا. اسان وٽ اهڙا مثال به آهن، جو ڪن شاعرن جو سٽون پهاڪن طور استعمال ٿيون آهن، جيئن شاهه ڪريم جون هي سٽون:

”هٿ ڪار ۾ دل يا رڏي،“

”منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پئي ڪڇي اُڀ“

”سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻ لاءِ“

”پاڻي سڀ ڪا ڀري، ڪا پورهيي لاءِ ڪا يار لاءِ“

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون سٽون:

”جو وڙ جُڙي جن سين، سي ئي سو وڙ ڪن،“

”محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌي هيڪڙو“

“ڪانه ڪا ويئي هوت پڇڻ هٽ تي“

شيخ اياز چواڻي:

        ”ڍؤَ بنان ڍوليا ناهي، ساڃهه سونهن جي“

سٽون ته سوين، پر هر سٽ پهاڪو نٿي بنجي. پهاڪي لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ ڪا حڪمت هجي، ڪو سونهون اسرار هجي، ڪو نصيحت ڀريو نڪتو هجي. انهن لفظن ۾ اهڙي گهرائي هجي، جو هڪوار دل مڃي ته چوندڙ سچ ٿو چئي. واقعي زماني ۾ ائين پيو ٿئي. جيئن:

”جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي“

”پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي“

”جن جي گنديءَ ۾ داڻا، تن جا چريا به سياڻا“

سنڌي پهاڪا، پنهنجي سٽاءَ ۾ وزن رکن ٿا، اهي هڪ سٽ تي مبني ڇو نه هجن، پر انهن ۾ ردم هوندو، لئي هوندي، چوڻ ۾ سهنجائي هوندي. ڪي پهاڪا ته مورڳو بيتن جيان ٿين، پر سولائي خاطر انهن جا اڳيان يا پويان بند استعمال ٿين ٿا. جيئن عام پهاڪو آهي ته ”ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان“ ان جي ٻي سٽ آهي، ”الله ڏئي ايمان، گوڏا ڏئي گذارجي“ يا جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته ”جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي“. اهو پهاڪو اصل ۾ هن ريت آهي:

ڪوڻ کي پاڻيءَ جان، پيڙي پياريم ڪماند،

نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌر پاند،

 ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وڙ واند،

 جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org