سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ

باب: --

صفحو :10

سنڌ مان هڪ طرف خشڪي رستن ذريعي واپاري قافلا ويندا هئا ته ٻئي طرف واهڻ ۽ غوراب، سامونڊي بندرن تان مال سال ڀرجي روانا ٿيندا هئا. اهو واپار مغرب ۾ عربستان ۽ ايران، اتر ۾ قنڌار، افغانستان ۾ بلخ ۽ بخارا تائين هلندو هو(1). انهيءَ ڪري واپاري منڊين، بندرن ۽ بازارن ۾ سنڌي واپارين، سندن گماشتن، منيبن ۽ منشين جي گهڻائي نظر ايندي هئي. اهڙيءَ طرح مشرق بعيد توڙي ايران کان ايندڙ يا انهن ملڪن ڏي ويندڙ ڪي اهم شاهراهون، بلوچستان جي مختلف خطن سان گڏ مڪران مان لنگهنديون هيون. ۽ سنڌ ۽ مڪران جا ناتا قديم آهن.

مذڪوره واپاري قافلن کي مڪران وچان لنگهڻو پوندو هو. انهن مان هڪ رستو خضدار، نال ۽ تربت کي ملائيندو، دريا مشڪيءَ جي ماثرين مان گذرندو، ڪولواهه ۽ ڪيچ جي وادين ۾ داخل ٿيندو هو. هڪ ٻي واٽ سوراب کان پنجگور وڃڻ واري واٽ هوندي هئي. هيءَ واٽ وچ مڪران ۽ سياهان جبلن جي وچ مان لنگهندي هئي.

سنڌ ۽ بلوچستان کي مڪران ذريعي ملائيندڙ ٽين واٽ اها آهي جيڪا مڪران ۽ لس ٻيلي کان نڪرڻ کان پوءِ، لڪي جبلن کي پار ڪري، سنڌ ۾ داخل ٿيندي آهي. مڪران جي ساحلي علائقي ۾ به هڪ اهم رستو موجود آهي، جو ايراني بلوچستان مان نڪري، انهيءَ ساحلي علائقي کي پار ڪري، سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي. قديم زماني کان اهو ئي رستو آمدرفت ۽ مواصلات، توڙي وڻج واپار ۽ فوجي حملن لاءِ هوندو هو(1). هولڊچ (Holdich) انهيءَ واٽ کان ويندي، ۽ ان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”بار سان لڏيل اُٺن سان واديءِ سنڌ کان وٺي ايران تائين مڪران جي وچان مسافري ڪرڻ اسان لاءِ ممڪن هو. اسان کي واٽ تي ڪا به تڪليف نه ٿي. رستي تي پٿر سان پاڻيءَ جا ننڍا تلاءَ ٺهيل آهن. سرن سان بند ٻڌي پاڻي گڏ ڪرڻ جو بندوبست ڪيل آهي“(2).

هن ئي رستي کان ڪيترائي سنڌي ڪٽنب ۽ قبيلا لڏي لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ وڃي ويٺا، ۽ ڪي اڃا به اڳتي ايران طرف ويا. اهو ئي رستو آهي، جتان سنڌ جا قبيلا پنهنجين مينهين جا ڌڻ ۽ اُٺن جا وڳ ڪاهي، پهرين بلوچستان ۾ وڃي ويٺا، ۽ پوءِ ايران کي پار ڪري، اڳتي دجله ۽ فرات ندين جي ماٿريءَ ۾ وڃي آباد ٿيا(3).

ايراني نار ۽ واديءِ سنڌ جي وچ ۾ سڀ کان آسان واپاري وسيلو اهو سامونڊي رستو هو، جو سامونڊي بار بردار واهڻن، ٻيڙين ۽ غورابن جي آمدرفت لاءِ اهم وسيلو هوندو هو. انهيءَ سامونڊي رستي ذريعي سنڌ جا واپاري مال ڀري، ايراني نار عدن ۽ مصر تائين ويندا هئا، ته ٻئي طرف مشرق بعيد جي ملڪن تائين رستا هئا. اهو واپار انگريزي حڪومت جي شروعات تائين به جام هلندو هو.

واپارين جي اچ وڃ، واپاري شين جي آمدني ۽ روانگي، ۽ واپاري ڏي-وٺ، گفتگو توڙي روزانه ڪاروبار سبب سنڌي زبان جو رواج وڌيو، ۽ ٻوليءَ جي استعمال ۾ واڌارو ٿيو. انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو واپاري منڊين، بندرن، شهرن، ڳوٺن ۽ ڊاٻي ڪرڻ وارين جاين تائين ڦهلاءُ ٿيو.

هن سلسلي ۾ هي نقطو غور طلب آهي ته پنهونءَ جو ڪيچ مان واپارين جي قافلي سان اچڻ، ڀنڀور ۾ واپار ۾ ساهري گهر رهڻ مان ائين ٿو ثابت ٿئي ته پنهون توڙي سندس ڀائر ۽ ٻيا ساٿي سڀ سنڌي زبان يا ڪو اُن جو لهجو ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندا هوندا. انهيءَ خطي تائين سنڌي زبان سمجهي ۽ ڳالهائي ويندي هئي، يا پنهونءَ وارا جدگال قبيلن مان هئا. سنڌي زبان جي انهيءَ ڦهلاءُ ۽ اثر مان هي نتيجو نڪتو آهي ته اڄ به مڪران جا ڪيترائي قبيلا سنڌي زبان ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندا آهن. هن دعوا جي دليل لاءِ ايندڙ صفحن ۾ ذڪر ڪيو ويندو.

(ت) مڪران ۾ سنڌي قبيلن جي آبادي: اها مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا، بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر مڪران ۽ بلوچستان ۾ بلوچ قبيلن چوٿين صدي عيسويءَ کان اچڻ شروع ڪيو(1). بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت قومون (جدگاکي) گهڻي تعداد ۾ رهنديون هيون(2). جڏهن ابن حوقل مڪران پهتو هو، تڏهن يعني ڏهين صدي عيسوي ڌاري مڪران تي جتن يعني جدگالن جو قبضو هو(1)، جيڪي قديم زماني کان هن خطي ۾ رهندڙ هئا(2).

اُن زماني ۾ ڪرمان کان هيٺ، جيڪو ملڪ سنڌ جي حڪومت جي سرحد ۾ اچي ٿي ويو، اُتي جا رهاڪو سنڌي هئا، ۽ لشڪر ۾ به سنڌي جوانن جي اڪثريت هوندي هئي. انهن مان ڪي اڃا تائين بلوچستان، دشت ۽ ڪرمان واريءَ ايراضيءَ ۾ رهن ٿا، ۽ پاڻ کي جدگال سڏائين ٿا. انهن جي ٻولي سنڌي آهي، جنهن کي هو جدگالي سڏيندا آهن. سندن ٻولي جو نمونو ايندڙ صفحن ۾ ڏنو ويو آهي. اهي قبيلا هزارين سالن کان ڪرمان ۽ زاهدان جي وچ واري علائقي ۾ آباد آهن. اهي قديم زماني ۾ لس ٻيلي ۽ سنڌ مان لڏي هت اچي ويٺا(3). انهيءَ کان سواءِ هي علائقو سنڌ جي حڪومت جو سرحدي علائقو پڻ هو، ۽ هتي جيڪو سنڌي لشڪر رهندو هو، ان ۾ جدگالن جي اڪثريت هوندي هئي.

اهي جدگال سامونڊي واپار ۾ به تيز هوندا ها. اُن وقت باهو، دشتياري، ميرجاوا ۽ مهدان مشهور سامونڊي بندر ۽ واپاري مرڪزي هوندا هئا. هن وقت به انهن شهرن ۾ جدگال گهڻي قدر رهن ٿا.

اهڙيءَ طرح گوادر جي اُتر – اولهه طرف باهو ۽ دشتياري ضلعن ۾ جدگال گهڻي قدر رهن ٿا. ساڳيءَ طرح ڪلانچ واري ايراضيءَ ۾ پڻ جدگالن جي گهڻي آبادي آهي. جدگالن جي پاڙن مان ڪي تربت، ڪيچ ۽ پنجگور جي ماٿري، گوادر جي چوڌاري، ڪولوا ۽ پشوڪن کان اولهه طرف ايراني مڪران ۾ باهو ۽ دشتياريءَ تائين پکڙيل آهن. جيتوڻيڪ اهي هاڻ بلوچن سان گڏجي مسيجي ۽ گاڏڙ ٿي ويا آهن، پر تنهن هوندي به هو پنهنجي جدگالي ٻولي قائم رکندا اچن، ۽ هزارين سالن جي گذرڻ جي باوجود هو پاڻ ۾ عام طور جدگالي ٻولي ڳالهائيندا آهن(1). مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته: پاڪستان ۾ سنڌي زبان جو دائرو ڪشمير کان ڪڇ تائين، ۽ ٿر کان وٺي مڪران جي دشت نديءَ تائين وسيع آهي(2). هن خطي جي جدگالي ٻوليءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

لاڙي سنڌي

لاسي

جدگالي

آءٌ ماني کان پيو

آن ماني کيان پيو

مين ماني کائين سو

مون کي چيو ائيس

مان ک به چيائين آئي

مينک به چيائين سو

باهه وڪوڙي ويئي آئيس

ڄيرو لڳوس آئي

سڄو ڄيري ۾ سڙي ويوڇي

تنهنجو نالو ڇا آئي؟

توجو نالو ڇو، ڙي؟

توجو نالو سوئي؟

هو ويٺو آئي

هو بيٺوءِ

هو بيٺو ڇوءِ

مون کي ماري تو

مونک ماري تو

مينک ماري سو

ڪيڏان پيا وڃو

ڪيڏ تو وڃي

ڪنڏ ڪي تو وڃين

جدگالن جا پاڙا:

مڪران ايراضيءَ ۾ جدگال قبيلو هيٺين پاڙن ۾ ورهايل آهي(1)

(i) رئيس، (ii) ڪينگيزئي، (iii) مهدي زئي، (iv) بند، (v) ڪوڙڪ ۽ (vi) سنگر. منجهانئن ڪن جو وستار هيٺ ڪجي ٿو:

(i) رئيس: هيءَ شاخ لس ٻيلي جي ڄاموٽن سان پنهنجي نسبت جي دعوا ڪري ٿي(2). هيءَ شاخ پراڻي زماني کان مڪران جي اندرئين حصي ۾، ڪيچ ۽ پنجگور جي ماٿرين ۽ ساحلي خطي ۾ پشوڪن جي اولهه طرف، باهو ۽ دشتياريءَ تائين پکڙيل آهي(3).

(ii) ڪينگيزئي: هيءَ شاخ پنجگور واديءَ جي عيسائي ايراضيءَ ۾ رهندي آهي(4). هيءَ شاخ لس ٻيلي جي ڄاموٽن سان نسبت جي دعوا ڪري ٿي(5). هي ماڻهو اها به دعوا ڪن ٿا ته هن شاخ جا ماڻهو انهيءَ زماني ۾ پنجگور جي وادي ۾ اچي ويٺا آهن. جنهن زماني ۾ گچڪي قبيلو پڻ اچي ويٺو هو. هي ڪيچ جي واديءَ ۽ تربت ۾ رهن ٿا. ڪيچ پنجگور جي سردارن سان مائٽيءَ جي دعوا ڪن ٿا.

(iii) سنگر: جدگال قبيلن جي هن پاڙي جا ماڻهو لس ٻيلي کان وٺي اولهه طرف ايراني سرحد تائين پکڙيل آهن. هي ماڻهو اها دعوا ڪن ٿا ته اهي اصل ۾ سنڌ ۾ رهندڙ جوکين سان واسطو رکن ٿا(6). حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو سنڌ مان لڏي پهرين قلات طرف وڃي ويٺا، جتي هو ڪافي زماني تائين رهيا، پوءِ هنن کي پندرهين صدي عسويءَ ڌاري، برهين ۽ جدگالن جي وچ ۾ ٿيل ويڙهه واري زماني ۾، مڪران ڏانهن هڪالي ڪڍيو ويو. هي ماڻهو اڪثر ڪري گهومون ۽ خانه بدوش آهن. اُٺ پالڻ (Camel breeding) جي ڪري مشهور آهن. مڪران ۾ هنن جو خاص ڌنڌو مال ڌارڻ آهي، پر ساڳئي وقت زراعت جو ڌنڌو پڻ ڪندا آهن(1). مهدي زئي هن پاڙي جي شاخ آهي. هيءَ شاخ (مهدي زئي) گوادر جي آسپاس ڪولوا ۽ ڪيچ جي ماٿريءَ ۾ گهڻو ڪري آباد آهي(2).

جدگالن کان سواءِ مڪران ۾، هن وقت جيڪي سنڌي قبيلا يا سنڌي ڳالهائيندڙ قومون آباد آهن، تن مان ڪي هي آهن:

گچڪي: هن قبيلي تي، پنجگور جي واديءَ، گچڪ جي ڪري نالو پيل آهي، جتي هي پهرين پهرين وڃي آباد ٿيا. هي قبيلو، جيتوڻيڪ تعداد ۾ گهٽ آهي، پر طاقت ۾ زور آهي. مختلف حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي قبيلو مڪران جو اصل رهاڪو نه آهي، پر ٻاهران آيل آهي. ڪي چون ٿا ته هن قبيلي جا ماڻهو جيپور، جوڌپور، مارواڙ ۽ ڄام ننگر کان آيل آهن، پر اڃا تائين اهو فيصلو ٿي نه سگهيو آهي ته هنن جو اصل وطن ڪهڙو هو(3).

بزنجا: مڪران ۾ رهندڙ بزنجا، هن خطي ۾ جهالاوان واريءَ ايراضيءَ کان آيل آهن. هي جهالاوان جي، ناڙي خطي ۾ رهندڙ ڪنهن قبيلي سان واسطو رکن ٿا. هي بلوچي ۽ سنڌي ڳالهائيندا آهن.

وردلي: هي سنڌ مان لڏي ڪلانچ ۾ وڃي ويٺا. هي واڍڪو ڌنڌو ڪندا آهن.

ميد: چچنامي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته: ”ديبل بندر ميدن جو مرڪز هو. عرب مؤرخن جي حوالن مان گمان نڪري ٿو ته مڪران، سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ جي ڪناري تي رهندڙ اهي قومون جن جو پيشوئي ڌاڙا هڻڻ ۽ ڦريون ڪرڻ هو تن مڙني کي ميد نالو سڏيو ويو آهي“(1).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”سنڌ جا ميد غالباً سنڌ جي سامونڊي ساحل جا ميربحر هئا. هاڻوڪو لفظ ميہ شايد ميد جي بدليل صورت هجي“(2).

هيءَ قوم ڪچي – گنداوا خطي مان لڏي اچي مڪران ۾ ويٺي. مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”سون مياڻيءَ کان وٺي گوادر بندر تائين، ميد ۽ ڪورا ٻه قومون رهن ٿيون، جن جو گذران جهاز راني ۽ مڇي مارڻ تي آهي. گوادر جي هڪڙي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته سندن اصل وطن ڪڇي هو“(3).

هن قوم جو سخي تنگاو (Sakhi Tangav) ۾ گهڻو اعتقاد آهي، جنهن جي درگاهه ڪڇيءَ جي ڍاڍر خطي ۾ آهي. ايليئٽ جي راءِ موجب ميد قوم سنڌ مان لڏي پهرين اچي، ڪڇيءَ ۾ ويٺي هئي(4). پوءِ هتان مڪران طرف لڏي ويئي. اهي ايراني نار کان وٺي ملبار تائين جهاز راني ڪندا هئا(1) بلوچستان گزيٽيئر مطابق ميد قوم هيٺين چئن شاخن ۾ ورهايل آهي(2).

(i) چل مارزئي، (ii) جلارزئي، (iii) گزبر ۽ (iv) اورماڙي يا اولماري، انهن مان چل مارزئي شاخ ميد قوم جي اهم شاخ آهي. هي شاخ پاڻ کي لاسي سڏائي. پنهنجو حسب نسب لومڙيا قوم سان ملائي ٿي، جا لس ٻيلي ۾ رهندي هئي. گزبر پاڻ کي بلوچ سڏائين ٿا ۽ اورماڙي پاڻ کي افغان سڏائين.

ميدن جون ڪافي رسمون ۽ رواج آفريڪا جي ماڻهن جي رسمن جهڙيون لڳن ٿيون، پر عجب جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته رسمن جي ادائگي وقت هو جيڪي گيت يا راڳ ڳائيندا آهن، اهي سنڌي ٻوليءَ جا آهن(3). انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته مڪران ۾ گهڻو زمانو رهڻ جي ڪري سندن رسمن تي مڪران جي رسمن جو اثر پئجي ويو آهي.

خواجا يا خوجا: هنن کي لوٽيا به چوندا آهن. هيءَ قوم صدين کان ڪڇ مان لڏي گوادر، پسني، اوماڙي ۽ خاران واري خطي ۾ اچي آباد ٿي. هي واپاري آهن.

هندو: هي گهڻو ڪري سڀ سنڌ مان لڏي اچي ويٺا آهن. ساحلي ايراضي ۽ بندرن جي ويجهو ڳوٺن ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا جهڙوڪ هزمتگر، دردز، نڪيب، لئگب، هوت ۽ بزنجا پنهنجي خاص لهجي واري سنڌي زبان ڳالهائين ٿا.

مٿئين بيان کان پوءِ هيئن چئبو ته مڪران ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ۽ اثر پراڻي زماني کان آهي. عربن جي آمد وقت مڪران وارو علائقو سنڌ جي ماتحت هو. سنڌي ان وقت به معياري ۽ وڻج واپار واري ٻولي  هئي، ۽ روزانه استعمال ۽ اظهار جو ذريعو هوندي هئي. ان ڪري ان زماني ۾ جيڪي ڳوٺ واستيون ۽ آباديون قائم ڪيون ويون. انهن مان ڪن تي نالا به سنڌي رکيا ويا(1). نه فقط اهو پر مڪران ضلعي ۾، پسني تحصيل ۾، جدگال نالي هڪ وڏي ايراضي آهي. هن سڄيءَ ايراضيءَ ۾ جدگالي ٻولي مروج آهي.

 (ث) مڪران ۾ سنڌي زبان ڳائيندڙن جو تعداد:

مڪران ضلعي ۾ عام طور چار ٻوليون مادري زبان طور ڳالهايون وينديون آهن. اهي آهن: بلوچي، جدگالي، لاسي ۽ لوري چيني يا لوڙي چيني(2). جدگالي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لهجو آهي، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. هيءَ ٻولي انهن خطن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي جتي جدگال يا سندن پاڙا ۽ شاخون آباد آهن، جدگاليءَ کان سواءِ لاسي ٻولي به هن خطي ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته جدگال قبيلا، سندن پاڙا ۽ شاخون، توڙي ٻيا ڪيترائي سنڌي (لاسي) ٻولي ڳالهائيندڙ قبيلا سڄي مڪران ۾ پکڙيل آهن. اهي ڪيچ ۽ پنجگور جي واديءَ، تربت، ڪلانچ، ڪولوا ۽ گوادر جي آسپاس آباد آهن. اهڙي طرح ايران ۾ باهو ۽ دشتياريءَ ۾ به جدگال ۽ ٻيا سنڌي گهڻا رهن ٿا.(3) جيڪي هزارين سالن جي گذرڻ جي باوجود انهيءَ حصي ۾ پنهنجي ٻولي قائم رکندا اچن.

لوري چيني (لوڙي چيني)، لورا ۽ لوري قوم جي ٻولي آهي. هيءَ ٻولي به سنڌي ٻوليءَ سان ملي جلي ٿي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته هيءَ ٻولي سنڌي ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتل آهي.(1) لفظ چيني، سنڌي ٻوليءَ جي لفظ ”چئيني“ يعني ”چوي ئي ٿو“ مان نڪتل آهي:(2) جنهن جي معنيٰ آهي ”ٻولي“.

لورا اصل سنڌ جا رهاڪو هئا جيڪي سنڌ مان لڏي بلوچستان ۽ ايران طرف روانا ٿيا. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوڇ صاحب لکي ٿو:

”لورا، لنگها ۽ مڱڻهار راڳ جا ماهر اڳواڻ هئا. اهي جڏهن ساساني درٻار ۾ پهتا ته اتي پنهنجي راڳ رس جا اهي ته منڊل مچايائون جو هنڌين ماڳين سندن مشهوري ٿي ويئي. بادشاهه پاڻ کين شوق سان گهرايو هو، انهيءَ ڪري سندن وڏي قدرداني ٿي. انهيءَ قدردانيءَ جون خبرون ٻڌي ٻيا سندن ساٿي سنڌ مان ايراني پهتا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي انهن ماهر لورن راڳيندڙن، ايران ۾ سڪونت اختيار ڪري پنهنجي مخصوص موسيقيءَ کي مروج ۽ مشهور ڪيو“.(3)

هن سلسلي ۾ اها خبر نٿي پوي ته هن خطي ۾ جدگالي، لوري چيني، لاسي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جو في سيڪڙو ڪيترو آهي؟ آدمشماريءَ جون رپورٽون انهيءَ سلسلي ۾ ڪا به مدد نه ٿيون ڪن. هن قسم جو صحيح احوال تڏهن ملي سگهندو. جڏهن سنڌي زبان ۽ ان جي لهجي جو خطي وار جائزو ورتو ويندو، يا بلوچستان جو علم الانسان (Anthropology) جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيو ويندو، يا بلوچستان ۾ رهندڙ قبيلن جي تاريخ (Ethnographical History) لکي ويندي.

بلوچي ٻوليءَ تي سنڌي ٻوليءَ جو اثر

هن کان اڳ بلوچستان جي مختلف خطن جي بيان ۾ مجموعي طور بلوچستان تي سنڌ جو سياسي، سماجي، تجارتي ۽ مذهبي اثر ثابت ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ قديم زماني کان انهن ناتن هجڻ ڪري نه فقط اتي سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ٿيو آهي، ۽ نه فقط ڪن خطن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مادري زبان هجڻ جي حيثيت حاصل ٿي آهي. پر ان سان لهجن يعني مغربي لهجي توڙي مشرقي لهجي تي سنڌي زبان جو تمام گهڻو اثر رهيو آهي(1). اهو اثر نه فقط لفظن (اسمن، ضميرن، صفتن، فعلن ۽ ظرفن) جي اُڌاري وٺڻ جي صورت ۾ نمايان آهي(2)، پر بلوچي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاء ۽ صوتياتي نظام تي پڻ ظاهر آهي. ان ڏس ۾ ميجر ماڪلر (Major Mockler) لکي ٿو:

”بلوچي زبان جي صوتياتي نظام ۾ (ٽ، ڊ ۽ ڙ) جا آواز هندستاني ٻولين مان داخل ٿيا آهن“ (3).


(1)  ملڪ محمد سعيد بلوچ: بلوچستان ما قبل تاريخ، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 188.

(1)  ملڪ محمد سعيد بلچ: بلوچستان مان قبل تاريخ، ص 161.

(2) Holdich, Th., The Gates of India, A historical narrative, London, 1910, p.289.

(3) Sigrid Westphal – Hellbuisch, W., The Jats of Pakistan, Duncker and Humblot, Berlin, 1964, pp.100-106.

(1) Mir Ahmed Yar Khan, Inside Baluchistan, op. cit. p. 55.

(2) District Census Report of Makran District, 1961, pp. 1-14.

Also see: Baluchistan Gazetteer, op. cit, p.63.

(1) Ibid, p.60.

(2) Ibid, p. 86.

(3) Baluchistan Gazetteer, p. 95.

(1) Ibid, p.67.

(2)  مولائي شيدائي: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 22.

(1)  مولائي شيدائي: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع، ص 95.

(2)  مولائي شيدائي: لکي ٿو ته رئيسياڻي ۽ شهواڻي بروهين جون شاخون آهن. ڏسو: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 52.

(3) Baluchistan Gazetteer, p.101.

(4) Ibid, p. 98.

(5) Ibid. p. 104.

(6) Baluchistan Gazetteer, p. 104.

(1)  Ibid, p. 101.

(2) Ibid.

(3) Ibid.

(1)  چچنامو، ص 438.

(2)  ڏسو چچنامو، ص 438.

Also see: District Census Report of Makran District, 1961, pp. 1-14

Also see: Baluchistan Gazetteer, p. 85.

(3)  مولائي شيدائي، جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 93.

(4) Elliot, H., History of India, Vol. I. p. 521.

(1)  مولائي شيدائي: جنت السنڌ، ص 93.

(2) Baluchistan Gazetteer, p. 106.

(3) Baluchistan Gazetteer, p. 106.

(1) Ibid, p. 58.

(2)  مولائي شيدائي: جنت السنڌ ۾ لوڙي چيني لفظ ڪم آندو آهي ڏسو: جنت السنڌ، ص 22.

(3) Baluchistan Gazetter, p.58.

(1) Ibid, p.76.

(2) Ibid.

(3)  نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، حيدرآباد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز،1978ع، ص ص 7 ۽ 8

(1) George Morgestierne, Report on a Linguistic Mission to North Western India p, :5.

(2) Mockler, E., A Grammar of the Balochee Language, London, Henry S. Kings and Co, 1877, 78.

(3) Ibid.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com