هڏين جا ٻه ماهر (آرٿوپيڊڪ سرجن) واندڪائيءَ واري
وقت ۾ اسپتال جي ٻاهران بيٺا هئا ته پري کان هڪ
همراهه منڊ ڪائيندو نظر آيو.
”منهنجي خيال ۾ ته هنجي گوڏي جي هڏي ڀڄي پئي آهي.“
هڪ سرجن پئي کي چيو.
۽ ٻئي سگار جو ڊگهو ڪش هڻي وڏي عالماڻي انداز ۾
چيو: ”نه. منهنجي خيال ۾ ته هن جي مرئي جي هڏي ڀڄي
پئي آهي.“
جڏهن هو همراهه هنن جي ويجهو پهتو ته ڊاڪٽرن پڇيس
ته تنهنجي گوڏي جي هڏي ڀڄي پئي آهي يا مرئي جي؟
همراهه هنن جي ان ڳالهه تي پهرين کليو ۽ پوءِ جواب
ڏنو:
”سائين منهنجا! منهنجي ته رڳو چمپل ڇڄي پئي آهي.
جنهن کي موچيءَ کان ڳنڍرائڻ پيو وڃان.“
·
اهي ٻيلائي ٻيا، جن ۾ ڪاٺيون ڪم جون.
·
وڇ هميشه ڪلي آهر ڪڏندي آهي.
(هرڪو ماڻهو پنهنجي حيثيت سارو هلي ٿو)
·
جڏهن ڪَن پرايا ٿيا ته واليون به پرايون ٿيون.
·
ڪني آڱر وڍي ڀلي.
(خراب شيءِ توڙي کڻي پنهنجي هجي ان مان جان آزاد
ڪرائڻ سٺو)
·
کريل ٻار ٽڪاڻي حوالي چڱو.
·
گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هَرُ نه هلي.
·
نخرو به عمر سارو ٺهي ٿو.
(لنڊن جي ڪنهن دڪان ۾ هڪ پوڙهي انگريزياڻي دڪاندار
کان رڳو پڇ پڇ ڪري رهي هئي. دڪاندار منجهائس سخت
بيزار ٿي رهيو هو، پر هيءَ نوان نوان نخرا ڪري رهي
هئي. آخرڪار کيس لومڙيءَ جو ڪوٽ وڻيو ۽ دڪاندار
سُکَ جو ساهه کنيو. پئسا ڏيئي هاڻ هلڻ واري هئي ته
وري ڪا ڳالهه ياد آيس ۽ دڪاندار کان پڇيائين.
”ڀلا هي ڪوٽ مينهن ۾ پُسي خراب ته نه ٿي ويندو؟“
دڪاندار جيڪو پهرين ئي هن مان تنگ اچي چڪو هو تنهن
بيزاريءَ مان چيس.
”مئڊم توهان ڪڏهن لومڙيءَ کي برسات ۾ ڇٽي کڻي
ويندو ڏٺو آهي؟“)
·
ڪتا ڀؤڪندا رهندا، فقير رمندو رهندو.
·
بخش بيبي ٻلي، ڪئو لُنڊو ئي ڀلو.
·
هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا ڏيکارڻ جا ٻيا.
·
جنهن کيت کانڀاڻي ڇڏي، تنهنجو ريج پاڻي سان ڇا.
·
کير واري ڳئون جون هرڪو لتون به سهندو.
(ڪم واري ماڻهوءَ جا نخرا به سهڻا پون ٿا)
·
ڪتو ڪتي کي نه سهي، فقير فقير کي نه سهي.
·
جيسوءَ کي تيسو.
(ڪنهن ڏنگيءَ ماڻهوءَ کي اهڙوئي ڏنگو ملي وڃي ته
ان لاءِ مٿيون پهاڪو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن
ڪڏهن حاضر جواب لاءِ به چئي سگهجي ٿو. دنيا ۾
ڪيترائي حاظر جوابي مشهور آهن. خليفو هارون رشيد
به انهن مان هڪ هو.
هڪ دفعي خليفي هارون رشيد کان ڪنهن پڇيو: توهان
ڪڏهن ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي دنگ رهجي ويا؟“
پاڻ وراڻيائون: ”هائو ٽي دفعا ائين ٿيو جو آئون به
لاجواب ٿي ويس. هڪ دفعي هڪ عورت جو پٽ مري ويو ۽
هوءَ روئڻ لڳي. مون هن کي چيو ته تون مونکي پنهنجو
پٽ سمجهه ۽ نه روءِ. هن جواب ڏنو ته آئون اُن پٽ
لاءِ ڇو نه روئان جنهنجي بدلي ۾ وقت جو خليفو
منهنجو پٽ ٿيو آهي.
ٻي دفعي مصر ۾ ڪنهن ماڻهوءَ موسى ٿيڻ جي دعوى ڪئي.
مون هن کي سڏائي چيو ته موسى وٽ الله جا ڏنل
ڪيترائي معجزا هئا. جيڪڏهن تون موسى آهين ته ڪو
ڪرشمو ڏيکار. هن جواب ڏنو ته موسى ته ان وقت معجزو
ڏيکاريو هو جڏهن فرعون خدائيءَ جي دعوى ڪئي هئي.
تون به اها دعوى ڪر ته آئون معجزو ڏيکاريائين.
ٽئي دفعي ماڻهو گورنر جي غفلت ۽ ڪاهليءَ جي دانهن
کڻي آيا. مون چيو مانس ته اهو شخص ته تمام گهڻو
شريف ۽ ايماندار آهي. هنن جواب ڏنو ته پوءِ پنهنجي
جاءِ تي هن کي کڻي خليفي طور وهار ته هن جو فائدو
سڀني کي ٿئي)
·
گپ جو ڪِلو هميشه ڍروئي رهندو آهي.
·
گدرو گدري کي ڏسي رنگ بدلائيندو آهي.
·
ڪتو ڪڙم جي ويري.
·
جتي بيٺو اتي ڇٽو.
·
ڪتي کي موت کڻندو آهي ته مسجد جي در ڏي ڀڄندو آهي.
·
گونگي جو اشارو گونگو ئي سمجهي.
·
ٿورا لاهي نه سگهجن ته ڳائجن ضرور.
(انسان ڪنهن جو وڙ نه وڃائي، ڪو مهرباني ڪري ٿو ته
ان جو ٿورائتو ضرور ٿجي، پوءِ چاهي کڻي اهو مائٽ
مٽ هجي يا ڌاريون. پر ڪي ماڻهو چاهيندا آهن ته
سندن ٿورا لاهيان ته ڇا پر ڳائيا به نه وڃن.
هڪ عرب نوجوان ٽي سال لنڊن ۾ ڪنهن انگريز استاد وٽ
انگريزي سکڻ بعد پنهنجي وطن موٽي رهيو هو. استاد
سان موڪلائڻ وقت غلط سلط انگريزيءَ ۾ هن جو شڪريو
ادا ڪندي چيو:
”استاد محترم! توهان جنهن محنت ۽ ڌيان سان مونکي
انگريزي پڙهائي آهي ان جو آئون شڪر گذار آهيان.
مهرباني ڪري ٻڌايو ته توهان جا هي ٿورا آئون ڪيئن
لاهيان؟“
استاد چيس: ”تون هڪ طرح سان لاهي سگهين ٿو.“
”ڪيئن؟ حڪم ڪريو.“ فرمانبردار شاگرد کانئس ادب سان
پڇيو.
استاد چيو: ”جڏهن تون وطن پهچين ته مهرباني ڪري
ڪنهن کي به اهو نه ٻڌائجانءِ ته توکي انگريزي مون
پڙهائي آهي.“)
·
ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
·
ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هٿ به ڪارا ته منهن به ڪارو.
(دنيا ۾ ڪي ڪي ڪم، واپار توڙي نوڪريون اهڙيون ٿين
ٿيون جن کان پاسو ڪجي ته بهتر جو انهن ۾ ماڻهو نه
دين جو رهي ٿو نه دنيا جو)
·
گهاڻي جو ڏاند ۽ ڪاسائيءَ جو ڪتو جتي بيٺو اتي
ڇٽو.
·
ڳڙ هميشه مٺو ئي مٺو. ليمون هميشه کٽو ئي کٽو.
·
پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي.
·
شادي تعدي آهي.
(ڇا واقعي؟ ڪيترا اهو به چوندا آهن ته شاديءَ بعد
انسان جي آزادي هليو وڃي. هو بند ۾ ڦاسيو ٿو وڃي.
بهرحال هڪ همراهه پنهنجي زال مان سخت بيزار ٿي هن
کي خون ڪرڻ وارو هو ته سندس دوست وڪيل سمجهايس ته
متان زال کي ماريو اٿئي. ويهه سال ٽيپ اچي ويندءِ.
۽ پوءِ اها ڳالهه سوچي ارادو لاهي ڇڏيائين.
ان ڳالهه کي جڏهن پورا ويهه سال گذريا ته پراڻن
ڏينهن ۽ موجوده زندگيءَ جو سوچي ٿڌو ساهه کڻي
چيائين: ”ڪاش جيڪڏهن مان وڪيل جي ڳالهه نه مڃان ها
ته اڄ ٻنهي قيدن مان آزاد هجان ها.“)
·
سڪڻيءَ کي ڄائو پٽ، چميون ڏيئي ڪڍيائينس ساهه.
·
سخي، سرنهن چڻو _ جيئن ڀيلِ تيئن ڀلو.
·
متيون ڏيندي لوڪ کي چري پاڻ ٿياس.
·
صبر جو ڦل مٺو ٿئي ٿو.
ڇا واقعي مٺو ٿئي ٿو يا بزدليءَ پنهنجي لاءِ ان
قسم جا بهانا ٺاهيا آهن. پر نه ڪجهه ته آهي. تڏهن
ته شاهه لطيف چيو آهي:
”صبر جنين جو سير تير نه گسي تن کان.“
·
اڄ جو ڪم سڀان تي نه ڇڏجي.
(پر اڄ جو ڪم سڀان تي ڇڏڻ ۾ جيڪا راحت آهي، ان جي
ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڪنهن چيو اهو غلط آهي ته اڄ جو ڪم
سڀان تي نه ڇڏجي. صحيح آهي ته ”اڄ جو ڪم پهرين تي
ڇڏجي.“ شايد تلسي داس ته هيئن چيو آهي:
·
کال کرو سو آج کرو، آج کرو تو ابهي
·
ابهي اگر نه کر سکي تو کرنه سکو گي کبهي
·
اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني.
·
ڏاچي هڻي ڏهه توڏو هڻي تيرهن.
·
جي نه وڙهندا سي مرندا.
·
(انگريزيءَ ۾ هڪ شعر آهي:
·
“For he who fights and run away
·
may live to fight another day
·
can never rise and fight again”
·
ساڌن سان سنمک پئنچن سان پورو.
·
اَٽي تي چٽي.
(سست ماڻهو رڳو کائڻ تي، جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻيءَ آهي
ته: ”نه ڪام کا نه کاج کا، دشمن اناج کا.“)
·
سرديءَ سالم نه رهان، گرميءَ ٿيان مَ گداز.
·
ٻني ۽ وني مئي مارائي نه ڏبي آهي.
اسان وٽ ڌرتي ۽ عورت جو وڏو مقام آهي. سنڌي
مسلمانن اڳيان ڌرتي جوءِ آهي. (ڪٿي ڪٿي ماءُ به
سمجهيو وڃي ٿو) اهوئي سبب آهي، جو چوڻ ۾ ايندو آهي
ته ٻنيون ۽ ونيون، جوءِ ۽ جوءِ، زن ۽ زمين جن
وڃائي سي غيرتمند نه آهن. اهي تاثرات اسان جون
قديم روايتون آهن. مڙسن جي انهيءَ مڙسيءَ کي زندهه
رکڻ لاءِ اسان جي شاعرن چيو آهي:
·
”جوءِ ۽ جوءِ مرد نه ڇڏين مينڌرا“ شاهه
·
”ڪنڌ ڪپائين جوءِ نه ڇڏين جوءِ.“ شيخ اياز
·
کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي.
·
حياءَ لاءِ به اکيون ضروري آهن.
·
نود ۾ سوئو چڀڻ
تي به چرپر ضرور اچي ٿي.
·
مروان موت ملوڪان شڪار.
·
آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بور چياڻي.
·
ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهيار.
سڄو پهاڪو هن ريت آهي:
ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي الهيار،
ڪٿ رهيو ڪوهيار، ڪٿي کڻي ٿي هٿڙا
آئون به
تون
رئيس به رئيس ته گڏهه ڪير هڪليندو.
·
بک بڇڙو ٽول دانا، ديوانا ڪري.
(پنهنجي ملڪ کان لڏي آسٽريليا آيل ٻه سک بيروزگار
ڦري رهيا هئا. اڃان کين ڪٿي به ڪا نوڪري يا اجهو
نه پئي مليو. اتي هڪ ڏينهن هڪ ٻئي کي ڏٺو ته فرسٽ
ڪلاس مرسيڊيز ڪار ۾ پيو گُهمي.
”اڙي هي ڇا! ڪالهه تائين ته تو وٽ ٽڪو به کيسي ۾
نه هو. هيءَ ڪار ڪٿان آندءِ.“ هن اچرج مان پنهنجي
سک دوست کان پڇيو.
”بس ڳالهه نه پڇ. ڪالهه هڪ سهڻي ڇوڪري ملي وئي.
هوءَ ڪار ۾ وهاري هڪ باغيچي ۾ وٺي هلي. اتي پنهنجا
سڀ ڪپڙا لاهي مونکي چيو. ٻڌاءِ ته ڇا کپيئي ته اهو
توکي ڏيان؟“ ۽ آئون سندس ان آفر تي ڪار کڻي آيس.
”اڙي بيوقوف ڪنهن جاءِ جا،“ هن پنهنجي دوست کي
ٽوڪيو، ”هن جڏهن توکي چيو ته جيڪي وڻئي سو گُهر
ته
هوند سندس ڪپڙا به کڻي اچين ها، جيڪي وڪڻي
ٻه
ويلا مانيءَ جا ته کائون ها.“
·
اوجهه نه ڇڏي اوجهري، توڙي ڌوپي
منجهه درياهه.
·
ڀاڙين مٿان ڀت ڪانگن ڪيرائي.
·
ڪنهنجا پٿر به هلڪا، ڪنهن جو گل به گهايو وجهي.
·
ڪن جو روئڻ به راحت ته ڪن جو کلڻ به خواري.
·
مرڪندا مارين، جڏا جيارين.
·
ڳجهن جي پِٽن سان ڪڏهن ڪي ڍڳا مئا.
·
اڳياڙي ان جي سرهي، جنهن جي پڇاڙي سرهي.
·
سيوهاڻي چريو، ته به پٿر گهر ڏي ڍوئي.
·
سمنڊ جو پاڻي ڪڇڻ سهنجو آهي، پر انسان جو پاڻي ڪڇڻ
ڏاڍو ڏکيو.
·
پاڻي ولوڙڻ مان ڇا هڙ حاصل.
·
ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
هر وقت رڳو پنهنجي من پسند شيءِ جو سوچڻ، هونءَ به
جنهن لاءِ گهڻي چاهت هوندي آهي، ان جو ئي خيال هر
وقت ڌيان ۾ رهي ٿو.
ڪنهن نادان مجنون کان پڇيو ته خلافت تي حق ڪنهنجو
هو. حضرت امام حسين جو يا يزيد لعين جو.
وراڻيائين: ”جي دل ۾ نه ڪريو ته حق ليلا جو هو.“
اهڙي طرح سَسئيءَ کي به پنهون سان سچو عشق هو تڏهن
ته اٿندي وهندي، پنهونءَ کي ياد ٿي ڪيائين. بقول
شاهه لطيف جي.
”سسئي جاڳائي سسئي اچي عزرائيل
پئي ڊوڙائي دليل ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.“
·
سامي سدائين ڀاڻي ۾ ڀنو رهي.
(ڀاڻي
۾ ڀنو رهي معنى رضا تي راضي رهڻ)
·
جيڪي الله جي توهه پيا تڳندا آهن، انهن جا ٻيڙا
پاڻهي پيا لڳندا آهن.
چُڪ ڪري چوٽيءَ واري، ٺڪر ڀڄي ٺُوڙهيءَ تي.
·
(هڪڙي جي ڏوهه جي سزا ٻئي کي ڏني وڃي)
·
ٿوري گرهين گهڻو کائجي.
·
اياڻو چوي، سياڻو ويچاري
·
پاڻ نه پَلي ڏوجهان متيان ڏيوي.
·
پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور.
(هڪ
پنڌ
۽ ٻيو بار معنى ٻٽي تڪليف ٿي)
·
بيماري ايندي آ گهوڙي جيان، ويندي آ جونءِ جيان.
(ڪابه مُصيبت ايندي
تڪڙي آهي، پر ويندي جونءِ وانگرآهستي آهستي آهي)
·
واڻيو ۽ سيارو ڪنهن کي ڪسر نه ڇڏين.
·
خوشيءَ جهڙي خوراڪ ناهي، ڳڻتيءَ جهڙو ڳارو ناهي.
(بشر طيڪ صحيح معنى ۾ خوشي هجي، رڳو ٻاهر جا ٽهڪ
انسان جي اندر کي سکي نٿا رکيو سگهن.
هڪ فليٽ مان هر وقت ٽهڪن جا آواز آيا ٿي. هڪ
اخباري رپورٽر انهن جو انٽرويو وٺڻ لاءِ ويو، جو
يقين سان هرڪو چئي سگهيو ٿي ته هي دنيا جا خوش
قسمت زال مڙس آهن، جيڪي ڪڏهن به وڙهن نٿا.
”توهان جي هن ڪامياب ۽ کل خوشيءَ واري زندگيءَ جو
راز ڇا آهي.؟“ رپورٽر پڇيو.
مڙس جواب ڏنو: ”جڏهن زال جو ويلڻ مون کي لڳي ٿو ته
هوءِ خوش ٿي ٽهڪ ڏئي ٿي ۽ جڏهن گسيو وڃي ته آئون
ٽهڪ ڏيان ٿو“)
·
گهر ۾ کَڏ هجي ته ٻهر ٻاهر نه ڪڍجي.
·
تار وڄڻ سان سُر سمجهي وڃڻ کپي.
(ڳالهه کي منڍ کانئي سمجهي وڃجي)
·
تر کان اڳ بَرُ کائڻ.
(نفعي کان اڳ موڙي کائڻ)
·
ٽاٽ جو لنگوٽو ۽ نواب سان ياري.
ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خواري.
·
ٺاٺارڪي ٻليءَ کي ننڊ جي گورين جي ڪهڙي گهرج.
(لوهار جي پاليل ٻلي جيڪا
سڄو ڏينهن ٺڪاءِ ٻڌي ٿي، ان کي هلڪي ڦلڪي گوڙ جي
ڇا پرواهه)
·
جتي ڏسي پاٽ اتي ڳائي ساري رات.
جتي ڏسي ٿالهي، اتي رڳو هٿ کڻي خالي.
·
(پاٽ معنى ديڳڙو، کاڌي جو وڏو سامان. ٿالهي معنى
ٿورو کاڌو)
·
ڪڏهن ته درياه پيو ٽپي، ڪڏهن وري پاڻيءَ پاٽ ۾ پيو
ٻڏي.
·
(انسان ويچارو ڪڏهن ته درياهه به لتاڙيو وڃي، ڪڏهن
ڪنارن تي به ٻڏيو وڃي)
·
پڙهيو پارسي وڪڻي تيل، ڏسو قدرت جو کيل.
·
شينهن جي ڏاڙهي ڪهڙو حجام ڪوڙيندو.
·
چُهڙن جون ونڊيون
چهڙا
کڻندا.
·
جيڪو ڏاڍو سو گابو.
·
ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
·
سؤنٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.
·
نئين ڪنوار نو ڏينهن، ڇڪي تاڻي تيرهن ڏينهن، ماري
ڪٽي مهنو.
·
چور کي چئي چوري ڪر، ساڌ کي چتاءُ ته اچئي پيو.
·
انڌن اڳيان روئڻ اکين جو زيان.
·
بڻي ته
بڻي،
نه ته، دال ماني گهڻي.
·
ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙو.
·
جُڙيءَ
کي جس آهي.
·
ڪتي ڪوريجن جي، رهي راهوجين،
بيهي
باهوچين ۽ ٽڪر کائي کوسن جا.
·
اَٺُ آنا اُٺ جا، ٻارهن آنا کڻاڻي، ڪري پئي کوهه ۾
ته ڏيڍ رپيو ڇڪاڻي.
·
ڪسيري جي ڪتي ٽڪي جا کائي نان.
(ڪڏهن ڪڏهن ڪا شيءِ ظاهري طرح سستي لڳندي آهي پر
ان تي خرچ پکو وڏو اچي ويندو آهي، ڪسيرو ٽڪي ۽
پئسي کان به گهٽ قيمت وارو سڪو آهي.
هڪ همراهه ڦٽيل حالت ۾ ڪنجهندو ڊاڪٽر وٽ پهتو ۽
چيو: ”ڊاڪٽر صاحب منهنجن زخمن جي پٽي ڪر ۽ ڪا سٺي
دوا ڏي آئون زخمي ٿي پيو آهيان.“
ڊاڪٽر چيس: ”فڪر نه ڪر، هينئر ئي علاج ٿو
ڪريانءِ.“
همراهه چيو: ”پر ڊاڪٽر صاحب! اهو ته ٻڌاءِ ته ان
تي ڪيترو خرچ ايندو؟“
ڊاڪٽر: ”ويهه رپيا پٽيءَ جا ۽ ٽيهن رپين جي دوا
ٿيندي، يعني فقط پنجاهه رپيا خرچ ايندو.“
”اها ڳالهه آهي ته پوءِ علاج جي ضرورت ناهي. آئون
ائين صحيح ٿي ويندس. اهو سودو ته ويتر مهنگو
پوندو.“
”سودو ۽ مهنگو!........ڇا مطلب؟“ ڊاڪٽر تعجب مان
کائنس پڇيو.
”ان ڪري جو زخمي ڪرڻ کان اڳ منهنجي زال مون کان
ويهه رپيا گهري رهي هئي.........“ هن ٻڌايو.
·
پير ميرو ته به پنج سيرو.
·
قيد جو قيدي ڇٽي وڃي، پر قرب جو قيدي نه ڇٽي.
·
عمر جي ڄاڻ هجي ته ڏند ڇو ڏسجن.
·
تيل سهانگو هجي ها ته گدڙ به چوٽيون مکين ها.
·
(هو ڇا انگريزيءَ ۾ چوندا آهن:)
If Wishes were horses beggars would rise.
·
جنهن ڌڻيءَ تي ڀاڙي، تنهن سوير چاڙهي.
(سنگاپور ۾ شنڪر امپوريم جو مالڪ هرڪشن ڀوڄواڻي
مون کي سڀ کان
گهڻا پهاڪا ٻڌائيندو هو. مٿيون پهاڪو سندس دلپسند
پهاڪو هو، جيڪو
هر وقت سندس زبان تي رهيو ٿي)
·
ڀڳيءَ سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
(انگريزيءَ ۾ ان جهڙي چوڻي آهي ته پراڻا بوٽ تيسين
نه اڇلاءِ، جيسين نوان
ملنئي، معنى جيسين سڄو ملنئي تيسين ڀڳل سڳل سان ئي
پورت ڪر)
·
انڌو هاٿي لشڪر جو زيان.
·
بڇڙو ڪتو ڌڻي پُڻائي.
·
ٻُڌيءَ تي اعتبار نه ڪجي، ڏٺي ته اڌ اعتبار ڪجي.
(شڪ يا بدگماني ڪرڻ اخلاقي توڙي مذهبي خيال کان
خراب شيءِ آهي.
انسان کي ٻين جا عيب ڍڪڻ کپن ۽ بنان ڏٺي ۽ بنان پڪ
ڪرڻ جي
ڪنهن لاءِ به غلط راءِ قائم نه ڪرڻ کپي.
حضرت حسين بصري رحه هڪ ڏينهن دجله نديءَ جو ڪنارو
ڏئي وڃي
رهيو هو ته هڪ حبشي مرد کي ڏٺائين جنهن جي ڀر ۾ هڪ
عورت ليٽي پئي
هئي. هو بوتل مان پاڻ به پي رهيو هو ته ان عورت کي
به پياري رهيو هو.
حضرت حسين بصري رحه جي دل ۾ خيال آيو ته هن
ماڻهوءَ کان ته آئون سٺو
آهيان، جو ائين نٿو ڪريان. هي حبشي هڪ عورت سان گڏ
شراب پي رهيو
آهي. هي انهن ئي خيالن ۾ هو ته هڪ ٻيڙي سامان سان
ڀريل هن جي اڳيان
درياهه ۾ چڪر کائي ٻڏي وئي. ان ۾ ڏهه ماڻهو سوار
هئا ۽ ڏهن جا ڏهه غوطا
کائڻ لڳا. هن حبشيءَ جو اهو منظر ڏٺو ته يڪدم اٿي
بيٺو ۽ درياهه ۾ ٽپ
ڏيئي هڪ ٻئي پويان نو ماڻهو بچائي ورتائين، پوءِ
حضرت حسن بصري کي
مخاطب ٿي چيائين: ”مهرباني ڪري باقي هڪڙي کي ته
تون بچائي ڏيکار.
اي مسلمانن جا امام! شڪ ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي. هيءَ
عورت منهنجي ماءُ
آهي ۽ هن بوتل ۾ پاڻي آهي.“
حضرت حسن بصري هن حبشيءَ جي قدمن ۾ ڪِري پيو ۽ هُن
کان معافي گهريائين)
·
ڀاڙي ۽ مسواڙ جو قانون ڪونه ٿئي.
·
پير ڀلو ڪين ويساهه ڀلو.
(پير کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو هن ۾ اعتماد کڻي ٿو)
·
ڏر تي گدڙ به شينهن.
·
ڦٽ بجو ڪج پر گيهه ذرو ڏج.
·
ڦاڙهو جتي کائي، اتي اوجهه ڏئي.
·
توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍي مٿان ٿوم.
·
قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي.
·
سج لٿي کان پوءِ دير ڪانهي، ڦرئي کان پوءِ اوير
ڪانهي.
·
ڪئليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ قدرت پهچائي ٿي.
(ڪئلي يعني ماڪوڙي تمام ٿورو کائي ٿي ۽ هاٿي تمام
گهڻو. بهرحال ٿورو يا گهڻو هر هڪ کي رب پاڪ رزق
پهچائي ٿو. هڪ دفعي حضرت عيسى عليه السلام هڪ
ماڪوڙيءَ کان پڇيو: ”تون سڄي سال ۾ ڪيترو کائين
ٿي؟“
ماڪوڙيءَ عرض ڪيو: ”اي پيغمبر خدا جا! آئون سال ۾
فقط ٻه ڪڻا کاوان ٿي.“
”فقط ٻه ڪڻا........“ حضرت عيسى عليه اسلام حيرت
مان چيو ۽ پوءِ ماڪوڙيءَ کي جهلي هڪ شيشيءَ ۾ وڌو.
ان سان گڏ ٻه ڪڻا اناج جا به رکي ڇڏيا.
سال گذرڻ بعد شيشيءَ کي کولي ڏٺائون ته ڏاڍي حيرت
لڳي، جو ماڪوڙيءَ ٻن بدران فقط هڪ داڻو کاڌو هو.
سندن پڇڻ تي ماڪوڙيءَ عرض ڪيو: |