سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ

باب: --

صفحو :2

سنڌ جي علم پڙهندڙن جي حلقن ۾ توڙي نصابي ۽ علمي حلقن ۾ عام طور تي اهو سوال اڀرندو رهيو آهي ته سنڌي زبان ڪڏهن ۽ ڪهڙن علائقن ۾ پکڙبي رهي آهي، ۽ ان جي ارتقا ڪيئن ٿيندي رهي آهي؟ انهن سوالن کي عقلي بنياد تي حل ڪرڻ جي ڏس ۾ هيءُ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.

هن ڪتاب مان ڪيترن ئي اهڙن سوال جا جواب ملي ويندا، جيڪي پڙهندڙ جي نظر کان اڳ ۾ ڳجها رهيا آهن.

هي ادارو ههڙي قسم جو ڪتاب ڇپائي شايع ڪرڻ ۾ فخر محسوس ٿو ڪري ۽ اها به اميد ٿو رکي ته پڙهندڙ هن ڏس ۾ رايا موڪليندا: نه رڳو ڪتاب جي باري ۾، پر اداري طرفان سڀني ڪتابن جي باري ۾ به، ته جيئن اسان انهن راين جي روشنيءَ ۾ بهتر مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪري سگهون.

سنڌي زبان جو فدائي

ڊاڪٽر غلام علي الانا

پروفيسر انچارج

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

اِنتساب

سنڌ جي محب وطن، ثقافت دوست ۽

دوستن سان پيار ونڊيندڙ شخصيت

مرحوم ارباب نور محمد پليجي

جي نالي

سنڌي زبان ۽ اُن جا لهجا

1- ڪنهن به سماجي گروهه ۾ هڪ ٻئي سان تعاون لاءِ انسان ذات جي وات مان نڪتل آوازن جي سرشتي کي ’ٻولي‘ سڏجي ٿو. لسانيات جي جڳ مشهور امريڪي ماهرن، بلاڪ ۽ ٽرئگر (Bloch & Trager) جي ڏنل وصف به مٿينءَ وصف سان ٺهڪي ٿي اچي. هو لکن ٿا:

“Language is a system of arbitrary vocal symbols by means of which a social group co-operates(1).”

سنڌي ڪتابن ۾ هيئن به چيو ويو آهي ته ”زبان خيالن جي اظهار جو وسيلو آهي“(2). اها وصف جيتوڻيڪ پراڻي آهي تڏهن به ماهرن جي نظر ۾ مقبول آهي.

2- هر انسان، سماجي گروهه جو هڪ فرد آهي، هو ڪڏهن ڪڏهن هڪ کان به وڌيڪ گروهن ۾ شامل هوندو آهي، تنهن ڪري هو سماجي ۽ معاشي معاملن ۾ زبان تي گهڻو مدار رکي ٿو. زبان کان سواءِ ڪنهن به انساني معاشري کي سمجهڻ مشڪل آهي. زبان هڪ ذريعو آهي، جنهن جي وسيلي هڪ انسان جي ’طلب‘ (Stimulus) جو ٻيو انسان ’جواب‘ (Response) ڏئي ٿو. ماهرن جو رايو آهي ته زبان تهذيب ۽ تمدن جو بنياد يا پاڙ آهي. علم اللسان جي هڪ ٻئي جڳ مشهور امريڪي ماهر بلومفيلڊ (Bloomfield) جو رايو آهي ته: ”هر ڪا قوم زبان جي عمل سان ئي بنجي ٿي“(1). انسان ذات جي گروهه بنديءَ جي مطالعي لاءِ لازمي ٿيندو ته اول ان گروهه جي زبان جو مطالعو ڪجي، جيڪڏهن ڪو چاهي ته ڪنهن قوم جي طور طريقن، اُٿڻي ويهڻيءَ، لباس، کاڌي خوراڪ، تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو ڪري ته کيس گهرجي ته ان قوم جي زبان جو باقاعدگيءَ سان مطالعو ڪري: مٿي بيان ڪيل وصف، زبان جو سماجي عمل ڏيکاري ٿي.

زبان هڪ سماجي گروهه ۾ ئي زنده رهي سگهي ٿي. جيئن سماجي گروهه زبان لاءِ ضروري آهي، تيئن زبان به سماجي گروهه لاءِ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته زبان هڪ اهڙو وسيلو آهي جو هڪ انسان پنهنجن سڀني سرگرمين ۾ استعمال ڪري ٿو، مثلاً شڪار ۾، روزانه وهنوار ۾، وڻج واپار ۾، ڪرت ۽ ڌنڌن ۾، مڇي مارڻ ۽ هارپ وغيره ۾.

دنيا جون اڪثر قومون ٻولين جي لحاظ کان به هڪ ٻئي کان علحدگي رکن ٿيون، ۽ ڪي ته ٻولين جي نالن سان شمار ڪيون وينديون آهن، ٻولين جي نالن سان سڏيون وينديون آهن ۽ انهن نالن جي لحاظ سان هڪ جداگانه گروهه بنائين ٿيون(2). ڪن ملڪن ۾ اُتي جا رهواسي، مختلف ٻوليون ڳالهائڻ جي ڪري، انهن ٻولين جي نالن پٺيان ننڍيون ننڍيون قومون سڏجن ٿا. اهي قومون سواءِ ڪنهن متڀيد جي، يا سواءِ ڪنهن جهيڙي جهڳڙي جي، هڪ ٻئي سان گڏ رهن ٿيون. پولنڊ ملڪ جو هڪ شهر پولش (Polish) ۽ جرمن (German) ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن تي مشتمل آهي. ساڳيءَ طرح پاڪستان حالانڪه هڪ ملڪ آهي پر ٻوليءَ جي اصول موجب هن ملڪ جا رهواسي پاڻ کي سنڌي، بلوچ، پنجابي، پختون، بروهي ۽ سرائڪي سڏائين ٿا، حالانڪ سواءِ ٿورن جي باقي تمام وڏي اڪثريت جو مذهب اسلام آهي.

3- اها ثابت ٿيل حقيقت آهي ته ڪي به ٻه ماڻهو هڪ جهڙو ڳالهائي نه سگهندا آهن، چاهي اهي ساڳئي خطي ۽ ماحول جا ڇو نه هجن(1): مثال طور ڪو لاڙڪاڻي جو رهاڪو حيدرآبادين جي محفل ۾ ويهندو، ته جيتوڻيڪ ان جي ٻولي به ساڳي سنڌي آهي، پر اُچار جي طريقي (Accent) ۽ جهيلار (Intonation) مان ٻنهي، يعني لاڙڪاڻي جي رهاڪو ۽ حيدرآباد جي رهاڪوءَ جي ٻوليءَ ۾ ٻڌندڙ ڀليءَ ڀت فرق محسوس ڪري سگهندا. بلڪل ساڳيءَ طرح، حيدرآباد جا ڪي به ٻه رهاڪو هڪ جهڙو هرگز ڳالهائي نه سگهندا، يعني ٻنهي جي گفتار (Utterance) ۾ ضرور فرق هوندو. نه رڳو ايترو، پر جيڪڏهن غور ۽ ڌيان سان ٻڌبو ته معلوم ٿيندو ته ڪو به ماڻهو جدا جدا موقعن تي ساڳيو جملو، هڪ ئي يعني ساڳئي نموني سان ڳالهائي نه سگهندو آهي(2). اهڙي قسم جو فرق ۽ تفاوت هر ٻوليءَ  جي تاريخ ۾ اهم حصو ادا ڪري ٿو. لسانيات جي ماهرن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهڙي قسم جي فرق ۽ تفاوت تي اونهو ويچار ڪن. جڏهن هو ان قسم جي فرق ۽ ڦير گهير تي سوچي ٿو، تڏهن کيس عملي طور کوجنا ڪرڻي پوي ٿي، ۽ علم اللسان جي قانونن مطابق ان جو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو. هن کي خبر آهي ته اهڙا ننڍا ننڍا فرق، فردن کان گروهن تائين پهچي، عادت بنجي وڃن ٿا، تان جو لسانياتي نقطه نگاهه کان انهيءَ ”گروهه“ جو هڪ خاص نالو مقرر ٿي وڃي ٿو. زبان (ڀاشا) جي اهڙن گروهن کي ”لهجا“(1) يا اُپڀاشا (Dialects) چئبو آهي، ٻوليءَ جا جدا جدا گروهه (لهجا) وري ننڍين ننڍين شاخن ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا. ايتري قدر جو هڪ گروهه جي ماحول ۾ رهندڙ ماڻهو، هڪ ٻئي سان ساڳئي يا ملندڙ جلندڙ لهجي ۾ ڳالهائيندا آهن، ۽ پنهنجي ماحول يا پنهنجي راڄ کان ٻاهر واري ماحول ۾ ڪم ايندڙ محاوري (Colloquial Language) کي پنهنجو ڪري نه سمجهندا آهن. مثلاً لاڙ ۾ بلوچ قوم واري ماحول ۾ ڪم ايندڙ سنڌي محاورو، سومرا قوم واري ماحول ۾ ڪم ايندڙ سنڌي محاوري کان لسانياتي نقطه نگاهه کان جداگانه حيثيت رکي ٿو.

ٻوليءَ جي مختلف لهجن ۽ محاورن تي بحث ڪندي، اهو ثابت ٿو ٿئي ته ڪنهن به ملڪ، صوبي يا خطي جي ٻوليءَ، اُن جي لهجن، ۽ مختلف لهجن ۾ ڪم ايندڙ محاورن جي تقسيم لاءِ ڪي اصول مقرر ٿيل آهن، جيڪي علم اللسان جي ماهرن محنت ڪري ٺاهيا آهن. اهي اصول آهن:

(i) حاڪمن جي ٻولي هجڻ

(ii)ساڳي حڪومت

(iii) سياسي حالتون

(iv) سماجي ۽ مذهبي ميل جول

(v) وڻج واپار ۽ سياسي ناتا

(vi) ساڳيون جاگرافيائي حالتون

(vii) ساڳيون رسمون ۽ رواج

(viii) باهمي شاديون

(ix) آباديءَ جي لڏ پلاڻ

اُهي ملڪ جتي لساني گروهه ويجهڙائيءَ ۾ وڌيو ۽ ويجهيو آهي، اتي مقامي تفاوت بلڪل گهٽ هوندو آهي، جيئن آمريڪا جي اُلهندي حصي ۾، يا روس ۾، پر اهي ملڪ جتي ساڳي زبان ڳالهائيندڙ ڳچ عرصي کان آباد آهن. اتي مقامي لهجن ۾ گهڻو فرق هوندو آهي، مثلاً انگلنڊ ۾، جتي انگريزي زبان 1500 سالن کان ڳالهائي پيئي وڃي.

زبان کي جدا جدا لهجن ۽ جدا جدا محاورن ۾ ورهائڻ لاءِ، جيڪي اصول ۽ ڪارڻ مٿي بيان ڪيا ويا آهن، سماجي حالتون انهن ۾ اولين حيثيت رکن ٿيون. اهي ٻار جيڪي مھذب ۽ تعليم يافته گهرن ۾ ڄمن ٿا، جن جو ميل جول ٻين مهذب ۽ تعليم يافته ڪٽنبن جي ٻارن سان رھي ٿو. اھڙن ٻارن جي زبان معياري، مھذب ۽ اعلي طبقي واري زبان“ سمجهي ويندي آهي. لسانيات جي ماهرن اهڙي لهجي کي، جو سرڪاري طور اسڪولن، ڪاليجن، نشر و اشاعت، سرڪاري اظلاعن، ڪورٽن، اسيمبلين توڙي مهذب ماڻهن ۾ استعمال ٿيندو آهي، ”معياري لهجو“ يعني (Standard Dialect) سڏيو آهي. ملڪ جي سرڪاري ٻولي ان معياري لهجي کي ئي تسليم ڪيو ويندو آهي. مثال طور، سنڌ جي زبان ”سنڌي“ آهي، پر ان جو جيڪو لهجو اسين اسڪولن ۾ پڙهون ٿا، يا ريڊيو تي سرڪاري اعلانن ۾ ٻڌون ٿا يا ڳالهايون ٿا، جنهن لهجي ۾ اسان جا عالم ۽ اديب تقريرون ڪن ٿا، جو لهجو اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ذريعه – تعليم طور ڪم ايندو آهي، اهو سڄيءَ سنڌ لاءِ هڪ ئي آهي. اسڪولن، ڪاليجن، ريڊيو ۽ ٽي – ويءَ تي هر هڪ ماڻهوءَ کي انهيءَ ئي لهجي ۾ ڳالهائڻو آهي. هر ٻار کي تعليم انهيءَ لهجي ۾ ئي ملڻي آهي. انهيءَ ڪري ان لهجي کي ”معياري لهجو“ چئبو، جيتوڻيڪ لاڙ جا ماڻهو ائين ڪونه ٿا ڳالهائين، جيئن ڪتابن ۾ پڙهن ٿا، ۽ اُتر جا ماڻهو به ائين ڪونه ٿا ڳالهائين، جيئن درسي ڪتابن ۾ آهي. حاصل مطلب ته معياري لهجو سرڪاري طور تسليم ڪيو ويندو آهي، ملڪ يا صوبي جي زبان ان لهجي پٺيان ئي سڏي ويندي آهي. جيئن انگلنڊ ۾ جيڪا زبان سرڪاري طور تي ملڪ جي زبان تسليم ڪيل آهي، جنهن کي هو ”معياري انگريزي ٻولي“ (Standard English) چون ٿا، اها انگلنڊ جي ٻين خطن جي اچار ۾ گهڻو اختلاف رکي ٿي. جيڪا انگريزي موجوده وقت سرڪاري طور ملڪي زبان آهي، ان کي ڏاکڻين علائقي واري انگريزي (Southern English) يا ”شاهي انگريزي (King’s English) به چوندا آهن. شاهي خاندان جي زبان هئڻ ڪري، انگلنڊ جي ڏاکڻئين لهجي کي معياري زبان هجڻ جو فخر حاصل آهي(1). انهيءَ ڪري ئي اها دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته سماجي حالتن جو ملڪ جي زبان تي وڏو اثر ٿئي ٿو.. ديوان ڀيرو مل جو رايو آهي ته: ”حالانڪ سنڌ جي ساهتيه خطي وارو لهجو زياده معياري آهي، پر ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ٺاهڻ واري ڪميٽيءَ توڙي سرڪاري تعليم کاتي ۾ حيدرآباد جا رهاڪو گهڻا هئا، ۽ درسي ڪتابن لکڻ وارن ۾ به حيدرآبادي گهڻا هئا، تنهن ڪري ئي حيدرآبادي لهجي کي سرڪاري طور اهميت ملي، ۽ ان کي معياري لهجو تسليم ڪيو ويو(1): گويا حيدرآباد جا عامل توڙي مسلمان تعليمي ماهر، مهذب ۽ تعليم يافته هجڻ جي ڪري، انگريز عملدارن تائين رسائي حاصل ڪري ويا، ۽ اهو سبب آهي جو حيدرآبادي لهجي کي سرڪاري طور ڪتابن، نشر و اشاعت ۽ ڪورٽن ۾ معياري لهجي جي حيثيت طور قبول ڪيو ويو. اسان جون سب تصنيفون ۽ لکيتون هن ئي لهجي ۾ ٿين ٿيون. حيدرآبادي لهجو اسان جي صرف ونحو ۽ لغت لاءِ بنيادي ۽ معياري لهجي طور ڪم آيو، غير ملڪي ماڻهن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ڪتاب هن ئي لهجي ۾ لکيا ويا.

5- ٻيو سبب جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آهي، سو آهي جاگرافيائي حالتون. جاگرافيائي حالتن جي لحاظ کان سنڌي زبان اُترادي يعني سريلي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڪوهستاني، ڪڇي ۽ لاسي لهجن ۾ ورهايل آهي. اهي لهجا وري مقامي لحاظ کان ننڍن گروهن ۽ محاورن (Sub-dialects & Colloquials) ۾ ورهائي سگهجن ٿا. مثال طور ’ٺٽي‘ ۽ ’ماڃر‘ جي رهاڪن کي پنهنجي پنهنجي محاوري ۾ ڳالهائيندي ٻڌي، ڪو به لاڙي، سهي ڪري وٺندو ته هي ’ٺٽئي‘ يا ’ماڃري‘ ڪي ٻوليون نه آهن، پر اهي لاڙي لهجي جا محاورا آهن، جي جاگرافيائي اثرن جي ڪري مقامي رنگ رکن ٿا. اهڙيءَ طرح ٿرپارڪر ايراضيءَ ۾ ڏيپلائين ۽ عمر ڪوٽ وارن جي ’جهيل‘ مان سهي ڪبو ته هي ’ڏيپلائي‘ آهي، ۽ هي عمرڪوٽ جو رهاڪو آهي.

نه فقط ايترو، پر لهجو ۽ محاورو وري ڪرت، ڌنڌي ۽ پورهئي جي لحاظ کان به ننڍن ننڍن مقامي محاورن ۾ ورهايل آهي: مثلاً درياءَ جي ڪنڌيءَ تي رهندڙ ميربحرن، مهاڻن، ٻيلائين، مالدارن، هارين نارين ۽ ڌڻولين جا مقامي محاورا، ۽ کاري واري خطي ۾ رهندڙ جهانگين، سانگين، اوٺين ۽ ميهارن جا مقامي محاورا، پنهنجي پنهنجي مقامي رنگ جي ڪري انوکي حيثيت رکن ٿا. هر ڪو محاورو مقامي ۽ فني لفظن جو ڀنڊار آهي. جيڪي لفظ جاتيءَ جي طرف رهندڙ جت ڪم آڻيندو، تن جي درياءَ جي ڪنڌيءَ وارن ميربحرن کي خبر ڪا نه هوندي، ۽ جيڪو مقامي محاورو ڌڻولي ڪم آڻيندو، سو مهاڻي جي سمجهه کان گهڻي ڀاڱي پري هوندو. اهڙن ننڍن ننڍن گروهن جي ڳالهائڻ جي طور طريقي، تلفظ ۽ اُچار، آوازن جي جهيلار ۾ گهڻو فرق ٿئي ٿو.

ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته سنڌ ۾ به، فرانس، اٽلي، انگلنڊ ۽ جرمنيءَ وانگر هر ڳوٺ يا ٻن – ٽن ڳوٺن جي گروهن کي پنهنجو مقامي محاورو آهي(1). پاڙي وارن مقامي محاورن ۾ تمام ٿورو تفاوت هوندو آهي، پر اهو به آسانيءَ سان سهي ڪري سگهبو آهي. ڳوٺاڻا وضاحت سان ٻڌائي سگهندا آهن ته سندن مقامي محاوري ۽ سندن پاڙي واري مقامي محاوري ۾ ڪهڙو فرق آهي. گهڻو ڪري ائين به ڏٺو ويو آهي ته ڪي ماڻهو، ڀر واري ڳوٺ جي ماڻهن کي سندن خاص اُچار جي ڪري چيڙائيندا به آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين تفاوت وڌندو ويندو آهي.


(1) Bloch B. and Trager G.L., “An Outline of Linguistic Analysis”, Linguistic of America, 1942, p.5.

(2)  گربخشاڻي هه م: مقدمه لطيفي، حيدرآباد، اسلاميه پريس، 1950ع، ص 138.

 (1) Bloomfield, L., Language, London. George Allen & Unwin Ltd., 1961, p.42.

(2) Bloomfield, L., Language, London. George Allen & Unwin Ltd., 1961, p.42.

(1) Jones, D., An Outline of English Phonetics, Cambridge W. Heffer & Sons Ltd., 1960, P.I1.

(2) Jones, ., An Outline of English Phonetics, Cambridge W. Heffer & Sons Ltd., 1960, pp. 12 & 51

 (1) سنڌ ۾ ماهرن ”لهجي“ کي عام طور ”محاورو“ سڏيو آهي. ڏسو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:“ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“، حيدرآباد 1962ع، ص 8.

لهجي ۽ محاوري جي معني لاءِ ڏسو:

(i) Lane’s Arabic- English Lexicon, Book I, Part VII, London, 1885, p. 2667.

(ii) Ibid., Book I, Part II, London, 1865, p.665.

(iii) Haim, S: New Persian- English Dictionary, Tehran, Beroukhim Publishers, Book sellers. And printers, 1936, pp. 774 & 8 & 9.

(1) Jones, D., An English Pronouncing Dictionary, London Dent, 1956, Introduction.

(1)  آڏواڻي ڀيرومل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1956ع، ص 93.

(1) Hocket, C.F., A Course in Modern Linguistics, New York, Macmillan & Co., 1960, pp.474-477.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com