چئن مختلف سماجن مان چونڊيل هي پهاڪا ۽ چوڻيون رڳو
هڪ مرڪب مجموعو ڪونه آهن پر چئن ملڪن جي عوام جي
سماجي تاريخ انهن ۾ لڪل آهي. جنهن ذريعي عوام جي
ذهني سوچ ۽ ارتقا کان علاوه سندن ثقافت ۽ نفسياتي
لاڙن جي سُڌ پڻ پڙهندڙ کي ملندي. چئني سماجن ۾
استعمال ٿيندڙ پهاڪا ۽ چوڻيون الڳ الڳ ڀاڱن ۾ ڏئي
هر هڪ پهاڪي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت ڏنل آهي. انهن
مختلف ملڪن جا پهاڪا هڪ هنڌ ڏسي شايد ڪي پڙهندڙ ۽
عالم اها تقاضا ڪن ته انهن جو ڀيٽا اڀياس ڏنو وڃي
ها. پر جدا جدا قسم جي سماجن ۽ انهن جي الڳ جوڙ جڪ
جي ڪري انهن روين جي سوچ جي اظهار لاءِ جيڪڏهن
هڪجهڙا پهاڪا ميسر آهن ته انهن جي ڀيٽ مثالن سان
ڪئي وئي آهي.
هن مجموعي ۾ وڏو حصو سنڌي پهاڪن جو آهي. سنڌي زبان
جي مختلف پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين کي وقت به
وقت گڏ ڪري ڇپايو پئي ويو آهي. جنهن جي هر دؤر ۾
الڳ الڳ اهميت ۽ ڪارڻ رهيو آهي. 1853ع ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي معياري صورتخطي مقرر ٿيڻ کان پوءِ ضرورت
ٿي ته گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب شايع ٿين. سنڌيءَ ۾ ڪتابن
لکڻ تي انعام به رکيا ويا. پهاڪن جي اهميت ۽ ننڍڙي
جملي ۾ وڏي ڳالهه سمايل واري سوچ کي نظر ۾ رکندي
پهاڪا گڏ ڪيا ويا ته وري انگريز عملدارن کي سنڌيءَ
سان واهپي ۾ ۽ وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ سنڌي پهاڪا گڏ
ڪري انهن جي انگريزيءَ ۾ معنى ڏني وئي. ڪن عالمن
وري اسڪولي شاگردن جي سماجي شعور ۽ ٻوليءَ جي
سمجهه ۽ واڌ آڻڻ لاءِ انهن کي جوڙي سمجهاڻيون
ڏنيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گڏ ڪيل پهاڪن ۾ وري
پهاڪن جو تاريخي پس منظر، انهن ۾ لڪل سماجي ۽
تاريخي واقعن جي سمجهاڻيءَ کان علاوه پهاڪن جي
بنياد لهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سنڌ کان علاوه ڀارت ۾ به ڪيترا سنڌي اديب پهاڪا گڏ
ڪري ڇپائي رهيا آهن. انهن تائين دسترس نه هجڻ ڪري
چئي نٿو سگهجي ته انهن پهاڪن کي گڏ ڪري ڇپائڻ جو
مقصد ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته اها ڳالهه روشن سج
وانگر چٽي ۽ سگهاري آهي ته اهو سمورو علمي ڪم
ٻوليءَ ۽ ان جي لوڪ ادب جي خزاني ۾ واڌاري کان
علاوه سماجي اوسر ۽ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ ۾ وڏو
مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اڳ جا جمع ڪيل پهاڪا، هڪ
خاص سماج ۾ اُسريل هئا. اڄ جڏهن ٻوليءَ کي اهو
ساڳيو سماج ميسر نه آهي ته ڪيترائي اڳ جا پهاڪا،
پنهنجي اصل سمجهاڻي ۽ مفهوم وڃائي ويٺا آهن. ان جي
بدران نئين سماج ۾ نوان پهاڪا اُسري رهيا آهن ۽
پراڻا پهاڪا نئين تبديل ٿيندڙ سماج جي گهرجن مطابق
تبديل ٿي رهيا آهن.
الطاف جي گڏ ڪيل پهاڪن جو هي ڳٽڪو، ٻوليءَ جي
ايندڙ محقق کي پڻ اڄ جي استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ اڳ
جا رائج پهاڪا، هن دور جي ٻوليءَ جي روايتن کي
سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. الطاف ڪوشش ڪري هر
پهاڪي جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏيڻ کان علاوه استعمال
ڪرڻ جي مقصد جي اپٽار
ڪئي آهي. جنهن سان ٻولي ۽ ان جي واهپي واري سماج
سان گهٽ واسطو رکندڙ ماڻهوءَ کي پڻ پهاڪو سمجهڻ ۽
پنهنجي مرضيءَ ۽ ضرورت مطابق استعمال ڪرڻ ۾ مدد
ملندي.
پهاڪا هڪ سيني کي ٻئي سيني تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي
نسل تائين هلندا، موجوده روپ ۾ پهتا آهن. تنهن ڪري
لفظن ۾ ٿوري ڦير ڦار ضرور آئي هوندي؛ ٿي سگهي ٿو
ته ڪي پڙهندڙ اهو محسوس ڪن ته اهو پهاڪو ائين نه،
هيئن هجڻ گهرجي؛ مثال طور ڪتاب ۾ آيل پهريون
پهاڪو:
”مئو مري به نٿو، مئي کان سواءِ سري به نٿي“
ڪنهن وري اهو پهاڪو هئين ٻڌو هجي ته،
”مئو نه ٿو مري، نڪو ٿو منجو ڇڏي“
انهن ٻنهي پهاڪن ۾ نه صرف لفظن جو فرق آهي، پر
مفهوم ۽ مقصد به ڌار ڌار آهي. هڪ ٻيو پهاڪو آهي،
”مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه، گانءِ کي چوي هل
ڙي پڇ ڪاري“
ڪاري ٻيو وري هيئن چوي ته:
”مينهن پنهنجي ڪارنهن نه ڏسي، ڳئونءَ کي چوي هل ڙي
پڇ ڪاري“
هن پهاڪي ۾ رڳو لفظن جي ڦير ڦار آهي. گانءِ لفظ
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي هندو ڳئونءَ لاءِ استعمال
ڪندا هئا. هاڻي جڏهن سنڌي هندو موجوده سنڌي سماج ۾
هڪ ننڍڙي ۽ بي اثر ٿورائي آهي. تڏهن اهڙي قسم جا
لفظ به استعمال ۾ ڪونه رهيا آهن ۽ تمام گهٽ سنڌي
گانءِ استعمال جا لفظ به استعمال ٿا ڪن ۽ ٿي سگهي
ٿو ته ان جي معنى به نه سمجهندا هجن. اهڙي طرح
ڪنهن عمل تي پڇتاءُ ڪندي ڪو چوي ته، ادا، ”مون
گانءِ کاڌي“ ته شايد ئي ڪو ان ۾ لڪل مقصد سمجهي
سگهي جو اهڙي قسم جا اصطلاح يعني ”گانءِ کائڻ“ اڄ
جي سنڌي سماج ۾ گهٽ استعمال ۾ آهن.
گهڻا سنڌي پهاڪا نج سنڌيءَ ۾ هجڻ ڪري، اڄ جي
سنڌيءَ جنهن جي ٻوليءَ تي ٻين ڌارين لاڳاپي ۾
ايندڙ ٻولين جو اثر آهي لاءِ سمجهڻ شايد ڏکيا ٿين.
الطاف کي ان ڳالهه جو احساس آهي، تنهن ڪري نه رڳو
پهاڪي جي سؤلي سنڌيءَ ۾ سمجهاڻي ڏني اٿائين پر جتي
ضرورت محسوس ڪئي اٿائين، اتي جو استعمال ۽ وڌيڪ
سمجهاڻيءَ لاءِ ساڳي معنى وارو ٻيو پهاڪو به ڏنو
اٿائين. مثال طور:
”خالي چڙو، وڄي گهڻو“
جي سمجهاڻي ڏئي ٻيو پهاڪو به ڏنو اٿائين ته، ”سکڻي
ڪُني گهڻو اڀامي.“ يا وري ”کيتي سِر سيتي“ جي
سمجهاڻيءَ ۾ اهو ڏيڻ ته، ”ٻنيءَ لاءِ سٺو ڀاڻ،
زميندار جي جُتيءَ جي مٽي آهي.“
بهر حال جتي به ضرورت محسوس ڪئي اٿائين يا ڪو ٻيو
اهڙي معنى ۽ مفهوم وارو پهاڪو سجهي آيو اٿس ته اهو
به سمجهاڻيءَ خاطر ڏنو اٿائين ته ڪٿي ٻين ٻولين ۽
سماجن ۾ استعمال ٿيندڙ ساڳي معنى وارا پهاڪا ۽
چوڻيون به ڏنيون اٿائين.
مثال طور؛ ”اُماڙ ڏنل ڪتي، تارا ڏسي ڊڄي“ جي
سمجهاڻيءَ ۾ اردو ۽ جپاني سماج مان پهاڪا ڏنا
اٿائين. اهڙي طرح هن مجموعي ۾ مٿي ذڪر ڪيل چئن
ٻولين کان علاوه، انگريزي، روسي، ٿائي ۽ اردوءَ جي
ڪيترن پهاڪن کان به روشناس ڪرايو اٿائين.
سنڌ کان علاوه ٻين ٽن ايشيائي ملڪن جي پهاڪن کان
سنڌين کي روشناس ڪرائڻ وارو الطاف جو ڪم نهايت
ساراهه جوڳو آهي. الطاف، جيڪو اڳ مختلف ملڪن جا،
اتان جي ترقي ۽ ماڻهن جي رسم رواج ۽ قاعدن قانون
کان سنڌي پڙهندڙن کي واقف ڪندو رهيو. هاڻي انهن
مان ڪجهه سماجن مان پهاڪا ۽ چوڻيون چونڊ ڪري،
سنڌيءَ ماڻهوءَ کي انهن سماجن جي نفسياتي رجحانن ۽
فطري لاڙن کان پڻ واقف ڪيو آهي. پهاڪن ۽ چوڻين
ذريعي ڏنل ان معلومات مان لڳي ٿو ته، اهي ٽئي
سماج، سماجي روين ۽ عقيدن ۾ سنڌي سماج سان ڪافي
مشابهت رکن ٿا. مثال طور عورت بابت پهاڪا، ويساهه
۽ چوڻيون ظاهر ڪن ٿيون ته انهن سماجن ۾ به سنڌي
سماج وانگر، عورت جي حيثيت ٻئي درجي واري آهي. هن
مجموعي ۾ گهڻي ۾ گهڻا پهاڪا عورت بابت ڏنل آهي،
جيڪي گهڻو ڪري عورت جي خلاف آهن.
هن باشعور، انصاف پسند ۽ ترقي پسند سوچ جي ماڻهوءَ
وانگر، الطاف به عورتن بابت تسليم ٿيل ۽ رائج
پهاڪن کي ناانصافي ۽ نا برابريءَ تي ٻڌل سمجهي ٿو.
ان جي ڪارڻن جو جائزو وٺندي چئي ڏئي ٿو ته، ”جڏهن
دنيا ۾ اديب، اخبار نويس، پرنٽر، پبلشر گهڻا مرد
حضرات هوندا ته پوءِ ظاهر آهي اهڙي ڳالهه عورت
لاءِ ئي چئي ويندي. مثال لاءِ ”عورت کي عقل ڏائي
کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو“ ڏٺو اٿائين. پر وري ڪٿي ڀوڳ جي
موڊ ۾ آهي ته عورت بابت لطيفا ٻڌائيندي به هٻڪيو
ڪونه آهي. جيئن عورت جي راز دل ۾ نه رکڻ واري عادت
جو ذڪر ڪندي، چيني پهاڪن واري ڀاڱي ۾ هڪ گفتگو جو
ذڪر ڪري ٿو ته؛
ڪنهن پڇيو ته، ڪميونيڪيشن يعني نياپو پهچائڻ جو سڀ
کان تکو طريقو ڪهڙو آهي _ ؟
ٽيليفون. ٽيليفڪيس ........ ڀلا ٽيليويزن _ ؟
نه، انهن مڙني کان وڌيڪ ٽيل _ اي _ وومن (Tell
a woman)
آهي.
گڏيل ۽ هڪ جهڙن موضوعن کان علاوه هر سماج جي
پنهنجي الڳ سڃاڻپ پڻ پهاڪن ذريعي ٿئي ٿي. جيئن
ملئي پهاڪن ۽ چوڻين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملئي سماج
۾ جانور، مڇيون، جيت جڻيا، ڏيڏر، واڳون ۽ نانگ
بلائون، ڏينڀو ۽ ڪوريئڙو نهايت اهم آهن. ڪيترائي
پهاڪا انهن جي ذڪر ۽ عادتن جي مشاهدي تي ٻڌل آهن.
مينهن، ساوڪ ۽ چراگاهه به هن سماج ۾ وڏي اهميت رکن
ٿا ۽ عام جام آهن. چيني سماج ۾ وري وقت جي اهميت
کان علاوه سفر ڪرڻ جي اهميت آهي، جو ”هڪ هفتو ٻاهر
رهڻ کي گهر ۾ هزار هفتا رهڻ تي فوقيت آهي.“ اهڙي
طرح هي پهاڪو ته، ”سون جو انچ، وقت جو هڪ انچ به
نٿو خريد ڪري سگهي.“ واضح ڪري ٿو ته چيني سماج ۾
وقت جي اهميت، دنيا جي ڪيترن سماجن کان وڌيڪ آهي.
جيئن انگريز سماج ۾ مڃيل چوڻي آهي ۽ اسان وٽ به اڄ
ڪلهه مشهور ٿي رهي آهي ته:
وقت دولت آهي، ضايع نه ڪيو.
Time is money don’t waste it
ساڳئي نموني چپان جي مشيني ڀڄ ڀڄان واري سماج جي
هن هڪڙي مثال مان ئي ثابتي ملي ٿي. جڏهن الطاف هڪ
بوڪ اسٽال تان شاعريءَ جو ڪتاب وٺندڙ ڇوڪريءَ سان
گفتگو ڪئي.
”شادي
شده آهيو _؟ مون پڇيو مانس
”نه“ هن وراڻيو.
”پڪ توهان جو آئيڊيل مڙس شاعر هوندو.“
”باهه ڏيان شاعر کي، ان کان ته ڪنهن رازي، واڍي،
ڪنڀار يا لوهار سان شادي ڪرڻ پسند ڪنديس، ها البت
شاعري پسند اٿم.“
ڪيترا سياح، چيني، ملئي توڙي جپاني سماجن کي هڪ ئي
سماج جون شاخون چون ٿا. ان سلسلي ۾ هو ماڻهن جي
طبعي بناوت، کائڻ، پيئڻ ۽ پچائڻ جي طور طريقن،
توڙي هڪجهڙي موسم کي مثال بڻائين ٿا. بهرحال انهن
سماجن کان علاوه سامي لوڪن جي سماج ۾ به پهاڪن،
اصطلاحن ۽ چوڻين کي وڏي اهميت حاصل آهي. يهودين ۽
عربن ۾ ته اڄ سوڌو خاص احتياط ۽ اهتمام سان پهاڪا
جوڙيا ويندا آهن. انهن جي استعمال ڪندڙن کي عزت،
مان ۽ بزرگي واري حيثيت ڏني ويندي آهي. عرب ۽
اسرائيل جا فلالا جسٽ (Philologists)
توڙي جديد مشرقي تهذيب ۽ لوڪ ادب جا ماهر (Orientalist
and folklorists)
پهاڪن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جون سمجهاڻيون ڏيڻ ۾ مصروف
رهيا آهن.
پهاڪا تاريخ جي ٿلهن ڪتابن مان هٿ ڪونه ايندا آهن
جوانهن جو جنم ڪتابن ۾ نه، پر عوام جي دلين ۾
ٿيندو آهي. اهي دليون ڦولهي پهاڪا گڏ ڪرڻ، ڪنهن
جوهري ۽ وينجهار جو ڪم آهي. الطاف بيشڪ اهو
وينجهار آهي، جنهن ڪيترا اهڙا پهاڪا هن ڪتاب ۾
آندا آهن، جيڪي اڳ جي ڪتابن ۾ آيل ڪونه آهن. هي
الطاف جو وڏو ۽ اهم پورهيو آهي ۽ پورهيو ڪوبه
اجايو ڪونه ويندو آهي. الطاف جو هي پورهيو گهڻن کي
اتساهه ڏياريندو ۽ هن کان پوءِ ان سلسلي جو وڏو ڪم
ٿيندو. جنهن ۾ اڳ ڇپيل ۽ ٻين نون پهاڪن کي عوام جي
سينن مان ڪڍي، هڪ هنڌ گڏ ڪري علمي ۽ سماجي تشريحون
ڏيئي، تاريخي واقعن سان ڀيٽي پيش ڪيو ويندو ۽
الطاف جو هي پورهيو اهڙي طرح ساب پوندو ۽ پنهنجو
ملهه ماڻيندو.
هي ڪتاب پنهنجو ملهه پاڻ مقرر ڪندو، تعريف، واکاڻ
يا ويا کيا ڪرڻ شايد اهڙي قسم جي ڪتاب تي ڪو خاص
اثر نه وجهي.
قاسم ٻگهيو
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
26 مارچ 1995ع
سنڌي پهاڪا ۽
چوڻيون
·
مئو مري به نٿو، مئي کانسواءِ سري به نٿي.
(ڪنهن ڳالهه مان بيزار به ٿجي، ڇڏي به نه سگهجي)
·
دائيءَ کان دُن ڳُجهو!
(دائي جيڪا عورت جي هر اوگهڙ ڏسي ٿي، ان کان جسم
جو هڪ عام حصو ڇا لڪل رهي سگهي ٿو)
·
ڏکڻ مينهن نه وسڻو، وسي ته ٻوڙي.
·
هيڻو ڌڪ نه
هڻڻو،
هڻي ته جهوري.
(هيڻي ۽ ناتوان کي ڪمزور نه سمجهجي)
·
خالي چڙو وڄي گهڻو.
(هي مثال انهن ماڻهن لاءِ ڏئي سگهجي ٿو، جن کي علم
يا معلومات بنهه نه هجي رڳو ٺلهي بڪ ڪندا رهن)
·
سُڃيا
هليا آهن ڀينگين وٽ ته عيد ڪڏهن ٿيندي.
(هڪ کُٽل ماڻهوءَ جو ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنجوس وٽ
پهچڻ، جيڪو پاڻ تي به خرچ نه ڪري)
·
ڄنگهون يارن هٿ ۾، هلي آهي گمبٽ
(هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه لاءِ ڪوشش ڪرڻ)
·
ڄٽ جي ڄمار، ٻه
کٿا
ٽين مار.
(اهو پهاڪو رسول بخش پليجو کان ڪيترائي دفعا ٻڌو
اٿم جيڪو، هو تقريرن ۾ استعمال ڪندو آهي. هڪ
ڳوٺاڻي غريب ۽ اڻ پڙهيل جي ڇا
هلندي
چلندي ۽ حيثيت آهي. اسان جو سياستدان ان کان ووٽ
ته وٺي ٿو پر هن سان ڪيل وعدن تي عمل نٿو ڪري. هو
سندس ڪمزوري ۽ هيڻائيءَ جو ناجائز فائدو ٺي ٿو)
·
ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
(عقلمند ۽ خانداني ماڻهوءَ لاءِ اشارو ڪافي آهي.
”عاقلان را اشارا بس است“ عقلمند ماڻهو کي اشاري ۾
ڳالهه سمجهي وڃڻ کپي. هڪ فرمانبردار مڙس زال کي
چيو: ”ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي پاڻهي
سمجهڻ کپن. آخر تون سمجهين ڇو نٿي؟“
”بس بس، آءُ سمجهي ويس“، زال وراڻيو، ”اڄ توهان جو
موڊ ٿانوَ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ تي ناهي.“)
·
ڪتو به پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو.
(ڪتي جو مالڪ اهو آهي، جيڪو هن کي ٽڪر ڀور کائڻ
لاءِ ڏئي ٿو. انسان کي به پنهنجي مالڪ رب پاڪ کي
سڃاڻڻ کپي، جيڪو هن کي سڄي زندگي کارائي ٿو. جيڪو
رازق ۽ رحيم آهي)
هڪ دفعي حضرت با يزيد بسطاميءَ نماز پڙهي بس ڪئي
ته مسجد جي امام چيس ته تون نه ڪنهن کان گهرين ٿو
۽ نه ڪو ڪم ڪار ڪرين ٿو، پوءِ تنهنجو گذر سفر ڪهڙي
طرح ٿئي ٿو؟
بسطاميءَ فرمايو: ”ٿوري دير صبر ڪر ته آئون وري
نماز پڙهي وٺان پوءِ توکي جواب ڏيان ٿو. ڇو ته
اهڙي ماڻهوءَ جي پٺيان نماز پڙهڻ صحيح ناهي. جيڪو
رزق ڏيڻ واري کي نه سڃاڻي“)
·
سچ ته بيٺو نچ. ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
پر ڪي ڪي سچ مڙسن جون وايون بتال ڪري ڇڏيندا آهن.
هڪ همراهه روز رات جو نه فقط زال کي گهر ۾ اڪيلو
ڇڏي ويندو هو پر هن کي اهو به
طعنو
ڏيندو هو: ”خدا حافظ! ٽن ٻارن جي ماءُ.“
هڪ دفعي زال مڙس
کان
تنگ ٿي مڙس کي جواب ۾ چيو:
”الله نگهبان! هڪ ٻار جا پيءُ.“
ان بعد مڙس رات جو نڪرڻ ڇڏي ڏنو.
·
حقيقت هميشه ڪڙي ٿئي ٿي.
(پر ڪڏهن ڪڙي لڳي ٿي؟ شايد اکيون کُلڻ تي)
پولئنڊجي هڪ ٻار ڪلاس ۾ پنهنجي استاد کي ٻڌايو:
”سائين! اسانجي ٻليءَ چار ٻچا ڏنا آهن. هو سڀئي
پڪا ڪميونسٽ آهن.“
استاد هن کي شاباس ڏني. هفتي کن کانپوءِ جڏهن
اسڪول جو انسپيڪٽرمعائني لاءِ آيو ته استاد هن ٻار
کي ٻليءَ جي ٻچن واري ڳالهه وري ٻڌائڻ لاءِ چيو.
ٻار چيو: ”اسانجي ٻليءَ چار ٻچا ڏنا آهن. هو سڀئي
پڪا جهموريت پسند آهن.“
استاد وائڙو ٿي چيو: ”پر هفتو کن اڳ ته اها ڳالهه
نه ڪئي هئي!؟“
ٻار وراڻيو: ”بلڪل صحيح ٿا چئو پر هاڻي ٻليءَ جي
ٻچن جون اکيون کليون آهن.“
·
مئا به ڪڏهن مساڻ مان موٽيا
(مساڻ ان جاءِ کي چئبو آهي جتي هندو مُردن کي
ساڙيندا آهن. ساڳيو پهاڪو هن ريت به چئي سگهجي ٿو
ته مئا به ڪڏهن مقام مان موٽيا آهن. مطلب اهوئي ته
هڪ دفعو مرڻ بعد ڪوبه وري نٿو موٽي)
پر هڪ جهيڙاڪ عورت جي ڳالهه ٿا ڪن ته هنجي جنازي
کي جڏهن ڪانڌي کڻي پئي ويا ته رستي تي بجليءَ جي
هڪ ٿنڀي سان سندس ٽڪر ٿي پيو. جهٽڪي تي هوءَ اٿي
ويٺي. کيس جيئرو ڏسي سڀ وائڙا ٿي ويا خاص ڪري سندس
مڙس جيڪو جهيڙن مان سخت بيزار هو. ڪانڌين مان
ڪيترن ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي. قبر
۾ لاهڻ بعد به ڪي لاش جيئرا ٿيا آهن. بهرحال کيس
واپس گهر وٺي آيا. ان بعد ٻيا به ڪيترا سال جيئرو
رهڻ بعد ٻيو دفعو مس مس سندس موت آيو. غسل، ڪفن
بعد جڏهن جنازي کي قبرستان کڻي پئي ويا ته ڪانڌين
مان ڪو چوي ته ڪلمو پڙهو ڪو چوي ته درود پڙهو. پر
هن مائيءَ جو مڙس سڄي واٽ تاڪيد ڪندو هليو: ”بابا
ٿنڀي کان بچائي هلجو“) |