مذهبي ۽ ڌرمي ميل جول کان سواءِ لس ٻيلي جي ڄامن سنڌ مان شاديون
ڪيون. هنن نه فقط سنڌ مان شاديون ڪيون پر لس ٻيلي
جي ڄامن جو آبائي قبرستان هن دعوا جو دليل آهي.
مائي چاڳلي، لس ٻيلي جي راڻي، شڪست کائڻ کان پوءِ،
پنهنجي صغير پٽ عزت خان کي ساڻ ڪري، پنهنجي اصلي
وطن سنڌ جي ڪوهستان واري خطي ڏانهن رواني ٿي: باقي
ڏينهن گوشه نشينيءَ ۾ گذاريائين، ۽ 1214هه (1794ع)
۾ وفات ڪيائين. کيس ڪوٽڙي جي ڀر ۾ ملڪن جي قبرستان
۾ دفن ڪيو ويو(1).
انهيءَ قبرستان ۾ عزت خان ولد پاهڙ خان ۽ ٻيا ملڪ
پڻ دفن ٿيل آهن.
(ث) واپاري ۽ تجارتي ميل جول:- لس ٻيلي واري ايراضيءَ جي واپار
۽ تجارت جو سارو دارو مدار پڻ پراڻي زماني کان وٺي
سنڌ تي رهيو آهي. قديم زماني کان مال جي آمدني ۽
رواني اٺن جي قافلن ذريعي، خشڪيءَ رستي ٿيندي هئي.
جڏهن اڃا ڪراچي بندر جو وجود به ڪونه هوندو هو،
تڏهن سون مياڻي جي بندر جو جاه و جلال هو، جتي سنڌ
جي واپارين جو مڪمل قبضو هوندو هو. هن بندر تان
ڏيسارو سان واپار هلندو هو. هت ٻين واپارين سان گڏ
ٺٽي مان به ڪيترائي کتري لڏي اچي ويٺا هئا. ڪراچي
بندر جي آباد ٿيڻ کان پوءِ ۽ سمنڊ جي هٽي وڃڻ ڪري
سون مياڻي بندر ختم ٿي ويو.
لڏ پلاڻ:- موهن جي دڙي توڙي ٻين قديم آثارن جي کوٽائيءَ جي
رپورٽن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته سنڌي هڪ واپاري
قوم آهي. هتي جا واپاري واهڻن ۽ غورابن ذريعي مال
ڍوئي، ڏيسارو ڏانهن واپار سانگي ويندا هئا. واپار
جي سهوليت، سامونڊي ساحل، خشڪي رستن، مڇي مارڻ،
ٻيڙيون ٺاهڻ توڙي اهڙين ٻين سهوليتن جي ڪري، سنڌ
جي ڪيترن ئي قبيلن، سنڌ مان لڏي، لس ٻيلي کي وڃي
آباد ڪيو. انهن مان ڪي لس ٻيلي کان به اڳتي وڌي،
بلوچستان جي ڪن ٻين علائقن ۾ پڻ وڃي آباد ٿيون.
انهن قومن ۽ قبيلن مان ڪي هي آهن:
(i)
رونجها: هيءَ سنڌ جي سما خاندان جي هڪ شاخ آهي(1).
هنن لس ٻيلي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، ۽ وڏي عرصي
تائين حڪومت ڪيائون.
(ii)
نومڙيا (برفت): هيءَ سنڌ ۽ لس ٻيلي جي گڏيل قوم
آهي. عام روايت موجب هيءَ قوم سنڌ جي سمن جي نسل
مان آهي(2).
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ موجب نومڙيا اصل سنڌ جي
ونگي – ولاسي (موجوده ٽنڊي باگي ۽ بدين تعلقن)
واري ڀاڱي جي رهاڪو سما قوم آهي. ڊاڪٽر صاحب جي
خيال موجب نهڙيا ۽ نومڙيا ساڳئي نسل مان آهن(3).
(iii)
صابرا: هي قبيلو سومرن جي هڪ شاخ آهي. سندن وڏو
ڏاڏو خواوڙ، مٿي پيڙهيءَ (شجري) ۾ سنڌ جي سومري
حاڪم، ڏونگر راءِ سان گڏجي ٿو. لس ٻيلي ۾ صابرن جو
خاص ماڳ پپراڻي (اُٿل وارو علائقو) آهي. صابرا لس
ٻيلي کان سواءِ ساراوان، جهالاوان، ڪوهياري
باغبان طرف پڻ رهن ٿا(4).
(iv)
جدگال: هي اصل سنڌ جا رهاڪو جت آهن، هت لڏي اچڻ
کان پوءِ ٻين قومن سان گڏجي ميسجي ويا، تنهنڪري
’جدگال‘(1)
سڏجڻ لڳا. راءِ ديوائج (ديوراج) جي حڪومت جي زماني
۾، هي سنڌي فوج ۾ هوندا هئا. پنجين صديءَ عيسويءَ
ڌاري ’سفيد هن‘
(White Huns)
بلوچستان ۾ آيا. انهيءَ زماني ۾ ’جت‘ قبيلا پڻ
گهڻي تعداد ۾ لڏي اچي هت ويٺا(2).
عربن جي ڪاهن وقت يعني ستين صديءَ ۾ بلوچستان ۾
’ميد‘ ۽ ’جت‘ قومون گهڻي تعداد ۾ آباد هيون. ميد
ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آباد هوندا هئا، ۽ جت
(جدگال)، ڪڇي، لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ آباد هوندا هئا(3).
جدگال مال پالڻ کان سواءِ زراعت جو ڌنڌو پڻ ڪندا هئا. انهيءَ
وقت ڌاري بلوچستان ۾ بروهين جو تعداد وڌي ويو.
اٽڪل يارهين صديءَ عيسويءَ ڌاري بلوچستان ۾ خشڪ
ساليءَ جو دؤر شروع ٿيو، جنهن ڪري چراگاهه گهٽجڻ
لڳا، جنهن جو اثر هتي جي سياسي حالتن تي پڻ ٿيو.
انهن چراگاهن تي هڪ طرف جتن جو قبضو هو ته ٻئي طرف
بروهين پڻ قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو. نيٺ ٻنهي قومن جي وچ
۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ بروهي عالب پئجي ويا، ۽ اقتدار
بروهين جي هٿ ۾ آيو. جتن مان ڪي ڪٽنب بلوچستان جي
جدا جدا ماڳن ۽ مڪانن ڏانهن پکڙجي ويا. باقي جيڪي
اتي رهجي ويا، سي بروهين سان سڱابنديون ڪري، انهن
۾ مدغم ٿي ويا. هنن مان هزارن جي تعداد ۾ جدگال
ايراني بلوچستان ۾ وڃي آباد ٿيا. هن وقت لڳ ڀڳ
جدگالن جي هڪ لک آبادي ايراني بلوچستان ۾ رهي ٿي(1).
اهڙيءَ طرح جتن جو سياسي غلبو ۽ انفرادي حيثيت ختم
ٿي ويئي(2)
(v)
شهزادا: هي اصل عرب آهن. پهرين سنڌ ۾ اچي رهيا، ۽
پوءِ سنڌ مان لڏي جيواڻي، دشت، باهو ۽ مڪران ۾ اچي
ويٺا. انهن مان ڪي ايراني بلوچستان ۾ پڻ رهن ٿا(3).
(vi)
مُوندرا: هي قبيلو ڊنڍو (ٻيلي کان ڏکڻ طرف)، گجري
نئين ۽ سون مياڻيءَ واري علائقي ۾ آباد آهي. هي
اصل سومرا آهن(4).
(vii)
واهرا: هي اصل ۾ موندرا آهن. هن وقت ميڙ پن وارين
۽ حب واريءَ ايراضيءَ ۾ آباد آهن. نماڻي، خاڪواڻي،
پيراڻاڻي، عبدالياڻي، موسي پوٽا، براهم پوٽا،
عيسيٰ پوٽا ۽ ساکپوٽا (اسحاق پوٽا) سندن مکيه پاڙا
آهن.
(viii)
موچي: هي اُٿل ۾ آباد آهن هي سميجا آهن(5).
سنڌ مان لڏي اچي هت ويٺا آهن.
(ix)
باريچا (ٻاريچا): اصل ۾ دادو ضلعي جا رهاڪو آهن.
اتان لڏي اچي لس ٻيلي جي دريجي واري ڀاڱي ۾ آباد
ٿيا(1).
(x)
جيلاني پير: هن وقت اُٿل ۾ رهندا آهن. سندن وڏو،
شيخ حسڻ، مڪليءَ تي رکيل آهي. هي ٺٽي مان لڏي
’اُٿل‘ ۾ اچي رهيا(2).
(xi)
مسڻ: ٻيلي واري علائقي ۾ پورالي نديءَ جي ڪنڌيءَ
تي رهن ٿا. هي بلوچي، بروهي ۽ سنڌي ٽيئي ٻوليون
ڳالهائين(3).
چار پنج سال اڳ، لس ٻيلي جي هڪ وڏي سگهڙ ۽ شاهه
لطيف جي ڪلام جي ڄاڻوءَ عبدالله مسڻ لاڙ ۾ وفات
ڪئي ۽ ٺٽي ۾، نواز علي شاهه پيٽرول پمپ جي ويجهو
سندس قدردانن سندس مقبرو ٺهرايو آهي.
(xii)
ڄاموٽ: هيءَ قوم سنڌي نسل مان آهي. ڄاموٽن کي لس
ٻيلي جي ڄامن پنهنجي قوم ڪري سمجهيو، ۽ ڄاموٽ پڻ
عالياڻي ڄامن سان سڱيڻا ۽ ساڻن ڀيڙا هئا. ڄاموٽن
جا ڪيترائي پاڙا آهن(4).
(xiii)
ميد: هيءَ سنڌ ۽ لس ٻيلي جي قديم قوم آهي. چچنامي
جي لکت موجب ميد غالباً سنڌ جي سامونڊي ساحل جا
مير بحر آهن(5).
هي سون مياڻي کان وٺي سڄي سامونڊي ساحل تي آباد
آهن. مڇي مارڻ جا ماهر ۽ ٻيڙين جا سٺا ناکئا آهن(6).
(xiv)
ڪاتيار: هي ڪوري آهن. اصل سنڌ جا رهاڪو آهن.
(xv)
خواجه: اصل سنڌ ۽ ڪڇ جا رهاڪو آهن. پراڻي زماني ۾
اتان لڏي پهرين ’شيخ سراج‘ ۾ اچي ويٺا، ۽ پوءِ
اُٿل ۾ اچي آباد ٿيا، ۽ جتان لڏي لس ٻيلي ۾ اچي
ويٺا. هنن کي ’لوٽيا‘ پڻ چوندا آهن.
(xvi)
ڪبير شاهه ۽ ان جا پويان: سنڌ جو هي مشهور شاعر لس
ٻيلي جي شاعر، شيخ ابراهيم سان مقابلي لاءِ ڪهي لس
ٻيلي ويو. هي ٻئي، ڄام مير خان جي ڪچهريءَ ۾ مد
مقابل ٿيا، ڄام مير خان محسوس ڪيو ته ڪبير شاهه
سنڌ جي سوکڙي آهي، تنهن کي هٿان ڇڏڻ نه گهرجي.
انهيءَ ڪري ڪبير شاهه کي زر ۽ زمين ڏنائين ۽ مٿس
ٻيون به مهربانيون ڪيائين، جنهن ڪري ڪبير شاهه به
حاڪماڻي قرب جي ڪمند ۾ قابو ٿي پيو ۽ سنڌ کي ڇڏي
لس ۾ رهي پيو(1).
اهڙيءَ طرح ٻيون قومون جيڪي سنڌ مان لڏي لس ٻيلي ۾ اچي ويٺيون،
تن مان ڪي هي آهن: آٿا، براديا، برباز، (حسناڻيءَ
جي شاخ)، ڄاموٽ، ڇٽا، دودا، راهو، ساسولي، شاهڪ
(شاهوڪ)، شيخ، ڪڙياڻي، گونگا، لنگها، مانڊڙا ۽
مردوئي. اهي قومون لس ٻيلي ۽ بلوچستان جي ڪن ٻين
علائقن ۾ وڃي آباد ٿيون(2).
لاسي ٻولي: سياسي تسلط، ساڳي حڪومت، سماجي، مذهبي، علمي ۽ ادبي
ميل جول سبب لس ٻيلو سنڌ جو سياسي، طبعي ۽ لساني
حصو بنجي چڪو هو. تهذيبي ۽ تمدني لحاظ کان ائين
اصل محسوس ئي نٿو ٿئي ته لس ٻيلو سنڌ جو حصو نه
آهي. سنڌي قومن ۽ قبيلن جو لس ٻيلي جي ڌار ڌار حصن
۾ ڦهلجي وڃڻ سبب عام ماڻهن جي به مادري زبان سنڌي
بنجي ويئي(3).
اهو اثر هر دؤر ۾ قائم رهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم
آهي. قديم زمان کان وٺي برهمڻ گهراڻي جي حڪومت
تائين، پوءِ رونجهن، برفت، ڪلهوڙن ۽ ڪوريجن جي
حڪومت تائين، ۽ پوءِ اڳتي هلي موجوده وقت تائين،
لس ٻيلي جي عام ماڻهن جي مادري زبان سنڌي رهي آهي(1).
هن سلسلي ۾ ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو:
”اهو سڄو پاسو (لس ٻيلو) مڪران سميت اڳي سنڌ جي حڪومت هيٺ هو،
تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ اوڏانهين ٿيو. اڄ
به سنڌي ٻولي لس ٻيلي ۾ گنداواهه طرف ڳالهائڻ ۾
اچي ٿي. لس ٻيلي رياست ۾ اٽڪل 65 هزار آدم آهي،
جنهن مان چوڏهن هزار ماڻهو بلوچي ٻولي ۽ نو هزار
کن بروهي ٻولي ڪم آڻين ٿا، باقي 42 هزار ماڻهو
جيڪا سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا، سا ’لاسي‘ معنيٰ لس
ٻيلي جي سنڌي سڏجي ٿي(2)“.
انگريزي جي راڄ ۾ ۽ ون يونٽ ٺهڻ (1955ع) تائين لس ٻيلي کي هڪ
الڳ رياست جي حيثيت حاصل هئي، ۽ سياسي طور سندس
حيثيت الڳ هئي، پر انهيءَ هوندي به اتي جي مادري
زبان سنڌي رهي، ۽ ٻي ڪا به زبان ان تي اثر ڪري نه
سگهي. جيتوڻيڪ اسڪولن ۾ اردو زبان کي ذريعه تعليم
طور رائج ڪيو ويو پر عام ماڻهن ۽ عوام جي روزانه
استعمال جي ٻولي سنڌي رهي.
علم ادب: لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پهچ، پکيڙ، پرچار ۽ اثر جو
هڪ ٻيو وڏو ڪارع شاهه لطيف جو ڪلام پڻ رهيو آهي،
جو لس ٻيلي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقبول آهي. هت شاهه جي
رسالي جا وڏا ڄاڻو سگهڙ ۽ فقير موجود آهن(1).
شاهه جي ڪلام جي اثر کان لس ٻيلي ۾ سنڌي شاعري ۽
سنڌي راڳ جو رواج پيو، ۽ ان جو شوق وڌيو. لس ٻيلي
۾ سنڌي زبان جا بيشمار ۽ قادرالڪلام شاعر پڻ پيدا
ٿيا، جن جي ڪلام جو اثر سنڌ تائين وڌيو. انهن
شاعرن مان ڪن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب سندس ڪتاب
’ٻيلاين جا ٻول‘ ۾، ۽ محترم الله بچائي سمي سير
ڪوهستان ۾ ڪيو آهي(2).
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو.
”ٻيلي جا حاڪم اصل کان سخي ۽ سٻاجها ٿي گذريا آهن. مڙني کان
مهنداهون، سخا جو سرتاج، سپڙ ڄام هو، جنهن ڪيترن
ئي ڏڏن کي ڏان ڏنا، ۽ ڪيترن ئي منگتن کي مالا مال
ڪيو. سخي سپڙ جي ساک سنڌ ۽ ٻيلي ۾ پڌري هئي. ڀٽائي
صاحب توڙي لس جي شاعرن سپڙ ڄام جي سخا جا ڳڻ ڳايا
آهن. اها سخا جي سنت، ٻيلي جي ٻين ڄامن به پوءِ
جاري رکي، ۽ غريبن جا غم ڪاٽيا. حاڪمن جي حيثيت ۾
هنن پنهنجي درٻارن ۽ ڪچهرين کي شاعرن، سالڪن ۽
سگهڙن جو مرڪز بنايو(1)“.
لس ٻيلي جي شاعرن جو سرتاج شيخ ابراهيم، ڄام مير خان جي ملڪ ۾
اڳيئي مشهور هو، مگر جڏهن سنڌ مان ڪبير شاهه ڪهي
شيخ ابراهيم جي مقابلي لاءِ ٻيلي ويو، ۽ ٻئي وڃي
ڄام مير خان جي ڪچهريءَ ۾ مدمقابل ٿيا، تڏهن ڄام
مير خان محسوس ڪيو ته ڪبير شاهه سنڌ جي سوکڙي آهي،
تنهن کي هٿان ڇڏڻ نه گهرجي. انهيءَ ڪري ڪبير شاهه
کي زر ۽ زمين ڏنائين، ۽ ٻيون به اهي اڇائون ڪيائين
جو ڪبير شاهه به هن حاڪماڻي قرب جي ڪمند ۾ قابو ٿي
پيو، ۽ سنڌ کي ڇڏي کڻي لس ٻيلو وسايائين(2).
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’ٻيلاين جا ٻول‘ ڪتاب ۾ لس ٻيلي جي شاعرن جو
چيل سنڌي ڪلام گڏ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ
صاحب شيخ ابراهيم، شيخ حمر، شيخ بکر، ڪبير شاهه،
احمد شاهه، نم ۽ دوس محمد کان سواءِ ڌار ڌار قبيلن
جهڙوڪ سناسياڻي، رونجها، براديا، باکرا ۽ موندرا
مان پيدا ٿيل شاعرن جي ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي.
لس ٻيلي جي علم ادب واري ماحول تي لطيف سائينءَ جي ڪلام جو تمام
گهڻو اثر رهيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لطيف سائينءَ
کي سنڌ توڙي لس جي شاعرن جو سرتاج ۽ استاد ٿو
ليکي. هو لکي ٿو:
”شاهه جي شاعرانه سخا ۽ لٽ مان سنڌي ٻوليءَ جي هر شاعر هر هنڌ
ورڇ ورتي آهي. سنڌ جي الهندن جبلن، البت، سنڌ ۽
ٻيلي جي وچ ۾، ماڻهن جي آمد رفت کي شڪل بنايو هو،
مگر شاهه صاحب جا بيت درياءَ مٿان ٿيندا. نئين تان
ڪڏندا، جبل لتاڙيندا وڃي پار پيا، ۽ لس ٻيلي ۾ به
شاهه صاحب جي بيتن جو اهو ئي چرچو ۽ ذوق جاري
رهيو. جهڙو سنڌ ۾ ٿيو. اسان لس ٻيلي ۾ هر سگهڙ ۽
سمجهوءَ واتان ڀٽائي جا بيت ٻڌا. غور بعد معلوم
ٿئي ٿو ته ٻيلي ڏانهن ويندي شاهه بلاول جو تڪيو،
شاهه جي شعر جو هڪ پهريون ۽ اهم اڏو ۽ اجهو ٿي
رهيو آهي. جتي گهڻي مدت کان شعر جي رهاڻ ۽ سلوڪ
وارا وقت بوقت سنڌ جي طرفان ايندا رهيا آهن. شاهه
بلاول جو تڪيو، سنڌ ۽ ٻيلي جي عرفات آهي، جتي شاهه
جي شعر ۽ ٻيلي جي دردمند دلين جو مدت مديد کان
ميڙائو ٿيو، انهيءَ اثر جي جهلڪ اسان کي ٻيلي جي
پهرئين شاعر، شيخ حمر (شاهه جو همعصر) جي بيتن ۾
واضح طور نظر اچي ٿي. شيخ ابراهيم جي بيتن جو رخ
به ساڳيو آهي. انهن شاعرن جي بيتن جي رنگ توڙي
بوءِ جو سرچشمو يقيني طور ڀٽائي صاحب جا بيت آهن“(1).
ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو:
”شيخ حمر، شيخ ابراهيم ۽ شاعر نم خاص ٻيلي جا هئا، مگر ڪبير
شاهه اصل ۾ سنڌ جو شاعر هو: هو سنڌ ۾ ڄائو هو ۽
سنڌ ۾ ئي جوان ٿيو، ۽ سندس شاعري سنڌ ۾ ئي اهڙي ته
بلند معيار کي پهچي چڪي هئي، جو هو همت سان هتان
هليو هو ٻيلي ۾ شيخ ابراهيم جو مقابلو ڪرڻ. ڪبير
شاهه جڏهن وڃي ٻيلو وسايو ته سندس شاعريءَ جو اثر
به ٻيلي ۾ عام ٿي ويو. جيڪڏهن چئجي ته ڪبير شاهه
کي ٻيلي بلڪل پنهنجو ڪري ڇڏيو، ۽ ڪبير شاهه خاص
ٻيلي جو شاعر هو ته انهيءَ حالت ۾ ڪبير شاهه جو
استاد، سنڌ جو سربلند سگهڙ ۽ ماهر شاعر جلال کٽي
هو، جنهن وٽان ئي فصاحت ۽ روانيءَ جو جوهر ڪبير
شاهه جي شاعرانه طبع کي ورثي ۾ آيو. سنڌ جو سگهڙ
ڪبير شاهه جڏهن ٻيلي ۾ آيو، تڏهن ٻيلي جي شاعريءَ
کي به عروج ۽ فروغ نصيب ٿيو.
انهيءَ ڳالهه جو لس ٻيلي جي هر سگهڙ کي احساس ۽ اعتراف آهي ۽ ٻي
معنيٰ ۾، اهو سنڌ جو ٻيلي جو شاعريءَ تي هڪ احسان
آهي“(1).
لس ٻيلي جي ادبي تاريخ ۾ ماحول متعلق ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻئي هنڌ
لکي ٿو:
”ٻيلي جي شاعريءَ جا عنوان ساڳيا مشرقي شاعريءَ وارا عنوان آهن.
مدح سرائي عربي خواهه فارسي شاعريءَ جو اهم جزو
آهي، ۽ ٻيلي جي شاعريءَ ۾ به نمايان آهي. ٻيلي جي
شاعرن به پنهنجي مربين ۽ مهربانن جا دل کولي ڳڻ
ڳايا آهن، مگر ٻيلي جي شاعريءَ جو خاص جوهر رزم
گوئي آهي، جنهن ۾ ٻيلي جي سنڌي شاعري عرب جي بدوي
شاعريءَ مثل آهي. وصف بيانيءَ ۾ به ٻيلي جو سنڌي
شاعر عرب جي بدوي شاعرن جون سڪون لاهي ٿو. عشقيه
شعر ۾ ٻيلي جي شاعر عام سنڌي شاعر جي واٽ ورتي
آهي، ۽ پنهنجي سوز و درد کي اڪثر عام سنڌي شاعر جي
افسانن، عشقيه قصن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيو اٿس“(1).
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ موجب: ”وصف ۽ بيان ۾ ٻيلي جي شاعري عام
سنڌي شاعريءَ جو بهترين نمونو پيش ڪيو آهي“(2).
لاسي لهجي ڳالهائيندڙن جو تعداد:
1951ع واري آدمشماريءَ موجب لس ٻيلي جي 92 سيڪڙو آباديءَ جي
مادري زبان سنڌي هئي، ۽ لس ٻيلي ۾ جيڪا سنڌي ٻولي
ڳالهائي ويندي آهي، تنهن کي لاسي ٻولي، يعني سنڌي
زبان جو لاسي لهجو چيو ويندو آهي(3).
لاسي لهجي جو اُچار ۽ جهيل، معياري سنڌيءَ جي
اُچار ۽ جهيل کان ڪجهه ٻيءَ طرح آهي. مٿي ڄام صاحب
جي تقرير جو حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن مان اُچار جي
فرق جو پتو پوي ٿو، البت جهيل جي فرق جو احساس ٻڌڻ
تي مدار رکي ٿو. هيٺ هن ڏس ۾ ڪي وڌيڪ مثال ڏجن ٿا.
صوتياتي فرق:
لس ٻيلي تي جن سنڌي حاڪمن جو قبضو رهيو، سي گهڻو ڪري لاڙي لهجو
ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ڪري لاسي لهجي ۾ لاڙي لهجي
واريون سڀ خصوصيتون نظر اچن ٿيون(4).
ڊاڪٽر صاحب جي راءِ موجب: ”لس ٻيلي جي ٻولي لاڙ جي
محاوري سان زياده مناسبت رکي ٿي“(5).
البت لاسي لهجي ۾ ڪي انوکيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ آيون
آهن، مثال طور:
(i)
ڇوٽن سرن کي اچار ۾ ڊگهو ڪندا آهن: مثلاً(1)
معياري اُچار |
لاسي اُچار |
نه ته |
ناتي |
پنهنجن مٽن مائٽن ۾ |
پان جي، مٽين مائٽين ۾ |
تنهنجي |
توجي |
(ii)
لاڙي لهجي وانگر، لاسي لهجي ۾ به وسرگ آواز
کي اوسرگ ڪري اچاريو ويندو آهي، مثال طور،
معياري اُچار |
لاڙي اُچار |
لاسي اُچار |
ساجهر |
ساجر |
سانجر |
ٻاجهه |
ٻاج |
ٻاج |
(iii)
ڪن لفظن ۾
]
و، ٿ، ل، ج، ذ، ۽ ش[
کي
]
ٻ، ت، ي، ۽ ڇ[
۾ بدلائي اچارين، مثال طور(2)
معياري اُچار |
لاسي اُچار |
ويهي رهه |
ٻيهي رَ |
ٿي |
تي جاد |
ياد |
جات |
ذات |
باڇا، پاڇا |
بادشاهه |
ڇم |
چشم |
گم ڇي ويو |
گم ٿي ويو |
جيئرو ڇو آهي |
جيئرو ٿيو آهي |
هيترا سال ڇن |
هيترا سال ٿين |
هڪڙي ماڻهي جا ٻه پٽ هوئا |
هڪڙي ماڻهوءَ جا ٻه پٽ هئا |
وَ (هو<
و |
هن |
وَ کي گهاڻو چنبڙيو |
هن کي گهڻو چنبڙيو |
يهو (اهو<
ايهو
<
يهو) |
اِهو |
يهو مان جو پٽ ڇي |
اهو منهنجو پٽ اٿيئي |
ڇو، ڇي |
ڇا |
ڇو، ڇي |
ڇالاءِ |
يهه جو مطلب ڇو؟ |
انهيءَ جو مطلب ڇا |
|
اهڙيءَ طرح لاسيءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ (اسم وغيره) پڻ ڪم ايندا آهن،
جيڪي معياري لهجي ۾ ڪم ڪونه اچن. اهي لفظ لاسي
لهجي جي لغت جي مطالعي ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. ڪاڪي ڀيرو
مل اهڙن لفظن جون لڙهيون لاسيءَ جا علحدا لفظ ۽
اصطلاح جي عنوان هيٺ ڏنا آهن، مثال طور(1):
معياري ٻولي |
لاسي نعم البدل |
جڏهن |
جر |
تڏهن |
تر |
طرف، ڏانهن |
پاڏ |
خرچڻ، کپائڻ |
اُٻارڻ |
گهڻو |
گاٽو (گهاٽو) |
گهرائڻ |
گتائڻ (گهتائڻ) |
اهڙيءَ طرح تاج محمد عباسي صاحب نئين زندگي، جولاءِ، آگسٽ،
1976ع واري پرچي ۾ پڻ اهڙي فهرست ڏني آهي(1).
اهڙي هڪ لڙهي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ”ٻيلاين جا ٻول“
ڪتاب ۾ ڏني آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب مان ڪي ٿورا
مثال هيٺ ڏجن ٿا(2).
معياري لهجو |
لاسي نعم البدل |
لسي، ڏڌ |
است |
ڪڪر |
ڇمر |
پيچرو |
سلو |
شينهن |
مزار |
کنوڻ |
چيهه |
ٻڪري |
آئي |
مڪران ۾ سنڌي زبان جو ڦهلاءُ
لس ٻيلي جي خطي جي بيان ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته لس ٻيلي کان
سواءِ مڪران تي به سنڌ ۽ سنڌ جي حڪمرانن جو تسلط
رهيو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي سنڌي قبيلا سنڌ مان
واپار سانگي يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري لڏي اچي مڪران
۾ آباد ٿيا. سنڌي قبيلن جي مڪران ۾ لڏ پلاڻ سبب
انهيءَ ايراضيءَ ۾ سنڌي ٻولي پکڙي. سنڌي ٻوليءَ جي
پکڙجڻ سبب ۽ سنڌي قبيلن جي، روزانه زندگي، وڻج
واپار، سماج ۽ سماجي ڪارگذارين ۽ حڪومت ۾ اهميت
سبب بلوچي ٻوليءَ تي پڻ سنڌي ٻوليءَ جو اثر ٿيو.
انهيءَ جو بيان هن باب ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ ڪيو ويو
آهي.
(الف) سياسي ميل جول: مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته راءِ گهراڻي سنڌ
تي 450ع کان 642ع تائين حڪومت ڪئي. هن گهراڻي جي
بانيءَ، راءِ ديوائج (راءِ ديوراج) کان پوءِ، راءِ
سيهرس گاديءَ تي ويٺو. راءِ ديوراج جيئن مٿي چيو
ويو آهي ته، پنهنجيءَ سلطنت جون حدون، اولهه طرف
ڪرمان تائين ۽ اتر طرف سوات کان اڳتي ڪابل تائين
وڌايون(1).
هن جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ، راءِ ساهسي پهرئين
کان پوءِ سندس پٽ راءِ سيهرس ٻيو، تخت تي ويٺو. هن
لس ٻيلي کان وٺي اڳتي مڪران تائين سمنڊ جي ڪناري
وارن بندرن تائين پنهنجيءَ سرحد کي مضبوط ڪيو، ۽
انهن کي زور وٺايائين. هن اروڙ ۽ ديبل بندر کي
تمام گهڻو زور وٺايو. هن جي حڪومت جون سرحدون
اڀرندي طرف ڪنوج تائين، الهندي طرف مڪران تائين،
اتر طرف ڪشمير تائين، اُتر – اولهه طرف قنڌار،
سيستان ۽ ڪوهه سليمان جي سرحد تائين هيون(2).
سندس تخت گاهه اروڙ هو.
ان وقت ايران جي بادشاهه نيمروز سنڌ تي چڙهائي ڪئي، ۽ مڪران
تائين اچي رسيو هو(1).
جڏهن راءِ سيهرس کي اها خبر پئي تڏهن هو پنهنجو
لشڪر وٺي مغربي سرحد تي اچي پهتو. سخت جنگ لڳي،
جنهن ۾ راءِ سيهرس مارجي ويو(2).
راءِ سيهرس جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ راءِ ساهسي ٻيو بادشاهه
بڻيو. جنهن ڏينهن سندس پيءُ پنهنجي وطن لاءِ سر
ڏنو ان ڏينهن کان هن ”سنڌ آزاد سال“ شروع ڪيو،
يعني هن فتح جي يادگيري لاءِ ’سنڌي سن‘ يعني ’سنڌي
ڪال‘ سوڀ واري ڏينهن کان شروع ٿيو. اهو ڏينهن
چوٿين مارچ 450ع هو. هن همت ۽ مردانگيءَ سان
پنهنجي حڪومت کي وڌايو ۽ وسيع ڪيو. قنڌار کان وٺي
ڪرمان تائين سندس حڪومت جون سرحدون هيون. انهن
سرحدن جي نشانبندي ڪرائي. هن ڪرمان ۾ پنهنجو خاص
لشڪر مقرر ڪيو. پنجاب کان وٺي قنڌار تائين سندس
لشڪر موجود هوندو هو، جن ۾ اروڙ جا کتري اڪثريت ۾
هوندا هئا.
628ع ڌاري خسرو پرويز (591- 628ع)، ايران جي بادشاهه، ايران جو
مشرقي حصو وري هٿ ڪري، پنهنجي سلطنت سان ملائي
ڇڏيو. ان ۾ مڪران به اچي ٿي ويو(3).
راءِ ساهسي ٻئي جي وفات کان پوءِ، چچ برهمڻ 642ع ۾ ملڪ جو والي
بڻيو. ملڪ ۾ هن (چچ) جي خلاف بغاوت منهن ڪڍيو.
ڪافي خونريزي ٿي، جنهن ڪري ڪيترائي سنڌي ڪٽنب سنڌ
مان لڏي ڌار ڌار رياستن ڏانهن هليا ويا. ڪي
سئوراشٽر وڃي نڪتا، ته ڪن وڃي سوات وسايو(1).
جيڪي سئوراشٽر ويا، تن نيٺ اتي حڪومت تي قبضو ڪري
ورتو، ۽ اتي پنهنجو راڄ قائم ڪيائون(2).
چچ پهرين ته سنڌ جي حڪومت تي مڪمل قبضو ڪيو، ۽ پوءِ 636ع ۾
اولهه طرف حملو ڪيائين. هن هنگلاج واري پاسي،
مڪران ۽ ڪرمان تائين غلبو حاصل ڪيو(3).
هو پاڻ ڪرمان تائين ويو، پنجپور نالي قلعي کي نئين
سر تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڏنائين(4).
اتان پوءِ ڪرمان ۾ حدون مقرر ڪري اتي نشان طور پٿر
هڻايائين ۽ ڪتبو پڻ لکايائين. پوءِ توران کان
ٿيندو، قنڌار پهتو(5).
مير احمد يار خان انهي سلسلي ۾ فردوسيءَ جو حوالو
ڏيندي لکي ٿو:
“According to Shahnamah of Firdousi (101 A.D.)
Chach marched towards Kirman in 635-36 A.D. in
order to determine the boundary line of his
dominion. He over – ran the territory of Armabel
(lasbella) and reaching the western extremity of
Makran. he halted there and planted trees along
a stream, and set up a merker inscribed with the
words:
“This Was the boundary of the Hind in time of
Chach, son of Silaj, son of Basabas. Now that
boundary has come into ours possession”(6).
چچ جو تخت گاهه پڻ اروڙ هو. سندس مرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ
چندرسين تخت تي ويٺو. هن بلوچستان ۾ ڪنراج کان
اوريان، ۽ وندر کان پريان، هڪ قلعو اڏايو، جنهن جو
نالو ”بالي ڪوٽ“ رکيائين، جتي پنهنجي لشڪر جي
ڇانوڻي بنايائين، ۽ سامونڊي بندر پڻ تعمير
ڪرايائين(1).
اڳتي ارم بيلا يعني لس ٻيلي کي زور وٺايائين. پوءِ
مڪران وارا قلعا مضبوط ڪرائي. ڪرمان تائين،
پنهنجيءَ سرحد کي مضبوط ڪيائين(2).
هن سمنڊ جي ڪناري وارن بندرن جي سڌاري تي گهڻو
ڌيان ڏنو. ان ڪري واپار ۾ به واڌارو ٿيو، ۽
ڏيساورن مان مال گهڻي انداز ۾ اچڻ لڳو، ۽ عربستان،
مصر، ايران، ميسوپوٽيميا سان واپار ۾ واڌارو آيو(3).
643ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا، ان وقت مڪران
وارو خطو، سنڌ جي حڪومت جي حدن ۾ هو(4).
چندرسين جي مرڻ کان پوءِ ڏاهر بادشاهه بڻيو. هن سڄي سنڌ ۾
ڪيترائي واپاري رستا جوڙايا، ۽ واپار کي
همٿايائين. اهي واپاري رستا، اولهه طرف ڪرمان
تائين ۽ اوڀر طرف ڪنوج تائين هئا.
ڏاهر جيتوڻيڪ ڪرمان ۽ مڪران پاسي پنهنجو لشڪر بيهاريو هو، پر
عربن ان تي حملو ڪري، ڪرمان ۽ مڪران جو اڌ کانئس
فتح ڪيو(5).
712ع ۾ جڏهن غازي محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪيو،
تڏهن به مڪران وارو علائقو انتظامي لحاظ کان سنڌ
سان شامل ڪيو ويو هو(1).
(ب) وڻج واپار ۽ واپاري ناتا: مڪران وارو خطو قديم زماني کان
واديءِ سنڌ ۽ وچ مشرق جي وچ ۾ واپار جو وسيلو رهيو
آهي. انهيءَ ڪري مڪران واري خطي کي تاريخي لحاظ
کان وڏي اهميت حاصل رهي آهي. مٿي بيان ڪيو ويو آهي
ته راءِ ديوائج (ديوراج) واري زماني کان مڪران
وارو خطو سامونڊي ساحل سميت سنڌ جي حڪومت هيٺ رهيو
آهي. انهيءَ ڪري واديءِ سنڌ جي ماڻهن انهيءَ پاسي
سڪونت اختيار ڪري واپار تي قبضو ڪيو.
|