سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ

باب: --

صفحو :5

سمنڊ جي ڪنارن تي رهندڙ مهاڻا، هندو توڙي مسلمان آهن. بڙهالي نالي هڪ مسلم قوم پڻ هن ايراضيءَ ۾ ملي ٿي. اهي سڀ قومون گهرو ۽ ٻاهرئين وهنوار ۾ عام طور ڪڇي ڳالهائين. واپاري ڏي- وٺ ۾ پنهنجي زبان پيا استعمال ڪندا آهن. سندن ٻوليءَ تي جيتوڻيڪ مقامي ماحول، رسم ۽ رواج اٿڻي ويهڻي، مقامي جاگرافيائي حالتن جو اثر ٿيو آهي، سندن زبان اتي جي گجراتي واپارين وغيره جي زبان جو اثر قبول ڪيو آهي، پر سندن ٻولي اهي اثر وٺندي، انهيءَ اثر جي ڪري نئين ڍنگ ۽ نئين ڍار سان قائم رهندي آئي آهي. ڪٿي ان کي ڪڇي سڏيو ويو ته ڪٿي ميمڻي، ته ڪٿي وري جهوناڳڙي. بهرحال اها زبان اڄ به قائم آهي، ۽ جيڪا اڄ به ڪڇي، ڪاٺياواڙ واري باب ۾ هن جو وڌيڪ ذڪر ڪيو ويو آهي. مگر هت ايترو ضرور چئبو ته انهن ٻولين جي ڳالهائڻ وارا توڙي معياري سنڌي ڳالهائيندڙ هڪ ٻئي کي چڱي طرح سمجهي سگهندا آهن.

4- علم ادب:

سنڌي علم ادب جي تاريخ جي ماهرن کي معلو آهي ته سنڌ ۾ مبلغن ۽ ديني مدرسن ۽ درس ڏيندڙ عالمن، نو مسلمن لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکيا ته جيئن اهي نو مسلم اسلام جي تعليم کان واقف ٿي سگهن.

مٿي اسماعيلي مبلغن جي تبليغ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اسماعيلي مبلغن ۽ داعين پنهنجي نو مسلم مريدن لاءِ نثر توڙي نظم ۾ اسلام جا اصول بيان ڪيا انهن جو تفصيل سان فڪر ماهوار نئين زندگيءَ جي فيبروري ۽ مارچ 1972ع وارن پرچن ۾ ڪيو ويو آهي.

اسماعيلي مبلغن مان پير ستگر نور، پير شمس سبزواري ملتاني، پير صدرالدين، پير حسن ڪبيرالدين ۽ پير امام شاهه جو گهڻو ڪلام سنڌي زبان جي ڪڇي لهجي ۾ پڻ آهي. اهو ڪلام خواجڪي سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکت جي صورت ۾ اڄ پڻ ڪڇ، گجرات، سنڌ ۽ ٻين هنڌن اسماعيلي جماعت وٽ موجود آهي.

اسماعيلي مبلغن جي ڪلام کان سواءِ ڪڇ ۾ ٻيا به ڪيترائي عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا، جن پنهنجي ڪڇي لهجي ۾ الف اشباع واري قافيي ۾ ديني تعليم جا منظوم ڪتاب لکيا. مخدوم عبدالله عرف ميان موريو، نرئي وارو، انهن مان هڪ ٿي گذريو آهي، جو پوءِ ڪڇ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي رهيو. هن سلسلي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو:

”مخدوم عبدالله ذات جو منڌرو هو ۽ بدين تعلقي ۾ مانڌر واري ايراضيءَ جو رهندڙ هو. ننڍي هوندي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان تعليم ورتائين. هو پوءِ ڪن اڻٽر سببن جي ڪري مانڌر مان لڏي، ڪڇ ملڪ ڏانهن هليو ويو، ۽ اتي نريي نالي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو؛ پر اتي به هن کي نه سٺو ويو، لاچار اتان به لڏي ٻئي ڳوٺ، سريءَ (تعلقو ابڙاسو) ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي لاڏاڻو ڪيائين. سندس قبو به سريءَ ۾ آهي. ڪڇ جو راجا به مخدوم صاهب جو معتقد هو. مخدوم صاحب جو اولاد ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي. مخدوم صاهب جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو سندس پوين وٽ ڪڇ ۾ رهجي ويو(1).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”مخدوم عبدالله، ڪنزالعبرت جو مصنف نريي جو رهندڙ هو“(2).

ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو:

”خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا ابا ڏاڏا اصل عربستان جا ويٺل هئا، پر پوءِ ڪن سببن ڪري عباسي خليفن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ ڏي لڏي آيا، ۽ ٺٽي جي ڀرسان اچي ويٺا. نائين صديءَ ۾ جڏهن سمن ۽ سومرن جي گهرو لڙاين ڪري ملڪ ۾ امن امان خير هو، تڏهن سنڌ مان موڪلائي ڪڇ وڃي قراري ٿيا، پر سندن روحاني ناتو سنڌ سان هلندو آيو. سن 910هه (1504ع) ڌاري شيخ عبداللطيف ڪلان پنهنجن سنڌي مريدن جي ميڙ منٿ تي وري اباڻي ماڳ موٽي آيو، ۽ ان وقت کان وٺي اڄ تائين اهو خاندان سنڌ ۾ رهندو اچي“(3).

مولانا حامد ڀڄ واري جو نالو به ذڪر ڪرڻ جي لائق آهي، جنهن فقہ حنفيءَ جي مسئلن تي 1240هه ۾ الف اشباع جي قافيي ۾ سنڌي زبان ۾ سراج المومنين نالي ڪتاب لکيو. هي قلمي نسخو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.

اهڙيءَ طرح ڪڇ جي شاعرن مان هيٺين جا نالا مشهور آهن(4):

(i)  پير غوث محمد لکپت وارو  (ii) سيد مير صاحب آرکاڻي وارو، (iii) باقر شاهه ناڙاپي وارو (iv) عمر لوهار، ٻائٺ وارو، (v) سيد قاسم، مڏئي بندر وارو، (vi) منٺار شاهه. (vii) ميرڻ ملوڪ کوڙ لکپت وارو، (viii) چڱو جت ۽ (ix) عمر منڌرو.

انهيءَ کان سواءِ شاهه جي رسالي جا وڏي ۾ وڏا ڄاڻو فقير به ڪڇ ۾ ئي ٿي گذريا آهن. شاهه جي رسالي جا ڪيترائي قلمي نسخا ڪڇ ۾ لکيا ويا(2). ماستر محمد سومار شيخ کي ڪڇ مان شاهه جي رسالي جو مٺو شاهه وارو نسخو هٿ آيو هو، جيڪو هن ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي حوالي ڪيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر بلوچ صاهب پڻ شاهه جي رسالي جي ايڊٽ ڪيل هڪ نسخي ۾ ڪڇ ۾ لکيل شاهه جي رسالي جي قلمي نسخي جو ذڪر ڪيو آهي، جو 1279ع ۾ لکيو ويو هو(3). ڪيٽي بندر ۾ رهندڙ احمد فقير جت، شاهه جي رسالي جو هڪ وڏو ڄاڻو ليکيو ويندو هو. هن ڪجهه سال اڳ وفات ڪئي هئي. اصل ڪڇ جو رهاڪو هو. اهڙيءَ طرح قاسم فقير ڳائڻي کي شاهه جو ڪلام ياد هوندو هو. احمد فقير جت جو پٽ رمضان فقير جت اصل ڪڇ جو رهاڪو هو، جو بدين طرف رهندو هو. تازو وفات ڪري ويو. پنهنجي دؤر ۾ سنڌ ۾ لطيف تي ملڪو رکندڙ فقير هو.

13 مئي 1982ع تي، ڪيٽي بندر ۾ حاجي طيب فقير جت سان ڪچهري ڪئي وئي. هُو به لطيف جي ڪلام جو وڏو حافظ هو. هو اصل لکپت کان ٻاهر هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو. وٽس ڪي ڪتاب به هئا، جيڪي هو ڪڇ ۾ ڇڏي آيو. ڪيٽي بندر ۾ صديق فقير جت لطيف جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو فقير رهندو هو.

اڄ پڻ ڀڄ ريڊيو تان صبح جو سوير ڀڄنن واري پروگرام ۾ شاهه جو ڪلام توڙي ٻين صوفين فقيرن جو سنڌي ۽ ڪڇي زبانن ۾ ڪلام، ڳايو ويندو آهي.

ڪڇ- ڀڄ ۽ راڄڪوٽ ريڊيو ٻڌندڙ دوستن کي معلوم آهي ته روزانه پرڀات جو ڀڄنن واري پروگرام ۾ شاهه ڀٽائي، سچل ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي واين ۽ ڪافين کان سواءِ ڪڇ جي شاعرن جو ڪيترو ئي ڪلام اتي جي ڳائڻن جي آوازن ۾ نشر ڪيو ويندو آهي.

هن وقت به ڪڇ ۾ بيشمار شاعر موجود آهن جيڪي ڪڇي زبان ۾ پنهنجا خيال ظاهر ڪندا آهن. ماستر محمد سومار شيخ ڪڇ ۾ سير سفر ڪري ڪڇي شاعرن جو چيل ڪلام گڏ ڪيو، جيڪو ڪتابي صورت ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان’ڪڇين جا قول‘ جي عنوان سان ڇپجي ظاهر ٿيو.

ڪڇ جي حاڪمن پڻ سنڌي (ڪڇي) زبان کي ڏاڍو همٿايو. هنن چارڻن فقيرن ۽ شاعرن کي وڏا وڏا انعام ڏنا. ۽ لاکي جي پي ڄام ڦل، بهاولپور جي چارڻ کي وڏا وڏا انعام ڏنا. ڄام ڏيسر، ميانجي حسن آرکاڻي نالي شاعر کي خوب نوازيو. ميانجي حسن راءِ کنگهار جو درٻاري ڳائڻو هو(1).

هن ڏس ۾ هندستان کان لڏي آيل هڪ ميمڻ دوست، محترم يحيٰ ڀاواڻيءَ سان اوچتو ملاقات ٿي، ۽ ساڻس طويل گفتگو پڻ ٿي. هو هن وقت سنڌي ۽ گجراتي لوڪ گيتن جو مطالعو ڪري رهيو آهي. روزانه گجراتي اخبار ”وطن“ جي آچر 17-9-1978ع واري پرچي ۾ مسٽر ڀاواڻيءَ ”هو جمالو“ جي عنوان وارو مشهور سنڌي لوڪ گيت، ڪڇي لوڪ گيت جي عنوان سان ڏنو آهي. جو ڪڇ ته عام طور ۽ عوامي زندگي ۾ ڳايو ويندو آهي، مسٽر يحيٰ ڀاوائي طرفان اخبار وطن ۾ چيايل ”هو جمالو“

 کي ڪڇي لوڪ گيت ليکيو ويو آهي. هو لکي ٿو ته ”هي گيت دَليراءِ ڪارانيءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڪڇ نو لوڪ ساهتيه“مان صفحي 334 تان نقل ڪري ڏنو ويو آهي.“ پنهنجي ريمارڪ ۾ ڀاواڻي صاحب لکي ٿو ته: هو جمالو لوڪ گيت ۾ سنڌين ڪڇ جي ماڻهن جي گهڻي واکاڻ ڪئي آهي. مسٽر ڀاواڻي ”هو جمالي“ جا ٻول هن ريت رڪارڊ ڪيا آهن:

هو جمالو ري ٻيلي!

هو جمالو.

جمالو جتن جو،

هو جمالو.

اسين ٻيلي کٽياسين،

هو جمالو.

اسين ماڻهو ڪڇ جا،

هو جمالو.

اڇا چوکا کير ۾،

هو جمالو.

رتا چوکا ڇاءِ ۾،

هو جمالو.

ڪارا ڏونگر ڪڇ جا،

هو جمالو.

ڪارا ميگهه ملهار ٻيلي،

هو جمالو.

ڌورا ڌڻ ڌڻار جا،

هو جمالو.

ڌورا ڌاٻر چير ٻيلي،

هو جمالو.

مٺا ماڙهو ڪڇ جا،

هو جمالو.

مٺا مينهين کير ٻيلي،

هو جمالو.

هن لوڪ گيت کان سواءِ مسٽر ڀاواڻيءَ ”پڻهاريءَ جي لوڪ گيت“ جي عنوان سان ٻيو هڪ ڪڇي لوڪ گيت پڻ مون کي ڏنو هو، جنهن جا ٻول هي آهن:

پڻهاريءَ جو گيت

ڪدي پاڻي را ڪين ويڄا؟ پَوَن تو لڳي.

پَون تو لڳي - اي – نجر (نظر) تي لڳي.

منهنجي ويڻي ويکاجي .... پَوَن تو لڳي.

منهنجا ڦلڙا ڪرماجي .... نجر (نظر) تي لڳي.

منهنجي مينڌري رنگاجي ....پَوَن تو لڳي.

رتو رنگ رجٺاج .... نجر (نظر) تي لڳي.

منهنجي چيل لچڪاجي .... پَوَن تو لڳي.

منهنجي هيل ڪين ڀراجي .... نجر (نظر) تي لڳي.

ڪڇ جي شاعرن جي جوڙيل ڪلام جو موضوع ۽ مضمون لڳ ڀڳ ساڳيو سنڌ وارو آهي، يعني اخلاقي ۽ صوفياڻي ڪلام، جنهن ۾ دنيا کي فاني سمجهڻ، عبادت ڪرڻ، چڱا ڪم ڪرڻ، هٺ وڏائي، لوڀ ۽ لالچ کان پرهيز ڪرڻ جهڙا مضمون بيان ڪيل آهن. ڪڇ جي شاعرن جون پسنديده صنفون ڪافي، بيت، دوها ۽ سورٺا آهن.

5- ڪڇي لهجي جو مطالعو:

هن باب ۾ ڪڇي لهجي جي صوتياتي، اصواتي، صرفياتي ۽ نحوي صورتن جو جائزو وٺڻ وڏي ڊيگهه ٿيندي ڇو ته گريئرسن لکي ٿو ته: ”سنڌي زبان جي وچولي لهجي، لاڙي لهجي ۽ ڪڇي لهجي ۾ تمام گهڻي يڪسانيت آهي، البت نحوي خزاني ۾ ڪجهه ڦير گهير آهي.“ بهرحال هيٺ ڪي مثال ڏجن ٿا ته جيئن پڙهندڙن کي ڪڇي لفظن جي اچار ۽ معياري لهجي واري اچار جي خبر پوي ۽ صوتياتي فرق محسوس ٿي سگهي. هن ڏس ۾ ڀيرومل لکي ٿو ته:

”ڪڇڪيءَ جي اچارن ۾ ڦير آهي، ۽ ڪيترا لفظ ۽ اصطلاح ٻيا اٿس“. ڀيرو مل جي راءِ موجب ڪڇڪي ۽ لاڙيءَ ۾ جيڪا مشابهت آهي، تنهن جو ثبوت هيٺ ڏنل مثالن مان ملندو(1).

(i) لاڙيءَ وانگر اُچارن کي سسائڻ جي عادت اٿن،

مثلاً (2):

معياري اُچار

ڪڇي اُچار

ڏنائينس

ڏنينس

پڇيائينس

پڇينس

(ii) لاڙيءَ وانگر ”هه“ کي حذف ڪريو ڇڏين:

معياري اُچار

لاڙي اُچار

ڪڇي اُچار

ڪنهن

ڪين

ڪين

تنهن

تين

تين

(iii) لاڙين وانگر اِتان جي بدران چون اِئان

جتان جي بدران چون جِئان

(iv) لاڙين وانگر گهر وغيره جي تغيري صورت کي ڊگهو ڪن:

معياري اُچار

ڪڇي اُچار

گهر ويو

گهرين ويو

جانور کي چارو ڏي

جانورين ڪي چارو ڏي

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته ٻوليءَ جي مطالعي لاءِ معتبر شاعر جو شعر ڄڻ ڪسوٽي آهي. پنهنجيءَ دعويٰ جي دليل لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڪڇ جي شاعرن جي شعر مان ڪجهه مثال ڏنا آهن. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:

”ڪڇي ٻوليءَ جي مطالعي واسطي ڪڇ جي شاعرن جي شعر کي پيش ڪنداسون. اهو شعر ڪڇي ٻوليءَ جي دارجه (Colloquial)، توڙي پڪي زبان (Standard) ۾ چيل آهي. اسان ٻئي جنسون پيش ڪنداسون، انهيءَ لاءِ ته اسان کي ’ڪڇي محاوري‘، جي ڪماحقه ماهيت معلوم ٿئي“(1).

ڊاڪٽر صاحب مئين ملوڪ کوڙ ۽ منٺار شاهه جون ٻه ڪافيون مثال طور ڏيئي، پڪي زبان (بقول ڊاڪٽر صاحب جي) جي سمجهاڻي ڏني آهي.

مئين ملوڪ جي ڪافي:

ٿلهه: سچ وڃي سهڻي پرندي

ساريون راتيوپن سمونڊ ۾

(1) پي ني پيالو پر ٿئي، چڪي مان چاندي

ساريون راتيون .... ....

(2) لهريين لوڏي ڇڏئي، ڪن به ٿيا هس ڪانڌي

ساريون راتيون .... ....

(3) محبن سان ميون ملوڪ چئي، هئان سل هيڪاندي

ساريون راتيون .... ....

منٺار شاهه جي ڪافي:

ٿلهه – لڳو ماءُ مون کي جوڳيئڙن جو ٻاڻ،

لڳو ماءُ مون کي ساميئڙن جو ٻاڻ.

(1) جوڳي هئڙا جوءِ ۾ الالا!

راتو دينهن هئي رهاڻ.

(2) سامي سنڀوڙا سفر کي الالا!

ڪوئي نه ڪيائون پرياڻ.

(3) مڙيون ڏسي ميون منٺار چئي الالا!

سک نه اچي ٿو هاڻ.

انهن ٻن ڪافين کي حوالي طور ڏيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو.

”مٿين ٻن ڪافين مان نظر ايندو ته پڪو ڪڇي محاورو ۽ پڪي سنڌي ٻولي ڄڻ ساڳي ڳالهه آهي. پهرينءَ ڪافيءَ ۾ ’ٿئي‘ ۽ ’ڇڏئي‘ لفظ خالص ڪڇي محاوري مطابق آهن، ۽ پڪي سنڌيءَ جي ’ٿي‘ ۽ ’ڇڏي‘ جي برابر آهن. ٻيءَ ڪافيءَ ۾ ’مڙهيون‘ جي بدران ’مڙيون‘ آيل آهي. اهو ’هه‘ جو ڪيرائڻ لاڙ، لس، توڙي جبل جي محاورن ۾ عام مروج آهي.“

اهڙيءَ طرح ساڳئي مضمون ۾ اڳتي صفحي 231 تي سيد ميان شاهه (ساڪن آرکاڻو) جي ڪافيءَ ۾ ڪم آندل لفظن جو جائزو هن ريت آهي:

سيد ميان شاهه جا ڪم آندل لفظ

معياري سنڌي

آن جي

اوهان جي

آن جو

اوهان جو

آيان

آهيان

والنڀ

بالم (پيارو، محبوب)

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مقالي جي آخر ۾ ڪڇي لهجي جي باري ۾ جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن سي هن ريت آهن(1):

(i) پڪي ڪڇي محاوري ۽ پڪي سنڌيءَ ۾ بلڪل ٿورو فرق آهي.

(ii) ڪڇي محاوري جون لساني خوبيون ساڳيون لاڙي، کاري، لس ۽ جبل جي محاوري جهڙيون آهن.

(iii) لب و لهجي ۽ لفظن جي اُچار ۽ آواز ۾ ڪڇي محاورو ڄڻ ٺيٺ لاڙي محاوري جهڙو آهي.

(iv) ”ڊ“ ۽ ”ٽ“ جا اُچار ڪڇي محاوري ۾ سنڌ جي محاورن کان نسبتاً بهتر ۽ صحيح حالت ۾ موجود آهن.

(v) ڪڇي محاوري ۾ ڪي الفاظ هندو تهذيب جي زير اثر رائج ٿيل آهن.

(vi) ڪڇي محاوري ۾ وڏو تعداد انهن لفظن جو آهي جي  خود هن محاوري جي مڪاني سرزمين ۽ ان جي تمدن جي پيداوار آهن.

جيئن لاسي لهجي واري باب ۾ ڏٺو ويندو ته لاسي لهجي ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ موجود آهن، جيڪي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ معياري لهجي ۾ هڪجهڙا آهن، پر لغت ۾ اهي الڳ آهن. اهڙن لفظن تي مشتمل ڪڇي لفظن جي لغت تيار ڪري سگهجي ٿي. هت ڪي ٿورا مثال ڏجن ٿا:

ڪڇي لهجي جا لفظ(1)

معياري لهجي ۾ نعم البدل

ڪڇي لهجي جا لفظ(2)

معياري لهجي ۾ نعم البدل

اوڙکڻ

سڃاڻڻ

ورياري

وڏف

ٻاپو

بابو

ڏيلو

اوطاق

ٻايڙي

زال

ڦاريو

پٽڪو

پڳ

پير

پڳرکو

جتي

ڦڳائڻ

اُڇلڻ

چيڻي

سٿڻ

ڏونگري

بصر

سيلري

ڪمند

لسڻ

ٿوم

هولو

ڳيرو

روسڻ

ڪُهڻ

سوڙو

طوطو

جهمڻ

کائڻ

آساڏ

آکاڙ

آڍي

اڍائي

سراڻ

سانوڻ

کاوو

کاڌو

سيراڻ

نيرن

ڳٽا

گراه

سيڻ

سرڻ (پکي)

ريڱڻا

واڱڻ

ڪرو

ڇا

گيسوڙي

توري

ڪُ لا ء

ڇالاءِ

جوڙو

جتي

ڪماڙ

در

گاگرو

پڙو

جهمڻ

کائڻ

6- ڪڇي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد:

هاڻ ڏسڻ گهرجي ته ڪڇي ڳالهائيندڙن جو تعداد ڪٿي ڪٿي آباد آهي، ۽ ڪيترو آهي؟

ڪڇ جي اتر طرف سنڌ ۾ لاڙي لهجو ڳالهايو ويندو آهي. اوڀر طرف گجراتي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي ۽ ڏکڻ ۾ ڪاٺياواڙ ۽ گجراتي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن.

ڪڇ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن. برهمڻ ۽ واڻيا گجراتي ڳالهائين. آهير، چارڻ، جت ۽ ٻيا مالوند ماڻهو ۽ ڀاڳيا روزانه استعمال ۾ ڪڇي ٻولي ڳالهائين. اهڙيءَ طرح جاڙيجا، لوهاڻا، ڀاٽيا ۽ ٻيا سنڌ کان آيل قبيلا ڪڇي ڳالهائين.

هيءَ ٻولي نه فقط ڪڇ ۾ ڳالهائي ويندي آهي پر اهي ماڻهو جيڪي ڪڇ مان لڏي ڀر وارين رياستن ۽ ايراضين ۾ وڃي آباد ٿيا آهن، انهن ڪڇيءَ کي اوڏانهن وڌايو ۽ ويجهايو آهي. اهڙيءَ طرح 1931ع، 1951ع ۽ 1961ع جي مختلف آدمشماريءَ موجب ڪڇي ڳالهائيندڙن جو تعداد هيٺ ڏجي ٿو:

1931ع واري آدمشماريءَ موجب ڪڇي ڳالهائيندڙن جو تعداد 452428 آهي. ڪڇي ٻولي جن جن خطن ۾ ڳالهائي ويندي هئي، تن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد مختلف سالن جي آدمشماريءَ جي حوالي سان هيٺ ڏجي ٿو:

نمبر

خطي جو نالو

1931

(1)

هالار اسٽيٽ جا ڀاٽيا ۽ ٻيا

8000

(2)

بمبئيءَ ۾ ڪولابا ۽ ٻيءَ ايراضيءَ ۾

45000

(3)

ڪڇ

311000

(4)

ڪاٺياواڙ

76214

(5)

بڙودا رياست جي امَريلي پرانت ۾

12214

ڪڇي لهجي کان سواءِ ڪڇ ۾ معياري سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 18470 رهي ٿو جيڪي آزاديءَ کان اڳ توڙي پوءِ ڪڇ ۾ وڃي آباد ٿيا آهن.

هن سڄي بحث جو تت هي آهي ته ڪڇ ۾ سنڌي زبان جو اثر قديم زماني کان رهيو آهي ۽ انهيءَ ڪري لساني جاگرافيءَ جي نقشي ۾ ڪڇي زبان کي سنڌي زبان سان شامل ڪرڻ گهرجي.

 


ببليوگرافي

اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنده، حصه اول، لاهور، انجمن ترقيءِ اردو، 1971ع.

ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: ڪنزالعبرت، مهاڳ، ڪراچي، 1961ع.

علي شير قانع: تحفةالڪرام، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

علي شير قانع: تحفةالڪرام، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع.

علي شير قانع: مقالات الشعرا فارسي، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين شاهه راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

غلام رسول مهر: تاريخ ڪلهوڙا، جلد دوم، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.

گربخشاڻي، هه – م، ڊاڪٽر: روح رهاڻ، حيدرآباد، سنڌي ڪتاب گهر.

لڇمڻ خوبچنداڻي: مقالو، ”ڪڇ جون جاتيون ۽ ٻوليون“، هندواسي، 20 – ڊسمبر، 1962ع.

محمد سومار شيخ: مقالو، ”ڪڇي ۽ سنڌي ٻولي“، ماهوار نئين زندگي. ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنز، جنوري، 1961ع.

مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي 1957ع.

مير محمد بن جلال تتوي: ترخان نامه، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع.

مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1953ع.

نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: لاکو ڦلاڻي، حيدرآباد، سنڌي مجلس، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، 1958ع.

ايضاً، مقالو: ”سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو“، مهراڻ جون موجون، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنز 1956ع.

ايضاً: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، حيدرآباد 1962ع.

ايضاً: شاهه جي رسالي جي ترتيب، حيدرآباد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز، 1974ع.

نائون مل: يادگيريون، مترجم محمد حنيف صديقي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1968ع.

Aitken, E.H., Gazetteer of the Province of Sindh, Karachi, American Press, 1907.

Captain Wilberforce, H.Bell, The History of Kathiawar, London, William Heinemann, 1916.

Grierson, H., Linguisic Survey of India, Vol. VII, 1919.

Raverty, H.K., Mehran of Sindh, Calcutta, 1892.

Sigrid Westphal Hellusch Dr. and Heinz Westphal Dr. Duncker and Humbolt, The Jats of Pakistan, Berlin, Duncker Humbolt, 1964.

Smyth, J.W., Gazetteer of the Province of Sindh, Vol. B, 1919.

thadhani, T.S., “The Lohanas,” an article published in J.S.H.S., Vol. VIII, No. 3, Karachi, January, 1948.

Imperial Gazetteer of India, Vol. JV.


(1)  علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: ڏسو مهاڳ ڪتاب ڇپايل مولانا محمد مدني، ڪراچي، 1961، ص ص –ب ۽ ج.

(2)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو سرحد ۽ ان جو ڪڇي محاورو“، مهراڻ جون موجون، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن 1956ع ص 22.

(3)  ڊاڪٽر دائود پوٽو: ابيات سنڌي، ڪراچي، ايڊيوڪيشنل پبلشنگ مهاڳ

(4)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو“، 1956ع، ص 229.

(2)  پرسو گدواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي ياترا.

(3)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: شاهه جي رسالي جي ترتيب، حيدرآباد، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه  ثقافتي مرڪز، 1974ع، ص 3.

(1)  محمد سومار شيخ: مقالو ”ڪڇ ۾ سنڌي ٻولي“، ماهوار نئين زندگي، جنوري. 1961ع. ص-7.

(1)  ڀيرومل آڏواڻي: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ 152

(2) هي رايو عام لسانيات جي اصطلاحن موجب ٻيءَ طرح هئين لکيو. ڪڇي لهجي ۾، لاڙي کهجي وانگر برن کي حذف ڪرڻ جي عادت عام آهي.

(1)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مقالو ”سنڌي ٻولي جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو“ مهراڻ جون موجون، 1956ع، ص ص 229 ۽ 230.

(1)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مقالو ”سنڌي ٻولي جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو“ مهراڻ جون موجون، 1956ع، ص 235.

(1)  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 154.

(2)  ايضاً، ص ص 236 ۽ 237.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com