سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ

باب: --

صفحو :3

جڏهن ڪنهن به هڪ طرف هليو وڃبو، تڏهن تفاوت وڌندو ويندو آهي، تان جو هڪ اهڙي هنڌ پهچي وڃبو، جتي لساني خيال کان گهڻو ئي فرق محسوس ڪبو. جيتوڻيڪ لساني تفاوت ڏيکارڻ لاءِ اُتي ڪا به حد مقرر ڪانه هوندي آهي، تاهم هڪ لهجو اوستائين پنهنجي خاتمي وارا نشان يا حدون ڏيکاريندو آهي. اهڙيءَ حد يا نشان کي ”لهجي جي حد“ (Dialect area) چئبو آهي. لهجن جي خاتمي وارين حدن تي، حدن جا نشان (خيالي ليڪون) نقشي تي ڏيکاري سگهجن ٿيون. اهڙين خيالي ليڪن کي لسانيات جي ماهر آئسو گلاسز (Isoglosses) سڏيو آهي(1).

7- ٽيون سبب ’سياسي حالتون‘ ڄاڻايو ويو آهي. ساڳي حڪومت، ساڳيو مذهب، باهمي شاديون ۽ ميل جول جو رواج، زبان جي لهجي جي تقسيم جو ڪارڻ آهن: يعني ته ’لاسي‘ ۽ ’ڪڇي‘ لهجا، سياسي حالتن، مذهبي، باهمي شادين ۽ ميل جول ڪري ئي سنڌي زبان سان مائٽي ڳنڍي ويٺا. ڪڇ ۽ لس ٻيلو سون سالن تائين سنڌ جي سياسي تسلط هيٺ رهيا. سمن ڄامن سان عزازت هئڻ ڪري، ٻنهي خطن سان سنڌ وارن جو ميل جول گهڻو رهيو، جيتوڻيڪ هن وقت ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ جهونا ڳڙهه، سياسي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ کان ٻاهر آهن، پر لساني حد بندي ڏيکاريندڙ ليڪون، يعني آئسو گلاسز، سياسي حدون ڏيکاريندڙ ليڪن تي حاوي آهن، ۽ ’ڪڇي‘ توڙي ’جهونا ڳڙهي‘ لهجن کي سنڌي زبان جي لهجن ۾ داخل ڪن ٿيون. اهڙي طرح ’لاسي‘ لهجو به سنڌي زبان جو لهجو آهي. بلڪل ساڳيءَ طرح پارڪر وارو حصو سياسي لحاظ کان سنڌ ۾ شامل آهي ۽ پاڪستان جو حصو آهي، پر لساني حدون ڏيکاريندڙ ليڪون، زبان جي خطي جي تقسيم ڪندي، ’ڍاٽڪي لهجي‘ واري ايراضيءَ کي ’راجسٿاني ٻوليءَ‘ جي ايراضيءَ ۾ شمار ڪن ٿيون(1). اهڙيءَ طرح مڪران واري خطي ۾ ’جدگالي‘ ’گوادري‘ ۽ ’اورماڙي‘ لهجا ۽ سبي ۽ ڍاڍر واري ايراضيءَ ۾ ’فراڪي ٻولي‘ سنڌي زبان جا لهجا آهن.

هاڻ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌي زبان جي انهن سڀني لهجن جو جائزو وٺجي. هن لاءِ هڪ وڏي رٿا جي ضرورت آهي، پر في الحال هت مٿي ڄاڻايل سببن جي روشنيءَ ۾ سنڌي زبان جي لسانياتي جاگرافيءَ جو هڪ تفصيلي جائزو حوالن جي مدد سان ورتو ويو آهي.

مددي ڪتابن جي فهرست

 

انگريزي ڪتاب

Bloomfield, L., Language, London, George Allen & Unwin., 1961.

Bloch, B. and Trager G.L., “An Outline of Linguistic Analysis”, Linguistic Society of Americe, 1949.

Haim, S.: New Persian – English Dictionary, Tehran, Beroukimg, Booksellers and printers, 1936.

Hocket, C.F., A Course in Modern Linguistics, Macmillan & Co., New York, 1960.

Jones, D., An Outline of English Phonetics, Cambridge W. Hoffer & Sons Ltd., 1960.

Lane’s. S., Arabic- English Lexicon, Book I. Part VII, London, 1885.

Ibid., Book I, Part II.

سنڌي ڪتاب

آڏواڻي ڀيرومل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

گربخشاڻي، هه – م: مقدمه لطيفي، حيدرآباد، اسلاميه پريس، 1950ع.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“، حيدرآباد، 1962ع.

ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پهچ ۽ پکيڙ

سياسي لحاظ کان ڪڇ هن وقت، پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جو حصو نه آهي، پر تاريخي جاگرافيائي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ لساني لحاظ کان ڪڇ قديم زماني کان وٺي سنڌ جو حصو رهيو آهي، ۽ اڄ به سنڌ جو حصو آهي(1). مذهبي پرچار، وڻج واپار، زراعت، سماجي ڳالهين، شادين مرادين، ميلن، ملاکڙن، اوليائن جي ڏيهاڙن، قومن ۽ قبيلن جي اچ وڃ ۽ علم ادب جي ڪري ڪڇ کي سدائين سنڌ جو حصو ڪري پئي سمجهيو ويو آهي.

ڪڇ جو اپٻيٽ، ڪاٺياواڙ جي اتر ۾، ۽ پاڪستان جي سنڌ صوبي جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هي خطو اوڀر کان اولهه ۾ 160 ميل، ۽ اتر کان ڏکڻ تائين 35 کان 70 ميل ويڪرو آهي. ڀارت کان اوڀر ۽ اتر طرف کان ڪڇ جي رڻ جي ڪري مهينن جا مهينا ڪٽيل رهندو آهي. ڏکڻ طرف ڪڇ جي نار، اولهه طرف عربي سمنڊ ۽ پراڻ جي ڇوڙ، ڪوري کاريءَ جي ڪري، هي حصو سنڌ سان ڳنڍيل رهيو ، ۽ هن خطي جا سنڌ سان تمام گهاٽا تعلقات رهيا آهن(2).

2- ڪڇ ۽ سنڌ جا ناتا:

مختلف تاريخن مان اهي حقيقتون واضح ٿين ٿيون ته تاريخي دؤر جي شروعات کان وٺي، ڪڇ واري علائقي جا سنڌ سان قديم زماني کان وٺي ناتا رهيا آهن، بلڪ سنڌ جي حڪومت جون سرحدون اوڀر ۾ ڪنوج تائين هيون، ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾ ڪڇ وارو سارو علائقو سنڌ جي حڪومت جي حدن ۾ اچي ٿي ويو.

سنڌ گزيٽيئر ۾ ايٽڪن بيان ڪيو آهي ته:

”ڪڇ جو رڻ، سنڌ جي ڏکڻ- اوڀر واري سرحد آهي، جا راجپوتانا کان سمنڊ تائين پکڙيل آهي. اڄ ڪلهه اهو خطو ڪلر بنجي ويو آهي، پر سڪندراعظم جي اچڻ وقت هي خطو هڪ نار جي شڪل ۾ هو. هن ۾ دريا جو پاڻي ايندو هو. پر ان ۾ دريا جو پاڻي، ڪوري کاريءَ ذريعي سمنڊ ۾ داخل ٿيندو هو، جنهن تي سنڌ ۾ علي بندر ۽ سنڌڙي بندر هوندا هئا، جن ڪڇ جي آبادي ۽ ترقيءَ ۾ وڏو ڪم ٿي ڪيو.

هن کاريءَ ذريعي سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ آمدرفت ٿيندي هئي. ٻئي پاسي موجوده شاهبندر سب- ڊويزن ۾ سير کاريءَ تي سنڊو بندر ۽ مل کاريءَ تي شاهبندر آباد هوندا هئا، پراڻ دريا ذريعي لکپت تائين آمدرفت جاري هوندي هئي. لکپت کان ٽيهه ميل پري ۽ علي بندر کان ويهن ميلن جي مفاصلي تي سنڌڙي بندر، ۽ ان جي حفاظت لاءِ قلعو هوندو هو، جتي ڪڇ جي راجا هڪ سرحدي چوڪي ٺهرائي ڇڏي هئي. اهڙيءَ طرح رهمڪي بازار به هڪ سرحدي چوڪي هئي(1).

(الف) سياسي ناتا:

سنڌ ۽ ڪڇ جا سياسي ناتا نهايت آڳاٽا آهن. سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان گهڻو اڳ، راءِ گهراڻي جي حڪومت جي زماني ۾، سنڌ جون سرحدي حدون اوڀر ۾ ڪنوج تائين ۽ ڏکڻ – اوڀر ۾ سورت بندر تائين هونديون هيون(1). جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي تڏهن ڪيترائي لوهاڻا ۽ ٻيا هندو، ڀر وارين رياستن سان گڏ ڪڇ طرف پڻ لڏي ويا(2). تاريخ ڪلهوڙا مان معلوم ٿو ٿئي ته: ”نائين صديءَ عيسويءَ ۾ سنڌ جي مسلمانن جي هڪ جماعت، ڪن سياسي سببن جي ڪري، سنڌ مان ڪڇ لڏي ويئي. انهن ماڻهن آهستي آهستي ڪڇ تي قبضو ڪيو ۽ اتي جا حاڪم بنجي ويا(3). ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته ستين صدي عيسوي ۾ ڪڇ ملڪ، سنڌ جي حڪومت هيٺ هو، پوءِ ڪڇ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌ جي سمن راجپوتن پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو. سنڌي ماڻهن جي حڪومت اوڏهين ٿي، ته سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ به انهن پاسن ڏي ٿيو، جنهن ڪري اڄ سنڌي ٻولي نه فقط ڪڇ جا جاڙيجا، لوهاڻا ۽ ڀاٽيا ڳالهائين ٿا، پر ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي ۾ به سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي.(4).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”ڪڇ جو ملڪ اول محمد بن قاسم مطيع ڪيو، ۽ ان بعد سنڌ جي عربي حڪومت جي اثر ۽ رسوخ هيٺ رهيو. ان کان پوءِ سنڌي نسل وارين ذاتين جو دائمي وطن ٿي رهيو، ۽ اهي ذاتيون اڄ تائين ڪڇ ۾ آباد آهن. موجوده سنڌ ۽ ڪڇ جي قديم لاڳاپي، ۽ انهن ملڪن جي ذاتين ۽ نسلن وغيره جي اڄ به ڪڇ جي ڀٽن کي پوري ۽ پيرائتي خبر آهي، ڀڄ پور، ناندرو ۽ سانئرو انهن بڻائتن ڀٽن جا قديمي ماڳ مڪان آهن(1)“.

جڏهن سنڌ جي لاڙ واري حصي تي سومرن جو راڄ (1010ع کان 1351ع) هو(2)، ان زماني ۾ ڪڇ وارو حصو پڻ سومرن جي حڪومت جي سرحدن ۾ اچي ٿي ويو. سومرن جي چوٿين حاڪم سنگهار بن دودي جي ڏينهن ۾ ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊيءَ تائين، سڄو ملڪ سومرن جي تابع هو(3). جنهن زماني ۾ دهليءَ تي غلام گهراڻي جو راڄ هو ۽ سلطان ناصر الدين محمود بن التتمش دهليءَ جو حڪمران هو(4)، انهيءَ زماني ۾ ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊيءَ تائين سڄي علائقي تي سومرن جو قبضو هو. انهيءَ لحاظ سان هيئن چئبو ته سنڌ جو علائقو ٽن حصن ۾ ورهايل هو. هڪ حصو بکر کان وٺي ملتان تائين هڪ گورنر جي حوالي هو، ٻيو حصو بکر کان سيوهڻ جي ڏکڻ تائين ڦهليل هو(5). انهيءَ حصي جي گاديءَ جو هنڌ سيوهڻ هو، ۽ ٽيون حصو سومرن جي قبضي ۾ هوندو هو، جو ٿر، لاڙ ۽ ڪڇ تائين ڦهليل هو(6).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”ڏکڻ – اوڀر سنڌ ۾، سنڌ – ڪڇ جي سرحد سومرن جي حڪومت جي خاص اثر ۽ طاقت جو مرڪز بنيا، ۽ انهيءَ مرڪزي ايراضيءَ ۾ سنڌي ٻولي پکڙي. سومرن جي اوائلي دؤر ۾، سومرن جي طاقت جو رخ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات وارين سرحدن طرف رهيو. انهيءَ ڪري ڪڇ طرف سومرن، سمن ۽ ٻين قومن جون بستيون قائم ٿيون، ۽ ڪڇ ۾ سنڌي ٻولي پکڙي(1)“.

سومرن، سمن جي مدد سان سنڌ تي قبضو ڪيو هو. حاڪم بنجڻ کان پوءِ هو سمن کي ستائڻ لڳا. نيٺ سمن کي ڪڇ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيائون، جن اتي چاوڙا راجا وٽ پناهه ورتي، پر جيڪي سما سنڌ ۾ رهجي ويا، ان اسلام قبول ڪيو. سمن کان سواءِ سوڍا ۽ جاڙيجا پڻ ڪڇ ڏانهن لڏي ويا. تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته سومرن جي سنڌ جي راڄ واري زماني ۾ ئي، 1320ع ۾ سنڌ جا سما ڪڇ جي حڪومت تي قبضو ڪري چڪا هئا. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو:

”سما اصل جادوَ گهراڻي جا راجپوت هئا. سن 1053ع ڌاري، جڏهن سنڌ سومرن جي هٿ ۾ آئي، تڏهن هو سمن کي ڏاڍو ستائڻ لڳا. انهيءَ ڪري ڪيترائي جاڙيجا سما، سنڌ ڇڏي، ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا. اتي 1320ع ڌاري پنهنجو راڄ کڙو ڪيائون. اڄ ڏينهن تائين سندن پويان پاڻ کي جاڙيجا سڏائيندا آهن.(2)“.

ڪڇ جي راءِ جو خاندان جاڙيجا راجپوت آهي، جيڪو سنڌ جي سمن سان نسبت رکي ٿو. اهو خاندان، ڪڇ جي اترئين علائقي، يعني سنڌ کان ڄام لاکي ولد جاڙي جي رهمنائيءَ هيٺ پندرهين صدي عيسوي ۾ ڪڇ پهتو هو.(1) جاڙيجا خاندان جو نالو ڄام جاڙي جي نالي پٺيان پيل آهي.(2) ”جاڙيجا يعني جاڙي جو اولاد يا ”جاڙي جا ٻار“.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي:

”ڪڇ ۾ جاڙيجن سمن جي عروج جو زمانو 1300ع آهي، ڇاڪاڻ ته اٽڪل 1340ع ڌاري جاڙيجن سمن ڪڇ جي حڪومت چاوڙن کان وٺي، 1540ع تائين يعني اٽڪل سوا ٻه سؤ سال جاڙيجن سمن جي ٽن خاندانن ڪڇ تي حڪومت ڪئي“.(3)

اهڙيءَ طرح سمن جي حڪومت ۾ ڪڇ جو سارو علائقو سنڌ جي سياسي تسلط هيٺ هو، ايتري قدر جو جڏهن 1521ع ۾ سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو خاتمو آيو، تڏهن به ڪڇ تي سنڌ جا سما قابض هئا. انهيءَ ڪري شاهه بيگ ارغون، مرزا شاهه حسن ارغون توڙي سنڌ ۾ مغلن جي نوابن جي راڄ ۾، ويندي غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت تائين، سنڌ جي حاڪمن ۽ باغي نوابن کي ڪڇ مان نه فقط لشڪر جي مدد ملندي هئي، پر انهن کي پناهه پڻ ڏنو ويندو هو.

سمن جي حڪومت جي زماني ۾، 1472ع ۾، گجرات جي حاڪم محمود شاهه ٻيڳڙي (14579ع – 1513ع) جي ڏينهن ۾ چاليهه هزار سنڌين، گجرات جي قافلي کي لٽيو هو. انهيءَ ڪري سلطان محمود شاهه ٻيڳڙي، سنڌ تي ڪاهيو، ۽ ڪڇ ۽ ٿر تي قبضو ڪيائين(4).

امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا مان معلوم ٿو ٿئي ته جاڙي خاندان جي ٽن نسلن، 1540ع تائين ڪڇ تي راڄ ڪيو. انهيءَ سال يعني 1540ع ۾ احمد آباد جي مسلمان حاڪم جي مدد سان راءِ کنگهار، جاڙيجا خاندان جو اڳواڻ ۽ ڪڇ جو حاڪم بڻيو، ۽ بادشاهه کان راءِ جو خطاب مليس. هو ساڳئي وقت ”موروي“ جو حاڪم ٿيو(1).

راءِ کنگهار جي ڇهن نسلن ڪڇ تي حڪومت ڪئي. پوءِ راءِ رائڌڻ جي وفات کان پوءِ، سندس ٽيون نمبر پٽ ”راءِ پراگجيءَ“ خون خرابيءَ سان تخت هٿ ڪيو. هن پنهنجي ڀاءُ کي پڻ قتل ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ ڪري پنهنجي ڀائٽئي کي خوش ڪرڻ لاءِ هن کي ”موروي“ جو حاڪم مقرر ڪيائين(2).

سنڌ تي سمن جي راڄ واري زماني ۾، ڪڇ وارو علائقو پڻ سندن قبضي ۾ هو. ارغونن جي سنڌ تي قبضي کان پوءِ سنڌ جي سمن جو مرڪز ڪڇ بڻيو. اتان سنڌ تي ٻيهر قبضي ڪرڻ لاءِ ڄام فيروز جي مدد پڻ ڪئي ويئي. مير محمد بن جلال ٺٽوي لکي ٿو ته: ”شاهه بيگ ارغون جي مرڻ کان پوءِ جڏهن مرزا شاهه حسن تخت تي ويٺو. تڏهن هن کي پهرين ڄام فيروز سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ٺٽي تي حملو ڪرڻو پيو.(3) ڄام فيروز وڙهڻ جي همت نه ساري، درياء ٽپي، ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو، جتان پنجاهه هزار سوارن ۽ پيادلن جي فوج وٺي، ٻيهر حملو ڪيائين(4). چاچڪن جي ڳوٺ ۽ رهمڪي بازار جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام فيروز جا ويهه هزار ماڻهو مارجي ويا ۽ هو هار کائي گجرات هليو ويو.(1) هن مان ظاهر آهي ته ڪڇ جي سمن جي سنڌ جي سمن حاڪمن سان، همدردي هئي، ۽ هنن سنڌ تي سمن جي حڪومت ٻيهر قائم ڪرڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ٿي ڏني.

ترخانن جي دؤر ۾ ڪڪرالا جي ڪيهر ڄامن، لاڙ جي راٺوڙن، جاڙن، ڦلاڻين ۽ مهاڻن مرزا محمد باقيءَ جي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي. ڪڇ جي سمن سردارن سان انهن جي رسائي هئي. اهڙيءَ طرح مرزا محمد باقيءَ جي وفات کان پوءِ جڏهن مرزا جاني بيگ تخت نشين ٿيو تڏهن مظفر بيگ، هڪ ترخان سردار بدين تي حملو ڪيو(2)، پر مظفر بيگ، خان زمان جي هٿان شڪست کائي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو، جتي وڃي پناهه ورتائين.(3) اهڙيءَ طرح ونگي جي نهڙين اربابن توڳاچي ڄامن، منڌرن ۽ جتن جي ڪڇ ۾ ڪافي پهچ ۽ رسائي هئي.

ڪلهوڙن جي حڪومت جي زماني ۾، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي راڄ ۾ نادر شاهه جي حملي کان پوءِ ننڍن ننڍن سردارن ۽ حاڪمن سرڪشي ڪئي. ڌاراجا جي راڻي، ڪڪرالا جي ڄام هوٿيءَ، منڌرن جي سردار تاجن منڌري، ونگي ۽ چاچڪان جي نهڙين اربابن، تماچي ۽ توڳاچي ڄامن، آسو سومري بغاوت ڪئي. نهڙين جي ارباب، ڪانجي ڪوٽ تي مقرر ٿيل ڪڇ جي راءِ جي نواب، ۽ نواب ٽيڪراءِ، ميان نور محمد سان کئونسڻ شروع ڪيو. انهيءَ وچ ۾ منڌرن جي سردار تاجن منڌري بغاوت ڪئي، ۽ ڪانجي ڪوٽ ۾ وڃي پناهه ورتائين. (1)ميان صاحب ڪانجي ڪوٽ تي حملو ڪيو. ۽ بارود سان قلعي جون ديوارون اڏائي ڇڏيائين(2).

ان کان پوءِ ميان نور محمد، تاجن منڌري جي چرپر کي منهن ڏنو. هن پهرين ”بلوچ خان فرد“ کي تاجن منڌري خلاف چاڙهي موڪليو. پر تاجن منڌري وجهه وٺي، هن کي قتل ڪرائي ڇڏيو(3). انهيءَ کان پوءِ شاهه بهاري، هن (تاجن) تي حملو ڪيو. تاجن هار کاڌي ۽ گرفتار ٿيو. ميان صاحب کيس قتل ڪرائي ڇڏيو(4).

ميان نور محمد جي وفات (1755ع – 1168هه) کان پوءِ، ميان غلام شاهه جي راڄ ۾، جڏهن ميان صاحب ۽ ڀائرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي پيئي، تڏهن نوابن ۽ سردارن وري بغاوت ڪئي. پهرين ڪڪرالا جي ڄام ڏيسر بغاوت ڪئي. ميان غلام شاهه ڄام ڏيسر کي شڪست ڏني. ڄام ڏيسر هار کائي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو(5). ان کان پوءِ ميان غلام شاهه تاجن منڌري جي پٽ، راڌڻ منڌري کي منهن ڏنو. جنهن پڻ بغاوت ڪئي هئي. بدين کان اٺ کن ميل ڏکڻ طرف، راڌڻ منڌري جو ڪوٽ هو. ميان صاحب راڌڻ منڌري تي حملو ڪيو. راڌڻ منڌرو ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو. ميان صاحب سندس ڪوٽ کي ڀسم ڪرائي ڇڏيو. اهو ڪوٽ هڪ دڙي جي صورت ۾ هن وقت به سيراڻين جي ويجهو سلامت آهي. هاڻ ان کي مالهين جو دڙو چوندا آهن.

راڌڻ منڌري جي خاتمي کان پوءِ ميان صاحب ونگي جي نهڙين سان مقابلو ڪيو. هن نهڙين جي ارباب هوٿي نهڙي جو ڪوٽ ڊاهرائي، پٽ ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ حالت جي ڪري نهڙيا سردار ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا.


(1) Hocket, C.F., op. Cit., pp. 474-477:

(1)  عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر ۽ هدايت آخوند: ٿر جي ٻولي، حيدرآباد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 1994ع. ص 67.

(1)  غلام رسول مهر: ”تاريخ ڪلهوڙا“ جلد دوم، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص 630.

Also see: Black Hills: Kutch in History and Legends Weidenfeld and Nicholson, London, 1958

(2) Ibid.

(1) Aitken, E. H., Gazetteer of the Province of Sindh, Karachi, American Mission Press, 1907, p.9.

(1)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سن ڌ، سنڌ يونيورسٽي، 1957ع، ص 122 ۽ 132.

(2) Thadani, T.S., “The Loanas,” an article published in J.S.H.S Vol: VIII, Vol: 3 January 1948, p. 166.

(3)  غلام رسول مهر: ”تاريخ ڪلهوڙا“ جلد دوم، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص 622.

(4)  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، 1956ع، ص 151.

(1)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مقالو، ”سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو“، مهراڻ جون موجون، 1956ع، ص 228.

(2)  ڏسو: غلام علي الانا، ڊاڪٽر: مقالو، منصوره ۾ اسماعيلي حڪومت ڄامشورو، ٽماهي مهراڻ نمبر 1/1989 ص ص 56.25.

(3)  علي شير قانع: تحفة الڪرام، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع ص 88.

(4)  اعجازالحق قدوسي: تاريخ سنڌ، حصه اول، لاهور، انجمن ترقي، اردو 1971ع، ص 352.

(5)  ايضاً

(6)  علي شير قانع: تحفة الڪرام، ص 98.

(1)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، حيدرآباد 1962ع، ص 54.

(2)  ڊاڪٽر گربخشاڻي ه – م : روح رهاڻ، حيدرآباد،،سنڌي ڪتاب گهر، ص 57

(1) Imperial Gazetteer of India, Vol. IV, p.61.

(2) Ibid.

(3)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: لاکو ڦلاڻي، حيدرآباد، سنڌي مجلس، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، 1958ع، ص 5.

(4)  مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سن، ص 220.

Also see: Black Hills

(1)  Imperial Gazetteer of India, Vol. IV, p.61.

(2) Op. Cit.

(3)  مير محمد بن جلال تتوي: ترخان نامه، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين شاهه راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 12.

(4)  مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 184

(1)  مير معصوم بکري، ص 184، ۽ پڻ ڏسو: مير محمد بن جلال تتوي: ترخان نامه ص 26

(2)  ايضاً، ص 186.

(3)  علي شير قانع: مقالات الشعرا فارسي، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، صص 225 ۽ 721

(1)  ايضاً

(2)  ايضاً

(3)  ايضاً

(4)  ايضاً

(5)  علي شير قانع: تحفةالڪرام، ص 280.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com