·
ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال.
(لنگهڻ معنى ويلو، بک مرڻ، هيترن ويلن جي بک بعد
انسان کي جياپي لاءِ ضروري آهي ته ڪجهه کائي. ان
حالت ۾ اهو ڏسڻ ضروري ناهي ته ڇا صحيح آهي ڇا
خراب! ويندي اسلام ۾ به ٽن ڏينهن جي فاقن بعد حرام
شيءِ به حلال آهي)
·
لَڇمي، ڪُلڇڻ ڍَڪڻي.
(لڇمي معنى دولت. ڪُلڇڻ معنى خراب لڇڻ يا افعال.
دولت اها شيءِ آهي. جيڪا ماڻهوءَ جا عيب ثواب
لڪايو ڇڏي. ڪو غريب ڪتا پاليندو ته چوندا خوار
خراب اچي ٿيو آهي. پر ڪو امير ساڳيو ڪم ڪندو ته
چوندا.“ رئيس شوق ڪيو آهي.“ انهيءَ ڪري ته چوندا
آهن ته جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا تنهنجا چريا به
سياڻا)
·
دال روٽي ڪڏهن نه کوٽي.
(سادگي ۾ رهڻ سان، انسان ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي)
·
لِکيون لوهارن کي چَڏن منجهه چڻگون.
(اهو ڪهڙو لوهار يا ويلڊر آهي، جيڪو چڻگن کان بچي
سگهي. لوهار جو خاص ڪم لوهه جي ٽڪر کي باهه ۾
تپائي ڳاڙهو ڪري پوءِ ان کي مترڪن سان ڌڪ هڻي
مختلف شڪل ۾ آڻڻ آهي. لوهه تڏهن ئي شڪل بدلائي
سگهي ٿو، جڏهن ٽانڊي وانگر گرم هجي. ڌڪ هڻڻ سان
لوهه جا سنها ذرڙا ۽ چڻگون اڏامن ٿيون ۽ ويٺل
لوهار جي ڪڇ ۾ ڪرن ٿيون)
·
اٺ چڙهيءَ به ڪڏهن نانگ کائي!
(اٺ تي سوار جيڪڏهن نانگن کان ڊڄي ته اها سندس
بيوقوفي آهي. نانگ زمين تي سرندڙ شيءِ آهي ۽ زمين
تي هلندڙ خاص ڪري پيرين اگهاڙو نانگ جي چڪ جو شڪار
ٿئي ٿو. اٺ تي ويندڙ کي ڪهڙو خوف خطرو. بهرحال اهو
پهاڪو هند، سنڌ، پنجاب تائين ته ڏئي سگهجي ٿو پر
ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي اهڙا به نانگ آهن جيڪي
وڻن تي ته چڙهيو وڃن، موٽر لارين ۾ گهڙيو اچيو
ڏنگين. ان کان علاوه اڏامندڙ نانگ به آهن، جيڪي هڪ
ڀت کان ٻي ڀت تي يا ڇت تي اڏاميو وڃن. ڪيترا نانگ
اهڙا آهن، جيڪي ڏنگ بدران زهر جو ڦوهارو هڻن ٿا ۽
ماڻهو انڌو ٿيو وڃي. ان ڪري چوندا آهن ته نانگ
پڃري ۾ هجي ته به پري بيهجي. ڪيترن نانگن کي
مسمريزم
Hynotism جو
هنر آهي ۽ جنهن ماڻهو يا جانور سان اکيون ملائين
اهو اچيو سندن اڳيان ڦهڪو ڪري)
·
اماڙ ڏنل ڪتي، تارا ڏسي ڊڄي.
(اماڙ يا اماڙي سنهي دکيل ڪاٺيءَ کي چئبو آهي.ان
جي سڙيل ڪتي تارن کان به پئي ڊڄندي آهي. جيئن اڙدو
۾ چوڻي آهي ته کير جو سڙيل ڏڌ کي به ڦوڪي پيئي. يا
جپاني زبان ۾ چوڻي آهي ته، سج جي سڙيل مينهن
پاڻيءَ ۾ چنڊ جو پاڇو ڏسي ڏڪي ويندي آهي)
·
اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ رب کي.
·
ڳڀ معنى پيٽ. عورت جي ڀيٽ ۾ ڌيءَ آهي يا پٽ اها هڪ
ڳجهي ڳالهه آهي. الٽراسانڪ ۽ سي ٽي اسڪئنگ بعد به
ڪو سؤ سيڪڙو پڪ نٿو ڏئي سگهي. اهڙي طرح ٻئي ٻئي
ڏينهن جو اگهه ڇا رهندو، ان لاءِ خاطري سان چئي
نٿو سگهجي. انهن ڳالهين جي رب کي ئي خبر.
·
رن چشڪي هري، رکي آرت وار.
·
اگهه کٽيو کائجي، وَٽ کٽيو نه کائجي.
(وٽ معنى تورو. تور گهٽ نه ڏجي يا تور ۾ هيرا ڦيري
نه ڪجي باقي واپار جي ڪم ۾ اگهه هيٺ مٿي ٿيندو رهي
ٿو)
·
شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻِلاڙا، چور نه ڏيکيا ته
ڏيک سونارا.
(هن پهاڪي ۾ سونارن تي ڇوهه ڇنڊيل آهن ته هنن جا
ڪم چورن وانگر آهن. صحيح ماپ يا سون نه ڏئي هو
ماڻهن کان پئسا ڦرين ٿا)
·
سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي
نه
ڳيهجي.
(ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته ڪو ساڻن همدردي
ڪندو آهي ته ان تي صفا لاهي پاهي ويهندا آهن ۽
ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيئن چوندا
آهن ته ڄٽ کي عزت ڏي ته جتيءَ سوڌو گلم ٿي)
·
شينهن اڳيان ڪاٺي اڇلڻ سولي، کڻڻ ڏکي.
(ڪي ڪم چوڻ يا هڪ طرفا ڪرڻ سولا آهن پر انهن کي
هلائڻ يا قائم رکڻو ڏکيو آهي. ظاهر آهي پري کان
بيهي شينهن ڏي ڪاٺي يا ڀتر اڇلڻ سولو ڪم آهي پر ان
جي ويجهو وڃي کڻڻ ڏکيو آهي. جو شينهن دنيا جو
خطرناڪ جانور سمجهيو وڃي ٿو. پر ڪن جي نظرن ۾
شينهن کان به وڌيڪ خطرناڪ جانور آهن. سرڪس ۾ ڪم
ڪندڙ هڪ همراهه کي رات جو گهر موٽڻ ۾ دير ٿي وئي.
زال جي دڙڪن جي ڊپ کان گهر وڃڻ بدران اها رات
شينهن جي پڃري ۾ سمهي رهيو. زال جي جڏهن صبح جو اک
کلي ۽ مڙس کي نه ڏٺائين ته ڪاوڙ ۾ اٿي هن جي ڳولا
شروع ڪيائين. ڳوليندي ڳوليندي اچي شينهن جي پڃري
وٽ نڪتي ۽ شينهن جي ڀرسان پنهنجي مڙس کي سڪون سان
کونگهرا هڻندو ڏسي کيس رڙ ڪري چيائين: ”اُٿ! ڊڄڻا
ڪنهن جاءِ جا.“)
·
ويهي ويهي مڙس ڪري، سا وَهي ڇو وڃائي.
(مطلب صاف ظاهر آهي ته جنهن پنهنجي ڪافي جواني
وڃائي مس مس مڙس هٿ ڪيو ان سان باقي ڏينهن ته چڱي
طرح عيش سان گذاري)
·
اُٺ پوڙهو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو.
(اُٺ جي مٽڻ وقت سندس پيشاب پٺيان وڃي، سندس سڄيون
ٽنگون آليون ڪري ٿو)
·
ناڻو نَرَ به چُتون ڪري.
(دولت ها خراب شيءِ آهي، جيڪا ڏسڻن وائسڻن کي
کاريو ڇڏي)
·
گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.
·
نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پَٽُ
پڻائجي.
(ٻئي جي چرُ ڪري پاڻ کي وڏي نقصان ۾ نه وجهجي،
جيئن چوندا آهن ته شيشي جي گهر ۾ رهندڙن کي واٽ
ويندن کي ڀتر نه هڻڻ کپن)
·
پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري خٿابي.
(خٿابي معنى شاگرد. خاص ڪري مذهبي اسڪول يا مدرسي
جا. ڪيترا معلم ماستر گهٽ ڄاڻ هجڻ ڪري، ٻارن کي
چڱي طرح پاڙهي يا سمجهائي نه سگهندا آهن. پوءِ زور
هوندو اٿن موچڙي مار تي ۽ سڄو ڏوهه شاگردن تي
ٿاڦيندا آهن)
·
ناڻو ڏجي آڪرو ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
(ٻاڪرو گيهه ماهئي کان گهٽ سمجهيو وڃي ٿو. ۽ جڏهن
ڪنهن سٺي شيءِ جي قيمت ادا ڪجي ته اها سادي ڇو
وٺجي)
·
ويهي دريا جي ڀر تي، وجهجي نه واڳن سان وير.
(هڪ طاقتور شيءِ جي هٿ وس رهي ان سان ڇا جهيڙو ڪري
سگهجي ٿو. ڀڄي پاسو ڪجي يا ماٺ ۾ گذارو ڪجي)
·
جنهن ڪاڻ اڳتي هلي بيهجي، تنهن سان گڏيو ڇو نه
وڃجي.
·
واڱڻ ڪِن کي وائي ته ڪن کي بادي.
(ڪي شيون يا ڳالهيون ڪن کي هڪڙو ڏک پهچائين ٿيون
ته ڪن کي ٻيو. يا هڪڙن کي تڪليف ڏين ٿيون ته ٻين
کي فائدو. ويندي زهر به ڪن لاءِ نقصان ڪار آهي ته
ڪن لاءِ ترياق)
·
جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ ڇو پڇائجي.
(جيڪا شيءِ حاصل ڪرڻ جو ارادو نه هجي ان لاءِ خوار
ڇو ٿجي)
·
ڪُتو به کاڌو ڪک به نه ڀري.
(ڪتو حرام ۽ خراب شيءِ آهي. يعني ڪو خراب ڪم به
ڪجي ۽ فائدو به نه ٿئي ته اها ٻيڻي غلطي ٿي. لالچ
۾ اچي ڪو غلط ڪم ڪري ۽ ڪجهه هڙ حاصل ٿيڻ بدران
جهلجي پوي ۽ سزا مليس ته ان لاءِ مٿيون مثال ٺهڪي
ٿو)
·
نچڻ هلي ته گهونگهٽ ڪهڙا.
(گهونگهٽ معنى پڙدو ڪرڻ. پنهنجو حياءُ _ لڄ قائم
رکڻ. نچڻ لاءِ بي حيا، ۽ بي شرم ٿيڻو پوي ٿو. هاڻ
جيڪو نچڻ لڳو آهي ان کي پڙدي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت.
جيڪڏهن ڪا اهڙي عورت پردو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي
ڪوبه حياءَ شرم نه سمجهندو، پر سندس اجايو نخرو
سمجهندو)
·
اُٺن تڏهن ٿي رنو، جڏهن ٻورا ٿي سبيا.
(جن تي بار اچڻو هو، انهن ان تڪليف لاءِ اڳهين
دانهون ٿي ڪيون. ڪيترن ماڻهن کي پنهنجن يا پراون
جي غلط ڪمن جا سور اڳهين سمجهندا آهن)
·
عاشق جهڙا عيد تي، تهڙا منجهه مقام.
(عاشق کي هر وقت محبوب جي جهوري لڳل رهي ٿي هن
لاءِ عيد يا موت سڀ هڪ آهي. هو قبر ۾ به محبوب جو
پڇائي ٿو). شاهه صاحب چواڻي:
اچي عزرائيل ستي جاڳائي سسئي،
پئي ڊوڙائي دليل ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.
·
ڏنو پُٽ ڇٽي جو، ذات جو آسودو.
(اسانجي ملڪ ۾ رشوت ايتري عام ٿيندي وڃي جو ماڻهو
ان کي حرام يا خراب ڳالهه سمجهڻ بدران پنهنجي اندر
کي مطمئن ڪرڻ لاءِ مٿيون پهاڪو ڏين ٿا ته ڪم يا
انصاف ان جو نه ٿيندو، جيڪو حق تي آهي، پر ان جو
ٿيندو، جيڪو رشوت ڏئي ٿو)
·
ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا.
·
گهوٽ ڪنوار راضي ته ڪوهه ڪندو قاضي.
(ٻه واسطيدار ڌريون جڏهن راضي آهن ته ٽين ڌر جو ڇا
هلي سگهي ٿو. پر اڄ ڪلهه جي عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي
مفاد لاءِ قاضي هنن جي زندگي زهر ڪرڻ جي پوري ڪوشش
ڪري ٿو. جيئن به ننڍيون قومون يا ملڪ پاڻ ۾ سوچن
ٿا ته ڪا وڏي طاقت هنن ۾ ڦيٽاڙو وجهيو ڇڏي)
·
اڳلو سؤدو نه سنبري، چي اُٽل ڏي.
يا جيئن اڙدو ۾ چوندا آهن:
·
ديتا نهين، چي پورا تول.
(هو وڪڻڻ جي نه ڪري هي چويس ته پورو تور، يا ان
جهڙو ٻيو پهاڪو آهي ته هو پنڌ به وٺي هلڻ لاءِ
تيار نه هي چوي آئون ڍڳي گاڏيءَ ۾ هلندس)
·
پير کان ويساهه ڀَلو.
(پير يا ڊاڪٽر کڻي ڪيترو به ڪاني ڪرامت وارو يا
وڏو هوشيار هجي، پر ان کان وڌيڪ مريد يا مريض جي
دل ۾ هن لاءِ اعتماد آهي. اها انسان جي ڪمزوري ۽
اندر جو ويساهه آهي جو هن ملڪ ۾ روز نوان نوان پير
پيدا ٿي رهيا آهن. ٺڙڪو ڊاڪٽر سٺن ڊاڪٽرن کان وڌيڪ
ڪمائي رهيا آهن)
·
نون ميهارن مينهون ڌاريون، کٿا لاهي، دونهيون
ٻاريون.
(مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ ڇيڻن بدران کٿيون ٻاريون. هي
پهاڪو ان وقت ڪم آڻبو آهي، جڏهن ڪو نئون شوق ڪري ۽
هوش مان نڪري وڃي. خسيس شيءِ لاءِ قيمتي شيءِ
قربان ڪري)
·
پنهنجي ڪم لاءِ گڏهه کي به پيرين پئجي.
(ڪي ته ايتريقدر چوندا آهن ته ڪم جي وقت گڏهه کي
به پيءُ ٺاهجي)
·
گهوٽ ماءُ کان اهنئر ماءُ تڪڙي.
·
لوڀي سنڌي راڄ ۾ ٺوڳي مري نه بک.
(ٺڳ ماڻهو اتي ئي خوش گذاري سگهن ٿا، جتي لالچي
ماڻهو هجن)
·
ڌوڙ پائجي ته وڏي ڍير مان پائجي.
(معمولي فائدي لاءِ ڪو غير اخلاقي ڪم ڪري پنهنجو
ننگ ناموس وڃائي ان لاءِ کيس ٽوڪ طور چيو وڃي ٿو
ته ڪارو منهن ڪرڻو هئي ته چڱي طرح ڪرين ها)
·
ڏنڀجي گڏهه
کي سور
ٿئي ساٽيءَ کي.
(هونءَ ته واقعي ساٽيءَ کي تڪليف ٿيڻ کپي. جنهن
غريب جو گڏهه آهي، جنهنجي مرڻ يا عيب دار ٿيڻ تي
ساٽيءَ جي روزگار تي اثر پوندو، پر هي پهاڪو ان
لاءِ ٽوڪ طور چيو ويندو آهي، جيڪو اجايو ٻين پاران
پوي)
·
هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي
رکجي.
(جيڪو جنهن ملڪ جو وهنوار هجي اهو ڪجي، جيئن
انگريزيءَ ۾ آهي.
While in
Rome,
do as Romands do)
·
اهائي زبان اُس ۾ وهاري، اها ئي ڇانوَ ۾.
(هر انسان کي ساڳي زبان آهي، پوءِ جيڪو مٺو ۽ سٺو
ٿي ڳالهائي ٿو، اهو پنهنجي عزت پيدا ڪري ٿو. ٿڌي
دلي وانگر هن کي ڇانوَ ۾ جاءِ ملي ٿي)
·
جيءَ خوش ته جهان خوش.
·
جوا ۾ جيڪو کٽي ان جو اڌ منهن ڪارو، جيڪو هارائي
ان جو سڄو ڪارو.
·
ٻڪن ۾ ڪيتري واري جهلي سگهبي.
(ڏکيو ۽ ناممڪن ڪم. سنهي واري آڱرين جي وٿين مان
وهيو وڃي)
·
کاڌي تي کڙڪن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون.
·
ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ سؤ به ٿورا.
(دشمن هڪ به گهڻو، دوست گهڻا به ٿورا)
·
ڪوڙي سڄڻ کان سچو ويري ڀلو.
(جيئن چوندا آهن ته نادان دوست کان داناءُ دشمن
ڀلو. ڪوڙي سڄڻ جي آسري تي ٺلهو وهجي، ان کان بهتر
آهي ته پنهنجي همت پاڻ ڪجي)
·
گهڻين زال گهر نه هلي گهڻين
مردن
هر نه هلي.
(جيئن انگريزيءَ ۾ آهي ته گهڻين بورچي ٻوڙ نه ٺهي)
·
منهن ۾ موسى اندر ۾ ابليس.
·
هٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڪاتي.
(نقصان ڪار ماڻهو)
·
ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا.
(ضروري ناهي ته سٺن جو اولاد سٺو ٿئي ۽ خراب ماڻهن
جو اولاد خراب.)
·
جيڪو ڳڙ سان مري، تنهن کي زهر ڇو ڏجي.
(جيڪو ڪم ڪنهن سولي طريقي سان ٿي سگهي ان لاءِ وڏا
کٽراڳ ڇو ڪجن. يا چوندا آهن ته ننهن سان ڇڄي ته
ڪاتي ڇو کڻجي)
·
ڀلي بک ڀرم جي شال ۾َ وڃي شان.
·
(جان کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي عزت جو خيال ڪرڻ کپي)
سڄو پهاڪو هن طرح آهي:
·
ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان،
الله ڏئي ايمان گوڏا ڏئي گذارجي.
·
ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
(ڏيتي ليتيءَ ۾ حساب ڪتاب ضرور رکڻ کپي پوءِ ڀلي
اها ٻن ڀائرن وچ ۾ ڇو نه هجي)
·
ڀائيواريءَ جو ڀَت ئي گهوريو.
ڀائيواريءَ جو ڪم ڏکيو رهي ٿو. سٺا دوست يا ڀائر
به جڏهن ڪنهن ڌنڌي ڌاريءَ ۾ ڀائيوار ٿي ڪم ڪن ٿا
ته ڪجهه وقت بعد گهڻو ڪري وڙهي جدا ٿين ٿا. ڪي
تمام گهٽ ماڻهو آهن، جيڪي ڀائيواريءَ
۾ سوچي هلن ٿا)
·
ڪني رن جا ٻار به گهڻا ته يار به گهڻا.
پر هڪ اهڙي زال پنهنجو اڪيلو يار ۽ مڙس به وڃائي
ويٺي.
مرڻ بعد هڪ دوست ٻئي کان مرڻ جو سبب پڇيو.
”آئون سرديءَ وگهي مئس. ۽ تون؟“
”مونکي منهنجي زال تي شڪ هو ته هن سان ڪو ملڻ اچي
ٿو.“ پهرئين ٻڌايو. ”پوءِ هڪ ڏينهن گهر ۾ گهڙيس ته
مونکي لڳو ته سندس يار گهر ۾ موجود آهي. مون هڪ هڪ
شيءِ ۾ کيس ڳوليو، وهنجڻ جاءِ، اسٽور روم، رڌڻو،
ڪٻٽ، کٽن هيٺان پر هو ڪٿي به نه هو. منهنجو اجايو
وهم هو، مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ضمير ملامت ڪئي ته
مون پنهنجي نيڪ زال تي ايڏو وڏو شڪ ڇو ڪيو. ان غم
جي صدمي ۾ منهنجي دل بيهي ويئي.“
اهو احوال ٻڌڻ بعد سندس دوست ٿڌو ساهه کڻي چيو.
”ڪاش! ريفريجريٽر به کولي ڏسين ها ته نه تون صدمي
کان مرين ها ۽ نه آئون ٿڌ کان.“
·
جي ويا جاوا، سي ول نه آيا.
·
جي آوا ته ٻال ٻچا ڍاوا.
(جاوا ٻيٽ انڊونيشيا جو مشهور ٻيٽ آهي. عاج،
لونگن، ڦوٽن، ڪارن مرچن، دالچيني ۽ ٻين مسالن کان
صدين کان مشهور آهي ۽ انهن شين لاءِ سنڌ ۽ عرب جا
واپاري ته ڇا پر يورپ ۽ انگلينڊ کان به ماڻهو
ايندا هئا. ڊچ ۽ ڪئين سال هن ٻيٽ تي قبضو ڪري رهي
پيا. اڄ به اهي علائقا خوشحال علائقا سڏجن ٿا.
سنگاپور ملائيشيا جا هندو
سنڌي واپاري سُکيا آهن، پر جاوا جي واپارين کي
اڃان به وڌيڪ خوش نصيب سمجهن ٿا ۽ اڄ به جاوا جا
مثال ڏيندي مٿيون پهاڪو ورجائيندا آهن)
·
ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻئي جو کولو ڳرو.
(سڄي ماڻهوءَ جي تور جي مقابلي ۾ اڌ انچ چمڙيءَ جو
ڇا وزن ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ٻيڙي ٻڏي سگهي. پر
ڪنهن کي هرو ڀرو ڏوهاري ٺهرائڻ لاءِ هيٺاهين درجي
جو بهانو ٺاهڻ)
·
کُٽل واڻيو وهيون ساري.
(هر انسان ڏکئي وقت تي ڪنڊون پاسا جانچي ٿو ته من
ڪٿي رهيل سهيل مال هٿ اچي وڃي)
واڻئي جي ڪاهه پٽڪي تي.
·
(ڪنهن کي هرو ڀرو ڏوهاري بنائڻ جو ٻيو مثال)
·
چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي.
(دمڙي ننڍي ۾ ننڍو سڪو چئي سگهجي ٿو، جيئن اڄ ڪلهه
پئسو آهي يا اڄ کان مني صدي کن اڳ پائي هئي. ڪنجوس
ماڻهو پنهنجي جسم کي تڪليف ڏيندو، پر معمولي دولت
به خرچ نه ڪندو)
·
ڪانوَ جي ڪاوڙ اڪ مڪڙ تي.
(هر هڪ ماڻهو ڏاڍي کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي ڪاوڙ جو
نشانو ڪمزور کي بنائي ٿو.)
·
لوڪ لڏڻ ۾ چري اڏڻ ۾.
(غلط ۽ بي وقتائتو ڪم ڪرڻ)
·
جاڏي اٺ تاڏي پڇ.
(نا اميد نه ٿيڻ کپي، جتي وڏا ڪم ٿيو وڃن اتي ننڍا
به ٿيو وڃن. جت اٺ ترندو، اتي پڇ به تري ويندو)
·
رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا.
(رڍ هڪ موڳو جانور آهي. هونءَ ئي جانور کي ڪهڙي سڌ
ساز جي، خاص ڪري رڍ جهڙي جانور کي. هڪ دفعو نه ڀلي
سوين دفعا رباب جهڙو ساز وڄائيندا رهو، پر هن تي
ڪو اثر نٿو ٿئي)
·
سر منڊ جي ساز کي، سانڊو ڇا سمجهي.
(ساڳيو مٿيون مثال. ڪيترا ساز
انسان ئي نٿو سمجهي سو جانور ڇا سمجهندا. ڪنهن
ڳائڻي ڳائي بس ڪيو ته ٻڌندڙن مان ڪنهن شوقين
ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪندي چيس.
”ادا سُر
ڀيروي به
ته ٻڌاءِ.“
”من! اهوئي ته سُر ڀيروي هو.“ ڳائڻي وراڻيس.
”سچ ٻڌاءِ؟ جي سُر ڀيروي هو ته پوءِ واهه واهه.“
·
پئسي جا پڪا، ٽڪو لنڊ ڪڍاڻي.
(پڪا پاڄي يا ميوو آهي، جيڪو قبضي ڪري ٿو ۽ تمام
سٺو آهي. هي پهاڪو ڪنجوس ماڻهوءَ لاءِ ڏبو آهي،
جيڪو هڪ هنڌ ڪنجوسي ڪري پئسو بچائيندو آهي ته ٻئي
هنڌ ان کان وڌيڪ وڃائيندو آهي)
·
وڏو جڏو ٿئي ته ننڍن تي ڪهڙي ميار.
(قوم جو ليڊر ئي صحيح نه هوندو ته قوم جو ڪهڙو
ڏوهه)
·
ڄڃ ۾ ڪو سڃاڻي ئي ڪونه چي گهوٽ جي آهيان پڦي.
(زوريءَ پاڻ وڻائڻ)
·
مولا مينهن وساءِ تي ڪانئر ڇٽن ڪمن کان.
(سُست ماڻهوءَ کي ڪم کان ڀڄڻ لاءِ بس ڪو بهانو
گهرجي) |