مهاڳ
(ڇاپو ٽيون)
سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ جو ٽيون ڇاپو پڙهندڙن جي هٿن ۾
آهي، هن ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ جي شاگردن، اُستادن،
پڙهندڙن ۽ ماهرن جنهن طريقي سان قدر ڪيو آهي، اُن
جو ظاهري ثبوت هي آهي جو پهريون ڇاپو 1979ع ۾ ڇپجي
ظاهر ٿيو ۽ اُن کان چار سال پوءِ يعني 1983ع ۾ ٻيو
ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ۽ ٽئين ڇاپي جي ضرورت به
ڪيترن ئي سالن کان هئي پر نيٺ 1995ع ۾ هي ٽيون
ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ٽئين ڇاپي ۾ دير
لاءِ ادارو جوابدار نه آهي پر اُن لاءِ جواب طلبي
مون کان ڪئي وڃي. اداري طرفان مون کي بار بار لکيو
ويو هو پر جيئن ته مون ٻئي ڇاپي ۾ ڪجهه سڌارا ۽
واڌارا ڪرڻ پئي چاهيا، تنهن ڪري هن ڇاپي ۾ ڪافي
دير ٿي ويئي ۽ اُستادن توڙي شاگردن کي انتظار ڪرڻو
پيو.
پهرئين ڇاپي جي مهاڳ ۾ لسانيات جي ماهرن، سنڌي ٻوليءَ جي
اُستادن، شاگردن ۽ پڙهندڙن جي خدمت ۾ نهايت ئي ادب
۽ احترام سان گذارشون ڪيون هيم ۽ عرض ڪيو هئم ته:
”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ واري موضوع تي لکڻ ۽ اُن لاءِ
جاگرافيائي حدون مقرر ڪرڻ، دراصل ڪنهن اڪيلي
ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي. هن موضوع تي تحقيق ڪرڻ ۽
مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن جو هڪ جٿو گهرجي، جيڪي
ڪڇ، ڪاٺياواڙ، راجسٿان، بهاولپور (سابق رياست واري
ايراضي)، بلوچستان جي کيتران، ساراوان، جهالاوان،
قلات، لس ٻيلي، مڪران ۽ ويندي ايران جي سرحد تائين
پهچن ۽ مقامي ماڻهن سان ملن ۽ مواد رڪارڊ ڪن. هر
ڪارڪن وٽ هڪ هڪ ٽيپ رڪارڊر هجي ۽ اُن سان گڏ هڪ
سوالنامو پڻ هجي جنهن جي آڌار تي هو مقرر خطي ۾،
اُن خطي ۾ مروج سنڌي ٻوليءَ جي لهجي ۽ اُن لهجي جي
محاوري جا نمونا رڪارڊ ڪندو وڃي، ۽ ماڻهن سان
ڳالهائيندو به وڃي. ائين ڪرڻ سان ئي سنڌي ٻوليءَ
جي لساني جاگرافيءَ تي صحيح ۽ سائنسي طريقي سان ڪم
ڪري سگهبو.
هن ڏس ۾ هڪ اسڪيم جو ڍانچو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي
باقاعدگيءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي رقم درڪار ٿيندي،
جنهن تي في الحال عمل درآمد ڪرڻ جو پروگرام ڪونهي،
پر جيڪڏهن زندگيءَ وفا ڪئي ۽ حڪومت طرفان مدد ملي
۽ ساٿين سهاو ڏنو ته هي ڪم ڪو مشڪل نه آهي. هن ڏس
۾ ڪجهه ڪم هٿ ۾ کنيو ويو آهي“ (ص هه).
حقيقت ۾ هيءُ ڪم ڪو ايترو آسان به نه آهي جو گهر ويٺي، ڪتابن ۾
آيل مواد کي گڏ ڪري، لسانياتي جاگرافيءَ تي تحقيق
جي هام هڻجي. هي ڪم مرحليوار رٿا تي عمل ڪرڻ سان
مڪمل ڪري سگهبو. هر خطي جي ٻولي، لهجي ۽ محاوري جي
سروي جو ڪم ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي حوالي ڪرڻ صحيح
فيصلو نه ٿيندو. هر خطي جي لهجي ۽ محاوري تي کوجنا
لاءِ ڌار ڌار ماڻهن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهڻي پوندي.
هن ڏس ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ڪجهه عملي قدم کنيو
به آهي پر اُن جي رٿا سان آءٌ اتفاق نٿو ڪريان.
شڪارپور، ماٿيلي، لاڙ يا ٿر جي لهجن ۽ محاورن تي
تحقيقي ڪم لاءِ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي بدران ٽن ٽن يا
چئن چئن ماهرن تي مشتمل ڪميٽيون ٺاهجن ها.
اٿارٽيءَ طرفان ڪرايل تحقيقي ڪم يقيناً تحسين جوڳو
آهي پر هن وقت تائين لهجن ۽ محاورن جي سلسلي ۾ ڪيل
تحقيقي ڪم، هر لهجي لاءِ مقرر ڪيل هڪ هڪ ماڻهوءَ
جي سوچ ۽ فڪر جو ثمر آهي، جڏهن ته هن ڪم لاءِ،
جيئن مٿي عرض ڪري آيو آهيان، ڌار ڌار لهجن لاءِ
ڌار ڌار ڪميٽيون ٺاهڻ گهربيون هيون.
اٿارٽيءَ طرفان ڪنهن خطي يا ڪن خطن جي لهجي يا لهجن تي تحقيق
لاءِ اُن خطي جي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي بدران،
اهڙن دوستن جي حوالي پڻ ڪم ڪيو ويو جن جو اُن خطي
يا اُنهن خطن سان پري جو به واسطو ڪونه رهيو آهي.
انهيءَ قسم جي تحقيق لاءِ سرگريئرسن، ڪاڪي ڀيرومل
يا انگريز مشنرين جي طرفان لکيل مواد، انهن جي
بيانن ۽ کوجنا کي ترجمو ڪري، يا نقل ڪري لغوي
خزاني جون لڙهيون ڏيئي اٿارٽيءَ جي حوالي ڪرڻ سان
اُن لهجي جي صحيح خدمت ڪانه ٿي آهي. جيڪڏهن انهيءَ
تحقيق لاءِ مقامي ماهرن کي مقرر ڪيو وڃي ها ته
شايد بهتر مواد ۽ صحيح معلومات ملي سگهي ها. ائين
به ڪري سگهجي ها ته ڪن مقامي ماهرن کان اهڙي مواد
تي نظرثاني ڪرائي وڃي ها. ائين ڪرڻ سان محققن جي
محنت جو وڌيڪ قدر ٿئي ها، پر ائين نه ڪيو ويو.
انهيءَ ڪري هن رٿا مان سنڌي لسانيات جي شاگردن کي
ڪو فائدو حاصل ڪونه ٿيندو ۽ اها تحقيق، هڪ ماڻهوءَ
جي سمجهه يا سوچ ۽ مطالعو سمجهي ويندي.
عيب جوئي ڪرڻ، هر ڪم مان وڏون ڪڍڻ ۽ پاڻ ڪم نه ڪرڻ پر ٻئي ڪنهن
ڪم ڪندڙ جي دل شڪني ڪرڻ اسان جي عادت آهي. هر چڱي
ڪم کي خراب ثابت ڪرڻ لاءِ اسين بيان بازيءَ کان
گريز ڪونه ڪريون. منهنجي هن محنت تي داد ڏيڻ جي
بدران مون سان اهائي ڪار ڪئي ويئي. هن ڪتاب کي غور
سان پڙهڻ جي بدران، عيب جوئيءَ لاءِ ڪميٽي ٺاهي
ويئي. هڪ صاحب تي اهو ڪم رکيو ويو ته هو هن ڪتاب
جي رد ۾ ڪتاب لکندو جنهن ۾ هو منهنجي هر دعوا کي
هر طرح سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. جيتوڻيڪ ڪيترن ئي
ماهرن، اُستادن ۽ سنڌي لسانيات سان دلچسپي رکندڙ
دوستن هن ڪتاب جي باري ۾ مون کي ڪجهه تعريفي ۽
ڪجهه تنقيدي خط پڻ لکيا هئا. انهن ۾ هندستان مان
ڀاءُ ڊي ڪي منشاراماڻي، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ،
ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ ۽ پنجاب (پاڪستان) مان
پنجابي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري آصف خان ۽ محترم
شريف ڪنجاهيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. نه فقط ايترو
پر 1979ع ۾ سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان مولانا
محمد عثمان ڏيپلائي ايوارڊ، ۽ 1981ع ۾ پاڪستان
رائيٽرز گلڊ طرفان هن ڪتاب تي پهريون انعام ڏنو
ويو آهي. گويا انهن ٻنهي انعامن لاءِ معتبر مصنفين
جي راءِ ۾ هن ڪتاب کي معياري ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو
هو.
جيتوڻيڪ ڪنهن به ليکڪ کي ڪنهن کان به ڪنهن سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي
ضرورت ڪانه هوندي آهي. منهنجو اهو پڪو ايمان آهي
ته ڪنهن به ليکڪ جو ڪو به مقالو يا مضمون يا ڪو به
ڪتاب جڏهن ڇپجي ادبي ميدان ۾ اچي وڃي ته پوءِ هُن
کي اهو سمجهي وڃڻ گهرجي ته اهو مقالو يا ڪتاب عوام
جي ملڪيت آهي. هاڻ اهو عوام تي ڇڏيل هوندو آهي ته
اُن کي پسند ڪري، اُن تي تنقيد ڪري، قوم لاءِ بهتر
مواد سمجهي ۽ قوم کي سفارش ڪري ته ڇپيل مقالو يا
ڪتاب پڙهڻ جي لائق آهي يا نه.
انهيءَ سوچ تي منهنجو هميشہ ڀروسو رهيو آهي. ان ڪري سال 1985 ۾
محترم محمد عمر چنڊ، ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ
جون آراديون“ جي عنوان سان هن ڪتاب تي تنقيد ڪئي،
جنهن ۾ چنڊ صاحب منهنجي ڪتاب جي عنوان ۽ پهرئين
باب ۾ لهجي ۽ زبان جي وصف کي تنقيد جو موضوع
بنايو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به ھن ڪتاب
تي تنقيدي جملا لکيا ۽ تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي پڻ به هن ڪتاب تي چنڊ صاحب ۽
جيٽلي صاحب جي تنقيدن جي آڌار تي رايو ڏنو پر
جوڻيجي صاحب سڄي ڪتاب کي پڙهڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي.
محترم ڊي- ڪي منشاراماڻيءَ، هن ڪتاب تي پنهنجو رايو هڪ خط ذريعي
موڪليو هو جيڪو هن مون ڏانهن، تاريخ 26 آگسٽ 1979
تي لکيو هو.
منشاراماڻي صاحب جو رايو هيٺ نقل ڪجي ٿو:
”هن کان اڳ ڊاڪٽر الانا، جو هن وقت ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘،
سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد جو انچارج پروفيسر آهي
گهڻيئي ادبي ڪتاب ۽ لسانيات متعلق تحقيقي مقالا،
مضمون ۽ تصنيفون پيش ڪري چُڪو آهي ۽ ڄاڻن ۽ عالمن
کان خراج تحسين حاصل ڪري چُڪو آهي. سندس اهم
تصنيفون آهن: ’سنڌي صوتيات‘، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ
بنياد‘، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۽ ٻيا ڪي ڪتاب جهڙوڪ:
’سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري‘ ۽ ’1947-1973ع تائين
ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي‘، ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري
لاءِ هنجو مقالو ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ به
ڇپجي چُڪو آهي پر منهنجي نظر مان گذريو ڪونهي.
سندس آخري ڪتاب آهي ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني
جاگرافي‘ جو حال ۾ ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ طرفان
شايع ٿيو آهي. محترم ڊاڪٽر الانا لسانيات جو ماهر
آهي ۽ سنڌين مان انهن چند فداين مان آهي جن ان
موضوع جو گهرو مطالعو ڪيو آهي.
جيئن ته ڪتاب جي سري مان ظاهر آهي ته هيءَ پيشڪش سنڌي زبان جي
چند لهجن (يعني اپڀاشائن
Dialects)
جو مطالعو آهي. جيئن ته فاضل اديب مهاڳ ۾ لکيو آهي
ته لساني جاگرافي جهڙي موضوع تي هڪ فرد مڪمل طور
ڪم ڪري نه سگهندو ۽ ان لاءِ سنڌي زبان جي سوداين ۽
شيداين جو هڪ هڪ جٿو کپي جو انهن مقامي لهجن ۽
محاورن ۽ لفظن جي ذخيري کي رڪارڊ ڪري. ان لاءِ وقت
کپي، ناڻو کپي ۽ ان کانسواءِ لگن ۽ اوچائي- جيسين
اهي ڪم ڪندڙ تيار ٿين تيسين الانا صاحب جو پنهنجي
محنت سان مواد ڏنو آهي ان لاءِ سرحد جي ٻنهي پاسن
جا عالم ۽ پارکو قدرداني ڪندا جيئن ان ڏس ۾ تيز تر
گامزن ٿئي ۽ ٻين لاءِ مشعل راه بڻجي.
هن مقالي ۾ ڪن چند لهجن جو ذڪر آهي جي ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات،
راجسٿان (جي هينئر هندستان جو حصو آهن) ۽ بلوچستان
۽ سرائڪي لهجي وارين ايراضين (جي پاڪستان جي حدن
اندر آهن) ۾ رائج آهن. مقالي جي منڍ ۾ ’سنڌي زبان
۽ انجا لهجا‘ باب ۾ موجود لساني مطالعي جي مدنظر
سمجهايو ويو آهي ته زبان جي وصف ڇا آهي. صاحب
موصوف آمريڪا جي لسانيات جي ماهرن جا جديد نظريا
پيش ڪيا آهن. ان بعد بحث ڪيل آهي ته ڪهڙا ڪارڻ آهن
جنهن ڪري مختلف لهجا وجود ۾ اچن ٿا. مهاڳ مختصر پر
مائيدار ۽ معنيٰ خيز آهي. ماهرن اٽڪل نَو ڪارڻ
سوچيا آهن جن ۾ جاگرافيائي حالتون هڪ آهي. ان کي
بنيادي ريت مدنظر رکي باقي بابن ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ،
گجرات ۽ راجسٿان ۾ سنڌيءَ جي ڦهلاءُ ۽ انهن هنڌن
تي آدمشماريءَ جا انگ اکر ۽ نقشا وغيره ڏيئي هڪ
معتبر ۽ سندي حوالي جو ڪتاب تيار ڪيو ويو آهي.
جنهن لاءِ سنڌي خواندا ۽ عالم جناب الانا جا مرهون
منٿ ٿيندا جيئن اڳتي به باقي لهجن جو اڀياس ڪري
پنهنجي راين کي پيش ڪرڻ جي جنبش جاڳي.
ازانسواءِ پنهنجي تصنيف جي پنجين باب ۾ ’بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ
جي ڦهلاءَ‘ جي سري هيٺ سبي، لس ٻيلي ۽ ويندي مڪران
تائين سنڌيءَ جي لاسي لهجي ۽ محاوري تي سير حاصل
بحث ڪيل آهي. انهن جي خصوصيات، انجي وجود ۾ اچڻ جي
ڪارڻن ۽ تاريخي ۽ جاگرافيائي سببن جو تفصيل سان
ذڪر ڇيڙيو ويو آهي.
آخري باب ۾ سرائڪي ايراضين ۾ سنڌيءَ جي ڦهلاءَ ۽ اثر ۽ خصوصيتن
تي خيال آرائي ڪئي ويئي آهي. هت اهو لکڻ بيجاءِ نه
ٿيندو ته ان سرائڪي لهجي جو وسيع پئماني تي گهرو
مطالعو لازمي آهي. ان جي لساني تجزيي ڪرڻ جي اشد
ضرورت آهي. جنهن صورت ۾ جي به سنڌ جي سري جا ستارا
آهن تن سرائڪي لهجي ۾ سهڻو ڪلام ۽ ڪافيون لکيون
آهن. سچل سرمست، بيدل، بيڪس، ڀائي ايسر لال، مير
جانشاه رضوي (وجون)، نانڪ يوسف، حمل فقير وغيره
شاعرن اڻ ميو سرائڪي ڪلام چيو آهي جو سرائڪيءَ جي
اهم شاعرن بليشاه ۽ خواجه فريد جي ڪلام کان ڪنهن
به صورت ۾ گهٽ ناهي ۽ شايد بهتر پڻ.
سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ان سرائڪي لهجي جي شاعريءَ جو به حصو ۽
مقام هئڻ گهرجي، خاص ڪري اهو سرائڪي ڪلام جو سنڌي
شاعرن جي پيشڪش آهي. سنڌي شاعرن جي ان ڪلام جو
مطالعو ڪري ڪم آندل لهجي جو بهاولپور/ ملتان ۾
مستعمل سرائڪي/ ملتاني لهجي سان تقابلي جائزو ڪرڻ
جڳائي. ان ڏس ۾ هڪ ٻئي ڪتاب جو به حوالو ڏيڻ واجب
سمجهان ٿو جو شايد الانا صاحب جي نظر مان نه گذريو
آهي. اهو آهي ڊاڪٽر مهر عبدالحق جي اردو ۾ تصنيف
’ملتاني زبان اور ان کا اردو سي تعلق‘ جو 1967ع ۾
اردو اڪادمي بهاولپور جو شايع ڪيل آهي.
بهرحال آخر ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جي محنت جو اعتراف ڪرڻ کان رهي
نٿو سگهان جو هن پهريون دفعو ان طرح جو مطالعو
سنڌي زبان ۾ پيش ڪيو آهي. يقين اٿم ته هن سنڌي
زبان ۽ علم ادب جي فدائي ۽ لسانيات جي ماهر جي قلم
مان گهڻين اهم تصنيفن جي اميد رکي سگهجي ٿي.
ڪتاب ۾ مفيد ببليوگرافي ۽ ازنسواءِ نالن ۽ هنڌن ماڳن جي ڏسڻي
وغيره ان جي افاديت وڌائي ڇڏي آهي.“
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، لسانيات جي ماهرن مان هڪ آهي. هُن جا
مقالا، پاڪستان ۾ مهراڻ رسالي ۾ ڇپجي چڪا آهن.
جيٽلي صاحب سان لسانيات جي حوالي سان ادبي نوڪ
جهوڪ ٿيندي رهي آهي. هُو برهمڻ وڌيڪ آهي، ان ڪري
اسان جهڙن کي ’شودر‘ سمجهندو آهي. جيٽلي صاحب
طرفان ڪيل تنقيد کي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي
پنهنجي مقالي ”سنڌي ٻوليءَ جو محاورو“ ۾ دليل طور
پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر جوڻيجي جو اهو مقالو سه ماهي
مهراڻ جي نمبر 3/1992ع ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر جوڻيجو
صاحب، جيٽلي صاحب جو حوالو ڏيندي صفحي 141 تي لکي
ٿو:
”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڪتاب (سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي) تي
جيڪو سرو ڏنو ويو آهي اُن مطابق بحث ٿيل نه آهي.
لساني جاگرافي (صحيح لفظ لسانياتي جاگرافي هئڻ
گهرجي) جو مقصد آهي ڪنهن ٻوليءَ جي جدا جدا
اُپڀاشائن، انهن جي آوازن جي خاصيت ۽ وياڪرڻي بيهڪ
۾ جيڪو تفاوت نظر اچي ٿو، انهيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري،
هڪ تفصيلوار بيان پيش ڪرڻ، پر هن ڪتاب ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي جدا جدا اُپڀاشائن جو اهڙي قسم جو ڪو به
بيان ڏنل نه آهي، انهيءَ جي بدران جدا جدا تاريخي
دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڀر وارن علائقن ۾، ڪهڙيءَ
طرح ڦهلاءُ ٿيو، اُن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. راجسٿان
۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلجڻ جا انگ اکر ۽ اتهاس نه ملڻ
ڪري ليکڪ ٻن صفحن ۾ احوال لکي باب پورو ڪيو آهي“.
ڊاڪٽر جوڻيجي طرفان، ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي ڏنل هن راءِ تي مون
جيڪي وضاحتي جملا لکيا هئا، تن ۾ مون عرض ڪيو هو
ته:
”جيٽلي صاحب ”لسانياتي جاگرافي“ جي جيڪا وصف بيان ڪئي آهي، اُها
دراصل
Dialect Geography جي وصف آهي ۽ نه ڪه لسانياتي جاگرافيءَ
(Linguistic Geography)
جي. ڊاڪٽر جوڻيجي، ماريو پاءِ
(Mario Pei)
جي لغت مان وصفون ڏنيون آهن. ماريو پاءِ، پنهنجي
ڪتاب ڊڪشنري آف لنگئسٽڪس
(Dictionary of Liguistics)
۾ صفحي 56 تي
dialect
جي جيڪا وصف ڏني آهي، سا هيءَ آهي:
“Dialect is a specific from (vii) of a given
language, spoken in a certain locality of
geographic area, showing sufficient differences
from the standard of literary from of that
language, as to pronounciation, grammatical
considered a distinct entity, yet not
sufficiently distinct from other dialects of the
language to be regarded as a different
language.”
پنهنجي ڪتاب جي ساڳئي صفحي (ص 56) تي ماريو پاءِ،
Diallect geography
جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو:
“The Study of local linguistic differences
within given speech area”.
هنن ٻنهي وصفن جي ڏيڻ کان پوءِ، مون اڳتي لکيو آهي ته:
”انهن ٻنهي وصفن جي روشني ۾ آءٌ اڃا به هن راءِ جو آهيان ته
لساني جاگرافي ڪتاب ۾ جيڪو مواد شامل آهي سو
Linguistic geography
واري وصف مطابق آهي.
Linguistic geography
جي وصف، صفحي 124 تي بيان ڪندي، ماريو پاءِ لکي
ٿو:
“Linguistic geography is that branch of
linguistic which studies and classifies the
geographic extension and boundaries of
linguistic phenomena.”
مون پنهنجي وضاحتي مقالي ۾، صفحي 115 تي عرض ڪيو هو ته:
”آءٌ اهو قبول ٿو ڪريان ته ”لساني جاگرافيءَ“ جي ڀيٽ ۾،
’لسانياتي جاگرافي‘ عنوان وڌيڪ درست آهي: منهنجي
ذهن ۾ لفظ
Linguistic geography of Sindhi language هو، جنهن جو سنڌي نعم البدل مون ”لساني جاگرافي“ پئي لکيو آهي،
جيڪو ”لسانياتي جاگرافي“ هجڻ گهرجي.
مون پنهنجي ڪتاب ۾ جنهن سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي اُها سنڌ اڄوڪي سرحد
واري سنڌ نه، پر سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن،
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر واري سنڌ آهي، ان لحاظ کان
اُن وقت سنڌ جون جيڪي جاگرافيائي حدون هيون، يا
اهي خطا جيڪي تڏهوڪي سنڌ جي ماتحت نه هئا، پر سنڌي
ٻولي انهن ملڪن ۽ رياستن تائين پنهنجا اثر وڌايا
هئا، جنهن سبب جي ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي سرحدن ۾ به
واڌارو ٿيو هو، جن جو ذڪر لساني/ لسانياتي
جاگرافيءَ م ڪيل آهي.
ان دليل جي آڌار تي ڪتاب جو نالو بيشڪ لسانياتي جاگرافي رکجي
(جيئن عمر چنڊ صاحب سندس ڪتاب ۾ صفحي 20 تي لکيو
آهي) پر مواد اهوئي آهي جيڪو ”ماريو پاءِ“ جي وصف
تي لهي ٿو اچي. هن ڪتاب ۾ سر گريئرسن سندس ڪتاب
Linguistic Survey of India
جي جلد اٺين جي پارٽ پهرئين ۾ هيئن فرمايو آهي:
“Sindhi has extended its isoglosses beyond the
geography boundaries of Sind”.
جيٽلي صاحب جو حوالو ڏيندي، ڊاڪٽر جوڻيجو ساڳئي مقالي ۾ صفحي
141 تي لکي ٿو:
”لساني جاگرافي ڪتاب ۾، سنڌي ٻوليءَ جي اُپڀاشائن جي وياڪرڻي
تفاوت وغيره تي بحث ڪيل نه آهي“
ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جي انهيءَ تنقيدي راءِ تي مون پنهنجي جواب ۾
هيئن عرض ڪيو هو:
”ان ڏس ۾ منهنجو هيءُ عرض آهي ته محترم ڊاڪٽر جيٽلي ۽ جوڻيجو
صاحب منهنجي انهيءَ ڪتاب (لساني جاگرافي) جا صفحا
45 کان 49، 110 کان 111، 132 کان 135، 152 کان 157
۽ 235 کان 239 تائين پڙهي ڏسن. انهن صفحن ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي ڪڇي، فراڪي، جدگالي لهجن کان سواءِ
بلوچيءَ تي سنڌيءَ جو اثر ۽ سرائڪي ۽ سنڌيءَ جي
صوتيات، صرف ۽ نحو، ۽ علم معانيءَ جي باري ۾ گهڻي
معلومات موجود آهي“ (ص 116).
مون مٿي چيو آهي ته هن ڪتاب جو نالو ”لساني جاگرافيءَ جي بدران
لسانيات جاگرافي وڌيڪ مناسب ٿئي ها. مون ائين به
عرض ڪيو آهي ته:
”دراصل منهنجو هي ڪتاب ڊائليڪٽالاجي
(dialectology)
متعلق نه آهي پر لسانياتي جاگرافيءَ متعلق آهي،
جنهن جي واضح وصف ماريو پاءِ ڏني آهي، ان لحاظ کان
منهنجو مذڪور ڪتاب چنڊ صاحب طرفان واضح ڪيل پوئين
نڪتي جي باري ۾ بلڪل صحيح معلومات ٿو ڏئي، جيئن
چنڊ صاحب، سندس ڪتاب ۾ صفحي 20 تي فرمايو آهي، هو
لکي ٿو:
”جنهن صورت ۾ پاڻ وٽ ’لنگوسٽڪس‘ کي ’علم اللغة‘ يا ’علم اللسان‘
جي بدران ’لسانيات‘ چئجي ٿو، ان صورت ۾ اسان تي
لازمي آهي ته ’لنگيوسٽڪس‘ جي صفت، ’لنگوسٽڪ‘ جي
لاءِ ’علم اللغة يا ’علم اللسان‘ جي صفتن (لغوي يا
لساني) ڳولهڻ جي بدران ’لسانيات‘ جي صفت استعمال
ڪريون، جيڪا ٿيندي لسانياتي، ٻئي طرف جيڪڏهن ’لغت‘
جي صفت ’لغوي‘ ۽ لسان جي لساني آهي ته ضروري ٿيندو
ته ’علم اللغة‘ ۽ ’علم اللسان‘ لاءِ ’لغوي‘ ۽
’لساني‘ کان سواءِ ٻيا ڪي لفظ استعمال ڪجن، جيڪي
’لغة‘ ۽ ’لسان‘ ۽ ’علم اللسان‘ جي صفتن ۾ فرق ڪري
سگهن. انهيءَ لحاظ کان ’لنگوسٽڪ‘ جي لاءِ
’لسانياتي‘ استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزون ٿئي ها ۽ ڪتاب
جو نالو هوند رکجي ها: ’سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي
جاگرافي‘.
مطلب ته جيڪڏهن ڪتاب جو نالو ’لساني جاگرافي‘ جي بدران
’لسانياتي جاگرافي‘ رکجي ها ته پوءِ بقول عمر چنڊ
صاحب جي هي ڪتاب سڀ گهرجون، ضرورتون ۽ وصفون
پوريون ڪري ٿو.
مون اهو قبول ڪيو آهي ۽ انگريزيءَ جي بدران سنڌيءَ ۾ ’لساني
جاگرافي‘ جي لحاظ کان هي ڪتاب لکيل آهي ۽
انگريزيءَ جي بدران سنڌيءَ ۾ ’لساني جاگرافي‘ نالو
رکيو ويو. جنهن ۾ ’لسانيءَ‘ جي بدران ’لسانياتي‘
لفظ ڪم آڻڻ وڌيڪ درست لڳي ها.
بهرحال هن ڇاپي ۾ به مون هن ڪتاب جي عنوان (لساني جاگرافي) ۾ ڪا
به تبديلي ڪا نه آندي آهي ڇاڪاڻ ته اُستاد، شاگرد
توڙي عام پڙهندڙ، هن عنوان سان 1979ع کان وٺي
مانوس ٿي چڪا آهن. پڙهندڙ ڄاڻن ٿا ته سنڌيءَ جي
پهچ ۽ پکيڙ جي سلسلي ۾ سنڌ جي قومن ۽ نسلن جي
تاريخ ۽
Ethno Archaeology
جي علم جي باري ۾، سنڌ جي سماجي لسانيات جي اڀياس
جي سلسلي ۾، سنڌ جي سياسي تاريخ جي حوالي سان، سنڌ
جي جاگرافيائي تاريخ واري باب ۾ هي ڪتاب پنهنجو
اهم مقام رکي ٿو. آءٌ جيڪڏهن چاهيان ها ته سر
گرئيرسن، ڪاڪي ڀيرومل ۽ ٻين انگريز ماهرن جي ڪتابن
مان صفحن جا صفحا نقل ڪري، سڀ ڪجهه پنهنجي نالي ۾
ڇپائي ڇڏيان ها، پر مون ائين نه ڪيو. هن ڪتاب جو
مطالعو ثابت ٿو ڪري ته سنڌي زبان ۾ تحقيقي ادب
واري شعبي ۾ هن ڪتاب کي شامل ڪري خوشي حاصل ڪري
سگهجي ٿي.
بهرحال مون ٻئي ڇاپي جي ”ح“ صفحي تي عرض ڪيو هو ته:
”هت هڪ حقيقت واضح ڪري ڇڏيان ته هيءُ موضوع سياسي، سماجي، علمي،
ادبي، مذهبي ۽ جاگرافيائي تاريخ جي موضوع تي لکيل
ڪتابن توڙي مشاهدي سان گهڻو واسطو ٿو رکي. مون
پنهنجي سر ڪافي ڪتابن جو مطالعو ۽ سرزمين جو اڀياس
پڻ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي به آءٌ اها هام نٿو هڻان
ته هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل هر ڳالهه حرف آخر آهي. مثال
طور سبيءَ واري علائقي ۾ ڪم ايندڙ لاڙيچي ٻوليءَ
جي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو اٿم. ممڪن آهي ته فراڪي
۽ لاڙيچي ٻوليون ساڳيون هجن. اهڙيءَ طرح کيتراني
ٻوليءَ جي باري ۾ مواد شامل نه ڪري سگهيو آهيان.
ساڳيءَ طرح سرائڪي ايراضيءَ ۾، سرائڪي زبان جا اهي
شاعر جن سنڌي زبان ۾ به شاعري ڪئي آهي، انهن جو
احوال ڏيئي نه سگهيو آهيان. بلڪل اهڙيءَ طرح جهل
مگسيءَ جي مگسي شاعرن جو احوال نه پر هڪ ڍانچو
سمجهڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪافي اضافو آڻي سگهجي ٿو. آءٌ
هن سلسلي ۾ وڌيڪ لکڻ مناسب نٿو سمجهان.“
جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم ته هن ڪتاب ۾ سنڌي لسانيات جي ڌار ڌار
موضوعن کان سواءِ قديم سنڌ جي وسعت، تاريخ،
جاگرافي، نسلي، آرڪيالاجي ۽ معاشرتي تاريخ جي باري
۾ گهڻو ئي مواد ملي ٿو.
آءٌ سنڌالاجيءَ جي پبليڪيشن شعبي جي هر ڪارڪن، خصوصاً ديوان
وليرام ولڀ، نياڻي رضيه ٻگهيو ۽ پياري الهه بچائي
”ناز“ ڀٽي جو شڪر گذار آهيان، جن هن ڪتاب جي ٽئين
ڇاپي جو بندوبست ڪيو. هن ڏس ۾ الهه بچائي ”ناز“
ڀٽي، پريس جا چڪر ڪاٽيا ۽ مون کي پنڌ کان ڇڏايو.
هن سلسلي ۾ آءٌ سنڌ يونيورسٽي پريس جي مئنيجر
محترم شهزادي گلفام جو به شڪر گذار آهيان جو هن
سنڌ يونيورسٽي پريس جي ڪمپيوٽر سيڪشن مان، هن ڪتاب
جو مواد ڪمپوز ڪرايو، پروف پڙهيا، پليٽون ٺهرايون،
مواد پيسٽ ڪرايو، جيڪو گهڻي جوابداريءَ جو ڪم آهي.
آخر ۾ آءٌ منهنجي دوست ۽ ساٿي، محترم عبدالقادر جوڻيجي جو
ٿورائتو آهيان، جو هن، هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي
سلسلي ۾ دلچسپي ورتي ۽ ٽئين ڇاپي پڌري ڪرڻ جو
فيصلو ڪرايو.
گهڻي ڪوشش جي باوجود، وقت نه ملڻ سبب، آءٌ هن ڪتاب جي مواد ۾ ڪو
به اضافو ڪري نه سگهيو آهيان، جنهن جو احساس اٿم.
سنڌ جي ماڻهن، عالمن، اُستادن، شاگردن ۽ سنڌي
لسانيات سان دلچسپي رکندڙ دوستن جي آڏو شرمسار
آهيان. مون کي فخر آهي جو سنڌي ماڻهن منهنجي هن
محنت جو قدر ڪيو آهي، اُن جو ثبوت هن ڪتاب جو هي
ٽيون ڇاپو ڇپجي ظاهر ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ رب
ڪريم جا شڪر ۽ لاتعداد احسان مڃيان ٿو.
سنڌي زبان جو فدائي
غلام علي الانا
ناشر طرفان
(ڇاپو ٽيون)
سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو پڙهندڙن جي
خدمت ۾ پيش ڪندي ادارو گهڻي خوشي محسوس ٿو ڪري.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هن وقت تائين 163 ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا
آهن جن ۾ علم ادب جي ٻين موضوعن جي قابل قدر خدمت
ڪئي آهي. لسانيات جو موضوع ڪو نئون ناهي، البت
جديد لسانيات واري شعبي ۾ پاڪستاني ٻولين ۾ ايترا
گهڻا ڪتاب شايع نه ٿيڻ جي باوجود سنڌي زبان ۾ پوءِ
به چڱو مواد ڇپجي چڪو آهي.
هن ڪتاب جي مڃڻوتيءَ جي باري ۾ مصنف طرفان لکيل پيش لفظن ۾
تفصيل سان لکيو ويو آهي، انهيءَ ڪري ان کي دهرائڻ
جي ضرورت نه آهي. هي ڪتاب لسانياتي جاگرافيءَ جي
ڏسِ ۾ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ موضوع جي باري ۾
ڪافي مواد موجود آهي جيڪو پڙهندڙن لاءِ سٺي
معلومات مهيا ڪري ٿو.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڇپائي لسانيات جي
ڏس ۾ اڳتي قدم کنيو آهي.
اُميد ته لسانيات جي موضوع سان دلچسپي رکندڙ سڄڻ هن ڪتاب مان
چڱو لاڀ پرائيندا.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
ڊائريڪٽر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄامشورو
ناشر طرفان
(ڇاپو ٻيو)
پڙهندڙ دوستن کي معلوم آهي ته هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جولاءِ
1979ع ۾ شايع ٿيو هو، يعني هن قسم جي خشڪ موضوع
وارو ڪتاب چئن سالن اندر ٻيو دفعو ڇپجي ظاهر ٿيو
آهي. ان مان اِهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
لسانيات وارو موضوع سنڌ جي عام پڙهندڙن جي دل پسند
موضوعن مان هڪ آهي.
لسانيات جي علم تي سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين چڱا خاصا مضمون ۽
ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا آهن، ۽ هن علم جو شوق ڏينهون
ڏينهن وڌندڙ آهي.
هن ڪتاب جي مقبوليت جو وڏي ۾ وڏو ثبوت هي آهي جو هن ڪتاب کي ٻن
ادبي اوارڊن لاءِ بهترين ڪتاب سمجهيو ويو.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ هاڻي ڪجهه
دوستن ۽ سڄڻن جي نيڪ تمنائن سان، ٻين الاقوامي
اداري جي حيثيت وٺي چڪو آهي. هن اداري جتي
لائبرري، مائڪرو فليمنگ سيڪشن، سائونڊ آرڪائيوز،
ميوزيئم ۽ آرٽ گئلريءَ جهڙا شعبا قائم ڪيا آهن،
اُتي شعبہ تصنيف و تاليف ۽ ترجمي ذريعي ڪافي
معياري ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جيڪي سنڌي زبان
جي پڙهندڙن ته خير، پر پاڪستان جي ٻين زبانن جي
اديبن، عالمن ۽ فاضلن پڻ پسند ڪيا آهن.
مون کي اميد آهي ته موضوع تي ٻيا به ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا
ته جيئن لسانيات جي علم سان دلچسپي رکندڙ ساٿي
پنهنجي علم ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري سگهن.
3- جون 1983ع
سنڌي زبان جو فدائي
ڊاڪٽر غلام علي الانا
پروفيسر انچارج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
مهاڳ
(ڇاپو پهريون)
سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ واري موضوع تي لکڻ، ان لاءِ
جاگرافيائي حدون مقرر ڪرڻ، دراصل ڪنهن اڪيلي
ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي. هن موضوع تي تحقيق ڪرڻ،
مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن جو هڪ جٿو گهرجي، جيڪي
ڪڇ، ڪاٺياواڙ، راجسٿان، بهاولپور (سابق رياست واري
ايراضي)، بلوچستان جي کيتران، ساراوان، جهالاوان،
قلات، لس ٻيلي، مڪران ۽ ويندي ايران واريءَ سرحد
تائين پهچن، مقامي ماڻهن سان ملن ۽ مواد رڪارڊ ڪن.
هر هڪ ڪارڪن وٽ هڪ ڪيسٽ رڪارڊر هجي ۽ هڪ سوالنامو
پڻ ساڻ هجي. جي آڌار تي هو مقرر خطي ۾، ان خطي ۾
مروج سنڌي ٻوليءَ جي لهجي، ۽ ان لهجي جي محاوري جا
نموني رڪارڊ ڪندو وڃي، ۽ ماڻهن سان ڳالهائيندو
وڃي. ائين ڪرڻ سان ئي سنڌي ٻوليءَ جي لساني
جاگرافيءَ تي صحيح ۽ سائنسي طريقي سان ڪم ڪري
سگهبو.
هن ڏس ۾ اسڪيم جو ڍانچو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي باقائدگيءَ
سان ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي رقم درڪار ٿيندي، جنهن تي في
الحال عمل درآمد ڪرڻ جو پروگرام ڪونهي، پر جيڪڏهن
زندگيءَ وفا ڪئي ۽ حڪومت طرفان مدد ملي ۽ ساٿين
سهارو ڏنو ته هيءُ ڪم ڪو مشڪل نه آهي. هن ڏس ۾
ڪجهه ڪم هٿ ۾ کنيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ في الحال انهيءَ اسڪيم متعلق تجويز ڪيل نه آهي.
مذڪوره اسڪيم جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، نه فقط سنڌيءَ
ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن ۽ مهاورن جا نمونا سامهون
ايندا، پر هر لهجي ۽ محاوري جي نموني تي جديد
تشريح ۽ تقابلي لسانيات جي اصولن موجب سنڌي ٻوليءَ
جي صوتي، صرفي، نحوي صورتن جو تجزيو ڪري سگهبو:
جنهن ۾ هر لهجي ۾ هر محاوري جا خاص لفظ، اصطلاح
چوڻيون ۽ پهاڪا به گڏ ٿيل هوندا. هڪ معياري لفظ
لاءِ مختلف لهجن ۽ محاورن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نعم البدل
لفظ ڪم اچن ٿا: هڪ معياري لفظ لاءِ مختلف خطن ۾
ڌار ڌار ڪهڙا ڪهڙا لفظ ڪم ايندا آهن، مختلف خطن جا
اهي ڪهڙا ڪهڙا لفظ آهن، جيڪي معياري لهجي ۾ مروج
نه آهن جڏهن انهيءَ اسڪيم مطابق سنڌي زبان جو
مختلف لهجن ۽ جاگرافيائي حدن موجب مواد گڏ ڪيو
ويندو، تڏهن انهيءَ گڏ ڪيل مواد جي مدد سان نه فقط
سنڌي زبان جي لغت ۾ ڪافي اضافو ٿيندو، ۽ ويا ڪرڻ
جون انوکيون ڳالهيون نمودار ٿينديون، پر علم
الانسان
(Anthropology)
جي مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ عالمن کي ڪم ڪرڻ لاءِ
وڌيڪ مواد مهيا ٿي ملندو.
اهو هڪ وڏو ڪم آهي، جو مون جهڙي هڪ ادنيٰ انسان لاءِ سر تي کڻڻ
ناممڪن آهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ في الحال، ٿلهي
ليکي، سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ جون حدون
مقرر ڪيون ويون آهن، ته جيئن پڙهندڙن کي معلوم ٿي
سگهي ته سنڌي زبان جون جاگرافيائي حدون برصغير ۾
ڪيستائين ڦهليل آهن، انهن حدن تائين سنڌي زبان جو
ڦهلجڻ ۽ پکڙجڻ جا سبب ۽ ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ هن سلسلي ۾
لسانيات جي جڳ مشهور ماهرن جيڪي اصول مقرر ڪيا
آهن، ڪوشش ڪري انهن اصولن جي راهه وٺي، هن ڪتاب ۾
سنڌي زبان جي لساني جاگرافيائيءَ واري موضوع تي
ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويئي آهي. ان کان سواءِ سرگريئرسن،
ڊاڪٽر سورلي، ڊاڪٽر بلوچ، ڪاڪي ڀيرومل ۽ ٻين ملڪي
توڙي غير ملڪي ماهرن جي ڪتابن ۾ بيان ڪيل سنڌي
ٻوليءَ جي لساني حد بندين کي پڻ سامهون رکيو ويو
آهي: ته جيئن پڙهندڙ منهنجي دعويٰ کي خوش فهمي
سمجهي، يا سنڌي زبان جي عشق ۾ غرق سمجهي، ”وڏي
دعويٰ ڪندڙ“ وارو الزام نه هڻن.
جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ هيٺ حاشيي ۾ حوالا پڻ ڏنا اٿم، انهيءَ هوندي
به مواد رهجي ويو هو، جو مون کي پوءِ ڪن سڄڻن جي
معرفت هٿ آيو. منهنجي جماعت جي هڪ ڪاٺياواڙي دوست
مسٽر جعفر ڀائي جنهن جي مادري زبان ڪاٺياواڙي
(سنڌي لهجو) آهي، تنهن سان هن سلسلي ۾ گفتگو ڪندي
معلوم ٿيو ته موجوده هندستان ۾ به ميمڻ، خواجا ۽
ٻيا مسلمان ماناوادر، جهونا ڳڙهه، ڪتياڻا، ڌوراجي،
ڀانٽوا ۽ پور بندر ۾ گهڻو ڪري ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي
ٻوليون (سنڌيءَ جا لهجا) ڳالهائيندا آهن.
اهڙيءَ طرح هر خطي ۾ ڪيسٽ رڪارڊر ذريعي سارو مواد رڪارڊ ڪيو
ويندو، تڏهن اٿاهه ساگر تي قبضو ڪري سگهبو، جنهن
جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان، بي انتها مواد ميسر ٿي ويندو،
جيڪو سنڌ جي سماجي، سياسي، تجارتي ۽ اقتصادي تاريخ
جي املهه مواد تي نئين روشني وجهندو.
هن ڪتاب ۾ اهي سبب ۽ ڪارڻ بيان ڪيل آهن جن ذريعي اهو ثابت ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته سنڌي زبان نه صرف برصغير
۾ پکڙي پر ان جا ڳالهائيندڙ دور دراز علائقن، هڪ
طرف هوائي ٻيٽن، ٻئي طرف پئسفڪ سمنڊ جي فيجي ۽
سالومن ٻيٽن، ٽئين طرف مغربي آفريڪا جي نائجيريا
ملڪ، ۽ اهڙي طرح آمريڪا، ڪئناڊا تائين وڃي رسيا
آهن ۽ سوين سال گذرڻ جي باوجود هو گهرن ۾ پنهنجي
مادري زبان سانڍيو اچن.
هن ڏس ۾ هت هڪ ٻي ڳالهه بيان ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. تازو هونو
لولو ۾ ثقافت تي ڪوٺايل هڪ ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ جي
مون کي به دعوت ملي. ان ڪانفرنس جي موقعي تي
انڊونيشيا جي
Keris
جي نمائش جو اهتمام ڪيو ويو هو. ان نمائش ۾ هڪ
خنجر، وچ ۾ اجرڪ جهڙي ڇريل ڪپڙي مٿان هڪ اسٽئنڊ تي
سينگاريل رکيو ويو هو. اهو ڪپڙو سواءِ معمولي ڦير
گهير جي بلڪل اجرڪ جهڙو ٿي لڳو. نمائش جي اهتمام
ڪندڙ کان مون جڏهن ڪپڙي جي باري ۾ پڇيو تڏهن هن
جواب ڏنو ته هي انڊونيشيا ۾ تيار ٿئي ٿو. هن ٻڌايو
ته ڪي دوست چون ٿا ته هي ڇُرَ ڪجهه عرصو اڳ،
هندستان کان آيل واپاري آڻيندا هئا. مون کائنس
”سنڌ ورڪين“ جي وڻج واپار بابت پڇيو ۽ هن ڪپڙي جي
سنڌ مان وڃڻ جي باري ۾ پنهنجا شڪ ٻڌايا. هو خود
حيران ٿي ويو ته سنڌ جا واپاري ايترو پري به ويندا
هئا.
جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم ته هي موضوع گهڻي محنت، گهڻو وقت ۽ گهڻا
ساٿي ٿو گهري. مون کي هن ڪتاب جي مختلف بابن لکڻ ۾
ڪافي وقت لڳو آهي.
منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب لکڻ ۾ مون کي چار سال کن لڳي ويا آهن.
انهيءَ هوندي به سرائڪي ايراضي ۽ راجسٿان ۾ سنڌي
ٻولي جي ڦهلاءُ متعلق گڏ ڪيل مواد مان آئون مطمئن
نه آهيان.
هت هڪ حقيقت واضح ڪري ڇڏيان ته هيءُ موضوع سياسي، سماجي علمي،
ادبي ۽ مذهبي تاريخ ۽ جاگرافيائي تاريخ جي موضوع
تي لکيل ڪتابن توڙي ذاتي مشاهدي سان گهڻو واسطو ٿو
رکي. مون پنهنجي سر ڪافي ڪتابن جو مطالعو ۽ سر
زمين جو اڀياس پڻ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي به آءٌ
اها هام نٿو هڻان ته هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل هر ڳالهه
حرف آخر آهي. مثال طور سبيءَ واري علائقي ۾ ڪم
ايندڙ ؟لاڙيچي ٻوليءَ“ جي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو
اٿم. ممڪن آهي ته ”فراڪي“ ۽ ”لاڙيچي“ ٻوليون
ساڳيون هجن. اهڙيءَ طرح کيتراني ٻوليءَ جي باري ۾
مواد شامل ڪري نه سگهيو آهيان. ساڳيءَ طرح سرائڪي
ايراضيءَ ۾ سرائڪي زبان جا اهي شاعر جن سنڌي زبان
۾ به شاعري ڪئي آهي، انهن جو احوال ڏيئي نه سگهيو
آهيان. بلڪل اهڙي طرح جهل مگسيءَ جي مگسي شاعرن جو
احوال به گهڻو ڪونه ڏنو اٿم. هي ڪتاب انهيءَ لحاظ
کان مڪمل احوال نه پر هڪ ڍانچو سمجهڻ گهرجي، جنهن
۾ ڪافي اضافو آڻي سگهجي ٿو.
آءٌ پنهنجي عزيز ڀيڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي شعبي جي
ليڪچرار محترمه مهرالنساءِ پنهور جو شڪر گذار
آهيان، جنهن مون کي لساني جاگرافيءَ جا نقشا مهيا
ڪيا. هن ڪتاب ۾ سر گريئرسن جي جڳ مشهور ڪتاب
Linguistic Survey of India
جي جلد اٺين ۾ ڏنل نقشو ۽ 1931ع ۾ شايع ڪيل
Census Report
۾ مروج مختلف ٻولين جي نقشي جو عڪس ڏنو ويو آهي.
اهي نقشا آنجهاني ڊاڪٽر سورلي ۽ سر گريئرسن جا
تيار ڪيل آهن. انهن نقشن لاءِ آءٌ انهن ٻنهي
آنجهاني بزرگن جا ٿورا ٿو مڃان. آءٌ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ جي مشاورتي بورڊ جي هر ميمبر جو عموماً
۽ چيئرمين ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر جو
خصوصاً شڪر گذار آهيان، جن هي ڪتاب ڇپائيءَ لائق
سمجهي، ان جي ڇپائڻ جي اجازت ڏني. آءٌ محترم
عبدالقادر جوڻيجي، مسٽر الله بچائي ”ناز“ ڀٽي جو
پڻ ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتاب جي ڇپائڻ ۾ دلچسپي
ورتي.
آءٌ سنڌ يونيورسٽي پريس جي مئنيجر جناب اعجاز محمد صديقي ۽ سندس
عملي خاص ڪري مولانا محمد حسن بلوچ جو به شڪر گذار
آهيان، جن هن ڪتاب جي سهڻي ڇپائي ۽ گيٽ اپ ۾
دلچسپي ورتي.
مون کي خوشي تڏهن ٿيندي، يا پنهنجي محنت جو ڦل انهيءَ ۾ سمجهندس
جڏهن بلوچستان، بهاولپور ۽ رحيم يار خان جي مختلف
خطن ۾ رهندڙ يا ٻين هنڌان ڪي سڄڻ منهنجي اوڻاين ۽
غلطين طرف منهنجو ڌيان ڇڪائيندا، آئون سندن
ٿورائتو رهندس.
مون کي اُميد آهي ته سنڌ جو هر فرد عام طور شاگرد طبقو خاص طور
هن ڪتاب مان فائدو حاصل ڪندو.
غلام علي الانا
ناشر طرفان
(ڇاپو پهريون)
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ڪارڪردگيءَ جو ڦهلاءُ هاڻ ايستائين
پهچي چڪو آهي جو اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل نه رهي
آهي ته هن اداري سنڌ جي ثقافت، ادب ۽ زبان جي جيڪا
خدمت ڪئي آهي، اها ڳڻپ ۾ اچڻ جهڙي آهي.
هونئن ته هن اداري کي پنهنجا ٻيا ٻه شعبا آهن، جيڪي ڀرپور طريقي
سان سنڌ جي ثقافت ۽ علم جي خدمت ڪري رهيا آهن، پر
هتي مقصد صرف پبليڪيشن سان آهي.
هن شعبي طرفان علم ۽ ادب جي مختلف شاخن تي سنڌي، عربي، اردو،
انگريزي ۽ پنجابي زبانن ۾ ڪافي ڪتاب ڇپائي پڌرا
ڪيا ويا آهن ۽ انهن ڪتابن جي پڙهندڙن وٽان جوڳو
داد حاصل ڪيو ويو آهي: نه رڳو اهو پر تازو هن
اداري جي ٻن ڪتابن ”رساله شاهه لطيف“ ۽ ”سنڌي
ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ۽ ”سنڌي الف – ب جي ارتقا“
بين ال پاڪستاني اعزاز به حاصل ڪيا آهن. |