·
بانس جي لڙهي ۾ وجهڻ سان نانگ سڌو نٿو ٿئي.
·
شڪار ناهي ته سٺا تير ڪمان ۽ ڪتا به ڌوڙ پيا
پائين.
(جنهن شيءِ ۾ انسان جي ضرورت پوي ٿي ان جي هو پڇا
۽ اڻ تڻ رکي ٿو)
·
کنوڻ گوڙ کان خراب آهي.
(ظاهر آهي ته گوڙ فقط آواز پيدا ڪري ٿي پر کنوڻ
جنهن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ آهي، ماڻهو ماريو رکي)
·
ڪن هنڌن تي نر ڪڪڙ بدران مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏئي ٿي.
·
اهو گهر جنهن ۾ سج جي آمد ناهي، اتي ڊاڪٽر جو اچڻ
عام رهي ٿو.
·
ڪابه شيءِ بيڪار ناهي، ويندي رسيءَ جون پڇڙيون.
(سياڻا ماڻهو هر شيءِ کي ڪم ۾ آڻين ٿا. ان تان مون
کي ياد آيو ته جپان ۾ ڪاسائي چوندو هو ته ڍڳي ٻڪري
جي هر شيءِ ڪم ۾ اچي ٿي. گوشت، جيرا، بڪيون، ويندي
آنڊا اوجهري مغز، پاوا کائڻ ۾، کل مان بوٽ ۽ ٻيو
سامان ٺاهين. سڱن ۽ هڏن مان جيلي ۽ دوائون. مطلب
ته ڪابه شيءِ ضايع نٿي ٿئي سواءِ جانور جي ڪِيڪ جي
جيڪا ڪاتي ڦرڻ مهل ڪڍي ٿو)
·
ٻين کي سڌارڻ کان اڳ پهرين پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ
کپي.
·
گهوڙي کي سڃاڻڻ لاءِ هن تي سواري ڪرڻ ضروري آهي.
·
ٻين جي جهيڙي ۾ پنهنجو پاڻ کي ٽنبڻ نه کپي.
·
سنڌيءَ ۾ چوڻ آهي ته: ”پراوا ٽٽَ پنهنجي ڳُئي ۾
وجهڻ“
·
ٽيون دفعو
گار تي، گوتم
ٻڌ جي مورتيءَ کي به چڙ لڳي ٿي.
(سهپ جي به هڪ حد ٿيندي آهي، جيڪو ماڻهو صبر ۾ آهي
ڪجهه نٿو چوي، ٿي سگهي ٿو بگڙي به پوي)
·
عذر وارو وڏي ڄمار پائي ٿو.
(ڪيترا ماڻهو عذر جي تڪليف کان چاهيندا ته ان کان
موت اچي پر جلد مرڻ بدران ويتر هنن جي حياتي انگهي
پوندي آهي ۽ ساڳي وقت خوش چڱا ڀلا وفات ڪري ويندا
آهن. بهرحال قدرت جا عجيب کيل آهن، تڏهن ته سنڌيءَ
۾ چوڻي آهي ته قدرت جڏا جياري مرڪندا ماري. جنهن
جي جيڪا رات قبر ۾ ڪٽڻي آهي، اها ئي گذرندي پوءِ
ڀلي هو ڇا به ڪري)
·
انسان جو سينو ڏک درد لڪائڻ لاءِ بهترين ٻٽون آهي.
·
سياڻا باز پنهنجا چنبا لڪائين.
·
ٿڌي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ کان اڳ ڪراڙي ماڻهوءَ کي چڱيءَ
طرح سوچڻ کپي.
(اهڙا بهادريءَ جا ڪم ڪرڻ کان اڳ انسان کي پنهنجو
ست سارڻ کپي ته آيا، هن ۾ ايتري سگهه آهي. ان ڪري
سياڻا چوندا آهن جيڪو ڪم ڪري نه سگهجي، ان ۾ هٿ نه
وجهجي، ان تان مون کي ”اڏامڻ نه اچي ته هٿ نه
لائجي“ وارو چرچو ياد اچي، جيڪو ”ڪاوش“ اخبار ۾ ان
جي ايڊيٽر محمد علي قاضيءَ لکيو آهي ته:
هڪ همراهه پنهنجي طوطي سان گڏ هوائي جهاز ۾ سوار
ٿيو. سفر دوران ايئر هوسٽس کي طوطي پنهنجي چهنب
هنئي. مائيءَ پٺيان مڙي ڏٺو ته طوطو هو ۽ ماٺ ٿي
ويئي. ٿوري دير بعد ايئر هوسٽس وري اتان لنگهي ته
طوطي وري کيس ٺونگو هڻي ڪڍيو. مائيءَ ڪاوڙ مان
پويان ڏٺو پر طوطي کي ڏسي کلي ڏنائين. مائيءَ کي
جو کلندي ڏٺائين ته طوطي جي مالڪ سمجهيو ته قصو
خير جو آهي. هاڻ جيئن مائي موصوف اتان لنگهي ته
همراهه کڻي کيس هٿ هنيو.هاڻ مائيءَ جو پويان ڏٺو
ته هن ڀيري طوطو نه
پر طوطي جو مالڪ هو. بس پوءِ ته مائي ايئر هوسٽس
وٺي رڙيون ڪيون ته جهاز جي پائليٽ سوڌو سڄو اسٽاف
اچي گڏ ٿيو ۽ فيصلو ٿيو ته هلندي جهاز مان طوطي
۽سندس مالڪ کي سزا طور ٻاهر اڇلايو وڃي. اهڙو
فيصلو ٻڌي طوطو زور زور سان کلڻ لڳو.طوطي جي مالڪ
ڪاوڙجي چيس:
اهو سڀ ڪجهه تنهنجي ڪري ٿيو تون ٺونگو نه هڻيس ها
ته آءُ به هٿ نه هڻانس ها.“
طوطي وراڻيس: ”مونکي ته اڏامڻ اچي ٿو. توکي اچي ٿو
_ ؟ جي نٿو اچي ته پوءِ هٿ ڇو هنئي.“)
جلدي کائڻ، جلدي مٽڻ، جلدي ڳڻڻ شايد هنر سمجهيو
وڃي ٿو.
انڌي کي نانگ جو ڪهڙو ڊپ.
ٽن ڏينهن بعد دلپسند مهمان به مصيبت ثابت ٿئي ٿو.
(جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”دو دن مهمان تيسري
دن بلائي جان.“
سندن وارن هڪ ڏينهن جي وڌيڪ رعايت ڪئي آهي ۽ چوڻي
آهي، ”چار ڏينهن چاهه جا پوءِ وٺ پاسا واهه جا“)
·
زندگيءَ جو سفر ڊگهو آهي ۽ پاڻ سان کنيل بار تمام
ڳرو.
·
ڏيڏرن پيٽان ڏيڏر ئي ڄمن ٿا.
(ڪانوَن جو اولاد ڪانوَ ٿئي ٿو)
·
ڦاسڻ کان پوءِ پکي جو افسوس ڪرڻ ڪهڙي ڪم جو ته
جيڪر هو ڄار کان
مٿي اڏامي ها.
(ٻين لفظن ۾ ڦاٿي کان پوءِ ڦٽڪڻ ڪهڙو)
·
سٺي گهوڙي لاءِ چهبڪ جو پاڇو
به
ڪافي آهي.
(جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ٽٽونءَ کي ٽارو تازيءَ
کي اشارو)
·
شراب ۽ دير سان اٿڻ انسان کي غربت ڏانهن جلد
پهچائين ٿا.
·
شراب غمن کي في الحال ميڙڻ لاءِ سٺو ٻهارو آهي.
·
زال جي ڪرتوتن جي خبر مڙس کي اڪثر آخر ۾ ئي پوي
ٿي.
·
سٿڻ مان ڪپڙو ڪڍي قميص ۾ چتي هڻڻ.
(اجائي محنت ڪرڻ، مسئلو قائم رهڻ)
·
ڪجهه ديوتا انسان کي تباهه ڪن ٿا ته ڪجهه بچائين
ٿا.
·
ماڻهن جو وات بند ڪرڻ کان بئراج بند ڪرڻ سولي آهي.
·
آسمان کان ڌرتي تائين ڊگهو اڳٺ.
(تمام ڊگهي ڪهاڻي، اڻ کٽندڙ ڳالهه، اجائي بڪواس يا
ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه. ڪي وري ان مفهوم لاءِ ”رام
ڪهاڻي“ استعمال ڪن)
·
هٿين خالي دشمن خطرناڪ آهي، جو هن کي ڪجهه به
وڃائڻ جو ڊپ ناهي.
·
پوڙهين کي ويسر جي عادت آهي ۽ جوانن کي ”نه _
سوچڻ“ جي.
·
ٻن گهاٽن دوستن جي وچ ۾ به ٿورو گهڻو تڪلف ضروري
آهي.
(هڪ ٻئي سان گهڻو گهرو ٿيڻ سٺي ڳالهه ناهي)
·
ڊاڪٽر اهو ئي چاهي ٿو ته گهڻي کان گهڻا بيمار ٿين
۽ ٻائو اهوئي چاهي ٿو
ته گهڻي کان گهڻا مرن.
·
ڪمزور گهوڙو دانهن وڏي ڪري ٿو.
·
بارش ڇنل جهوپڙيءَ جي ڇت تي گهڻي زور سان وسي ٿي.
(ڪمزور ڍڳيءَ تي مڇر گهڻا)
·
کٽل جو گهر، گهٽيءَ جو ڪتو به سڃاڻي ٿو.
(چنڊي
جو گهر ئي پڌرو)
·
خوشي ۽ خالي پيٽ جي دوستي ڪڏهن به ٿي نٿي سگهي.
·
منحوس
صورت واري کي ڪڏهن به دڪانداري ڪرڻ نه کپي يا چيني
ان لاءِ
چوندا آهن ته ”جنهن کي کلڻ نٿو اچي اهو دڪان تي نه
ويهي“
·
سال جي پهرين ڏينهن تي گهر جي خرچ جو ڪاٿو ڪجي.
·
شاديءَ جي پهرين ڏينهن تي زال کي درست ڪجي. ان
لاءِ سنڌيءَ ۾ محاورو
آهي، پهرين ڏينهن ٻلي مارڻ.
(هڪ همراهه پنهنجي دوست کان سندس زال جي
فرمانبرداريءَ جو سبب پڇيو.
”مون شادي جي پهرين رات زال جي اڳيان ٻليءَ کي
ماري وڌو. اهو ڏسي منهنجي زال ڊڄي وئي ۽ هاڻ
منهنجو هر چيو مڃي ٿي.“ دوست ٻڌايس.
همراهه کي ڳالهه وڻي ۽ ان رات پنهنجي ڪمري ۾ ٻلي
ويهاري ڇڏيائين ۽ موقعو ڳولي زال جي موجودگيءَ ۾
ٻليءَ کي ڪهاڙيءَ سان ٻه اڌ ڪري رکيائين.
اهو لقاءُ ڏسي، ڊڄڻ بدران زال بجا گهروڙي چيس:
”ماريا! ٻلي جي مارڻي هئي ته پهرين رات ئي مارين
ها. هاڻ ٽن سالن بعد هليو آهين ٻليءَ جو ساهه
ڪڍڻ“)
·
ويندي دوزخ ۾ به پئسي جي هلي ٿي.
(مطلب اهو ئي ته اڄ جي دور ۾ هرڪو پئسي واري جو
خيال ڪري ٿو.
اڄڪلهه پئسو وڏو پير آهي)
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”نه عيسى نه موسي بڙا پير
پيسا.“
·
پيار جي پهرين شروعات خوشيءَ جو خاتمو آڻي ٿي.
(خوشيءَ جو خاتمو آڻي يا نه پر عقل جو ضرور آڻي ٿي
تڏهن ته انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
(First
sigh of love, is the last of wisdom.)
·
ڪنهن جو انتظار ڪرڻ بدران ڪو ٻيو اسان جو انتظار
ڪري ان ۾ وڌيڪ
رومانيت آهي.
·
علم جي شروعات الف ب کان ئي شروع ٿئي ٿي.
(ڪوبه ڄمندي ڄام نٿو ٿئي. ٿورو ٿور ڪري هو سکي ٿو)
·
بانس جي لٺ سان تارن کي ڇا ڌڪ هڻي سگهبا.
·
ڪفن دفن کان واندو ٿيڻ بعد ڊاڪٽرن جو ئي ذڪر هلي
ٿو.
(ته فوتيءَ کي ڪهڙي بيماري هئي.ڪهڙن ڊاڪٽرن جو
علاج ڪيائين. ڊاڪٽر جو ڏوهه هو يا دوا جو، وغيره.
مريض جي وفات بعد، سندس وصيت جي پوئواري ڪندڙ وڪيل
وٽ، ڊاڪٽر پهتو، جيڪو آخري ڏينهن ۾ مريض جو علاج
ڪري رهيو هو.
”وڪيل صاحب! منهنجي علاج جي فيءَ لاءِ ضروري
سمجهيو ته قسم نامون به لکي ڏيانوَ ته مريض مرڻ
کان اڳ منهنجي علاج هيٺ هو.“
”ان جي ڪا ضرورت ناهي،“ وڪيل ڌيرج سان وراڻيو، ”هن
جو موت ئي وڏي ثابتي آهي ته هن ضرور توکان علاج
ڪرايو هوندو“)
·
جپاني فوجُي جبل جي سونهن ان کي ڪڏهن به متاثر نٿي
ڪري، جيڪو بک
۾ پاهه آهي ۽ سيءَ ۾ ڏڪي رهيو آهي.
(خالي پيٽ تي ڪابه سونهن، ڪابه شاعري سمجهه ۾ نٿي
اچي)
·
اهو ڪانگ جيڪو بدڪ جي اهل ڪري ترڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هڪ
ڏينهن پڪ مرندو.
(جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”ڪوا چلا هنس ڪي چال
اپني ڀي کهو بيٺا.“)
·
گوڏن سان به صلاح ڪجي.
(جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ٻوڙن سان به صلاح
ڪجي. معنى هڪ معمولي کان معمولي ماڻهوءَ سان به
صلاح ضرور ڪجي. ٿي سگهي ٿو هو ڪا ڪم جي ڳالهه
ٻڌائي وٺي جيڪا وڏي نقصان کان بچائي)
·
جنهن وٽ ٽي پاءُ اٽو آهي ان کي پنهنجي زال جي
مائٽن جي ڪاڻِ ڪڍڻ نه
کپي.
(ڪوشش ڪري زال جي مائٽن اڳيان هٿ نه ٽنگجي)
·
بادام جي وڻ هيٺان عشق ۾ گهايل ڇوڪريءَ کي، چلهه
تي رکيل ديڳڙيءَ لاءِ
به لمحو پل سوچڻ کپي.
(عشق جو نشو اهڙو آهي، جنهن ۾ ماڻهو خوابن خيالن
جي دنيا ۾ غرق ٿيو وڃي پر ان هوندي به انسان کي
گهرجي ته دنيا جي ڪجهه ضروري ڳالهين تي به ٿورو
ڌيان ڌري)
·
انسان عادتن جو غلام آهي:
هڪ دفعو
ڪابه عادت پوي ٿي ته ان مان جان ڇڏائڻ ڏکيو ڪم ٿيو
پوي ۽ نه فقط انسان عادت جو غلام ٿيو پوي پر
منهنجي خيال ۾ ڪيترا جانور به عادت کان مجبور ٿيو
پون. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”عادت عضوو آهي.“
هڪ ٽانگي واري ٿوري ٿوري دير بعد لهي گهوڙي اڳيان
شرنائي وڄائي نچيو ٿي. مسافرن پڇيس ته هي ڇا ٿو
ڪرين. وراڻيائين:
”هي سرگس جو گهوڙو آهي. عادت کان مجبور آهي. ٿوري
ٿوري پنڌ بعد جيسين هن اڳيان ڪو نچي نٿو تيسين هلي
نٿو“)
·
ٻيڙيءَ جي چور کي ٻيلي ۾ ڳولڻ.
(پنهنجي بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏيڻ. ظاهر آهي ته
ٻيڙيءَ جو چور ٻيڙيءَ سميت پاڻيءَ تي ئي هوندو.
ٻيڙيءَ کي مٿي تي رکي شهر جو رخ ته هرگز نه رکندو.
ان تان مون کي حضرت ابراهيم بن آدم جو قصو ياد اچي
ٿو. هي بزرگ شروع وارن ڏينهن ۾ بلخ جو بادشاهه هو.
هڪ رات پنهنجي محل ۾ ستو پيو هو ته آڌيءَ رات جو
اوچتو هن جي اک کلي. خبر پيس ته ڪو ماڻهو سندس محل
جي کڏ تي هلي رهيو آهي. پاڻ رڙ ڪري پڇيائينس: ”تون
ڪير آهين ۽ هتي هن وقت ڇا ڪري رهيو آهين؟“
هن شخص جواب ڏنو: ”آئون تنهنجو دوست آهيان ۽ هتي
توهان جو اٺ پيو ڳوليان.“
پاڻ ٻڌي تعجب مان فرمايائين: ”ڀلا اهو به ڪو ٿي
سگهي ٿو ته کڏ تي اٺ ملي!“
هن شخص ٺهه پهه جواب ڏنس: ”ته پوءِ ڀلا اهو ڪيئن
ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اطلس ۽ زرين جا وڳا پائي عيش
عشرت ۾ ننڊون ڪرڻ واري کي محل ۾ خدا ملي وڃي؟“
ٻئي ڏينهن ئي پاڻ تخت ۽ تاج کي ٿڏي ڇڏيو ۽ فقيرن
وارو وڳو پائي شهر کان ٻاهر هليو ويو)
·
ڪنجوس ماڻهو ميڻ بتي بچائڻ لاءِ پنهنجي آڱر به
ساڙڻ چاهيندو.
(جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته ڪنجوس چاهيندو آهي ته
چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي)
·
ڪانگ تي به عشق جو ڀوت سوار ٿي سگهي ٿو.
(پهاڪي واري جو شايد اهو مطلب آهي ته عشق اها شيءِ
آهي، جنهن جي چڪر ۾ نه فقط انسان پر جانور به
ڦاسيو پون. جيئن مثال مشهور آهي ته هڪ دفعي نظر جي
ڪمزور ڪمي هڪ فوجيءَ جي ترندڙ ٽوپلي کي ڪڇون سمجهي
ان تي عاشق ٿي پئي هئي)
·
پستا به ٿا پنهنجو قد ڀيٽين.
(پستو جنهن جي ڊيگهه بادام، اخروٽ ۽ نيزي کان به
ننڍي آهي، انهن جو پنهنجو پاڻ ۾ قد ماپڻ ائين آهي
جيئن ڪوجهي شڪل جا پنهنجو پاڻ ۾ سونهن جو مقابلو
ڪن)
·
چانڊوڪي راتين ۽ سٺي رڌل ڀت کائڻ کان ڪير بيزار
ٿيندو.
(جپان ڀت کائيندڙ قوم آهي. جپان ۾ چانور ”ان _
نور“ آهي. چانور ”ڳئون ماتا“ يا ”کير پير“ جپان جي
ماڻهن جي جياپي جي تند آهن. جپاني زبان ۾ چانورن
تي ڪيتريون ئي چوڻيون، پهاڪا، گيت ۽ لوڪ ڪهاڻيون
آهن)
·
ڪوجهي شڪل جي صورت ۾ سج لٿي مهل ڇٽيءَ هيٺ سهڻي
لڳي ٿي.
·
جهنم ۽ ظالم زالون هڪ ئي ٽولي سان تعلق رکن ٿيون.
·
اعلى اخلاق واري جو ٻٽون سنهو ئي ٿئي ٿو.
(هو حرام جي پئسي کان پري ڀڄي ٿو)
·
بهتر آهي ته ڪجهه چوڻ بنان محفل مان اٿجي.
(اجايو سجايو غلط ڳالهائي ٻئي جي دل آزارجي يا ڪو
ڦڏو فساد پيدا ڪجي، ان کان بهتر آهي ته ماٺ مٺوڙي
۾ اٿي وڃجي)
·
چاهي عطر يا کٿوري هجي، گهڻي سنگهڻ سان دماغ وٺي
ٿو.
(هر شيءِ جو استعمال حد اندر ڪجي، گهڻائيءَ مان
سٺو نتيجو نٿو نڪري)
·
پياڪ شراب جي نقصانن کان اڻ واقف آهي.
اڻ پياڪ شراب جي فاعدن کان اڻ واقف آهي.
·
گدرن جي پوک ۾ هرگز قدم نه رکجي، متان ڪو ڀلجي
توهان کي چور سمجهي.
·
منهن تي ڇنڊا لڳڻ سان ڏيڏر ماٺ ۾ رهن ٿا.
·
اڀاڳ سڀاڳ پاڻ ۾ تاڃي پيٽي مثل آهن.
(يعني ڏک سک هر وقت گڏ رهن ٿا، جيڪو سک ۾ آهي ان
تي مصيبتون به اچي سگهن ٿيون ۽ جيڪو تڪليف ۾ آهي،
ان کي دل لاهڻ نه کپي، ڪنهن وقت به سٺا ڏينهن اچي
سگهن ٿا)
·
سمنڊ کان وڌيڪ شراب جي جام ۾ گهڻا ماڻهو ٻڏن ٿا.
·
کيکڙا پنهنجي جسم مطابق ڌرتيءَ ۾ سوراخ کوٽين ٿا.
(کيکڙا هر وقت سمنڊ جي ڪناري تي نٿا ملن. مقرر
وقتن تي جيڪو شايد سمند جي
Tide تي
مدار رکي ٿو، زمين اندر گهڙيو وڃن)
·
مٺي پاڻيءَ جو کوهه جلد سڪي ٿو.
·
ظالم حاڪم شينهن کان به خطرناڪ ٿين ٿا.
·
فيصلو ڪرڻ کان اڳ ٻنهي ڌرين جي ڳالهه ضرور ٻڌڻ
کپي.
·
بک هڪ ماڻهو ماري ٿي، شراب هزار ماڻهو.
·
هر پسونءَ کي هن جي اڌ جيترو روح آهي.
·
جيڪي درياهن تي رهن ٿا، انهن کي درياهه ۾ ئي ٻڏڻو
آهي.
·
عورت اها وفادار جيڪا دير تائين جاڳي مڙس جو
انتظار ڪري.
(گهٽ ۾ گهٽ جپاني مرد اهو چاهي ٿو ۽ جپاني عورت
ئي اهڙي وفاداريءَ جو ثبوت ڏئي سگهي ٿي. هن ماڊرن
دور ۾ جڏهن هند سنڌ ويندي عرب ملڪن جا ماڻهو به
پنهنجين زالن کي دعوتن پارٽين ۾ پاڻ سان گڏ وٺي
هلن ٿا، اتي اڃان، جپاني مرد ڪوشش ڪري اڪيلو نڪري
ٿو يا گرل فرينڊ / محبوبه سان گڏ دعوتون کائي ٿو ۽
جپاني زال صبر ۾ گذاري ٿي. حيثيت وارا جپاني مرد
آفيس يا ڌنڌي ڌاڙيءَ تان شام جو گهر موٽي پوءِ
تيار ٿي شام ملهائڻ لاءِ اڪيلا ڪلبن ۽ پارٽين ڏي
رخ رکن. پوءِ رات جو دير سان نشي ۾ ڌت گهر پهچن.
سندن زالون ڪَهيون کولي بوٽ لاهينديون ۽ پوءِ کين
ڊگهو ڪري کٽ تي سمهارينديون. صبح جو آفيس وڃڻ وقت
کين اڳواٽ اٿي تيار ڪيل لنچ جو ٽقن ڏيئي مرڪي
موڪلائينديون. ان کي هو نارمل زندگي سمجهن ٿيون.
ڪيترن کي ته اها به خبر ناهي ته ڪيترن ملڪن ۾ مڙس
جي دير سان اچڻ تي سندن زالون لاهي موچڙو بيهنديون
آهن. جيئن هي مثال آهي:
هڪ صاحب کان سندس دوست پڇيو: ”ڪالهه رات جڏهن تون
نشي ۾ مست ٿي دير سان گهر پهتين ته تنهنجي زال ڇا
چيو؟“
هن صاحب ککو وکو ٿي جواب ڏنو: ”ڪجهه به نه! ۽ هي
اڳيان ڏند ته هونءَ به آئون ڏينهن ٻن بعد ڪڍائڻ
وارو هوس.“)
·
سڪل هٿ کان آلي هٿ ۾ ٻاجهر جا گهڻا ڪڻا اچن ٿا.
(جيئن چيني زبان ۾ چوڻي آهي ته سڪل آڱر تي ڪهڙو
لوڻ لڳندو)
·
ڇا گول هجڻ ڪري ڪميءَ کي چنڊ جهڙو سمجهجي.
(چنڊ جهڙو سهڻو ٿيڻ لاءِ ٻين به خاصيتن جي ضرورت
آهي)
·
عياشيءَ جو انجام غم آهي.
·
مشغول شاهوڪار ماڻهو، مشغول
پيڪدان وانگر آهي، ٻئي جلد خراب ٿين
ٿا.
·
جنهن کي توهان جنت سمجهو ٿا ٿي سگهي ٿو اهو جهنم
ثابت ٿئي.
(جنهن کي توهان سک سمجهو ٿا، ٿي سگهي ٿو ته اهو ڏک
جو ڪارڻ بنجي ۽ غم رسائي. مطلب اهوئي ته هر ڳالهه
جي فيصلي تي تڪڙو نه پهچجي۽ صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺي
حالتن جو مقابلو ڪجي)
·
هر ڪتو پنهنجي گهر جي در اڳيان بهادريءَ سان ڀونڪي
ٿو.
(جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته: ”گدڙ به پنهنجي ڏر تي
شينهن آهي“)
·
ٽٽ نڪرڻ بعد ٽنگن کي ڀڪوڙڻ اجايو آهي.
·
ڪٿي پٿر ترن ٿا ڪٿي ته پن به ٻڏيو وڃن.
(مٿيون جپاني پهاڪو بلڪل هن سنڌي شعر مطابق آهي:
پن ٻوڙين پاتال
۾ پهڻ تارين تون)
·
هر وقت خبردار رهجي، ڇو جو ماڻهو ڪنهن وقت به چور
ٿي سگهي ٿو ۽ چڻنگ
وڏو ڀنٽ پيدا ڪري سگهي ٿي.
·
عشق جي ڪا دوا ناهي.
(عشق جي بيماري ته پنهنجي مرضيءَ سان لڳي سگهي ٿي
نه ڇڏي سگهي ٿي. سنڌيءَ
۾ چون ”لڳيءَ کي لعنت.“)
·
هزار ٺڪر جا ديڳڙا هڪ مُترڪي سان ڀڃي سگهجن ٿا.
·
ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بيهودگي ٿي سگهي ٿي ته هڪ ٻڌ
بکشو جنگ جي
ڳالهه ڪري.
(ٻڌ ڌرم ۾ انسان يا جانور کي مارڻ ته پري جي ڳالهه
آهي پر جيت جڻئي، وڇون چيلاٽي کي مارڻ به ڏوهه
سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري ٿائيلينڊ جهڙن ملڪن ۾
ڪاسائي به ڪو ٻڌ نظر نه ايندو. اتي ٻڌن جو رهنما،
يعني ٻائو ٻانڀڻ ڪيئن ٿو جنگ جي ڳالهه ڪري سگهي،
جنهن ۾ انسان انسان کي ماري ٿو)
·
هڪڙي ئي ڏينهن جا ٻه صبح نٿا ٿي سگهن.
·
غريب ماڻهو اهو ئي چاهي ٿو ته کيس زال سٺي ملي.
·
ڪاوڙ کي پنهنجو دشمن سمجهڻ وارو سياڻو آهي.
·
چڙ جا تکا ماڻهو دل جا سٺا ٿين ٿا.
·
ذلالت جي زندگيءَ کان موت سٺو آهي.
اها چوڻي سنڌيءَ ۾ ان طرح مڪمل آهي ته ذلالت جي
زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر آهي.
·
هر نئون نوڪر پهريان ويهه ڏينهن سٺو ڪم ڪري ٿو.
·
ڪتي کي توهان ٽي ڏينهن کارايو،
ٽي سال هو توهان کي ياد رکندو.
·
هزارين سولجر هڪ جنرل ٺاهين ٿا.
·
ٺوڙهي جبل تي سڪل وڻ به سونهن آهي.
·
عورت تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي، ڀلي کڻي هن ست پٽ
ڄڻي ڏنا هجن.
(جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ڏور اوڀر جي ملڪن ۾
به آفريڪا وانگر هر ڳالهه جو الزام يا هر برائيءَ
جي پاڙ عورت کي سمجهيو وڃي ٿو. جپان جي عورت هاڻ
مڙئي معاشري ۾ عزت ماڻي رهي آهي نه ته هوءَ هميشه
سورن ۾ رهي آهي)
·
سگهڙ عورت کي خرچ جو بچاءُ ڪرڻ کپي.
(ڪيتري حد تائين بچاءُ يا ڪنجوسي ڪرڻ کپي، اها هر
هڪ جي پنهنجي پنهنجي حد آهي. ٻه ڄڻا پنهنجين زالن
جي بچت ڪرڻ جي هڪ ٻئي سان نفرت ڪري رهيا هئا. هڪ
چيو:
”منهنجي زال کي بچت جي ايڏي عادت آهي، جو جڏهن
سندن ڪڇو پراڻو ٿيندو آهي ته ان کي اڇلڻ بدران
منهنجي لاءِ ٽاءِ ٺاهي رکندي آهي.“
ٻي چيو: ”اهو ته ڪجهه به نه آهي، منهنجي زال ته
منهنجي پراڻي ٽاءِ مان پاڻ لاءِ ڪڇو ٺاهيندي آهي“)
·
چاهي هن کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو هجي ته به
جنگجو
Samuri
پنهنجا ڏند ڪاڙيءَ
Tooth _ pick سان
کوٽيندو نظر ايندو.
(ڏند کوٽڻ معنى گوشت کاڌو اٿس، يعني نه هوندي به
ڪوڙو شان رکڻ. جيئن چوندا آهن ته: کٽل آهيون ته به
خان آهيون“)
·
اهو جيڪو اڪيلو گهمي ڦري ٿو اهو ديوتا آهي يا وري
جانور.
(چوندا آهن ته انسان سماجي جانور آهي. هو ڪٽنب،
ساٿين سنگتين سان گڏ گذاري ٿو. اڪيلو جانور ئي رهي
سگهي ٿو)
·
بهانا ۽ پلاستر هر شيءِ تي هلي سگهن ٿا.
·
مالڪن کي وڙهندو
ڏسي هنن جا ڪتا به وڙهڻ شروع ڪن ٿا.
·
ڪوبه ڪٽنب ٽن پيڙهين کان وڌيڪ امير نٿو رهي.
(يعني اميري غريبي ايندڙ ويندڙ شيءِ آهي. پئسي تي
ناز نه ڪجي. ٿي سگهي ٿو اڄ جنهن وٽ دولت آهي سڀان
اهو ڪنگال ٿي وڃي) |