(انسان ته انسان پر ڪانگن کي به پنهنجا ٻچا پيارا
لڳن ٿا. هڪ ماءُ پنهنجي ٻار لاءِ ماني کڻي اسڪول
ڏي وڃي رهي هئي ته رستي تي پير ٿاٻڙجي پيس ۽ ڪري
پئي. ٻي ماءُ کي منٿ ڪيائين ته هوءَ سندس پٽ لاءِ
ماني کڻي وڃي.
”پر مونکي ڪيئن خبر پوندي
ته تنهنجو پٽ ڪهڙو آهي؟“ هن پڇيو.
”جيڪو سڀ ۾ سهڻو ڏسين اهو منهنجو پٽ اٿئي.“ ڌڪو
کاڌل ماءُ چيو.
ماني ڏيئي موٽي ته ڌڪ کاڌل ماءُ پڇيس. ”منهنجي پٽ
کي ماني پهچائي؟“
”ها پهچايم. پر پنهنجي ئي پٽ کي ڏئي آئي آهيان. جو
سڄي اسڪول جي ٻارن ۾ مون کي اهوئي سهڻو لڳو“)
·
هرڻين جو شڪاري سهن کي نه ڏسندو آهي.
(وڏا ڪم ڪرڻ وارو ننڍڙين ڳالهين کي نه ليکيندو
آهي)
·
جهرڪيءَ کي مارڻ لاءِ توب ڇو استعمال ڪجي؟
(جيڪو ڳڙ سان مري ان کي زهر ڇو ڏجي يا ننهن سان
جيڪو ڇڄي ان تي ڪاتي استعمال ڇو ڪجي)
·
سهڻا پڃرا سهڻن پکين لاءِ ئي ٺاهيا وڃن ٿا.
·
جيڪو ڌرتيءَ سان دغا ڪري ٿو. ان سان ڌرتيءَ به دغا
ڪري ٿي.
·
ساهيڙي ڀلي سٺي صورت واري ڪجي، پر زال هميشه سٺي
سيرت واري.
·
گل پٽڻ واري کي ئي ڪنڊن جو احساس ٿئي ٿو.
·
ڍڳي کي پنهنجي قوت جي، انسان کي پنهنجين ڪوتاهين
جي ڄاڻ نٿي رهي.
·
ٺونٺ هميشه اندر طرف ئي مڙي ٿي.
·
پنهنجي زال ۽ پرائي ٻليءَ جو هميشه خيال رکجي.
(ڪهڙي قسم جو خيال رکجي؟ هر وقت خذمت چاڪري ۾ رهجي
يا ڀڄي پاسو ڪجي. شراب خاني ۾ ٻه ماڻهو ڳالهائي
رهيا هئا:
”يار جڏهن تون رات جو دير ڪري گهر پهچندو آهين ته
پوءِ توکي زال ڇا چوندي آهي؟“
”ڪجهه به نه، ”ٻئي جواب ڏنو، ”دراصل اڃان منهنجي
شادي نه ٿي آهي.“
”ته پوءِ تون ايتري دير تائين ٻاهر ڇو ٿو رهين!“
پهرين حيرت جو اظهار ڪيو)
·
جيڪي بوٽن بنان آهن، انهن کي انهن جو سوچڻ کپي جن
کي پير به نه آهن.
(پاڻ کان مٿاهين سان ڀيٽي غمگين ٿيڻ بدران انهن جو
سوچجي جيڪي گهٽ خوش نصيب آهن)
·
مندر (عبادت گهر)ٺهرائڻ کان وڌيڪ نيڪ ڪم انسان جي
جان بچائڻ آهي.
·
هڪ انڌو جي ٻئي انڌي پويان لڳندو ته ٻئي درياهه ۾
ئي ڪرندا.
·
قلعي ۾ جي ڪوئن جي گهڻائي ٿي پوي ته ان ۾ ڀلن
گهوڙن رکڻ کان منڊي ٻلي
رکڻ بهتر آهي.
·
مهمان کي ڇڙٻ ڀلي ڏجي پر بک نه مارجي.
(اهو پهاڪو ڪيتري حد تائين صحيح آهي ۽ آيل مهمان
ڪيتري حد تائين ان کي قبول ڪندو، چئي نٿو سگهجي.
ڇو جو ڪن جي خيال ۾ ”ڀلي بک ڀرم جي شال ۾ وڃي شان“ آهي)
·
اڀرندي پاسي واري ڀت مان سرون ڪڍي الهندي پاسي
واري ڀت ٺاهڻ مان ڪهڙو
فائدو؟
·
عورت جيسين جوان آهي، آئيڊيل جي ڳولا ۾ لڳي ٿي.
پوڙهي ٿيڻ تي مڙس
جي ڳولا ڪري ٿي.
جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته جيسين ڇوڪري نوجوان
آهي ته هن لاءِ سڱ اچي ٿو ته هوءَ اهو سوال ڪري ٿي
ته
What is he? هو
ڇا ڪندو آهي. پوءِ ڪجهه عمر گذرڻ بعد هوءَ سوال
ڪري ٿي ته،
Who is he? يعني
هو ڪير آهي؟ نوڪري ڀلي ڪا خاص نه هجيس پر عمر ۾
ذات پات جي خيال کان صحيح آهي ته ڪم هلي سگهندو.
پر پوءِ جيئن ئي وڏي عمر ٿئيس ٿي ۽ مائٽيون اچڻ
بند ٿيو وڃن ته پوءِ اهڙي دور ۾ ڪوبه رشتو اچي ٿو
ته ڇوڪريءَ جي وات مان اهو ئي نڪري ٿو ته
Where is he?
اهو آهي ڪٿي يعني ڀلي ڪهڙي به نوڪري هجيس ڪهڙي به
عمر ۽ ذات پات هجيس مون کي قبول آهي، مون کي مڙس
کپي.
بهر حال اهو ڪو ضروري ناهي. ڪڏهن وڏي عمر جي عورتن
وٽ به ڪئين سهڻا جوان جتيون گسائين ٿا، پر هو پاڻ
ئي شادي نٿيون ڪرڻ چاهين. پوءِ اهي مرد مجبور ٿي
وڃيو ”B“
ڪئٽگري جي عورتن سان شادي ڪن. ٻه شادي شده عورتون
وڏي عمر جي پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ سان چرچا ڪري رهيون
هيون، جنهن جي اڃان شادي نه ٿي هئي.
هڪ شادي شده عورت چيو ”چڱو هاڻ سچ پچ کڻي ٻڌاءِ تو
سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪنهن توکي پسند به ڪيو يا نه؟“
ڪنواري ساهيڙيءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو:
·
”اها ڳالهه توهان ٻئي پنهنجن مڙسن کان جيڪر پڇو ها
ته سو هو“
·
توهان ڪيترا به شاهوڪار ٿي وڃو، پر عالم کي پاڻ
کان مٿاهون سمجهو.
(علم دولت کان بهتر آهي)
·
ڪاوڙ جي وقت صبر کان ڪم وٺڻ، توهان کي سؤ ڏينهن جي
پڇتاءُ کان بچائي
ٿو.
·
قدرت انڌي جهرڪيءَ کي به رزق پهچائي ٿي.
·
بيوقوف جي خذمت لاءِ ڪنهن ڏاهي کي رکڻ ائين آهي،
جيئن لڏ ۾ لعل اڇلڻ.
·
قوم تي حڪمراني ڪرڻ سولو ڪم آهي، پر فيمليءَ کي
ضابطي ۾ رکڻ ڏکي
ڳالهه آهي.
·
دوا هر هڪ جو علاج ڪري ٿي، سواءِ انهن جي جن جي
نصيب ۾ موت آهي.
·
مئل ماڻهو جي صحيح هزار ڊالرن ۾ به خريد ڪري نٿي
سگهجي.
(گذريل وقت وري نٿو موٽي اچي)
·
ڪوئو ڪوئي کي ئي چڱي طرح سڃاڻي سگهي ٿو.
(چور چور کان وڌيڪ واقف آهي)
·
لوهه جي ٺهيل گڏهه تي ڪهڙا وار.
(مطلب ته پيٽ ۾ کاڌي جي ضرورت هجي ته کائجي)
·
گهر مان نڪرڻ وقت موسم جو حال معلوم ڪجي، گهر ۾
گهڙڻ وقت چهرن
جي جانچ ڪجي.
(سوچي سمجهي قدم کڻجي. موسم ٿڌي آهي ته ان لاءِ
اڳواٽ گرم ڪپڙا پائي نڪرجي. گهر جي ڀاتين جو موڊ
خراب آهي يا ڏک ڪاوڙ اٿن ته جهڙي تهڙي ڳالهه کان
گريز ڪجي)
·
ڪيڪ جي تصوير ڪنهنجو پيٽ ڀري سگهي ٿي؟
(ٺلهين ڳالهين مان ڪجهه نٿو وري. شيخ اياز چوڻي:
ڍؤ بنان ڍوليا ناهي ساڃهه
سونهن جي“)
·
غريب امير سان دوستي رکي پنهنجي پتلون به وڃائي
وهي ٿو.
(ظاهر آهي شاهوڪار سان پير ڀرڻ ۽ مقابلو ڪرڻ ۾
غريب الهه تلهه خرچ ڪريو ڇڏي يا جيئن چوندا آهن ته
اٺ ۽ گدڙ جي دوستي سونهين نٿي“)
·
ننڍپڻ ۾ پيءُ جي جدائي، اڌروٽ عمر ۾ زال وڃائڻ ۽
مرڻ بعد پٺيان ڪو وارث
نه ڇڏڻ، اهي دنيا جا ٽي وڏا
اڀاڳ
آهن.
·
ڪوئي جي ڏندن ۾ ڪهڙو عاج ڪهڙي چاندي.
·
گهوڙيسوار کي پنڌ جي تڪليف جي ڪهڙي سُڌ.
(جيڪو عيش ۾ پليو آهي. ان کي زندگي جي ڏکن جي ڪهڙي
خبر)
·
برف ۾ ڪنهن کي دفن نه ڪجي.
(اونهاري ٿيڻ تي برف ڳري ٿي ۽ لاش وري ظاهر ٿيو
پوي)
·
بوٽ وٺڻ کان اڳ پير جي ماپ معلوم ڪجي.
·
رات جي ماني رات جي آهي ۽ نيرن صبح جو کاڌو آهي.
(هر هڪ شيءِ جي پنهنجي اهميت آهي. هر هڪ شيءِ
پنهنجي وقت تي سونهين ٿي)
·
هر نئين ڄاول ڪوئي کي ٻرڙ کوٽڻ اچي ٿو.
(ائين جيئن هر ننڍي مڇيءَ کي ترڻ اچي ٿو)
·
نديءَ جو وهڪرو بدلائڻ يا جبل ٽڪڻ سولو ڪم آهي پر
انسان جي فطرت بدلائڻ ڏکيو ڪم آهي. سنڌيءَ ۾ عام
چوڻي آهي ته: ”هيري سندي هير ٽنگ ڀڳي به
نه لهي.“
·
ٻوڏ کي بند ٻڌي سگهجي ٿو پر ماڻهن کي گلا ڪرڻ کان
روڪي نٿو سگهجي.
·
هڪ بيوقوف سان گڏ جيئڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن
عقلمند جي ڀرسان مرجي.
·
اهو سبق جيڪو دل سان نه ٻڌجي، رڳو ڪنن سان سڻجي
خواب ۾ دعوت کائڻ
مثل آهي.
·
ڪن کي عمر کائي، ڪي عمر کي کائين.
(ڪي ويچارا ننڍي عمر ۾ ئي بس ٿي ويندا آهن، کين
بيمارين ۽ ڏک ننڍپڻ ۾ ئي پوڙهو ڪري ڇڏيندا آهن. ڪي
وري وڏي عمر جا ٿيڻ بعد به تازا به
تازا نؤ بنا پيا لڳندا آهن.
عمر جي معاملي ۾ عورت به پڪائيءَ کان ڪم وٺي ٿي.
پنهنجي
ٺاهه
جوڙ ڪري پاڻ کي ننڍو ظاهر ڪري ٿي ۽ چوندا آهن ته
عورت پنجويهن سالن کان پوءِ يوٽرن (U
_ Turn)
ڪري ٿي. يعني پنجويهن تائين پهچي، پوءِ هر سال
پنهنجي عمر مان سال گهٽائي ٻڌائي ٿي. يعني چوويهه
پوءِ ٽيويهه وغيره. ڪي عورتون چاليهه سالن جون ٿيڻ
بعد ڏهاڪو کن سال اها ئي عمر ٻڌائينديون رهن ٿيون.
هڪ ڇوڪريءَ ٻي ڇوڪريءَ کي چيو ته مون فيصلو ڪري
ڇڏيو آهي ته جيسين آئون پنجويهه سالن جي نه ٿينديس
شادي نه ڪنديس. ٻي ڇوڪريءَ وراڻيس: ”۽ مون فيصلو
ڪري ڇڏيو آهي ته جيسين منهنجي شادي نه ٿيندي تيسين
آئون پنجويهن سالن جي نه ٿينديس.“
·
عورت جو ڪم ٿڃ ڏيڻ آهي، مرد جو ڪم ڌن ڏيڻ آهي.
(مطلب اهوئي ئي ته عورت جو ڪم گهر کي ڏسڻ ۽ ٻار جو
نيپاج آهي، مرد جو ڪم پورهيو ڪري پئسو آڻڻ آهي،
تڏهن ئي گهر جو ڪاروبار هلندو. چين جپان توڙي ٻين
ايشيائي ملڪن جي سوسائٽيءَ ۾ مرد وڏي بلا سمجهيو
وڃي ٿو. هو ڀلي ٽوٽي هجي، سندس ٻاهر ڪجهه به نه
هلي پر گهر ۾ هو حاڪم آهي ۽ پنهنجي زال تي وڏا رعب
رکي سگهي ٿو. پر شايد ڪن ملڪن يا ڪن هنڌن تي ائين
نه به هجي، ڪٿي ڪٿي عورت کان وڌيڪ مرد فرمانبردار
هجن.
اسڪول جي پهرين ڏينهن ماستر صاحب نون آيل شاگردن
جي سڃاڻپ لاءِ
کانئن ساڳيو سوال پڃي رهيو هو.
”پٽ تنهنجو پيءُ ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“
”واڍڪو ڪم ڪندو آهي“ ڇوڪر جواب ڏنو.
”۽ تنهنجو پيءُ ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“ هن ٻئي شاگرد
کان پڇيو ۽ جنهن جو پيءُ سرجن هو.
”سائين آپريشنون ڪندو آهي.“
”ڀلا تنهنجو پيءُ ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“ هن ٽئي شاگرد
کان پڇيو.
”سائين منهنجو پيءُ اهو ڪم ڪندو آهي، جيڪو امان
چوندي اٿس.“
جپاني پهاڪا ۽ چوڻيون
·
هوٽل ۾ مانيءَ جي لذت جو مدار خذمتگار ڇوڪريءَ جي
سونهن تي آهي.
(جن هوٽلن ۾ ماني سٺي نه هجي، ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ
خذمتگار ڇوڪرين جا چهرا ته
چڱا هئڻ کپن. پر چوندا آهن ته مانيءَ جو شوقين
مينو پيش ڪندڙ ڇوڪريءَ ڏي نهارڻ کان اڳ مينو کي
غور سان جانچي ٿو)
·
غربت انسان جي خوشي گهٽايو ڇڏي.
·
نانگ کان وڌيڪ عورت کان خبردار رهجي.
(خبر ناهي ڪهڙي خيال کان جپاني مرد لاءِ جپاني
عورت خطرناڪ آهي. ڌارين ماڻهن کي جپان ۾ رهڻ بعد
ان جي ابتڙ محسوس ٿئي ٿو)
·
ٽوڪيو ۾ جيڪا تڪليف رسي، ان جو بدلو ناگا ساڪيءَ ۾
نه وٺجي.
(هڪڙي جي ڏوهه جي سزا ٻئي کي ڏيڻ نه جڳائي)
·
پنهنجي ڀاڳ جي نجومين کي به خبر نٿي پوي.
(اها ڳالهه صحيح آهي ۽ پوءِ جڏهن نجومين کي پنهنجي
ڀاڳ جي به خبر نه آهي ته پوءِ ٻين جي مستقبل جي ڇا
ڄاڻ ڏيندا.
اتر هندستان جي الور جي مهاراجا سري سوائي
جئيسنگهه هزار رپيا هڪ ڏينهن جي حساب سان هفتي کن
لاءِ بمبئيءَ جو وڏو نجومي مسٽر الاسٽر گهرايو.
ساڻس ٻين به ڪيترن انعام اڪرامن ڏيڻ جو وعدو ڪيو
ويو هو. مقرر وقت تي جڏهن نجومي الور اسٽيشن تي
پهتو ته سندس آڌر ڀاءُ لاءِ ڪير به نه آيو. سڄي
رات هو اسٽيشن تي ڌڪا کائي ٻئي ڏينهن ٽانگي ۾ چڙهي
مهاراجا جي محلات تي پهتو پر دربان ۽ سپاهين کيس
مهاراجا سان ملڻ جي موڪل ڏيڻ بدران کڻي جيل
اماڻيو. يڪو مهينو جيل ۾ دانهون ڪوڪون ڪندو رهيو ۽
خوار ٿيندو رهيو. ان بعد هن کي جيل مان ڪڍي
مهاراجا آڏو پيش ڪيو ويو. نجوميءَ پنهنجي غم جو
داستان ٻڌائيندي چيو.
”مون کي اهڙي خبر هجي ها ته الور پهچڻ تي مون سان
هيءَ تعدي ٿيندي ته آئون جيڪر بمبئي ڇڏيان ئي نه
ها.“
مهاراجا همدرديءَ ڪرڻ بدران چيو: ”تو لاءِ اها
سيکت ضروري هئي. جڏهن توکي پنهنجي ٻئي ڏينهن جي
خبر
نٿي پوي
ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي ته مون کي سڄي سال جو حال
ڪيئن ٻڌائي سگهندين؟“)
·
پاڻ ۾ ايترو قرب جيترو منڊارين بدڪن جو.
(منڊراين چيني بدڪن جو قسم آهي، جن جو هر وقت نر
مادي جوڙو جوڙو ٿي هلي ٿو ۽ کن ساعت لاءِ به هو هڪ
ٻئي کان جدا نه ٿين)
·
سٺو جوڙ ۽ سٺو موقعو حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ضروري آهي.
(صبر جو ڦل مٺو ٿئي ٿو ۽ تڪڙ ڪم شيطان جو ثابت ٿئي
ٿو)
·
گهرو ويڙهه ۽ اتراهين هوائن ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي.
شام ڌاري ٻئي ٺاپر ۾
اچيو وڃن.
·
پئسو آهي ته ڌاريان به سلامي ڀرين ٿا. غربت ۾
ويجها مائٽ به ڇڏيو ڏين.
(سکئي جو سڀ ڪو سلامي، غريب کي ڪو ليکي ڪونه)
·
گانگٽ جو سردار گانگٽ ئي هوندو آهي.
·
ستل ڍڳيءَ مٿان ڪچرو اڇلڻ.
(ڪمزور ۽ غريب ماڻهوءَ مٿان بهتان هڻڻ)
·
شراب کان پاسو ڪرڻ تي جيڪو پئسو بچي ٿو، ان مان
ڪوبه محلات نٿو ٺهرائي
سگهي.
(ويلي بچائڻ ۾ ڪهڙا ڪوٽ ٺهرائي سگهبا)
(هڪ دوست ٻئي کي سگريٽن پيئڻ کان منع ڪندي چيو:
”ڏس تون روزانو ڏهه سگريٽ پئين ٿو، يعني ويهين
رپئي جا. سي مهيني ۾ ٿيا ڇهه سؤ رپيا ۽ سال ۾ ست
هزار رپيا کن ۽ ڏهن سالن ۾ ستر هزار ۽ جي گذريل
ٽيهه سال سگريٽ نه پئين ها ته سوا ٻه لک رپيا
هجنئي ها، جنهن جو گهر ٺهرائي سگهين ها.“
ٻئي همراهه سڄي ڳالهه ٻڌي پهرين کي چيو: ”چڱو ڀلا
تون ته چاليهه سالن کان سگريٽ نٿو پين. تون ٻڌاءِ
سگريٽ جي بچيل پئسن مان ڪهڙو گهر ٺهرايو اٿئي؟“)
·
درياهه تي پاڻي کڻي هلڻ.
(بيوقوفي ڪرڻ)
·
سخت طوفان به جبلن کي ريڙهيو نٿا سگهن.
·
ڍڳي جي پڇ کان بهتر آهي ته ڪڪڙ جو وات ٿجي.
·
وقتي طور عقلمند پاڻ کي بيوقوف به سڏائي ٿو.
·
اهو تتر جيڪو ٻولڻ کان گريز ڪري ٿو شڪار ٿيڻ کان
بچي سگهي ٿو.
·
ڪالهه جو دشمن اڄ جو ساٿي.
·
پئسو سو ملي باقي فقير هر هڪ ڏي مرڪي نهاري ٿو.
·
پنهنجي غلطي مڃڻ ڏاهپ جي نشاني آهي.
·
حد کان وڌيڪ گهرائي مصيبتون پيدا ڪري ٿي.
·
(جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”هجتي لعني“ يا
انگريزيءَ ۾ آهي ته
( Familiarity breeds contempt
·
عطر جي چور مان خوشبوءِ ئي ايندي.
·
ڀاڻ جيترو به ڪم نه اچڻ
(بيحد بيڪار ماڻهو)
·
ڊگهي تقرير اٻاسيون پيدا ڪري ٿي.
·
ڪڏهن ڪڏهن سڌي وڻ جون به ڦڏيون شاخون ٿين.
·
هر ڪا ٻلي ڪئا کائي ٿي، هر سرڪاري ڪامورو رشوت
کائي ٿو.
·
شراب، جوا ۽ رنڊي بازي اهڙا فعل آهن، جيڪي ماڻهن
جي تباهي آڻين ٿا.
·
چور ڪجهه نه ڪجهه پٺيان ڇڏيو وڃي، پر باهه سڀ ڪجهه
تباهه ڪريو وڃي.
·
کڻي ڪنهن جو ماءُ پيءُ مري ويو هجي ته به ماني
کائڻ بعد ڪجهه دير آرام ڪجي.
·
مقابلي جي ڇٽهين ئي طريقن مان بهترين طريقو ڀڄڻ
آهي.
(يعني جتي پڄي نه سگهجي اتي ڀڄي جان ڇڏائجي)
·
سادو ماڻهو پنهنجو در هڪ انچ کليل ڇڏي ٿو، بيوقوف
ٽي انچ ۽ چريو در کي
بند ئي نٿو ڪري.
·
ڊيوٽيءَ لاءِ اون ۽ جسم تي گوڏ هر وقت گڏ گڏ هجي.
·
اس ۾ سڙيل (ڏينهن لڳل) مينهن، چنڊ کي به تتل سج
سمجهي ڇر ڪيو وڃي.
·
هر ڳالهه ٿڌي دماغ سان سوچجي.
(ذري پرزي ڳالهه تي جوش يا چڙ نه ڪجي. دماغ کي ٿڌو
رکجي. اهڙي ماڻهوءَ کي بلڊ پريشر ۽ دل جون
بيماريون به گهٽ لڳن ٿيون ۽ زندگيءَ ۾ ڪامياب به
رهي ٿو.
انگريزيءَ جي مشهور اديب برنارڊشا کان ڪنهن
صحافيءَ پڇيو: ”توهان جي وڏي عمر جو ڪهڙو راز
آهي؟“
هن جواب ڏنو: ”آئون هميشه مٿو ٿڌو ۽ پير گرم رکان
ٿو.“
صحافي هن جي ان قول کي اخبار ۾ ڇاپيو. ماڻهو عمر
وڌائڻ لاءِ مٿي تي برف رکڻ لڳا ۽ پير باهه تي سيڪڻ
لڳا. نتيجي ۾ سڄي شهر ۾ نمونيا وڌڻ لڳي. هوسڀ
احتجاجي جلوس جي شڪل ۾ برنارڊشا جي در تي پهتا.
برنارڊشا هنن کي چيو: ”مٿو ٿڌو رکڻ سان منهنجو
مطلب هو ته مون کي ڪاوڙ ڪڏهن به نٿي اچي ۽ پير گرم
رکڻ سان منهنجي مراد هئي ته آئون هميشه پنڌ هلان
ٿو.“)
·
تنهنجي صلاح پنجن ڊالرن مٽ آهي، پر تنهنجو صبر ڏهن
برابر آهي.
(يعني جيسين ڪو صلاح نه گهري ته ماٺ ۾ رهڻ کپي)
·
هاري ٻج ڇٽڻ تي ڪانگ کوٽي ڪڍڻ تي.
·
شڪست (هار) کاڌل جنرل کي پنهنجين جنگين جو ذڪر ڪرڻ
نه جڳائي.
(ان تي جپاني ڪيترو عمل ڪن ٿا، ان جوا ندازو انهن
خودڪشين مان لڳائي
سگهجي ٿو، جيڪي جپانين ٻي وڏي لڙائي هارائڻ بعد
شرم کان ڪيون)
·
ٽاچني توڙي کڻي ننڍي آهي پر ڳهي نٿي سگهجي.
·
گهر جي ڪامن کي اڏوهي لڳي سگهي ٿي، پر در جي هٿئي
کي هرگز نه.
(اها شيءِ جيڪا هر وقت استعمال ۾ آهي، ان کي جيت
جڻيون نٿو لڳي)
·
ويندي ڀلن گهوڙن کي به ڪڏهن ڪڏهن چهبڪ جي ضرورت
پوي ٿي.
·
کائڻ جون چاپ اسٽڪس ڊگهيون چونڊجن، ليڊري لاءِ
طاقتور ماڻهو ڳولجن.
·
نانگ جي وات ۾ ڏيڏر.
(هي سنڌيءَ ۾ پڻ پهاڪو آهي. معنى عجيب صورت ۾
ڦاسڻ. وات ۾ ڏيڏر معنى ڳهڻ به ڏکيو ته ڪڍڻ به
ڏکيو. يا ٻي معنى ۾ ”ماٺ ڪيان ته مشرڪ ڪڇان ته
ڪافر“)
·
نانگ اڳيان ڏيڏر جو اچڻ.
(عجيب مصيبت ۾ ڦاسڻ، يعني ڏيڏر لاءِ ڏکيو وقت اچڻ) |