·
ناني رڌڻ واري ڏُهٽا کائڻ وارا.
(پنهنجن کي ئي فائدو رسائڻ. جيئن اڙدوءَ ۾ چوندا
آهن ته ”اندها بانٺي ريوڙيان اپنون کو ديوي.“)
·
گونگي گاريون ڏنيون دل ۾.
(ان مان ڪهڙو فائدو. ڪنهن زال جي مڄو مڙس کي چيو
ويو:
”عورت ٿي ڪري تنهنجي زال توکي دڙڪا ڏيو وڃي ۽ تون
کيس ڪجهه به نٿو چئين.“
”آئون به کيس گهڻو ئي چوندو آهيان. هو جڏهن پيڪي
ويندي آهي، ته آئون هن جي
هڪ
هڪ ساڙهي، هڪ هڪ سئنڊل کي ڪڍي گاريون ڏيندو
آهيان.“ مڙس وراڻيو.
”ان مان ڪهڙو فائدو،“ دوست چيس، ”جڏهن پاڻ موجود
هجي پوءِ کيس چڱي طرح ٻڌاٰءِ.“
سڄو مڙس ڦڪي کل کلندي چيو: ”بيوقوف سمجهيو اٿئي
ڇا. کيس منهن تي گاريون ڏيئي مار کائڻي اٿم ڇا؟“)
·
گنجي کي نه جونءَ جو فڪر نه ليک جو.
(جنهن وٽ ڪجهه نه هوندو. ان کي گهٽ وڌائي يا
چوريءَ جو ڪهڙو فڪر)
·
ڍڳو نه ڍور، آڱوٺو پٽيندو چور.
(ساڳي مٿي ڄاڻايل معنى)
·
اُٺ پنهنجي مُٽ ۾ تِرڪي.
(قدرت اُٺ جا پير وڏا ۽ لسا واريءَ تي هلڻ لاءِ
ٺاهيا آهن، هو ٿوري پاڻيءَ تي به ترڪي سگهي ٿو)
·
بار کڻندا باري، ناهي ڪم ڪچن جو.
(همت وارا ۽ مڙس ماڻهو ئي ڏکيا ڪم ڪري سگهن ٿا.
باقي جهڙن تهڙن جون رڳو ڳالهيون هونديون آهن)
·
جت وڻ ناهي،
اتي ڪانڊيرو به درخت.
درخت اتاهين وڻ کي سڏجي ٿو ۽ ڪانڊيرو ٻوٽي نما
ننڍو وڻ آهي. پر جتي سڃ ئي سڃ هجي، ڪو سنئون سبتو
وڻ به نه هجي، اتي ڪانڊيرو به وڏي ڳالهه سمجهيو
وڃي ٿو. جيئن چوندا آهن ته انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
·
واڱڻ چيو بصر کي ادا ڪُني
۾ ملنداسين.
(ٻنهي جي آخرت ائين ٿيڻي آهي)
·
جتي پڄڻ ناهي جاءِ، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
·
ڪنجوس مان ڪوڙي ڪڍڻ ڏاند ڏهڻ آهي.
(هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه
ڪرڻ)
·
جَوَ ڍاري گڏهه رکوال.
(ڪنهن شيءِ تي اهڙي ماڻهوءَ کي چوڪيدار رکڻ جنهن
مان سڀ کان وڏو خطرو هجي)
هوءَ گڏهه بدران گهوڙو يا ٻيو جانور به لکي سگهجي
ٿو، پراسان وٽ خواريءَ جي ڪمن، چرچن توڙي پهاڪن ۾
گڏهه ئي گهڻو ڳايو وڄايو وڃي ٿو. ”گهوٽ کي سرگس
وقت گهوڙي تي گهمايو وڃي ٿو، گڏهه تي ڇو نه؟“ ڪنهن
سوال ڪيو.
”ان ڪري ته جيئن خبر پئي ته ڪهڙو گهوڙو آهي ڪهڙو
گڏهه. ٻي صورت ۾ ٻئي گڏ ٿي پوندا.“
هڪ سونارو ڪم ۾ مشغول هو. ڪو همراهه دڪان ۾ گهڙي
پڇڻ لڳس:
”توهان جي دڪان ۾ ڇا ٿو وڪامي؟“
سوناري ڪاوڙ مان وراڻيس: ”گڏهه ٿا وڪامن.“
همراهه چيس: ”توهان اڪيلائي رهجي ويا آهيو يا ٻيا
به آهن.“
سو اسان جي ملڪ ۾ گڏهه (جانور توڙي ماڻهو) به گهڻا
ته انهن تي ٺهيل چرچا به گهڻا. هن ئي صفحي تي گڏهن
جا ٻيا به مثال نظر ايندانوَ.
·
واتون خرار کاڄن، نڪون ڪڻون به نه کاڄي.
·
اڀ ڦاٽي کي به ڪا اڳڙي پوي.
(ڪو اهڙو راز جيڪو صاف
ظاهر
هجي، ان کي ڪيترو لڪائي ڪيترو لڪائي سگهجي ٿو)
·
مُلو مئو مهابو لٿو.
(ان ماني يا خيرات ڏيڻ جي ٻنڌڻ مان ڄڻ جان ڇٽي)
·
لهي لوهه به نه چي منهنجو نالو سون ٻائي.
(ان لاءِ چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي حيثيت کان
وڌيڪ پاڻ پڏائيندو آهي)
·
انڌو ۽ اڻ سونهون ٻئي هڪ جهڙا.
(اڻ سونهون اڻ واقف ڪار کي چئجي ٿو. اهو انڌي
وانگر ڇا ڏس پتو ڏئي سگهي ٿو)
·
لکين ليلائون چنيسر جي راڄ ۾.
·
ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
(چوندا آهن ته پنج ئي آڱريون برابر نه ٿينديون
آهن. هڪ ئي ماءُ جا ڀلي ڪيترائي پٽ هجن پر هر هڪ
جو پنهنجو پنهنجو نصيب ۽ ڀاڳ ٿئي ٿو)
·
ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو.
(ماڻهوءَ ۾ ڪيترائي لڇڻ آهن. پر موچڙي ۾ ان کان به
وڌيڪ طاقت آهي، جو ڪيترن ئي لچن لفنگن کي صحيح
ڪريو ڇڏي)
·
سرمون سڀڪا پائي، پر اک اک جو ڦير.
(ضروري ناهي ته سُرمي سان هر ماڻهو سهڻو لڳي. ڪو
ماڻهو اوچا ڪپڙا ۽ ڳهه ڳٺا پائڻ بعد به ايترو سهڻو
نه پيو لڳندو آهي جيترو ٻيو سادن ڪپڙن ۾)
·
اڻ ڏٺو چور پيءُ برابر.
(بنا پڪ جي ڪنهن تي به بهتان نه هڻجي.)
·
ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
(تمام گهٽ ملڪيت وارو.)
·
ڀري اٺ تان وڃڻي لٿي ته به چڱي.
·
نُنهن
سان ڇڄي ته ڪاتيءَ سان ڇو وڍجي.
(ڪا شيءِ ڪنهن آسان طريقي سان ٿي سگهي ته ڏکيو
طريقو ڇو اختيار ڪجي)
پر ڪي ڪي ڪم ڏکين
طريقن ۽ دڙڪن دهمانن سان
به نٿا ٿي سگهن. قسطن تي فرنيچر مهيا ڪندڙ ڪمپنيءَ
پنهنجي هڪ گراهڪ ڏي، قسطن جا پئسا نه ڏيڻ تي، هڪ
نوٽس موڪليو جنهن ۾ چتاءُ طور کيس لکيو ويو هو ته،
”سائين! توهان ڪڏهن ان تي غور ڪيو آهي ته اسان
فرنيچر ضبط ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن پنهنجي ٽرڪ توهان جي
گهر موڪلي ته توهان جا پاڙيسري ڇا سوچيندا؟“
ڪجهه ڏينهن بعد ڪمپني وارن کي جواب مليو، ان ۾
لکيل هو: ”جناب! توهان گذريل خط ۾ جيڪو مسئلو کنيو
آهي ان بابت مون پنهنجي پاڙيسرين سان صلاح ڪئي.
هنن سڀني جو يڪراءِ اهوئي فيصلو آهي ته توهان
جيڪڏهن فرنيچر ضبط ڪرڻ لاءِ ٽرڪ منهنجي گهر موڪلي
ته اهو توهان جي ڪمپنيءَ جو بيحد ذليل ۽ ڪمينو قدم
سمجهيو ويندو.“
·
ٻن ٻيڙين تي جيڪو پير رکي، تنهنجيون ڄنگهون ڦاٽن.
(ٻيڙي پاڻيءَ جي ڇولين تي اڳيان پويان ٿيندي رهي
ٿي ان ڪري هڪ پير هڪ ٻيڙيءَ ۾ ۽ ٻيو ٻيءَ ۾ رکڻ
خطرناڪ آهي)
·
ناڻو جنهن تاوَ سان اچي ٿو، تنهن تاوَ سان وڃي ٿو.
(ڪو محنت ڪري چار پئسا ڪمائي ٿو ته ان کي خرچي به
وڏي خيال سان ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن وٽ سولائيءَ سان
پئسو اچي ٿو ته هن وٽ ان جو قدر نٿو ٿئي ۽ جلدي ئي
خرچ ٿيو وڃيس. ان لاءِ انگريزيءَ ۾ به مشهور چوڻي
آهي ته:
(Easy
come, Easy go)
·
نڪي پاراتن ۾ نڪي منجهه دعا.
(ڪيترا ماڻهو ايترو خاموش طبع ۽ پاسو وٺي رهن ٿا
جو هو نه ڪنهن جي ٻن ۾ آهن نه
ٽن ۾، نڪي هو ڪنهن کي ڏين ٿا، نڪي ڏکوئين ٿا. اهڙن
ماڻهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هنن مان نه ڪو خوش
آهي جو دعا ڏئين ۽ نه وري ڪو ناراض آهي جو پٽ
پاراتا ڏئين.
·
ڪانگ کي لُڙ ۾ مزو.
(لڙ معنى گوڙ، آواز. ڪانءَ کي سڀ کان مزو ڪان ڪان
ڪرڻ ۾ اچي ٿو. هن جي ڪنهن ڀائيڙي جو نالو وٺي ڏسو.
کانئن ٻي ڪا مدد نه پڄندي، ٺلهي ڪان ڪان لڳائي
ڏيندا)
·
ڪم لٿو ڊکڻ وسريو.
(ڪم پورو ٿيڻ تي ڪم واري کي وساري ڇڏڻ. جئين
انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته مانيءَ کانپوءِ چمچن کي
وساري ڇڏڻ)
·
اڌارو ڏجي ان کي جنهن کان گهرجي نه، اڌارو وٺجي
تنهن کان جو گهري نه.
(اوڌر ڏيڻ بعد موٽائڻ ٻئي جي هٿ ۾ ٿئي ٿو. ڪيترا
دفعا سٺا دوست ۽ ويجها مائٽ به اڌار موٽائڻ کان
انڪار ڪن ٿا يا ٽال مٽول ڪن ٿا. ان ڪري چوڻي مشهور
آهي ته
Lend Money, Loose friend.
ساڳي وقت پوءِ ڍائي ۽ هلڪڙي قسم جي ماڻهوءَ کان به
اڌار نه وٺجي جو پوءِ هو جتي ڪٿي گُهر گُهر ڪري
خوار ڪري ٿو.
هڪ دست کي ٻئي سان گڏ دعوت ۾ وڃڻو هو پر کيس ٽوپي
به هئي، جيڪا سندس دوست اڌاري ڏنس. دعوت ۾ پهچڻ تي
هن پهرين همراهه جو تعارف ڪرائيندي چيو.
”ادا هيءَ آهي منهنجو آهي فلاڻو دوست. هن کي جيڪا
ٽوپي آهي اها منهنجي آهي.“
دوست دل ۾ ڪندي چيس ته ٽوپيءَ لاءِ ائين چوڻ سٺو
نه آهي. ان بعد وري ٻيو همراهه ملين ته ان سان
تعارف هن ريت ڪرائينس.
”ادا هي منهنجو فلاڻو دوست آهي. هن جي مٿي تي جيڪا
ٽوپي آهي، اها هن مونکان اڌاري نه ورتي آهي پر
پنهنجي اٿس.“
·
ستل شينهن کي آڱر نه ڏجي.
(خوفائتن ڪمن ۾ اجايو هٿ نه وجهجي.)
·
گدڙ گدڙ جي ڪوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي.
·
نيچ نوڪري، اتم کيتي، وڌندڙ واپار.
نوڪريءَ ۾ ماڻهو ٻڌل ۽ ٻئي جي قبضي ۾ رهي ٿو ۽ هڪ
مقرر ڪمائيءَ تي چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر هلندو رهي
ٿو. ان ڪري نوڪريءَ کي ٽوڪري (ٽهل ٽڪور) سمجهيو
وڃي ٿو. واپار ۾ ماڻهو قابليت ۽ محنت مطابق وڌي
ٿو.
اسانجي ننڍي کنڊ ۾ ماڻهن کي مطيع ڪرڻ لاءِ انگريزن
ڪجهه اهڙو نمونو رکيو جو هرڪو سندن (ڪمپني / حڪومت
جي) نوڪريءَ لاءِ واجهائڻ لڳو ۽ ان کي وڏي ڳالهه
سمجهڻ لڳو. انگريز سرڪار (ڪمپني) پنهنجي نوڪر
پٽيوالي کي به زميندار سيٺ کان وڌيڪ مان ڏيندا
هئا. نتيجي ۾ هرڪو نوڪري جي لاءِ آتو رهڻ لڳو.
هندوستان جي ڪيترين زبانن توڙي تهذيب ۽ ڪلچر تي
سرڪاري نوڪريءَ جو بيحد گهڻو اثر آهي. تامل زبان ۾
چوڻي آهي: ”ڪولي مي ايتا آلوم. ڪمپنيڪ ڪومي اي.“
معنى سرڪاري نوڪريءَ ۾ چاهي ڪڪڙ پالڻ جو ڪم هجي ته
به اها بهتر آهي. هڪ ٻيو پهاڪو آهي. ”ارا ايڪ ڪا
آچو، وي ايلا ايا انالوم، آرا چا اناڪا.“ يعني
سرڪاري نوڪر جو پگهار، چاهي اڌ پئسو هجي، ته به
اهو ڀلو.
چون ٿا ته واپار سڀ ۾ وڌندڙ آهي. پر کيتي وري به
نوڪريءَ کان سٺي ڳالهه آهي پر ان ۾ پڪ نٿي رهي ته
ڇا فصل لهندو ۽ ڇا سندس اگهه ٿيندو، ان بابت
هيٺيون پهاڪو مشهور آهي)
·
ان پوکئي تي ناهي پر لٿي تي آهي.
(يعني پوکڻ تي ته ماڻهو کڻي ڪيترو به پوکي پر
ڪيترو ڦٽندو ۽ وڌندو اها قدرت کي خبر آهي. ٿي سگهي
ٿو گرمي سردي، مينهن طوفان، ٻوڏ بيماري ڪري هڪ ڪڻو
به نه لهي. اهو جو کم نه فقط کيتي، ٻني ٻاري /
زمينداريءَ ۾ آهي، پر؛ واپار ۾ پڻ آهي، جنهن لاءِ
پڻ هيٺيون مثال مشهور آهي)
·
اَن جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس.
(۽ اهو نه فقط ان جي واپار جو حال آهي پر هر واپار
جو آهي جنهن ۾ ڪڏهن ماڻهو امير ٿيو وڃي ته ڪڏهن
سندس ڏيوالو نڪريو وڃي ۽ قرضي ٿيو وڃي)
·
پير عيسى، پير موسى، وڏا پير پئسا.
(دنيا ۾ ڪيترائي پير آهن، پر پئسو اهڙي شيءِ آهي،
جنهن کي سمجهندي به ته براين جي پاڙ آهي، نفرت ڪرڻ
بدران ماڻهن جي گهڻائي وڏي ڳالهه سمجهي ٿي)
·
کٽيو کائي مڙس جو چي جئي ابو.
(ڪيترائي ماڻهو سخت بي قدر ٿين ٿا. جيڪو ساڻن سٺو
هلي ٿو ان جا ٿورائتا نٿا ٿين)
·
اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي.
·
غريب جي جوءِ سڀني جي ڀاڄائي.
·
نئين به تکي، ڳڙ به مٺو.
(هڪ طرف درياهه جو تکو وهڪرو، ٻئي پاسي ڳڙ (دولت)
کي حاصل ڪرڻ جو لوڀ)
·
زالون زالن جو کاڄ آهن.
(عورت جي سوشل زندگي عورت سان آهي)
·
ماءُ ڄڻي بار بار، زبان ڄڻي هڪوار.
(زبان جو هڪوار ڄڻڻ معنى زبان جو وعدو هميشه هڪ ۽
پڪو هئڻ کپي)
·
زور جي ميندي ڪڏهن به ناهي لڳڻي.
(رضا منديءَ کانسواءِ ڪڏهن به ڪم سرانجام نه ٿيو
آهي)
·
ساري رات سور کائي ڪوئو ڄڻڻ.
(وڏي محنت کانپوءِ تمام ٿورو فائدو ٿيڻ)
·
”ساري رات سورن ۾ _ جبل مفت مئو،
·
صبح ٿي سوير جو _ ڄائس هڪ ڪئو.“
·
يا جيئن اڙدو ۾ چوندا آهن ته ”کودا پهاڙ نڪلا
چوها. وه بهي مره هوا“
·
ساڳيا سنگَ سڃاڻ ڏاتو پنهنجي ڏاند جا.
·
سانوڻيءَ جي انڌي کي رڳو ساوڪ نظر ايندي آهي.
·
ست ڪئا کائي، ٻلي حج تي هلي آهي.
(ظلم ۽ ستم ڪرڻ کانپوءِ پرهيز گار ٿيڻ)
·
اڻ سرندي سڀ ڪو ٽري، کروڪو سرندي ٽري.
·
سراءِ
جو ڪتو جتي آيو اتي کتو.
(سراءِ جو ڪتو هئڻ معنى هر ڪنهن جو يار هئڻ. سڀ
سان گستاخ رهڻ)
·
شڪار مهل ڪتي هنگائڻ.
(شڪار جي ڳولا ۾ يا انتظار ۾ ڪا دير ترسڻو پوي ٿو
۽ پوءِ جڏهن مس مس شڪار نظر اچي ته ان وقت شڪار
ڪرڻ واري ڪتي مجبور ٿي پوي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي
بدقسمتي)
·
مري ويو مردود، نه ختمو نه درود.
·
ڪابل ۾ به گڏهه ٿين ٿا.
(نالائق ماڻهو جتي ڪٿي آهن)
·
ڪاٺ جو بُبُو ڏيڻ مان ڇا حاصل.
(رڳو دلاسو ڏيئي خوش ڪرڻ)
·
ڊڄڻي ٻلي ڪوئي جي جوءِ.
·
ڪتو پنهنجو قابو ڪر، اسان پنڻ ڇڏيو.
·
انڌو کُڏ تي ويهي هنگي، چي مونکي ڪو نٿو ڏسي.
·
ڏيڻ سڀ چڱو بڇڙي هڪڙي گار.
وٺڻ سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل.
·
راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.
(شيءِ اها سٺي جيڪا فيصلو ڪندڙ کي وڻي)
·
رات ٿوري ساٺ گهڻا.
·
ڪچيءَ ڪنا نه وريا، پڪي ڇا ورندا.
(جيڪو ننڍي هوندي نه سڌريو اهو وڏو ٿي ڇا سڌرندو)
·
گَڏي اڏجي يا لڏي ڇڏجي.
·
گڏهه جو ڇا وس جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهندو.
(هڪ هيڻي ۽ ڪمزور کي ڪهڙي طاقت جو ڏاڍي جو حڪم نه
مڃي)
·
ٺاٺار ڪي ٻلي ٿي گذر ڪرڻ.
(بيحد ضدي ٿيڻ)
·
لڇمي وڃي تڏهن لڇڻ به وڃن.
(پئسي وڃڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جون سٺايون به خراب لڳن
ٿيون)
·
لوڀ سڀني پاين جي پاڙ.
(لالچ سڀني براين کي جنم ڏئي ٿي)
·
هارئي کان پيتو ڀلو.
(اجايو ڪنهن شيءِ کي ضايع ڪري ڇڏڻ
کان بهتر آهي ته ڪنهن ضرورت مند کي ڏئي ڇڏجي)
·
ڪڇان ته پٽجن مڇان.
·
ونڊ ورهاءِ، ايمان پاءِ.
·
پنهنجي ۾ هٿ پرائي ۾ اک.
·
پورهيو ته خدا چور جو به نٿو وڃائي.
·
پورهيت يار خدا جو.
·
ڏٻري ڏاند تي مڇر گهڻا.
(ڪمزور ماڻهوءَ کي ڪيتريون ئي تڪليفون ٿين ٿيون)
·
گهڻ پيٽاري بگري، کائي ويئي جهار.
(بگري معنا پوک، گهڻي پيٽاري معنى گهڻن جي
ڀائيواريءَ واري، جهار معنى پکي پکڻ. ڪنهن هڪ
ماڻهوءَ جي شيءِ آهي ته هو وڌيڪ خيال رکي ٿو. گهڻي
ڀائيواريءَ ڪري جوابداري ورهاجيو وڃي. هرڪو اهو
سوچي ٿو ته ڏکيو ڪم پيو ڪندو)
·
تڪڙو ماڻهو ٻه ڀيرا هنگي.
·
وچ تنهين جي ڊاءُ، جنهنجي وائيءَ ۾ ور گهڻا.
·
مهانگو روئي هڪ وار، سستو روئي وار وار.
·
سُڪن سان گڏ
آلا
به سڙن ٿا.
(زندگيءَ ۾ ڪي ڪي مصيبتون اهڙيون به اچن ٿيون. جن
۾ ڏوهين سان گڏ بي گناهه ڦاسيو وڃن. جيئن سُڪن
ڪاٺن سان گڏ آلا ڪانا يا ڪاٺيون به سڙيو وڃن)
·
ڪڪو ڪڇ ۾ ڍنڍورو شهر ۾ / صافو ڪلهي تي، صافوڙي
صافو.
(جنهن شيءِ جي ڳولاءِ لاءِ شهر ۾ پڙهو پيو ڏيارجي
اها پاڻ سان ئي هجي. اجائي واويلا مچائڻ. اهڙن ئي
ماڻهن لاءِ اهو به چئي سگهجي ٿو ته پاڻيءَ مٿي
جهوپڙا مورک اڃ مرن. بي خياليءَ کان ڪم وٺڻ)
·
گدڙ ڊاک به پڄي آکي ٿُو کٽا.
(آکي معنى چوي. گدڙ جڏهن ڊاک حاصل ڪري نه سگهيو،
ته اهو چئي پويان پير ڪيائين ته کٽي آهي. يعني پڄي
نه سگهجي ته ٻئي تي ڏوهه ڏيئي ڇڏجي جيئن هيٺيون
پهاڪو آهي)
·
ناچو ناچ نه ڄاڻي، آکي ڀون سوڙهي.
·
اٿي پاڻ نه سگهي لک لعنت گوڏن تي.
·
ڪِنُ ڪِنَ سان
نه
ڌوپي، نيٺ پاڻيءَ سان ڌوپي.
·
لانگهي لاٿي لوئي ته ڪيا ڪريگا ڪوئي.
·
ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شتريا گهول پتا شا پيوي.
(شتريا فقيرن جي ذات آهي، جي هميشه بي پرواهه ۽
خوش طبع رهن ٿا)
·
تيل سهانگو هو ته جيڪر گدڙن پڇ مکيا.
·
ڏائڻ هلي مڙدا ڪڍڻ، مڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس.
·
ڪاڻي وسوڙي، چي مڙسم ويو اک کي.
·
نه ڪَتي نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي.
(ڪتڻ معنى سٽ يا ڪپڙو ٺاهڻ. ڪوري معنى جيڪو ڪپڙو
اُڻي وڪڻي ٿو)
·
ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
(دولت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي. نه
هجڻ جي حالت ۾ ڏک نه ڪجي ۽ گهڻي اچڻ تي مغروري نه
ڪجي)
·
گهٽ قوت، آڪڙ گهڻي، مار کائڻ جي نشاني.
(جنهن ماڻهوءَ ۾ طاقت گهٽ آهي پر گهڻو ڦونڊجي پيو
هلي، معنى ڪٿي نه ڪٿي موچڙا ضرور کائيندو)
·
ڪاڻيءَ جي وهانوَ ۾ سنگٽ گهڻا.
(معنى رولي ۾ رولو. هڪ ڪاڻي جنهن لاءِ مڙس مس مس
مليو. مٿان وري گرهن ۽ تارن جي ڦير ڪري تاريخ نه
پئي ٻڌجي. اڳئين زماني ۾، ۽ هينئر پڻ، ڪيترن هنڌن
تي ويندي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ شاديءَ جي تاريخ
مندر جي مهاٻائي کان ورتي وڃي ٿي. ويندي سنڌ جي
ڪيترن ڳوٺن ۾ مسلمان پڻ ڪنهن پير، سيد يا مجاور
کان ان ڪم لاءِ نيڪ تاريخ پڇن ٿا. اها ٻي ڳالهه
آهي ته اڳ ۾ آچر موڪل هوندو هو ته گرهن ۽ تارن جي
حساب بعد ڇنڇر جي شام ۽ آچر جو ڏينهن هوندو هو ۽
هاڻ خميس ۽ جمعي جو ڏينهن)
اهو پهاڪو ڪن هنڌن تي هيئن به رائج آهي: ”ڪاڻي جي
ڪاڄ ۾ ڇيڏڪ گهڻا“
·
ڪارو منهن ڪتي جو رٻ اوتري جي اوتري.
(معنى بي ايمان ماڻهو نقصان پهچائڻ جي گهڻي ئي
ڪوشش ڪندو
رهيو،
پر پهچائي نه سگهيو)
·
وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.
(مينهن پوي ته به ڏٻرو ڏاند مري. نه پوي _ يعني
گاهه وغيره نه ڦٽي ته به ڏٻرو ڏاند بک مري)
·
کيتي سر سيتي.
(ٻني ٻاري لاءِ ضروري آهي ته مالڪ پاڻ موجود هجي.
کيتي پنهنجي سر سان آهي. انڪري ته چوندا آهن ته
ٻنيءَ لاءِ سٺو ڀاڻ زميندار جي جتيءَ جي مٽي آهي.
يعني جيترو گهڻو زميندار پنهنجي زمين تي ويندو
اوترو گهڻو ڪم هلي سگهندو ۽ کيس سٺي اپت ٿيندي.
سنڌيءَ ۾ ٻني ٻاري تي ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا
آهن. جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
·
پنهنجي ٻني پنهنجو هَرَ.
·
مال ڀٽارو اکين جو تارو.
·
جيترو هَرَ اوترو ڦر.
·
جتي هر اتي گهر.
·
ان پلي ذات ڀلي.
·
ڇڍي پوک تنبا سنگ.
(جيتري ڇڍي پوک اوترو سٺو فصل. پر ضروري ناهي ته
هر پوک ڇڍي ڪجي. چوڻي آهي ته ڪڻڪ تيلو تيلو وونئڻ
ڏاگهه ڏاگهه، يعني ڪڻڪ ڀلي ويجهي ويجهي پوکڪجي پر
وونئڻ پري پري ڪجي)
·
ٻني اها راڻي جنهن جي مٿان پاڻي.
·
جنهن ڪڙميءَ جي گهر ۾ داڻو، اهو سڀني جو آهي راڻو.
·
جيڪو هوندو ڀاڳ ۾ سو وهي پوندو پاٽ ۾.
·
نوريئڙي جي دعوت ڇا؟ ٻه ٻير بس.
(معنى ڪي ڪي مهمان تمام گهٽ کٽراڳ وارا ٿين ٿا. ۽
ٿوري ۾ ئي خوش ٿيو وڃن)
·
مزي جو مزو، پئنچن تي به ٿورو.
·
انسان ريجهائڻ، نانگ ريجهائڻ کان ڏکيو آهي.
·
ڪتو ٽڪر وٺي پڇ لٽڪائيندو آهي.
(يعني جانور به ٿورا مڃي ٿو)
·
مرون چُوڻ کائي پنهنجو مٿو وڃائيندو آهي.
·
ڀت ڪڇي جي اڳلو ڪڇي.
·
ڏي ڪڻو ته ملي گهڻو.
·
گيدي چکن موت، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾،
·
مردن کان پنڌ ويا زالن کان جنڊ ويا.
(هر شيءِ گهر ويٺي ملڻ ڪري اسان آسائش پرست ٿي پيا
آهيون. جسم کي صحيح رکڻ لاءِ ڪا ورزش نٿا ڪريون)
·
پاڙو ابو امان آهي.
(پاڙي جو خيال رکڻ کپي. اهو پاڙو ئي آهي جيڪو ڏکي
وقت ڪم اچي ٿو. دوست مائٽ به پوءِ پهچن ٿا)
·
کارائجي هوتن جيان، پر ڏنڀجي ڏائڻ جيان.
(ٻارن جو خيال ضرور رکجي پر غلطي ڪرڻ تي هنن کي اک
به ڏيکارجي)
·
لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيڻ.
(ٿورو ڏئي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ)
·
رٺي آهي گهوٽ سان ڳالهائي نٿي ڳوٺ سان.
(ڪاوڙجڻ هڪڙن سان رسڻ ٻين سان)
·
پير کي خليفا کڻندا آهن.
(پير ڀلي ٽڪو به نه لهي، پر جيڪڏهن سندس خليفا
هوشيار آهن ته پير جو مان مٿاهون ڪرائين ٿا.
اٻوجهه عوام کي مريد بنائڻ لاءِ پير جون اهڙيون
ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ڊرامائي انداز ۾ ڪن ٿا جو هو
وسهجيو وڃن. ساڳي وقت مريدن مان ٽن لاءِ پئسو ڏوڪڙ
ڪڍڻ لاءِ پڻ خليفا ڪم اچن ٿا. اٽڪلي ۽ ظالم خليفو
مريدن کي چٺ لٺ ڏيکاري پير لاءِ گهڻو ڪري ڪجهه ڦري
سگهي ٿو)
·
پنهنجي وڻي يا نه وڻي جتيءَ سوڌو جهول ۾.
·
ٻُچيءَ کي ڏاڙهيءَ جو قبر تائين آسرو.
(ڪنهن اڻ ٿيڻي ڳالهه جو آسرو رکي وهڻ)
·
هنجن سان حرص ڪري اڏاڻي چڙي،
چڻو
هوس چهنب ۾ سو به پيس ڪري.
(ٻين سان حرص يا ساڙ نه رکجي. جيترو دم هجي، ان
مطابق هلجي، جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته ڪانگ هنج
وانگر هلڻ جي ڪوشش ۾ ماڳهين پنهنجي هلڻي به کاري
ويٺو)
·
هنر واري جو هنر کپي. بي هنر جي جُند.
(هنر وارو يعني ڪم ڪار واري ماڻهوءَ جو جتي ڪٿي
آڌر ڀاءُ ٿئي ٿو. پنهنجي توڙي ڌارئين ملڪ ۾ هنر
مند کي هرڪو مانُ ڏئي ٿو. پر اهو ماڻهو جنهن کي ڪو
ڪم ڪار نٿو اچي. توڙي کڻي اهو پنهنجو هجي، هر ڪو
ان کان ڀڄي ٿو)
·
عالمن جا ابا تو جي ٽنگان ٽيڙيون ته بندا ڪيئن
ڪندا.
(جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به غلط ڪم ڪن ته جاهلن جو
ڪهڙو ڏوهه)
·
ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾.
(ڪڏهن ڏک ۾ ڪڏهن سک ۾)
·
هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڪهڙي.
(ظاهر ظهور ڳالهه کي ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت، جيڪا
شيءِ نظر پئي اچي، ان جي واکاڻ جي ڪهڙي ضرورت. هڪ
ٽيڏين اکين واري زال کي پنهنجي تعريف ٻڌڻ جي ڏاڍي
عادت
هئي.
مڙس به آفيس مان اچڻ سان اهاني بهاني
تعريف ڪندو هوس ته تنهنجا وار ههڙا سهڻا، نڪ فلاڻي
ائڪٽريس جهڙو، اکيون موتين جا داڻا وغيره. |