سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ

باب: --

صفحو :8

- بلوچستان ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن، وڻج ۽ واپار توڙي جاگرافيائي حالتن جو جڏهن غور سان مطالعو ڪجي ٿو تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته قديم زماني کان سنڌ ۽ بلوچستان جا پاڻ ۾ گهاٽا ناتا رهيا آهن. سرسبز ۽ آباد هجڻ جي ڪري سنڌ جو بلوچستان تي نه فقط اثر رهيو آهي، پر ان تي غلبو پڻ رهيو آهي. بلوچستان جا سبي، ڪڇي، قلات، لورالائي، مڪران، لس ٻيلو ۽ سمورو سامونڊي ساحل هزارين سالن تائين قديم سنڌ جي سياسي، سماجي تهذيبي، تمدني ۽ اقتصادي اثر هيٺ رهيا آهن.

قديم زماني ۾ بلوچستان وارو علائقو هڪ طرف واديءِ سنڌ ۽ ٻئي طرف مغربي ايشيا جي ترقي يافته ملڪن جي وچ ۾ پنهنجي جاگرافيائي حالتن جي ڪري هڪ سنگم جي حيثيت ٿو رکي. هن زماني ۾ مشرق قريب ۽ ايران کان ايندڙ اهم رستا بلوچستان جي مختلف علائقن مان لنگهندا، واديءِ سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. انهيءَ لحاظ سان بلوچستان جو هي ڪوهستاني خطو، قديم زماني کان ٻنهي طرفن جي تهذيب جي وچ ۾ باهمي ميل جول لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو هو(1).

نئچرل هسٽري ميوزيئم آف نيويارڪ جي هڪ جماعت، بلوچستان جي ضلعي لس ٻيلي جي دور دراز علائقن تائين دؤرو ڪيو. هن ٽولي جي راءِ موجب سامونڊي ساحل تائين، ڪناري جي لڳ جيڪي بستيون ملن ٿيون. اهي هڙپه تهذيب جون علمبردار آهن. آثارن ۽ شاهدين مان معلوم ٿو ٿئي ته بلوچستان جي ساحلي علائقي تي قديم زماني کان واديءِ سنڌ جي ماڻهن جو قبضو هو.(2).

1959ع ۽ 1962ع ۾ هڪ فرينچ مشن موسيو زين ميري ڪاسل جي سرڪردگيءَ ۾ آمريءَ جي دڙي جي کوٽائي ڪئي ويئي. هنن جو چوڻ آهي ته هتان لڌل مٽيءَ جا برتن بلوچستان ۾ ٺهيل برتنن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. بلوچستان جي واديءَ ۽ سنڌو ماٿر جي وچ ۾ ميل جول جي سلسلي ۾ هي هڪ اهم انڪشاف هو. اهڙيءَ طرح ڍاڍر جي ويجهو مهر ڳڙهه، نوشهري جي کوٽائيءَ مان هن سلسلي ۾ وڌيڪ معلومات ملي آهي. هن باب ۾ مٿي بيان ڪيل لفظن جي روشنيءَ ۾ بلوچستان جي ڌار ڌار خطن جو ڌار ڌار پهلوئن کان مطالعو ڪري اتي سنڌي زبان جي باري ۾ جائزو ورتو ويو آهي.

3- سبي ۽ ڪڇيءَ وارن علائقن ۾ سنڌي زبان جو ڦهلاءُ:

بلوچستان ۾ هڪ خطو ڪڇي آهي. ڪڇي يا ڪڇي – گنداوا ساڳئي علائقي کي چوندا آهن. هيءُ هڪ ميداني علائقو آهي، جتان مولا ۽ بولان دڙا شروع ٿين ٿا. هن علائقي جي آباديءَ جو دارومدار ناڙي ۽ لهڙي ندين تي آهي، جن مان ناڙي ندي مشهور آهي. هتي جو ويران حصو ”دهشت بيدار“ سڏبو هو، جنهن کي سنڌي زبان ۾ ”پٽ“ چئبو آهي. گڊو براج جي شروع ٿيڻ کان پوءِ ۽ ”پٽ فيڊر“ واهه جي نڪرڻ کان پوءِ هي خطو هاڻ آباد آهي. هتي جي آب – هوا گرم آهي. ڀاڳ، گنداوا، ڪوٽڙي ۽ ڍاڍر جا مکيه شهر آهن. انهن مان ڍاڍر بولان دڙي جي منهن وٽ آهي.

ڪڇي – گنداوا جي رهاڪن ۾ جَتَ اڪثريت ۾ رهن ٿا. هي هڪ قديم ۽ وڏي قوم آهي. راءِ گهراڻي جي حڪومت (450ع کان 642ع) جي زماني ۾ هن قوم جا ماڻهو سنڌ مان لڏي بلوچستان جي ڪڇي ۽ لس ٻيلي وارن علائقن ۾ پکڙجي ويا هئا(1)، ۽ اتي ئي ويهي رهيا. مولائي شيدائيءَ جي راءِ موجب ڪڇي علائقي ۾ هن قوم جا گهٽ ۾ گهٽ چاليهه پاڙا رهن ٿا(2)، جن مان مکيه آهن: ابڙا، هائورا، ڪلهوڙا، کوکر، ماڇي، منجو، پلال، پاسارا ۽ تونيا(3). جتن کان سواءِ هن علائقي ۾ رهندڙ مکيه بلوچ قومون هي آهن: رند، جکراڻي، ڊومبڪي ۽ منگسي.

سبي ۽ ڪڇي علائقي تي سنڌ جو سياسي ۽ سماجي تسلط آڳاٽي زماني کان ثابت ٿئي ٿو. آڳاٽن اهڃاڻن مان پتو پوي ٿو ته جڏهن واديءِ سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت (450ع کان 642ع) هوندي هئي، ان وقت سبي ۽ ڪڇيءَ وارو علائقو به هن گهراڻي جي حڪومت جي حدن ۾ شامل هوندو هو(1)

راءِ سيهرس جي حڪومت جون حدون اوڀر ۾ ڪشمير، اولهه ۾ مڪران، ڏکڻ ۾ سامونڊي ساحل تائين ۽ اتر ۾ ڪوهه ڪردان يعني ڪردن جي پهاڙن ۽ ڪيڪانان تائين پکڙيل هيون. قلات، ساراوان، ۽ جهالاوان جون رياستون هن سرحد ۾ اچي ٿي وئيون(2)

642 ۾ جڏهن چچ برهمڻ سنڌ جي حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ برهمڻ گهراڻي جي راڄ جو پايو وڌائين، تڏهن هن مڪران کان وٺي ڪرمان تائين ۽ قنڌار کان وٺي هيٺ، پنهنجيءَ حڪومت جي سرحدن جا قلعا مضبوط ڪرايا(3). اهڙيءَ طرح غازي محمد بن قاسم جي سنڌ تي فتح واري عرصي (712ع) تائين، هي خطو (سبي – ڪڇي) سنڌ جي حڪومت جي سرحدن ۾ شامل هوندو هو(4).

سنڌ جي عباسي گورنر هشام بن عمر تغلبيءَ جي زماني ۾ گنداوا جو نواب خود مختيار بنجي ويو هو. هشام گنداوا تي چڙهي آيو. اُتي جي حاڪم کي هٽائي، اتي جو انتظام درست ڪيائن، ۽ سارو ملڪ منصوره جي حڪومت جي تسلط هيٺ رکيائين(1).

قطب الدين جي وفات کان پوءِ التمش جي دهليءَ واري راڄ جي زماني ۾، 607هه (11-1210ع) ۾، ناصرالدين قباچه سنڌ ۾ آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو. ان وقت سبي ۽ ڪڇيءَ وارا علائقا سندس قبضي هيٺ هئا(3). هن اُچ ۽ ملتان تي به قبضو ڪيو، ۽ سنڌ جا ديبل ۽ ٻيا شهر ۽ ڳوٺ ۽ قلعا هٿ ڪيائين، ۽ اتي جو حاڪم بنجي ويهي رهيو(3). 665هه (1228ع) ۾ التتمش، ناصرالدين قباچه کان اُچ جو قلعو فتح ڪيو. ناصرالدين قباچه فرار ٿي ويو. التتمش سندس وزير نظام الملڪ کي قباچه جي پٺيان روانو ڪيو. هن بکر جو قلعو پڻ فتح ڪيو. پوءِ نظام الملڪ کي سنڌ ۽ ملتان جو گورنر مقرر ڪيو ويو، ۽ بکر کي سنڌ جو تخت گاهه بنايو ويو(4).

غلام گهراڻي جي راڄ واري زماني ۾ به سنڌ جي حڪومت جو تخت گاهه پهرين بکر هو، پوءِ 649هه (52-1251ع) ۾ سلطان ناصرالدين محمود سنڌ کي ٻن صوبن ۾ ورهائي. انهن تي ڌار ڌار گورنر مقرر ڪيا. انهن مان هڪ صوبي جون حدون سيوهڻ تائين پکڙيل هيون. ان جو تخت گاهه بکر هو: ٻئي صوبي جون حدون هيٺ لاڙ تائين هيون. ان جو تخت گاهه سيوهڻ هو(1).

سمن جي دؤر (1351ع کان 1521ع) ۾ سندن حڪومت جون حدون اتر ۾ سبيءَ تائين هيون. اهو سڄو علائقو سندن قبضي ۾ هوندو هو. ڄام نندي جي حڪومت (914هه – 1508ع) تائين سبيءَ وارو خطو سنڌ سان شامل هوندو هو(1). مير چاڪر خان ۽ مير گوهرام، ڄام نندي کان ڪچيءَ جو علائقو فتح ڪيو. جنهن ۾ بارڙي، ڪرته، ڍاڍر، سبي، ڀاڳ، سني شورن ۽ ڪڇيءَ جو ڏاکڻيون علائقو اچي ٿي ويو(2).

1470ع ۾ هرات جي سلطان، حسين مرزا پنهنجيءَ حڪومت جون حدون ڪوئيٽا تائين وڌايون ۽ پشين ۽ سبيءَ وارا علائقا امير شجاع الدين ذوالنون ارغون جي حوالي ڪيائين(3). امير ذوالنون جي مرڻ کان پوءِ شاهه بيگ ارغون، حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن جي ڏينهن ۾ محمد خان شيبانيءَ خراسان جي حاڪم قنڌار تي حملو ڪرڻ جو ارادو ڪيو. شاهه بيگ محمد خان شيبانيءَ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا ۽ اطاعت جو اظهار ڪيائين. محمد خان انهيءَ تي راضي ٿي واپس موٽي ويو. ان کان پوءِ هڪ پاسي شاهه اسماعيل صفوي ثاني، ته ٻئي پاسي بابر بادشاهه زور هئا. شاهه بيگ کي اچي خوف ورايو. انهيءَ ڪري 917هه (18-1517ع) ۾ سيويءَ (سبي) تي حملو ڪيائين. هو جڏهن سيويءَ جي ٻاهران پهتو، تڏهن قلعي کي گهيرو ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ سيويءَ تي سلطان پيرولي برلاس جي اولاد جو قبضو هو، ۽ ٽي هزار بلوچ جوان قلعي جا نگران هئا. هن حملي ۾ شاهه بيگ کي فتح نصيب ٿي(4).

شاهه بيگ اتي مرزا عيسيٰ ترخان کي مقرر ڪري پاڻ قنڌار موٽي ويو(1). 924هه (1518ع) جي آخر ڌاري شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. سلطان علي ارغون ۽ زيبڪ ترخان کي سبيءَ (سيويءَ) جي قلعي تي محافظ مقرر ڪري، ٽي هزار سوار ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو(2)، پر ڪامياب ڪونه ٿيو. هن ٻيهر حملو ڪيو. آخر 11 محرم 927هه (1520) تي شاهه بيگ ٺٽي ۾ فاتح جي حيثيت ۾ داخل ٿيو.

22 شعبان، سن 928هه (1522ع) ۾ شاهه بيگ ارغون وفات ڪئي، سندس مرڻ کان پوءِ سندس پٽ مرزا شاهه حسن ارغون حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن 1523ع ۾ مير افضل ڪوڪلتاش جي فرزند کي سبيءَ تي پنهنجو نواب مقرر ڪري موڪليو(3). اهڙيءَ طرح ارغونن کان پوءِ ترخان گهراڻي جي حڪومت تائين يعني مرزا جاني بيگ جي راڄ تائين، سبيءَ وارو خطو سنڌ جي حڪومت هيٺ رهيو.

جڏهن مغل فوجن، اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾، مرزا جاني بيگ کي شڪست ڏيئي، سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن بکر جي سرڪار وارو سڄو علائقو، ملتان صوبي سان ملايو ويو، ۽ سبيءَ جو انتطام بکر سرڪار جي حوالي ڪيو ويو. اتي مغل فوج جا 1500 گهوڙي سوار ۽ 1500 پيادا سپاهي رکيا ويا.(1).

ميان يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي دؤر ۾ سبي ۽ ڪچيءَ وارا علائقا سنڌ سان شامل ڪيا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حاڪم ٿيڻ وقت سبي ۽ ڪڇيءَ وارا علائقا سنڌ جي سرحد ۾ شامل هئا. ميان نور محمد اتي پنهنجو نائب مقرر ڪيو(2). ميان نور محمد سنڌ جي سرحدي پرڳڻي، چانڊڪا جو تخت گاهه لاڙڪاڻي کي بنايو. اُتي مٽيءَ جو قلعو پڻ اڏايائين ۽ مٿس توبون رکائي، ڏهه هزار لشڪر شاهه بهاري جنجڻ جي نگرانيءَ هيٺ مقرر ڪيائين(3).

جڏهن ميان صاحب وفات ڪئي تڏهن وصعيت نامي ۾ ڪڇي وارو علائقو پنهنجي پٽ ميان محمد مرادياب خان کي ڏنو هئائين(4).

ٽالپرن جي دؤر حڪومت (1783ع – 1843ع) ۾ جڏهن سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. تڏهن سبي ۽ ڪڇيءَ وارا علائقا خيرپور وارن ٽالپرن جي حڪومت جو حصو رهيا(5).

حيدرآباد واري مير مراد علي خان جي وفات کان پوءِ، خيرپور جي مير رستم خان، پنهنجي رياست پنهنجن پٽن ۾ ورهائي، ان وقت خيرپور رياست جون حدون هي هيون: اُتر ۾ سبزل ڪوٽ ۽ ڪشمور تائين، اُڀرندي طرف ٿر ۽ جيسلمير تائين، الهندي ڏي ڪڇي ۽ گنداوا تائين، ۽ ڏکڻ طرف نوشهري تائين(1).

مير سهراب خان افغانن جا ڪي پرڳڻا پڻ هٿا ڪيا، جن کي ’بوغلي‘ سڏيندا هئا. هن حاڪم بلوچن جا به ڪي پرڳڻا هٿ ڪيا جن کي ’بڙديڪ‘ چوندا هئا.(2).

مير سهراب خان پنهنجي وصعيت نامي ۾ جڏهن سندس حڪومت ورهائي تڏهن سداگان ۽ بڙديڪ وارا حصا مير رستم خان جي حوالي ڪيائين. ميرپور ماٿيلو، مهرڪي ۽ مغلي وارا حصا مير مبارڪ عليءَ کي ڏنائين.

هن ساري بيان مان هي ٿو ثابت ٿئي ته سبي ۽ ڪڇيءَ جا علائقا قديم زماني کان سنڌ جي حڪومت جو حصو رهيا آهن، تنهن ڪري انهن علائصن ۾ سنڌي زبان کي نه فقط وڌڻ ۽ ويجهڻ جو وجهه مليو، پر انهن خطن ۾ سنڌي مادري زبان طور پڻ ڳالهائجڻ لڳي.

(الف) تجارتي ۽ واپاري ناتا:- سنڌ، پراڻي زماني کان، برصغير کان سواءِ مشرق بعيد ۽ وچ مشرق ۾ ايران، افغانستان، عربستان بلخ، بخارا، ۽ ڏکڻ ۾ لنڪا، جاوا ۽ سوماترا لاءِ واپاري ۽ تجارتي منڊي، توڙي مرڪز جي حيثيت رکندي هئي. هڪ طرف واهڻن ۽ غورابن ذريعي واپار هلندو هو ته ٻئي طرف خشڪي رستن ذريعي قافلا ايندا ويندا رهندا هئا. سبي ۽ ڪڇيءَ وارن علائقن مان خشڪي ۽ پهاڙي رستن ذريعي قافلا ايران، افغانستان، بلخ ۽ بخارا تائين ويندا هئا، ۽ اتان سنڌ ڏانهن واپس موٽندا هئا.

سنڌ صوبي ۽ بلوچستان جي جهالاوان خطي جي سرحدن کي کيرٿر جبل ڌار ڪن ٿا. انهن جبلن جي قطار سان گڏوگڏ هڪ خشڪي رستو پڻ هلي ٿو. انهن جبلن مان ڪيترائي لڪ ۽ رستا ڦٽن ٿا. جن کي پار ڪري، سنڌ ۾ داخل ٿبو آهي. انهن سڀني ۾ اهم رستو اهو آهي. جيڪو مولالڪ مان لنگهي، پهرين ڪڇي علائقي ۾ پهچي ٿو، ۽ جتان پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. هيءَ واٽ خصدار کي گنداوا سان ملائيندي آهي(1).

خضدار جي ڏکڻ ۾ هڪ ٻيو رستو پڻ آهي، جتان باران لڪ پار ڪرڻ کان پوءِ لس ٻيلي ۾ داخل ٿبو آهي. هتان قلات کان ٿيندو، قنڌار پهچبو هو. هي رستو انگريزي دؤر حڪومت تائين پڻ قائم هوندو هو. هتان افغان واپاري، انگريز واپارين کان ڪراچيءَ مان مال خريد ڪري، لس ٻيلي، خضدار ۽ قلات واري رستي کان قنڌار ويندا هئا(2).

ٻي هڪڙي واٽ سيوهڻ کان ويندي هئي. هيءَ واٽ چانڊڪا پرڳڻي مان، لاڙڪاڻي کان جهل ۽ گنداوا جي رستي ڍاڍر، سبي، مولو ۽ بولان دڙن کان ٿيندي، افغانستان ويندي هئي(3). سيد ميران محمد جونپوري ۽ معزول بادشاهه همايون، هن واٽ کان مستونگ جي رستي قنڌار کان ايران پهتا هئا(4). شاهه بيگ ارغون به هن ئي واٽ کان چانڊڪا پرڳڻي تي حملو ڪري ڦرلٽ ڪئي هئي، ۽ پوءِ اڳتي سيوهڻ تي حملو ڪيو هئائين(5). انهن خشڪي رستن تان قافلن جي آمدرفت لاءِ واٽ تي ڊاٻي ڪرڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ ڪي ڳوٺ پڻ هوندا هئا، جتي قافلا ڏينهن – اڌ روڪيا ويندا هئا.

انهيءَ آمدرفت ۽ واپار جي ڪري ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر ٿيو. سنڌي زبان جيئن ته ان وقت تجارت ۽ واپار واري ۽ شاهوڪار ٻولي هئي، انهيءَ ڪري هيءَ ٻولي نه فقط سبي ۽ ڪڇي علائقن تي اثرانداز رهي، پر اڳتي قلات ۽ خاران وارن علائقن تي پڻ پنهنجو اثر وڌايائين ۽ اتي پڻ غالب رهي.

(ب) آبادي ۽ لڏ پلاڻ: سبي، ڪڇي، جهالاوان ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۽ سنڌ جي اُتر ۽ اوڀر جي وچ ۾ مختلف قبيلن جي لڏ پلاڻ هميشه ٿيندي رهي آهي. ڪيترائي بلوچ قبيلا سنڌ ۾ لڏي اچي هميشه لاءِ رهي پيا آهن. هنن سنڌي زبان کي پنهنجي مادري زبان طور اختيار ڪيو آهي، پر پنهنجي اصل وطن سبي، ڪڇي ۽ جهالاوان سان پنهنجي سماجي ناتا قائم رکيو اچن. ڪي سنڌي قبيلا لڏي وڃي بلوچستان جي سبي، ڪڇي، قلات، جهالاوان ۽ ساراوان خطن ۾ آباد ٿيا آهن. اهي قبيلا سوين سال گذرڻ جي باوجود گهرن ۾ سنڌي زبان ڪم آڻيندا آهن. مثال طور جهل رياست جا مگسي نواب، گهرن ۾ سنڌي زبان ڳالهائين. جهل دراصل مگسين جي رياست آهي. هن اسٽيٽ جو نواب قيصر خان مگسي چوندو هو ته اسان سنڌ مان لڏي آيل سماٽ آهيون(1). نواب قيصر خان جو فرزند نواب گل محمد خان مگسي سنڌي زبان جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪافيون مشهور آهن(2).

اهڙيءَ طرح سياري جي مهينن ۾ جهالاوان ۽ قلات ۾ رهندڙ بروهي سنڌ ۾ لهي ايندا آهن، ۽ سيارو ختم ڪري واپس موٽي ويندا آهن(1). سنڌ ۾ هر سال اچڻ ڪري بروهي قبيلا پنهنجي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي ٻولي به ڳالهائين. اهڙي طرح سارين ۽ ڪڻڪن جي لاباري جي وقت به ڪيترائي بلوچ قبيلا سنڌ ۾ ايندا آهن ۽ لاباري ختم ٿيڻ کان پوءِ واپس هليا ويندا آهن. سنڌ ۾ سوين سالن کان سانده لڏ – پلاڻ سبب هو سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائين. اهوئي سبب آهي جو مير احمد يار خان پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته:

“Bi- lingualism is also quite common in Baluistan. Those whose principal language is baluchi, freely speak subsidiary languages as well(2)”.

قديم زماني کان ڪيترائي قبيلا سنڌ مان لڏي وڃي بلوچستان ۾ آباد ٿيا. انهن مان جيڪي سبيءَ ۽ ڪڇي، جهالاوان ۽ ٻين علائقن ۾ رهن ٿا، تن مان ڪي قبيلا هي آهن:

(i) جت:- هنن کي جدگال به چوندا آهن. هيءَ قوم پنجين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري، بلوچستان ۾ وڃي آباد ٿي، ايتري قدر جو عيسوي ستين صديءَ ڌاري هت زياده تر آبادي جتن جي هئي(3).

(ii) لفوري يا نوحاڻي:- هي سنڌ مان لڏي بلوچستان جي ڪڇي علائقي ۾ وڃي ويٺا. انهن مان ڪي هتان لڏي ڏکڻ – اولهه طرف ايراني مڪران ۽ باهو شهر ۾ وڃي رهيا.

(ج) سماجي ميل جول:- سبي ۽ ڪڇي علائقي ۾ نه فقط سياسي اثر ۽ وڻج واپار جي ڪري سنڌي زبان جو پالامان رهيو، پر سنڌ جي حاڪمن، قلات جي سردارن ۽ ٻين نوابن سان سڱابنديون پڻ ڪيون، جنهن ڪري سماجي ميل جول پڻ وڌيو. انهيءَ ڪري سنڌي زبان کي وڌيڪ اهميت ملي.

تاريخ مان ثابت ٿو ٿئي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي قلات جي برهين سان مائٽيون ڪيون. هن پنهنجي فرزند ميان محمد مرادياب خان جي شادي عبدالله خان جي سوٽ، مير مراد علي خان جي نياڻيءَ سان ڪرائي. ٻئي سال ميان صاحب جي ٻئي پٽ ميان خداداد خان جي پڻ بروهي خاندان مان شادي ٿي(1). اهوئي سبب آهي جو ميان نور محمد پنهنجي وصعيت نامي ۾ ڪڇي ۽ سبيءَ وارا علائقا ميان محمد مرادياب خان کي ورهائي ڏنا(2).

ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ حيدرآباد جي ٽالپر حاڪمن قلات جي خان، محمود خان سان نئين سر دوستي جاري ڪئي، ۽ 1803ع ۾ خان محمود خان جي ڀائٽيءَ سان مير غلام علي خان جي ڀاڳناڙيءَ ۾ شادي ٿي(3).

(ت) سبي، ڪڇي ۽ جهالاوان علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت:

سبيءَ جو علائقو سنڌ جي سرحد کان اٽڪل هڪ سؤ ميل جي مفاصلي تي آهي. هن علائقي ۾ هرنائي، لورالائي، ڍاڍر، گنداواهه، بيل پٽ، مري ۽ بگٽي علائقا اچي وڃن ٿا، جتي بروهي، بلوچي، پشتو ۽ سرائڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر عام طور هن علائقي جي ماڻهن تي سنڌي ٻوليءَ جو اثر پنهنجين ٻولين کان وڌيڪ آهي، ايتري قدر جو سنڌ جي سرحد کان 100 ميل پري هجڻ جي باوجود هتي جي ماڻهن جي اڪثريت عام طور سنڌي ڳالهائي ٿي، پر سندن اصلي شڪل بگڙيل نظر ايندي. جيڪڏهن ڪو ٿر يا لاڙ جو ماڻهو هت ايندو ته هو هتي جي ماڻهن جي ٻولي پوريءَ طرح سمجهي نه سگهندو.

بلوچستان صوبي جي سرحدي شهرن، ۽ سنڌ جي ڀر واري بلوچي ايراضي جهڙوڪ اوسته محمد، جهٽ پٽ، مانجهيپور، گنداخه ۽ جهل مگسيءَ ۾ سنڌي ٻولي عام طور ڳالهائي ويندي آهي، پر ان جي اچار ۾ ٿورو فرق ضرور آهي، سبيءَ کان پنجاهه ميل اڳتي، مچ تائين سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي.

سبيءَ واري خطي ۾ جيڪا سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، تنهن کي اتي جا مقامي ماڻهو ’فراڪي ٻوليءَ‘ جي نالي سان سڏيندا آهن(1). جيئن ته هن ايراضيءَ ۾ بروهڪي، بلوچي، پشتو ۽ سرائڪي ٻوليون به ڳالهايون وينديون آهن، انهيءَ ڪري هن ٻوليءَ ۾ انهن ٻولين جا به ڪي اهڃاڻ شامل ٿي ويا آهن.

سبيءَ واري علائقي ۾ سئي ڳوٺ (سئي گئس) کان وٺي لس ٻيلي تائين هڪ سئو ميل ويڪري ۽ پنج سئو ميل ڊگهي پٽيءَ واريءَ هن ايراضيءَ ۾ نه صرف بروهي، بلوچ ۽ پٺاڻ رهن ٿا، پر ٻيون به ڪيتريون ئي سنڌي ذاتيون هت صدين کان آباد آهن، جن ۾ ابڙا، اعواڻ، آئين، بوهڙ، ٻٻر، ٻرڙا، پلال، پنهيار، پنهور، ڀنگر، تنيا، چکڙا، چهواڻ، چاچڙ، ڌپالي، ڏنگر، رڏ، ريٽي، سميجا، سيال، سيانچ، سومرا، سميلاچي، شيخ، ڪُنڀر، ڪورائي، ڪوري، ڪولاچي، کوکر، گوپانگ، ملڪ، ماڇي، موچي، ناوڙا، نائچ، هاڙها ۽ هندو شامل آهن. انهن سڀني ذاتين جي مادري زبان سنڌي آهي. انهيءَ ڪري هن علائقي ۾ رهندڙ اڪثريت جي مادري زبان سنڌي آهي.

سبيءَ واري علائقي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو لهجو جنهن کي مقامي ماڻهو ’فراڪي ٻولي‘ سڏيندا آهن، ان جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا(1):

فراڪي ٻولي

معياري ٻولي

خاص فرق

اينوپئوها (ايندو پيو آن)

اچي رهيو آهين

ايندو جي بدران اينو پيو جي بدران پئو

ڪاڏي وينو ها

ڪاڏي (ڪيڏانهن) وڃي رهيو آهين

 

کائينو

کائيندو

 

گهمنو

گهمندو

 

گاڏي چلدي ڇو ناهي

گاڏي هلي ڇو نٿي

هلندي جي بدران چلدي

مان وئو هس

مان ويو هوس

هوس جي بدران هس

مان سبي تي وئو هم

مان سبي ويو هوس

ويو جي بدان وئو

رات سبي ٿيو هم

رات سبيءَ ۾ رهيو هوس

 

ڪاٺيون گڏ

ڪاٺيون ڪپ

 

بيمار نه هي

بيمار نه آهي

 

ڪاڏي ڀرڪنو پئو هان

ڪيڏانهن ڦري رهيو آهين

 

اڻ اخير وٺي آندس

هو آخر وٺي آيس

 

تون ڄل مان اينو هان

تون هل مان اچان ٿو

هل جي بدران ڄل

ڪلٿون مان وئو هس

ٽيون ڏينهن مان ويو هوس

ٽيون ڏينهن جي بدران ڪلٿون

مان ته پانجي ڪم ۾ ٿيو هان

مان ته پنهنجي ڪم ۾ لڳو پيو هوس

 

وت وت ويو هنئينس

وري وري يا هر هر وڃي رهيو هوس

 

سبي ضلعي ۾ بلوچ قبيلا به گهڻا رهن ٿا(1). انهن ۾ بگٽين ۾ مرين کي غلبو حاصل آهي. انهن کان سواءِ هن ضلعي ۾ رند پڻ گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا. سڀ قبيلا مشرقي بلوچي لهجو ڳالهائيندا آهن، پر انهن جي اڪثريت سنڌي کي به ثانوي زبان طور اختيار ڪيو آهي، ۽ هن ضلعي جي آباديءَ جي اڪثريت سنڌي زبان ڳالهائي ڄاڻندي آهي.

سبي ضلع ۾ رهندڙ پٺاڻن به مقامي ماحول کي پنهنجو بنايو آهي. ايتري قدر جو هنن پنهنجي ٻولي پشتو به وساري ڇڏي آهي، ۽ سڀ گهڻو ڪري سنڌي زبان، مادري زبان طور ڳالهائيندا آهن(2)، البته خجڪ (Khaijak) ڳوٺ ۾ رهندڙ خجڪ قوم وارا پٺاڻ، سنڌيءَ سان گڏوگڏ پشتو پڻ ڳالهائين(3).

ڪڇي ضلعي ۾ رهندڙ سڄيءَ آباديءَ جي مادري ٻولي سنڌي آهي، پر بلوچي ۽ سرائڪي به ڳالهائين. ون يونٽ واري دؤر ۾ نصيرآباد سب ڊويزن اُسته محمد تعلقو ۽ پاسي وارا خطا، جيڪب آباد ضلعي سان شامل ڪيا ويا هئا. ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ اهي حصا واپس ڪڇي ضلعي سان شامل ڪيا ويا، اتي سنڌي اسڪول پڻ کوليا ويا هئا، ۽ ٻارن جي تعليم سندن مادري زبان يعني سنڌي ذريعي ڏيڻ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح سبي، ڪڇي ضلعن ۽ قلات، جهالاوان، ايراضين ۾ سنڌي زبان جي مطالعي لاءِ ضروري آهي ته اوسته محمد، روجهاڻ، گنداخو، هديرو، مگسين جي ڳوٺن، ڀاڳناڙي، فتح پور، ديري بگٽي، سبي، ڍاڍر، مستونگ، قلات ۽ جهالاوان جي خطن جو مطالعو ڪجي.

جارج مارگينسٽيئرن جي تحقيق موجب اتر – اوڀر بلوچستان جي مري پهاڙن ۾، لورالائي ضلعي جي ڏکڻ اولهه ۾، کتراني ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. هيءَ ٻولي ممڪن آهي ته ان ٻوليءَ جو اهڃاڻ آهي جيڪا هن خطي ۾ بلوچن ۽ پٺاڻن جي اچڻ کان اڳ هتي جي مقامي ٻوليءَ طور استعمال ٿيندي هئي. سرگريئرسن هن ٻوليءَ جي لفظن جي هڪ لڙهي پڻ ڏني آهي جنهن جي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ٻولي داردي ٻولين سان نسبت رکي ٿي(1).

هتي پيج نمبر 84 جو نقشو ايندو

ڪڇي ضلعي جي، جهٽ پٽ تعلقي جي ڳوٺ فتح پور ۾ سنڌي زبان جو مشهور صوفي شاعر رکيل شاهه ٿي گذريو آهي، جنهن جي مزار به اتي ئي آهي. رکيل شاهه جو واسطو شاهه عنايت جهوڪ واري جي درگاهه سان سندس مريدن ۽ فقيرن وارو هو. هت رکيل شاهه جو هر سال ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ پوئلڳ اچي گڏ ٿيندا آهن. هن موقعي تي مزار جي دروازي جي سامهون رکيل شاهه جو چيل ڪلام ڳايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ راڳ جي محفل پڻ ٿيندي آهي جنهن ۾ سنڌي زبان جا مشهور ڳائيندڙ شرڪت ڪندا آهن. رکيل شاهه جي سنڌي ڪلام جو مجموعو به شايع ٿيل آهي جيڪو سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. رکيل شاهه جو فرزند چيزل شاهه پڻ هر سال پنهنجن فقيرن سان گڏ درگاهه شاهه عنايت تي، عرس جي موقعي تي 17 صفر تي حاضري ڏيندو رهيو.

رکيل شاهه کان سواءِ ڳوٺ صحبت پور ۾ قادر بخش گولو سنڌي زبان جو هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”گلزار ڪاپاري“ جي نالي سان ڇپيل آهي.

5- لس ٻيلي واري ايراضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ:

(الف) لس ٻيلو سنڌ جو تاريخي دروازو رهيو آهي. تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته لس ٻيلو راءِ گهراڻي جي حڪومت (450-642ع) جي زماني کان وٺي سنڌ جي حڪومت جو هڪ ڀاڱو رهيو آهي، ۽ سنڌ جي رهاڪن آڳاٽي زماني کان وٺي لس ٻيلي کي پنهنجو وطن بنايو هو. هو پوءِ لس ٻيلي کان به اڳتي، اُتر توڙي اولهه طرف وڌيا ۽ مڪران واريءَ ايراضيءَ ۾ به پکڙجي ويا. مڪران واري خطي جي بيان ۾ اهڙو جائزو ورتو ويو آهي ۽ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته هو جتي جتي وڃي آباد ٿيا، اتي ملڪي انتظام، وڻج واپار ۽ سياست تي اقتدار حاصل ڪيائون.

شروع وارن صفحن ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌ جو، راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني کان وٺي، لس ٻيلي واري علائقي، ۽ ان جي اتر ۽ اولهه طرف، ويندي ايراني مڪران ۾ ڪرمان تائين قبضو رهيو آهي. اهڙيءَ طرح برهمڻ گهراڻي جي حڪومت ۾ به ڪرمان تائين، سنڌ جي حڪومت جي سرحد رهي آهي.

انهن ڏينهن ۾ توڙي اڄ ڏينهن تائين بلوچستان ۾ هنگلاج، جو لس ٻيلي جي اتر ۽ اولهه طرف مڪران واري ايراضيءَ ۾ آهي، ياترائن جو مرڪز رهيو آهي. راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ ديوائج، هنگلاج جي مندرن جي مرمت ڪرائي، ۽ هڪ ٻيو مندر قلات جي جبلن اندر ٺهرايائين(1). اهڙيءَ طرح هڪ مندر لس ٻيلي کي ڪجهه مفاصلي تي جبلن ۾ ٺهرايائين، جنهن کي ”گندراڻي(2) به چوندا هئا، جنهن جو اصلي نالو راڻڪ ديوي هو(3).

چچ برهمڻ جي حاڪم ٿيڻ کان پوءِ، هو مڪران جي سرحد ٺيڪ ڪرڻ لاءِ، پهرين ارمابيل (لس ٻيلي ۾) آيو، جتي هو پنهنجي نواب سان ملي واپس روانو ٿي ويو(4).

عربن جي راڄ وقت، ۽ ان کان پوءِ سومرن ۽ سمن حاڪمن جي راڄ ۾ به لس ٻيلو سنڌ جو هڪ مکيه ڀاڱو هوندو هو(5). انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي سومرن ۽ سمن گهڻي تعداد ۾ وڃي لس ٻيلي کي وسايو، تنهن ڪري لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تمدن جو رواج پيو.

(ب) سنڌي قبيلن جي حڪومت:- سمن جي جن آڪهن جي حاڪمن لس ٻيلي تي حڪومت ڪئي، انهن مان هڪ رونجها شاخ آهي، هن شاخ اٺين صدي هجريءَ (چوڏهين صدي عيسوي) ڌاري ان وقت لس ٻيلي کي اچي وسايو، جڏهن نه فقط سنڌ تي، پر بلوچستان ۾ سبيءَ تائين سندن حڪومت هئي. اُهي سما جيڪي لس ٻيلي م اچي ويٺا، تن اتي پنهنجو راڄ قائم ڪيو.

رونجهن هن علائقي تي اٽڪل ٽي سئو کن سال حڪومت ڪئي، ۽ سترهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ڌاري سندن حڪومت جي پڄاڻي ٿي(1)، يعني سنڌ مان سمن جي حڪومت ختم ٿيڻ جي باوجود، لس ٻيلي ۾ سما حڪومت ڪندا آيا(2).

هن بيان مان هيءُ نتيجو ٿو نڪري ته راءِ گهراڻي جي راڄ تائين لس ٻيلي ۾ سنڌي زبان ۽ سنڌي تمدن جو عام رواج هو، تنهنڪري سنڌي ٻولي هن علائقي جي مقامي ٻولي بڻجي ويئي.

جنهن زماني ۾ سنڌ تي ڪلهوڙا راڄ ڪندا هئا، ان زماني ۾ لس ٻيلي تي برفتن جي حڪومت هوندي هئي(3). اهي به سنڌي هوندا هئا. ميان يار محمد ڪلهوڙي (1700ع – 1718ع) جي راڄ جي شروعاتي دؤر وقت لس ٻيلي تي ملڪ پاهڙ خان برفت راڄ ڪندو هو. هو پنهنجي حڪومت جو دائرو ڪوهستان ۾ اوڀر طرف سنڌ ڏانهن وڌائي رهيو هو، ۽ موجوده دادو ضلعي جي ڏاکڻئين ڀاڱي تي پنهنجو تسلط قائم ڪيائين. ميان يار محمد ڪلهوڙي پاهڙ خان تي حملو ڪيو. 1117هه (1705ع) ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ پاهڙ خان کي شڪست ملي(4).

سمن ۽ برفتن کان سواءِ سنڌ جي ٻئي قبيلي جنهن لس ٻيلي تي گهڻو عرصو راڄ ڪيو، اهي ڪوريجا هئا. ڪوريجا سنڌ جي ڪوهستان واريءَ ايراضيءَ ۾ آباد هوندا هئا. ڪوريجا ڄامن 1742ع کان وٺي 1956ع تائين، يعني 214 سال لس ٻيلي تي حڪمراني ڪئي(1)، اهو ئي سبب آهي جو لس ٻيلي واري علائقي ۾ سنڌي زبان مادري زبان طور اُسري ۽ اُڀري.

(ت) سماجي اثر:- لس ٻيلي واري علائقي ۾ سنڌي زبان جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو ٻيو ڪارڻ سماجي ميل جول، باهمي شاديون ۽ مذهبي ٺاڻا ۽ ٺڪاڻا آهن. لاهوت لامڪان جا تڪيا، شاهه بلاول نورانيءَ جي درگاهه ۽ هنگلاج زيارتن ۽ عقيدتمندن جو آماجگاهه رهيا آهن. سنڌ جي ڌار ڌار حصن ۽ ڏورانهن ماڳن مان عقيدتمند ڪهي اچي هتي حاضري ڀريندا آهن. شاهه بلاول نورانيءَ جو تڪيو ته لطيف سائين جي ڪلام جو هڪ اهم اڏو ۽ اجهو ٿي رهيو آهي. لاهوت لامڪان ڏانهن جوڳين ۽ سامين جا سفر سنڌي زبان جي پرچار جو باعث بڻيا. هت لطيف سائين به جوڳي بنجي جاٽون ڪيون. انهيءَ ڪري هت سنڌ مان سلوڪ وارا، سنت ۽ سامي وقت بوقت ايندا رهندا آهن.

لاهوت لامڪان ۽ شاهه بلاول نورانيءَ جي ماڳن ۽ مڪانن کان سواءِ هت هنگلاج جا مندر پڻ آهن، جتي نانگا هلي اچي نانيءَ جي زيارت ڪندا آهن. هتي هر سال قديم زماني کان هزارين ياتري سنڌ ۽ ٻين حصن کان ايندا رهندا آهن. جنهن ڪري هت اوتارا، ڌرم شالائون ۽ مهمان سرائون آهن، جيڪي سنڌ جي هندن طرفان سنڀاليون وينديون آهن.

هنگلاج ديويءَ جو مندر بلوچستان ۾ مڪران واري ايراضي ۾ آهي، پر ياترين کي لس ٻيلي مان لنگهندي واٽ تي ڌار ڌار جاين تي ڊاٻو ڪرڻو پوندو آهي، ۽ رستي تي ٻيون ياترائون ۽ ڪريا ڪرم پڻ ڪرڻا پوندا اٿن. جاٽي، ڪراچيءَ کان نڪري پهرين حب ناڪي تي ايندا آهن، پوءِ ڀواني پهچندا آهن، اتان پوءِ لڪ بدوڪ تي ايندا آهن، لڪ بدوڪ کان پوءِ کارڙي، کارڙي کان پوءِ سون مياڻي، سون مياڻي کان پوءِ ٻوري، ٻوريءَ کان الهندي طرف لياريءَ وٽ پهچندا آهن. هت هنگلاج جي ياترين لاءِ سنڌ جي سخي مردن ۽ هندو سيٺين پئنچاتي هال، ڌرمشالائون ۽ آرام گاه ٺهرايا آهن.

ياتري لياريءَ کان پوءِ چارني ڍوري وٽ ڊاٻو ڪندا آهن. پوءِ ريلي (ڪانيارو ڪوٽ) وٽ ايندا آهن، ريلي کان پوءِ ڪاٺاواڙي تي ايندا آهن، جتان اڳتي هلي دارامون جبل وٽ پهچندا آهن، پوءِ ڪنڊي واڙي کان ٿيندا، ڦور نديءَ وٽ پهچي، آرام ڪندا آهن. اتان چندرڪوٽ پهچندا آهن. چندرڪوٽ تي سکائون پاکائون پوريون ڪري، ڪجهه وقت آرام ڪندا آهن، پوءِ ياتري اڳتي پنڌ پوندا آهن، ۽ هنگول نديءَ تي پهچندا آهن، جتان هنگلاج جي ياترا جون ڪريائون شروع ٿين ٿيون. هتان ياتري هنگلاج پهچندا آهن. هنن ياترائن تي هر سال سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ سنڌي ياتري ۽ جوڳي به ويندا رهيا آهن، جنهن ڪري سنڌي زبان جو ان طرف گهڻو ڦهلاءُ ٿيو آهي.


(1)  ملڪ محمد سعيد بلوچ: بلوچستان ما قبل تاريخ، ڪوئٽه، بلوچي اڪيڊمي 1971ع، ص 17.

(2)  ايضاً، ص 28.

(1) Sigrid Westphal- Hellbusch Dr. and Heinz Westphal, The Jats of Pakistan, Berlin, Duncker and Humblot 1964, p. 104.

(2)  مولائي شيدائي: تاريخ بلوچستان، بلوچ سيريز نمبر 1، 1941ع، ص 26.

(3)  ايضاً.

(1)  راءِ گهراڻي جا پنج بادشاهه ٿي گذريا آهن. انهن جا نالا هي آهن: (i) راءِديوائج (ii) راءِ سيهرس، (iii) راءِ ساهسي، (iv) راءِ سيهرس ٻيو ۽ (v) راءِ ساهسي ٻيو. ڏسو: چچنامو، ڪراچي، سنڌ ادبي بورڊ، 1954ع، ص ص 21-22.

(2)  اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، حصه اول، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1971ع، ص ص 4 ۽ 5.

(3)  اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، حصه اول، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1971ع ص 33.

Also see “Extracts from the District and states Gazetteer of the Punjab (Pakistan)”, Vol: II, Lahore Research Society of Pakistan, University of Panjab, 1977, P. 398.

(4)   علي ڪوفي: چچنامو، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 68، ۽ پڻ ڏسو حوالو 2، ص 33.

(1)  حوالو 2، ص 266.

(3)  District Census Report of Sibi District, 1961, pp. 1-5.

(3)  اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، حصه اول، ص 340.

(4)  ايضاً.

(1)  ايضاً.

(1)  خدا داد خان: لب تاريخ سنڌ، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص 56، ۽ پڻ ڏسو: گل خان نصير: تاريخ بلوچستان، جلد اول، ڪوئٽه، اقبال اسٽيشنري مارٽ، 1952ع ص ص 20 ۽ 21.

(2)  گل خان نصير: ايضاً.

(3)  غلام رسول مهر: تاريخ ڪلهوڙا (اردو)، جلد اول، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ص 393.

(4)  سيد مير محمدبن سيد جلال تتوي: ترخان نامه، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع ص 14.

(1)  ايضاً، ۽ پڻ ڏسو: مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع ص 125.

(2)  سيد مير محمد بن سيد جلال تتوي: ترخان نامه، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع ص 14.

(3)  اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، جلد دوم، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1974ع ص 412 ۽ پڻ ڏسو: يوسف ميرک مير ابوالقاسم بکري: تاريخ مظهر شاهجهاني، ص 24.

(1)  اعجازالحق قدوسي: تاريخ سنده، جلد دوم، ص 412

(2)  غلام رسول مهر: تاريخ ڪلهوڙا (اردو)، جلد اول، ص 459

(3)  ايضاً، ص 459

(4) ميان نور محمد: منشوي الوصيت و دستو الحکومت، بسعي و اهتمام سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع ص 18.

(5)  مرزا قليچ بيگ: تاريخ خيرپور، 1922ع ص 59.

(1)  مرزا قليچ بيگ: تاريخ خيرپور، 1922ع، ص 59.

(2)  مرزا قليچ بيگ: تاريخ خيرپور، 1922ع، ص ص 60 ۽ 61.

(1)  ملک محمد سعيد بلوچ: بلوچستان ما قبل تاريخ، ڪوئٽه، بلوچي اڪيڊمي، 1971ع – ص 161.

(2)  Sorly, H.T., Shah Abdul Latif of Bhit, p. 75.

(3)  مولائي شيدائي، تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، ص 389.

(4)  ايضاً.

(5)  ايضاً

(1)  راوي جناب علامه غلام مصطفيٰ قاسمي.

(2)  مخدوم طالب الموليٰ: ياد رفتگان، هالا 1953ع، ص 50.

(1) Khan, F.A, Dr, The Indus Vally & Early Iran, Karachi, Department of Archaeology & Museums, Ministry of Education, Government of Pakistan, 1964, p.17.

(2) Mir Ahmed Yar Khan Baluch, Inside Baluchistan, a Biography, Karachi, Royal Book Company, 1975, p.62.

(3)  ملک محمد سعيد بلوچ: بلوچستان ماقبل تاريخ، ص 42.

(1)  غلام رسول مهر: تاريخ ڪلهوڙا (اردو)، جلد اول، سنڌي ادبي بورڊ، ص 397.

(2)  ميان نور محمد: منشور الوصيت و دستور حکومت، حوالو ڏنل آهي، ص 18.

(3)  مرزا قليچ بيگ: تاريخ خيرپور، 1922ع، ص 37.

(1)  گهري اڀياس لاءِ ڊاڪٽر داد محمد بروهيءَ جو پي ايڇ ڊيءَ لاءِ پيش ڪيل مقالو ڏسو. ان مقالي ۾ ڊاڪٽر داد محمد بروهيءَ منهنجي هن ڪتاب مان گهڻو فائدو حاصل ڪيو آهي ۽ حوالا به ڏنا اٿس.

(1)  داد محمد بروهي: ”سبي علائقي ۾ سنڌي“، مقالو روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، 5 مارچ، 1978ع، ۽ پڻ ڏسو، سماهي مهراڻ.

(1) District Cencus Report of Sibi District, 1961, pp. I-16.

(2)  Ibid

(3)  Ibid

(1)  George Morgenstierne, Report on a Linguistic Mission of North- Western India, P.14

(1)  رامچند ايس- کتري: شري هنگلاج جي ياترا، ڪراچي، اڇي قبر رامپارٽ روڊ، 74- 1973ع ص 172.

(2)  ممڪن آهي ته اهو اصلي نالو ”گڊراڻي“ هجي جنهن جي معنيٰ ’راڻيءَ وارو ڳڙهه‘ (گڊ يعني قلعو) يعني قلعو، ۽ ممڪن آهي ته ’گڏاڻي‘، اُن جو مخفف هجي.

(3)  رامچند ايس – کتري، حوالو ڏنو ويو آهي ص 171

(4)  علي ڪوفي: چچنامو، ص 66.

(5)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ٻيو ڇاپو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز 1973ع، ص 13.

(1)  ايضاً.

(2)  ايضاً، ص 22 آخري حاڪم ڄام غلام قادر هن خاندان مان آهي.

(3)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ايضاً.

(4)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ڇاپو 1973ع، ص 13، ۽ پڻ ڏسو گل خان نصير: تاريخ بلوچستان، جلد اول، ڪوئٽه، اقبال اسٽيشنري مارٽ، 1952ع، 82.

(1)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ص 25.

گل خان نصير لکي ٿو ته ”1766ع ۾ ڄام عالي خان جي وفات کان پوءِ هن جو پٽ ڄام غلام شاهه ٻيلي جي ڄامن جو سردار ٿيو. ڄام غلام شاهه، مير نصير خان جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ مير  نصير خان سان پنهنجو خانداني رشتو جوڙيائين، مير نصير خان گوادر جي بندر جي اڌ ڪمائي بي بي سلطان خاتون کي ڏاجي ۾ ڏني. اهڙيءَ طرح گوادر جو بندر، ٻيلي جي ڄام جي قبضي ۾ اچي ويو. ڏسو حوالو پهريون، ص 150.

(1)  رامچند، ايس – کتري: شري هنگلاج جي ياترا، حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 18- 15 ۽ ضميمو ص ص 31 – 30.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com