سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ

باب: --

صفحو :7

گجرات جي حاڪمن ارغونن جي خلاف سنڌ جي سمن حاڪمن تمام گهڻي مدد ڪئي. ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ گجرات مان لشڪر جي مدد وٺي سنڌ تي حملو ڪيو، پر شڪست کاڌائين(1).

(ب) سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي ناتا:

سيد حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو ته: ”گجرات پاڙو پاڙي سان هو. سنڌ ۽ گجرات وارن جي مائٽي هوندي هئي“(2). سلطان مظفر گجراتي 817هه (1497ع) ۾ تخت تي ويٺو. سنڌ جي سمي حڪومت ڄام صلاح الدين سمي جي سؤٽ، بي بي راڻي، سندس گهر واري هئي(3). اهڙيءَ ريت ڄام جوڻي جون ٻه نياڻيون، بي بي مغلي ۽ بي بي مرڪي، گجرات جي شاهي گهراڻي ۾ پرڻيل هيون. بي بي مغليءَ جو سڱ سلطان محمد واليءَ گجرات سان ٿيو، ۽ بي بي مرڪي شاهه عالم سان پرڻائي ويئي. بي بي مغليءَ مان سلطان محمد کي رمضان مهيني 849هه (1445ع) ۾ فتح خان نالي پٽ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي سلطان محمود ٻيڳڙي جي نالي سان گجرات جو بادشاهه بڻيو(4).

بي بي مغلي وڏي دانا عورت هوندي هئي. ايدلجي ڏوسا ڀائي لکي ٿو: ”سلطان محمود ٻيڳڙو، شعبان مهيني ۾ 863هه (18 جون 1459ع) ۾ تخت تي ويٺو. هن کي معلوم ٿيو ته سندس اميرن، سندس اعتماد واري وزير عمادالملڪ جي خلاف منصوبو سٽيو آهي. سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ هن پنهنجي ماءُ کان صلاح وٺڻ مناسب سمجهيو ڇاڪاڻ ته هوءَ سنڌ جي حاڪم جي شهزادي هئي، ۽ هڪ دانا عورت هوندي هئي(1). اهڙيءَ طرح سمن حاڪمن گجرات جي بااثر صوفي بزرگن سان به مائٽيون ڪيون(2).

سنڌ جي سمي حاڪم ڄام جوڻي جي گجرات جي سرزمين سان ايتري قدر ته محبت هوندي هئي، جو سندس وفات کان پوءِ سندس لاش سنڌ مان کڻائي گجرات ۾ ملڪ ڳوٺ ۾ دفن ڪيائون. سندس مقبرو سندس نالي سان مشهور آهي، سندس ڌيءَ (شاهه عالم جي راڻي بي بي مرڪي) پڻ ساڳئي مقبري ۾ دفن ٿيل آهي(3).

گجرات جي سلطانن سان سنڌ جي سمن حاڪمن مائٽي ۽ عزازت سبب سلطان محمود شاهه ٻيڳڙي جا روپيا (گجراتي سڪو) ’لاڙي‘ ۽ محمودي ’اشرفيون‘ سنڌ ۾ هلندا هئا. محمودي هڪ سڪي (روپئي) جي سنڌ ۾ ٻارهن آنا 4/3 حصو) قيمت هئي. انهيءَ کان سواءِ گجراتي واپارين جي معرفت ڊچن جا ڪارو منڊل ڪناري تي پاليڪاٽ واري ڪوٺي وجهڻ کانپوءِ چالو ڪيل سڪا ’گلڊر‘ (Gilder) پڻ سنڌ ۾ هلندا هئا(4).

گجرات جي حاڪمن سان سڱن پوتن جي ڏيڻ وٺڻ جو رواج سنڌ جي سما گهراڻي جي آخري حاڪم ڄام فيروز جي دؤر تائين جاري هو. ڄام فيروز پنهنجي هڪ نياڻي گجرات جي حاڪم سلطان بهادر بن سلطان مظفر گجراتيءَ کي پرڻائي ڏني هئي(5).

گجرات ۽ سنڌ جي وچ ۾ ثقافتي ناتا پڻ ڏاڍا گهاٽا رهيا آهن. ڄام نندي جي مقبري جي تعمير ۾ مختلف طرزن کي هڪ ٻئي سان ملائي اهڙيءَ طرح ته پيوست ڪيو ويو آهي جو تعمير جي تاريخ ۾ اهو مقبرو هڪ يگانو نمونو ۽ هڪ غير معمولي مثال ٿي پيو آهي. بناوت ۾ گجراتي، هندو مسلم ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي، انهن جي دلڪش امتزاج مان هڪ عجيب و غريب شاهڪار تخليق ڪيو ويو آهي.

گجراتي توڙي هندي فن عمارت سازي جو اهو اثر، ڄام نظام الدين جي مقبري تي يا سمن جي ٻين چوڪنڊين، مقبرن، انهن جي گنبذن ۽ پيل پاون تي، جن سببن جي ڪري پيو ٿو ڏسجي، انهن جو خاص سبب هي آهي ته گجرات ۽ سنڌ پاڻ ۾ همسايگي ۽ انهيءَ ڪري عام جام آمدرفت کان سواءِ ٻيو اهم ڪارڻ ٿيو، سمن ۽ گجراتي سلطانن جي هڪ ٻئي سان مٽي مائٽي جنهن نه فقط سياسي طرح سنڌ ۽ گجرات کي هڪ ٻئي جي قريب ڪري ڇڏيو، بلڪه سماجي خواه تمدني طرح پڻ ٻنهي ملڪن ۽ سلطنتن جا ناتا استوار ۽ مضبوط ڪري ڪيترائي ثقافتي ويڇا وچان مٽائي ڇڏيا(1).

(ج) ماڻهن جي لڏ پلاڻ:

ڪاٺياواڙ وانگر گجرات ۽ سنڌ جي وچ ۾ پڻ قديم زماني کان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جاري رهي آهي. بادشاهن جون مٽيون مائٽيون هيون، انهيءَ ڪري به ماحول سازگار هو. هزارن جي تعداد ۾ سنڌي واپاري، هنرمند ماڻهو، فنڪار، عالم ۽ فاضل ۽ ديني مبلغ سنڌ مان لڏي گجرات ۾ وڃي آباد ٿيا. انهن ۾ ميمڻ، خواجه، لوهاڻا، ڀاٽيا، پڃارا، ڪنڀار، لوهار، سونارا، کتري، رنگريز، جت، اوڏ، ملتاني ۽ ٻيون قومون گجرات جي سامونڊي ساحل، وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهيون(1). مسٽر مسرا لکي ٿو ته: ”سنڌي ماڻهو بڙودي ۾ گهڻي تعداد ۾ آباد آهن، جتي هو رياست جي پوليس ۽ فوج ۾ گهڻي قدر ڀرتي ٿيل آهن. اهڙيءَ طرح ڪي سنڌي سامونڊي ساحل تي ٻيڙين جا ناکئا ۽ مير بحر پڻ آهن(2). 1931ع واري آدمشماري جي رپورٽن مان معلوم ٿو ٿئي ته گجرات ۾ سنڌي گهڻا آباد هئا. اهو تعداد انگريزي راڄ جي شروعات کان لکن جي صورت ۾ به ملي ٿو، يعني 1881ع واري رپورٽ موجب گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد 32526 هو . اڄ به گجرات ۾ وسندڙ اُهي قومون پنهنجن گهرن ۽ روزانه وهنوار ۾ پنهنجي ٻولي يعني سنڌي ڪم آڻيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي پنهنجن مختلف لهجن: ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ ميمڻي ۾ گجرات ۾ زنده رهندي آئي آهي.

(د) مذهبي، علمي ۽ ادبي ناتا:

ڪڇ واري باب ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ ڪيتريون ئي درگاهون، تيرٿ ۽ آسٿان هئا. جتي هر سال هزارن جي تعداد م ماڻهو درگاهن تي ٿيندڙ عرسن، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. حاضري ڀريندا هئا. اهڙيءَ طرح گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ تيرٿ ۽ تڪيا هوندا هئا. جن جي  ياترا ۽ جاٽن لاءِ سنڌ مان قافلا ڪهي ويندا هئا، ماڻهن جي انهيءَ سلسلي واري آمد رفت جي ڪري به ٻولين جي تبديلي ٿي.

ڪڇ وانگر گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ به خليفي نبي بخش لغاريءَ جي تبليغ هيٺ هزارين ماڻهو پير صاحب پاڳاري جي مريديءَ ۾ داخل ٿيا. انهن ۾ رياست گونڊل کان ڏهه ميل اوڀر ۾ رياست ڪوٽڙو سانگهاڻيءَ جي شهر ڪوٽ رامود، ڌوراجي، رياست ڀاوننگر جي ڏونگر گام، رياست بڙودي، راڄڪوٽ، پوربندر، منگرول، بڙودي ۽ ڀاوننگر رياستن جا ڪيترائي ماڻهو پير صاحب پاڳاري جي مريديءَ ۾ داخل ٿيا. جماعت جي استدعا تي پير صاحب شاهه مردان شاهه (ڪوٽ ڌڻي) ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف سفر ڪيا. ۽ پاڪستان جي قيام تائين پير صاحب جي جماعت جو اهو سلسلو ۽ نظام اُتي جاري رهيو.(1)

گجراتيءَ جو سنڌ جي ٿر ۽ لاڙ واري ڀاڱي تي اثر ٿيو، ۽ سنڌيءَ جو گجرات واري علائقي ۾ ڦهلاءُ ٿيو. ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ٻولي سمجهي سگهندا هئا. انهيءَ ڪري سنڌ جا لاڙ ۽ ٿر وارا خطا ٻه- ٻوليا علائقا بنجي ويا. ٿر ۾ ننگر پارڪر جي طرف واري ٻولي گاڏڙ ٻولي بنجي ويئي ته وري گجرات پاسي به سنڌ جي ننگر پارڪر واري ايراضيءَ سان لڳو لڳ ايراضيءَ جي ٻولي گاڏڙ بنجي ويئي.

سنڌ جي سر زمين علم ادب جي دنيا ۾ برک رهي آهي. سرائڪي ۽ سنڌيءَ جي ناتن جي بيان ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ملتان، سنڌي علمائن جي وجود ڪري علم ادب جو هڪ جامع (University) بڻجي ويو هو. اهڙيءَ طرح گجرات ۾ به سنڌي علمائن علم ادب جي شمع کي روشن ڪيو. غلام گهراڻي جي حڪومت جي زماني ۾ سادات ڪرام ۽ صوفيا، عظام سنڌ مان نڪري هندستان جي مختلف شهرن ۾ اسلامي تبليغ لاءِ درسگاهون قائم ڪيون. سندن روحاني فيض گجرات کان وٺي اڳتي دکن ۽ بنگال تائين پهتو(1). ڪيترن ئي سنڌي عالمن گجرات ۾ پنهنجا ديني مدرسا کوليا. انهن مان هڪ سنڌي بزرگ شيخ حميد هو. جو علم و ادب کان سواءِ حديث ۽ تفسير ۾ مهارت رکندو هو. ان جو مدرسو گجرات ۾ هوندو هو. اڪبر اعظم جي گجرات تي فتح کان پوءِ مير عبدالرحيم خان خانان، شيخ حميد جي مدرسي ۾ شاگردي اختيار ڪئي ۽ اتي مشڪواة شريف ۽ حديث جا ٻيا ڪتاب لکي پورا ڪيائين(2).

گجرات اسماعيلي فرقي جي داعين جي تبليغ جو به مکيه مرڪز رهيو آهي. پير ستگر نور کان وٺي، هر داعي (پير شمس، پير شهاب الدين، پير صدرالدين، پير حسن ڪبيرالدين، پير تاج الدين ۽ پير امام شاهه) گجرات ۾ اسلام جي تبليغ ڪئي، ۽ هزارن جي تعداد ۾ هندو سندن هٿ هيٺ مسلمان ٿيا.(3) انهن مان پير ستگر نور ۽ پر امام شاهه ۽ سندس پويان گجرات ۾ مدفون آهن(4)

3- گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد:

ڀارت ۾ 1961ع واري آدمشماري وقت ڪل 977023 ڄڻن پنهنجي مادري زبان سنڌي لکارائي. اهي 977023 ماڻهو هيٺينءَ ريت ڌار ڌار علائقن ۾ آباد هئا(5):

پرديش ۽ علائقا

سنڌي ڳالهائيندڙ

آسام

718

آنڌرا پرديش

5293

انڊمان نڪوبار ٻيٽ

6

اتر پرديش

57457

اوڙيسا

27

اولهه بنگال

2165

بهادر پرديش

3823

ترپرا

21

پانڊيچري

23

پنجاب

1306

جمو ۽ ڪشمير

91

دادرا ۽ ناگر حويلي

8

دهلي

27198

راجسٿان

233321

سڪم

5

ڪيرالا

184

گجرات

156152

گووا، ڊمن ڊيو

53

مدراس

7148

مڌيه پرديش

179858

مهاراشٽر

295131

مئسور

6949

منيپر

19

نيفا

32

هماچل پرديش

33

انهن مان فقط گجرات جي ڌار ڌار حصن ۾ رهندڙن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

ضلعو

سنڌي ڳالهائيندڙ

امريلي

171

احمدآباد

45520

بڙودا

16776

بانس ڪانٺا

4050

ڀڙوچ

875

ڀاونگر

8986

پنج مهل

5711

جهونا ڳڙهه

22867

دانگ

85

راجڪوٽ

9835

سابہ ڪانٺا

1130

سريندر نگر

524

سورت

5813

ڪڇ

18470

کيڙا

4334

مهسانا

5341

 


 

4- نتيجا:

هن ساري بيان مان هي نتيجو ٿو نڪري ته سنڌ ۽ گجرات جا سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي، علمي ۽ ادبي رشتا ڪافي آڳاٽا رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جون ڳالهيون سمجهندا هئا. ٻنهي ملڪن جا ڀر وارا خطا، يعني سنڌ ۾ لاڙ ۽ ٿر وارو حصو، ۽ گجرات جو اولهه وارو خطو ٻه- ٻوليا علائقا هئا. ماڻهن جي اچ وڃ، وڻج واپار، باهمي شادين ۽ ميل جول، مذهبي رشتن سبب سنڌيءَ جو ڪڇي لهجو ڪاٺياواڙي لهجي جي نالي سان اثر انداز رهيو.

غور طلب نقطو هي آهي ته سنڌ جي شهزادين جون شاديون گجرات ۾ شاهي گهراڻن ۾ ٿيون. اهڙيءَ طرح سنڌ جي سمن، سومرن، جتن، منڌرن، نهڙئن، ٻارڻن جي سردارن، حاڪمن ۽ راڄن جي چڱن مڙسن گجرات ۽ ڪاٺياوا مان شاديون ڪيون، يقيناً ٻنهي پاسن طرف پرڻجي آيل نياڻيون ۽ شهزاديون يا ته ساهري گهر جي ٻوليءَ مان واقف هونديون يا ساهري گهر ۾ پرڻجي ويل ڪنوار جي ٻولي پڻ مروج هوندي، نه ته گهرو وهنوار، روزانه زندگيءَ ۾ رهڻ ۽ گذارو ڪرڻ هنن لاءِ ممڪن نه هجي ها.

مطلب ته سنڌي ٻولي مذڪوره علائقن ۾ پڻ چالو هئي. اها ان ايراضيءَ اندر سمجهي ۽ ڳالهائي ويندي هئي. هن ڪتاب ۾ نقشي ذريعي گجرات جو اهو حصو نشان ڪري ڏيکاريو ويو آهي جتي (گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾) سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ممڪن ٿي سگهيو هو.

ببليوگرافي

ڀيرومل آڏواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

خانچند، ڪي- کوڙاڻي ماستر: مضمون: ”ڪاٺي راجپوت“، هفتيوار هندواسي، 11 ڊسمبر 1960ع.

رامچند – ايس- کتري: هنگلاج جي ياترا، ڪراچي، اڇي قبر، رامپاٽ روڊ، 74-1973ع.

رائچند چيلهاري: تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

علي شير قانع: مڪلي نامہ، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.

علي ڪوفي: چچنامو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1954ع.

محمد اسماعيل بيگ ڊاڪٽر: جهونا ڳڙه، حيدرآباد، حميد منزل، فقير جو پڙ، ڪاٺياواڙ پبلشنگ ايجنسي، 1964ع.

مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع.

هفتيوار هندواسي، 13- آڪٽوبر 1964ع.

برهانپور ڪي سنڌي اوليا، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

Edalji Dosabhai, History of Gujrat, Ahmedabad, the United Printing General Agency, Company’s Press 1894.

Imperial Gazetteer of India, VolE XI, London, Trubner & Co. 1815, p.48.

Ibid, Vol. IV, pp. 57-64.

Imperial Gazetteer of India, VolE IX, London, Trubner & Co. 1885, pp. 175-177 & 519.

Ibid, Vol. XIII p. 521.

Ibid, Vol. XIII p. 521.

Ibid, Vol X, pp. 252-53.

Ibid, Vol. IX, pp. 175-177.

Misra, S.C. Muslim Communities in Gujrat, New york, London, Asia publishing House, 1964.

Tod, J., Annals of Rajisthan, Vol.II. p.21.

Wilberforce. H. Bell, The History of Kathaiwar, William Heinemann, London, 1916.

4

راجسٿان ۾ سنڌي ٻوليءَ جوڦهلاءُ

ڪڇ ۽ گجرات وانگر سنڌ ۽ راجسٿان جا ناتا به پراڻا آهن. سرائڪي ٻوليءَ سان نسبت واري باب ۾ توڙي ڪڇ ۾ ڦهلاءٌ واري باب ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته برهمڻ گهراڻي کان وٺي سنڌ جي حڪومت جون سرحدون اوڀر ۾ قنوج تائين هيون. انهيءَ لحاظ سان راجسٿان جو جيسلمير، بيڪانير ۽ جوڌپور وارو خطو قديم زماني کان سنڌ جي حڪومت جي تسلط هيٺ رهيو آهي. تالپرن جي حڪومت ۾ خيرپور جي حاڪم، مير سهراب خان جي حڪومت جون سرحدون اوڀر ۾ جيسلمير جي ريگستاني علائقي تائين هيون.

انهيءَ کان سواءِ سنڌ ۽ راجسٿان جي وچ ۾ موسم آهر لڏ پلاڻ به ٿيندي رهي. جڏهن سنڌ تي غازي محمد بن قاسم حملو ڪيو هو. تڏهن ڪيترائي غير مسلم سنڌي لوهاڻا ۽ ٻيون ذاتيون سنڌ مان لڏي راجسٿان جي غير مسلم رياستن ڏانهن هليون ويون هيون(1).

راجسٿان طرف سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءُ ۾ سگهڙن ۽ سياڻن جو به وڏو هٿ آهي. لسانيات جي محققن جي راءِ آهي ته ناگر اپڀرنش، قديم دؤر ۾ علم ادب جو ذريعو هئي، ۽ جا گجرات، راجسٿان ۽ ان جي اولهه طرف واري خطي تي ادبي لحاظ کان ڇانيل هئي. ڏکڻ، ڏکڻ اوڀر ۾ اڀرندي سنڌ جا گجرات ۽ راجسٿان جي اولهه واري سرحد سان ناتا هجڻ سبب ان وقت جا سگهڙ ۽ سياڻا ٻنهي ملڪن ۾ ايندا رهندا هئا. پروفيسر جهمٽ مل لکي ٿو:

”اپڀرنش مان جدا جدا ديس ڀاشائون جهڙوڪ سنڌي، راجسٿاني، گجراتي ۽ هندي وغيره ڇڄي ڌار ٿيون(1). اها جدائي عيسوي يارهين صديءَ ۾ شروع ٿي، پر پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٻه صديون سنڌ ۽ اولهه راجسٿان جي لوڪ وهنوار ڀاشا ۾ گهڻو ڦيرو ڪين آيو. حڪومتي ٻوليءَ ۾ برابر گهڻو ڦيرو آيو، پر انهيءَ جو لوڪ ڀاشا تي اثر خيرڪو پيو. ڪن سنڌي عالمن عربي ۽ فارسيءَ ۾ ادبي مهارت حاصل ڪئي، پر عام خلق جي ٻولي سنڌي ئي هلندي آئي، جا ان وقت جي اولهه راجسٿانيءَ کان گهڻي علحدي ڪانه هئي. ڪي صديون پوءِ به هاڻوڪيءَ سنڌ جي ڪجهه حصي جو راجسٿان سان سياسي ۽ سموريءَ سنڌ جو راجسٿان سان پنگتي ناتو هلندو آيو“(2).

ڪڇ ۽ گجرات جي حاڪمن وانگر، راجسٿان جي راجائن مان سنڌ جي سوڍن، راڻن ۽ ٻين راجائي ڪل وارن مائٽيون ڪيون. امرڪوٽ جي پرمار راجا سسوڍ جي ڌيءَ سان، لدوري ۽ پونگل جو يادونسي راجا منڊم راءِ پرڻيل هو(3). ٿرپارڪر جا سوڍا به پنهنجون نياڻيون ڪڇ، ماڙواڙ ۽ جيسلمير ۾ پرڻائيندا هئا(4). انهيءَ ڪري سنڌ ۽ راجسٿان جي وچ ۾ سياسي ناتن کان سواءِ سماجي ناتا پڻ قائم هئا.

ببليو گرافي

غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974ع.

جهمٽ مل ڀاوناڻي: ڍولا مارو، بمبئي، هندستان ساهتيه مالا، 1956ع.

رائچند هريجن: تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

(4) Thadhani, T.S. “The Lohanas”, an article published in Journal of Sind Historical Sciety, Vol. VIII, No: 3, Karachi, January, 1948.

5

بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اثر

1- جاگرافيائي حالت:

سياسي لحاظ کان بلوچستان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. انهن مان هڪ حصو ايران جي سرحدن ۾ شامل آهي، جنهن کي ايراني بلوچستان چئبو آهي، ۽ ٻيو حصو پاڪستان جو هڪ صوبو آهي. پاڪستان وارو بلوچستان، جنهن کي 1971ع ۾ صوبائي حيثيت ڏني ويئي آهي، طبعي لحاظ کان هيٺين قدرتي حصن ۾ ورهايل آهي: ساراوان، جهالاوان، مڪران، خاران، قلات ۽ لس ٻيلو.

صوبائي انتظامي لحاظ کان هي صوبو ٻن ڊويزنن ۽ نون ضلعن ۾ ورهايل آهي. اُهي هي آهن:

(الف) ڪوئيٽه ڊويزن ۽ (ب) قلات ڊويزن،

(الف ڪوئيٽه ڊويزن ۾ هي ضلعا شامل آهن: (i) سبي ضلعو، (ii) ڪڇي ضلعو (iii) لورالائي ضلعو، (iv) زهوب ضلعو ۽ (v) چاغي ضلعو.

(ب) قلات ڊويزن ۾ هي ضلعا شامل آهن: (i) سبي ضلعو، (ii) مڪران ضلعو (iii) خاران ضلعو ۽ (iv) لس ٻيلو ضلعو.

2- ٻوليون:

اڳوڻي قلات رياست جي ”خان“ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي گورنر، مير احمد يار خان جي لکت موجب بلوچستان ۾ ٻه – ٻوليائي (دو – زباني) قبيلا جام رهن ٿا(1). هن جي راءِ موجب هن صوبي ۾ جملي ڇهه ٻوليون ڳالهايون ۽ سمجهيون وينديون آهن. 1961ع واري آدمشماريءَ موجب انهن ٻولين جي ڳالهائيندڙن جو ضلعيوار سيڪڙو هن ريت ملي ٿو:


(1)  علي شير قانع: مڪلي نامہ، بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، ص 119.

(2)  ايضاً، ص 98.

(3)  علي شير قانع: مڪلي نامہ، بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، ص 115.

(4)  ايضاً، ص 119.

(1)  Edalji Dosabhai, History of Gujrat, Op. Cit, p.83.

(2)  رائچند چيلهاري: تاريخ ريگستان، ص 70.

(3)  علي شير قانع: مڪلي نامہ بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ ص 131.

(4)  مولا.ي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، ص 392.

(5)  مڪلي نامہ، ص 113.

(1)  مڪلي نامہ، ص 98.

(1) Misra, S.C. Muslim Communities in Gujrat, New York, London, Asia publishing House, 1964, p.71.

(2) Ibid, p.136.

(1)  ڊاڪتر نبي بخش خان بلوچ: خليفي صاهب جو رسالو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع، ص ص 18-19.

(1)  مولائي شيدائي، تاريخ تمدن سنڌ، ص 416.

(2)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، ص 416.

(3) Misra, S.C., Op, Cit. pp. 11& 13.

(4)  پير ستگر نور نوساري ۾ مدفون آهي. پير حسن ڪبيرالدين اوچ شريف ۾، پير تاج الدين تلهار ۽ ٽنڊي باگي جي وچ ۾، ڳوٺ اڇ شريف وٽ ۽ پير امام شاهه، احمدآباد جي ويجهو پيراڻا ۾ آرامي آهي.

(5)  ڏسو: هندواسي، 13 آڪٽوبر، 1964ع، ص 2.

(1) Thadhani, T.S. “The Lohanas”, an article published in J.S.H.S., VolE VIII, No. 3, January 1948, p. 166.

(1)  سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي سلسلي ۾ ڏسو:

الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974ع.

(2)  جهمٽ مل ڀاوناڻي: ڍولا مارو، بمبئي، هندستان ساهتيه مالا، 1956ع، ص 77.

(3)  رائچند هريجن: تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ص 27.

(4)  ايضاً.

(1) Mr. Ahmed Yar hkan Baluch, Inside Baluchistan, an autobiography, Karachi, Royal Book company, 1975, pp. 4 and 5.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com