- سنڌيءَ ۽
سنسڪرت ۾ ڪي هڪجهڙايون:
مون هن ڪتاب جي پهرئين ڇاپي ۾، سنڌي ۽ سنسڪرت ۾ ڪن هڪجهڙاين جا
ڪي مثال ڏنا هئا، اُهي مثال هيٺ دُهرايا وڃن ٿا؛
پر سنڌي سنسڪرت ۽ هند- آريائي ٻولين ۾ هڪ جهڙاين
جو خاص سبب هي به آهي ته آرين جي فاتح هجڻ جي
حيثيت ۾، فاتح قوم جي تهذيب ۽ ٻوليءَ/ ٻولين جو
مقامي تهذيب ۽ ٻولين تي اثر ٿيڻ عام ڳالهه هئي.
اهڙيءَ طرح سنڌو-ماٿر جي ترقي يافته تهذيب، ڌرمي
ڪريا ڪرمن ۽ ٻوليءَ جو، آرين جي تهذيب ۽ ٻولين تي
پڻ اثر ٿيو، هن ڏس ۾ پروفيسر سنتي ڪمار چئٽرجيءَ ۽
ڪولن ماسيڪا جي بيان ڪيل راين مان ڪي رايا مثال
طور هيٺ ڏجن ٿا. پروفيسر چئٽرجي لکي ٿو ته:
”آرين جي ٻوليءَ، قديم هندستان جي ساهتيه، ڌرم ۽ سوچ ويچار ۽ اخلاق جي
ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهي ٻوليون خيالن جي
اظهار، تهذيب ۽ تمدن، جن جو بنياد آسٽريلوي ۽
دراوڙي نسل وارين قومن رکيو هو، تن تي سنسڪرت
اُتر- اولهه واري پراڪرت، پالي ۽ ٻين ٻولين جو اثر
پيو، اُن ڪري هتي جي مقامي ٻوليءَ تي انهن ٻولين
جي صوتي، صرفي ۽ نحوي صورتن جو اثر پيو.“
هن ڏس ۾ ڪولن ماسيڪا جو رايو آهي ته:
”اها هڪ اهم ڳالهه آهي ته، سنڌو-ماٿر تي آرين جي تسلط کان پوءِ، پوري ڀارت ۾
آرين جي پکڙجي وڃڻ کان پوءِ هتي جي ماڻهن آريائي
ٻوليون اختيار ڪيون، خاص ڪري مشرقي بنگال ، آسام،
اوڙيسا ۽ ڏکڻ بهار خاص علائقا هئا، جتي آريائي
ٻوليون غالب پئجي وئيون.“
انهن اثرن جي ڪري اُن وقت جي سنڌو ماٿر ۾ رائج ٻوليءَ تي سنسڪرت
جو اثر ٿيڻ ضروري هو مثال طور:
(الف) صوتي هڪجهڙايون:
سنڌي ۽ سنسڪرت جي صوتياتي نظام جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته
سنڌيءَ ۾، سنسڪرت واريون مڙيئي صوتياتي خصوصيتون
نه پر، ٻنهي زبانن ۾،ڪي خصوصيتون ضرور ساڳيون آهن.
سنسڪرت وانگر سنڌيءَ ۾ به سڀ ’ڌوڪڻا وينجن‘ (plosive
sounds)
ٻچپوان (bilabial)،
ڏندوان (dental)،
مورڌني (retroflex)
سخت تارونءَ وارا (palatal)
۽ نرم تارونءَ وارا (velar)،
گهڻا ويجن (nasal consonants)
]م، مهه، ن، نهه، ڻ، ڻهه، ڃ ۽ ڱ[
اهڙيءَ طرح گسڻا (fricatives)،
ڦرڻا (rolled)
۽ ڦڙڪي وار (flaps)
آوازن مان، ڪن ڪن آوازن جي اُچارن ۾ فرق جي باوجود
ٻنهي ٻولين جي صوتياتي نظام ۾ عام آهن. انهن
اَوازن مان ڪن جا مخرج به، سنڌي زبان جي صوتياتي
نظام ۾، لڳ ڀڳ ساڳيا سنسڪرت جهڙا آهن. سنسڪرت ۾
سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾، ’نيم-سر‘ (semi-vowels)
به زياده آهن ۽ سنسڪرت ۾ ’چُوسڻا اَواز‘ (Implosive
sounds)
بلڪل نه آهن.
هتي هي نقطو به واضح ڪرڻ مناسب ٿيندو ته جيئن اڳتي هلي اهو
ڄاڻايو يو آهي ته سنڌو-ماٿر جي ٻولي يعني سئنڌُئي
ٻوليءَ جي صوتياتي نظام جو آرين جي، ٻولين-پراڪرت
۽ اُن جي شاخن جهڙوڪ سنسڪرت، تي تمام گهڻو اثر
ٿيو، جنهن ڪري سنسڪرت ٻوليءَ،
’مورڌني آواز‘
۽ ڪي ’گهڻا آواز‘ سنڌو-ماٿر جي ٻوليءَ (سئنڌُئي)
تان اُڌارا ورتا، بلڪ جنهن پراڪرت (اُڌيچيه جي تڪش
شلا واري علائقي ۾ مروج) کي سنسڪرت جو روپ ڏنو يو
هو. ان پراڪرت ئي اُڌارا ورتا هئا.
(ب) صوتياتي هڪ جهڙايون:
(i)
اڳتي هلي، مثالن ذريعي، اهو سمجهايو ويو آهي ته،
سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي آخر (final position)
۾، هميشه ڪونه ڪو ’سُر‘ (vowel)
ضرور اُچاريو ويندو آهي، پر برصغير جي ٻين ٻولين ۾ ائين نه آهي؛مثال طور:
سنسڪرت |
سڌي |
هَتسَ |
هَٿُ |
جيوَ |
جيوُ |
ڪَشٽَ |
ڪَشٽُ |
مَيگههَ |
ميگههَ |
ماترَ |
ماءُ |
مِترَ |
مٽُ |
پُترَ |
ڦُٽُ پُٽُ |
(ii) سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي لفظن جي مُنڍ (Initial
position) ۾ سنسڪرت جي اثر کان، سنسڪرت ٻوليءَ جي صوتياتي نظام وانگر
’مرڪب آواز‘ اُچاريا ويندا آهن. اها خصوصيت سنڌي
ٻوليءَ جي صوتياتي نظام جي پنهنجي خصوصيت نه اهي،
پر اها خصوصيت سنسڪرت،پراڪرت ۽ پاليءَ جي اثر کان
سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي آهي. اهو واضح ڪرڻ به تمام
ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾،
سنسڪرت جي اثر جي ڪري صرف ڪن مرڪب آوازن کان سواءِ
يا انهن جي دائري کان ٻاهر ڪي به مرڪب آواز سنڌي
ٻوليءَ جي لفظن جي مُنڍ ۾، اُچاريا نٿا وڃن.
انهيءَ مقرر دائري موجب، اهڙن مرڪب آوازن جو
’پويون جُز‘ (second
component)
گهڻو ڪري
]ر[
يا
]ي[
هوندو آهي.
سنسڪرت زبان ۾ لفظن جي مُنڍ ۾ ڪم ايندڙ مرڪب آوازن جو دائرو
تمام وسيع آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ سواءِ سنسڪرت مان
اُڌارن ورتل ڪن لفظن جي، سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي
صوتياتي نظام ۾ لفظن جي مُنڍ ۽ مرڪب آوازن جو
استعمال ناممڪن آهي. هيءَ خصوصيت ڪنهن به ’سامي
ٻوليءَ‘ يا سامي ٻولين جي ڪنهن به شاخ ۾ به
استعمال نه اهي، پر هند- آريائي يا هند- يورپي
ٻولين ۾، هن خصوصيت جو استعمال تمام گهڻو ۽ وسيع
آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾، سنسڪرت مان ’ورتل لفظن‘ (borrowed
words)
۾ هيءَ خصوصيت ملاحظه فرمايو:
مُنڍ وارا گڏيل آواز |
سنڌي لفظ |
]ڌيَ[ |
ڌيانُ |
]ٻيَ[ |
ٻيائي، ٻيان |
]پيَ[ |
پيارُ |
]ڏيَ[ |
ڏيارِي، ڏياٽِي |
]نيَ[ |
نياپو، نياءُ |
]گيَ[ |
گيانُ |
]ڪُيَ[ |
ڪياڙي |
]جيَ[ |
جياپو |
]پرَ[ |
پريمُ |
]ڪُرَ[
|
ڪروڌ |
]گُرَ[
|
گراهِڪُ |
انهن لفظن جي مُنڍ ۾ ڪم ايندڙ مرڪب آوازن جي سلسلي ۾، هن ڪتاب
جي ٻئي ڀاڱي ۾ وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي.
(ت) صرفي هڪجهڙايون:
سنڌيءَ ۽ سنسڪرت ۾، صرفي هڪ جهڙاين جا به ڪيترائي مثال ملن ٿا،
پر اهي هڪجهڙايون به سنڌو-ماٿر ۾ رائج ٻوليءَ
(سَئنڌئي) ۽ سنسڪرت جي، هڪ ٻئي تي اثر ڪري، ٻنهي
ٻولين هڪ ٻئي کان اهي خصوصيتون اُڌاريون ورتيون
آهن.
مثال طور سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي ’اڳياڙين‘ (prefixes)
۽ ’پڇاڙين‘ (suffixes)
ڪردنتن جي نشانين ۽ صفتي اُهڃاڻن بابت مختصر جائزو
هيٺ ڏجي ٿو:
(i) سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾، هيٺيون اڳياڙيون هڪجهڙون آهن
اڳياڙي |
سنسڪرت |
سنڌي |
اُپَ- |
اُپ
اُپڀاشا |
اُپڀاشا |
اَوَ- |
اَوَ-
|
اَوَگُڻ |
وِ |
وِ-
|
وِديشي |
اَڀ- |
اَڀ-
|
اَڀِمان |
بِنا- |
وِنا-
|
بناپئسي |
اَ- |
اَ- اَوَنتَ
|
اَٻَلَ، اَڄاڻ، اَمَيو |
اَڻ- |
اَن- ان اَنتَ، اَن اَرٿَ |
اَڻهوند، اَڻڄاڻ، اَڻمَيو |
سَ- |
سَ-
|
سَرَهو،سَڀاڳُ، سَڪرَمي |
سُ- |
سُ-
سڀاگيه |
سُپَت، سُچيت |
دُش- |
دُش-
دشڪال |
ڏُڪار |
ڪَ- |
ڪَر-
|
ڪَپوٽ |
ڏُ- |
دُر-
دُر ڀاگيه |
ڏتڙ |
(ii) پڇاڙيون- سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ هيٺيون پڇاڙيون هڪجهڙيون
آهن. اهي پڇاڙيون، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سنسڪرت مان
آيون آهن يا نه، انهيءَ سلسلي ۾ هن ڪتاب جي ڀاڱي
ٻئي ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي.
پڇاڙي |
سنسڪرت |
سنڌي |
- اڪَ |
- اَڪَ
|
وَڌِڪَ |
- تَا |
-تا
|
ديوتا، ويرتا، مڃتا، سندرتا |
اَل |
-اَل
|
ديال، ڏيال |
-وَنت/-وَند |
-وَنت
|
ڀاڳونت/ڀاڳوند، مالوند |
-مَند |
-مَنت
|
عقلمند، جرئتمند |
(iii) صفت تفضيل (degree
of Comparison)
سنسڪرت ۾ صفت تفضيل لاءِ صفت خالص جي پويان-تر
پڇاڙي ملائي ويندي آهي.
هيءَ پڇاڙي، فارسي زبان واريءَ تَر پڇاڙيءَ سان
هڪجهڙائي رکي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾،هن صفت لاءِ ڪم
ايندڙ- ايرو يا- اير پڇاڙي ڌيان ڇڪائي ٿي. سنڌي
ٻوليءَ ۾ تفضيلي صفت ’چڱيرو‘،’سُٺيرو‘ ۽ ’ڀلير‘
وغيره ۾ /ر/، سنسڪرت ۽ فارسي زبانن واريءَ
پڇاڙيءَ-تَرَ جو هڪ اُهڃاڻ يا نشان آهي. سنڌي
ٻوليءَ جي صوتياتي نظام جي جائزي مان معلوم ٿو ٿئي
ته سنڌيءَ جي ڪنهن به لفظ ۾، يا ڪنهن به صورت يا
شڪل ۾، /ڱ+ت/يا/ٺ+ٽ/ صوتين جو گڏجي (sequence)
۾ اُچارڻ، يعني مرڪب صوتين جو اچارجڻ، ممڪن نه
اهي. انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جون قديم
صورتون/چڱو+تَر/ ۽/ سٺو+ تَرَ/ پهرين پهرين/ چڱير/
يا/ سُٺير/ اُچارجڻ لڳيون هونديون؛ يعني /ت/صوتيه
کي پهرين حذف ڪيو ويو هوندو؛ /ڀلير/لفظ انهيءَ
دعوا جو ثبوت آهي، تنهن کان پوءِ آخري سُر
صوتيه/اَ/، مذڪر حالت ۾ بدلجي /او/ ٿيو هوندو،
جڏهن ته مؤنث جي حالت ۾ /آ/بدلجي/اِي/سُر ٿيو
هوندو. هن پوري بحث مان هي نتيجو ٿو نڪري ته سنڌي
ٻوليءَ جي ’تفصيلي صفتن‘ جي نشاني/-ايرو/سنسڪرت ۽
فارسيءَ جي/-تَر/پڇاڙيءَ جو ’نعم البدل‘ آهي. اها
پڇاڙي ڏيهي ٻولين مان فقط سنڌيءَ ۾ نظر اچي ٿي،
جيڪا سنسڪرت ۽ سنڌيءَ، يا فارسي ۽ سنڌيءَ جي ميل
جول جي اثر جو نتيجو آهي، هن سلسلي ۾، ڀاڱي ٻئي ۾
هن پڇاڙيءَ جي مطالعي جي ڇنڊ ڇاڻ پڙهڻ ضروري آهي،
جنهن ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو اهي.
(IV) اسم حاليه (present
participle):
سنسڪرت زبان ۾ اسم حاليه جي بنائڻ لاءِ فعل جي
معروف صورت جي ڌاتوءَ (root)
جي پويان/-اَنت/پڇاڙي ملائي اسم حاليه ٺاهيو ويندو
آهي، پر مؤنث جي حالت ۾ فعل جي ڌاتوءَ جي
پويان/-اَتِي/پڇاڙي ملائي ويندي آهي.
سنڌي گرامر موجب اسم حاليه بنائڻ لاءِ فعل جي
ڌاتوءَ جي پويان/-اَند-/علامت ملائي ويندي آهي، ۽
اُن جي پويان مذڪر لاءِ /-او/۽ مؤنث
لاءِ/-اِي/پڇاڙيون ملايون وينديون آهن، مثال طور:
هَل+ اَند+ او
=
هَلندو
هَل+ اَنداِي
=
هَلندِي
پر ڪن متعدي فعلن جا اهڙا به ڌاتو آهن، جن جي پويان، اسم حاليه
ڪردنت بنائڻ لاءِ /-’اِيند-‘/ علامت به ملائي
ويندي آهي؛جيئن
مار+ اِيند+ او
=
ماريندو (مذڪر)
مار+ اِيند+ اِي
=
ماريندي (مؤنث)
ڊاهه+ اِيند+ او
=
ڊاهيندو (مذڪر)
ڊاهه+ اِيند+ اِي
=
ڊاهيندي (مؤنث)
(V) مرڪب انگن ۾ هڪجهڙائي- سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي انگن
جي صرفي بناوت هڪجهڙي آهي؛ مثال طور:
سنسڪرت |
سڌي |
ايڪَ |
هِڪُ، هيڪڙو (لاڙي لهجو)، هيڪڙائي |
|
هيڪَلو، ايڪو، ايڪَ ايڪيههَ (۾ ايڪ) |
|
ايڪَٽيههَ |
دوَ |
وَ (/د/کي حدف ڪيو يو)<بَ<
ٻَ |
ترَيَه |
تري (ڪڇي لهجي ۾/ٽري/)، ٽي |
شَشَ |
ڇَههَ (ش<ڇ،
ش<س<هه) |
سَپتَ |
سَتَ (/پ/کي حذف ڪيو يو) |
اَشٽَ |
اَٺَ (شٽ<ٺ) |
نَوَ |
نَوَ |
دَشَ |
دَسَ<دَههَ<
ڏَههَ |
ايڪادَشَ |
/د/</ر/=
ايڪارهه<
ڪارهه
يارهه<
يارهن |
دوادَشَ |
بارَسَ<بارَههَ<ٻارهه<
ٻارهن |
ترَيودَشَ |
ترييودَسَ<تريئودَسَ<تيئوره
تيرهه<تيرهن |
پَنچَدَشَ |
پَندرهه (چ<د<ر)،
پَنرهه (/د/حذف ڪيو ويو) |
شودَشَ |
سورَههَ <
سورهن |
سَپتَدَشَ |
سورهه <
سترهن |
اَشٽادَشَ |
اٺارهه <
اَٺرهه
<
ارڙهه
<
ارڙهن |
بينشَتَ |
بيس <
ويههَ |
ترينشت |
ٽريههَ <
ٽِيههَ |
پنچاشَت |
پَنجاهه |
اَشيِتي |
اَسي |
اهڙيءَ طرح انگن جي وڌيڪ سٽاءَ جو تفصيل ڀاڱي ٻئي ۾ ڏنو ويو
آهي، جنهن ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.
(VI) عدد تثنيه-سنسڪرت ۾ عدد جا ٽي قسم آهن: عدد واحد، عدد تثنيه ۽
عدد جمع. سنڌيءَ ۾ عدد جا ٻه قسم آهن.
عدد واحد ۽ عدد جمع، پر سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا اسم به آهن جيڪي حالت
ندا جي صورت ۾ سنسڪرت جي اسمن وانگر ڦرن ٿا، هيٺ
سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي ڪن اسمن جا حالت ندا ۾ ڦيرا
ڏجن ٿا. سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي انهن اسمن جي حالت ندا
جي صورت ۾، گردانن جي تقابلي اڀياس کان پوءِ،
پڙهندڙ ۽ ماهر پاڻ فيصلو ڪن ته آيا حالت ندا جي
صورت ۾، سنڌي ٻوليءَ جا اهي اسم ٽن عدد ۾ گردان ڪن
ٿا ڇا؟ يعني ته حالت ندا جي صورت ۾، سنڌي ٻوليءَ
۾، قديم زماني ۾ ٽي عدد-عدد واحد، عدد تثنيه ۽ عدد
جمع- ڪم ايندا هئا ڇا؟ جيڪڏهن اها ته پوءِ سنڌي
ٻولي پنهنجي قديم گرامر جي انهيءَ اصول کي فقط،
حالت ندا ۾ ئي قائم ڇو رکي سگهي آهي؟ ٻين حالتن ۾
عدد تثنيه ۾ اسم جو گردان ختم ڇو ٿي ويو؟ انهن
سوالن کان پوءِ، هيٺ سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اسمن
جي گردانن جي حالت ندا ۾ ڀيٽ ڪجي ٿي.
حالت ندا سنسڪرت سنڌي
عدد واحد مَنوشيَ!
ماڻهو!، ڪيچي!، سيٺ!
عدد تثنيه مَنوشيؤ!
ماڻهواَئو!، ڪيچيؤ!، سيٺيؤ!
عدد جمع منوشيا!
ماڻهوُئا!، ڪيچيا!، سيٺيا!
هن سلسلي ۾ تفصيل سان وڌيڪ ذڪر ڀاڱي ٻئي ۾ ڪيو ويو آهي.
(VII) فعلن جو گردان- سنڌيءَ ۾ به، سنسڪرت ۽ فارسيءَ وانگر، فعل جي
ڌاتوڙي جي گردان جي حالت ۾، ان جي پويان ضميري
پڇاڙيون (نشانيون) ملايون وينديون آهن، سنڌي
لهندي/ لهندا ۽ سنسڪرت ۾ اهي ضميري پڇاڙيون ٿوريءَ
ڦير گهير کان پوءِ، لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون آهن. ڦير گهير
جو خاص سبب هي ٿي سگهي ٿو ته سنسڪرت ۾ اُهي مقرر
لکيل صورت وٺڻ سبب، انهن ساڳين حالتن ۾ قائم رهي
سگهيون آهن، جڏهن ته سنڌي روز مره واري ٻولي هئڻ
ڪري، انهن ضميري پڇاڙين کي ساڳين قديم صورتن ۾
قائم رکي نه سگهي آهي، پر انهن ۾ هميشه ڪجهه نه
ڪجهه ڦير گهير ٿيندي رهي آهي. هيٺ سنسڪرت ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي فعل جي گردانن جا مثال ڏجن ٿا.
ضمير ڌاتو سنسڪرت سنڌي
واحد تثنيه جمع
واحد جمع
متڪلم نِيَ نَيَمِي نَيَوَهه
نَيَمَههَ نيئان ٿو نِيئون ٿا
حاضر نِيَ نَيَسي
نَيَٿَههَ
نَيَٿا
نِيئين ٿو نِيئو ٿا
غائب بِي نَيتَي نَيَتَهه
نينتي
نِئي ٿو نِيئَن ٿا
هن گردان جي اڀياس مان معلوم ٿئي ته سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ ضميري
پڇاڙيون هن ريت ڦرن ٿيون.
ضمير
سنسڪرت سنڌي(زمان حال)
سنڌي (زمان ماضي)
متڪلم واحد - مِي - اَن ٿو
- م، - س
متڪلم جمع - مَهه - اؤن
ٿا - سون، - سيِن
حاضر واحد - سِي - اِين ٿو
- اِين، - اَو
حاضر جمع - ٿا - اوٿا
- و، - اَن، - او
غائب واحد - ٿِي - اي
ٿو - اَئين، - اَئين
غائب جمع - اَنتِي - اَن
ٿا - اَئون، - اَئون
اهڙيءَ طرح زمان حال ۽ زمان ماضيءَ کان سواءِ،
زمان مستقبل جي گردانن جي ڀيٽ به، سنسڪرت ۽سنڌيءَ
۾ هڪ جهڙائي ڏيکاري ٿي؛ مثال طور:
ضمر ڌاتو سنسڪرت
سنڌي
واحد جمع واحد
جمع
متڪلم ددا داسيامي داسيامَس
ڏيندس، ڏينداسين
ڏيندم ڏينداسون
ڄاضر ددا داسيسي داسٿَيا
ڏيندين ڏيندا
غائب ددا داسيتي داسينتي
ڏيندو ڏيندا.
سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولين جي فعلن جي گردان جي مطالعي
مان هيءُ معلوم ٿيو ته، زمان مستقبل جي صورت ۾
سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولين ۾ ضميري پڇاڙيون هيٺ موجب
ملايون وينديون آهن:
ضمير سنسڪرت
سنڌي
واحد جمع واحد
جمع
متڪلم - مِي - مَس -
مَ/س، - سين/-سُون
حاضر - سي
-
ٿا - اين - آ
غائب - تِي
- اَنتي او - اَ
ضميري پڇاڙين جي سلسلي ۾، ڀاڱي ٻئي ۾ جيڪو بحث ڪيو ويو آهي،
تنهن جو مطالعو تمام ضروري آهي ۽ ان بحث مان هي
ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي، هن سلسلي ۾ سنسڪرت سان
اختلاف به رکي ٿي.
مٿي بيان ڪيل وياڪرڻي هڪ جهڙاين ۽ لفظن جي هڪجهڙي ذخيري جي آڌار
تي اها دعوا ڪئي ويئي هئي ته سنڌي ۽ سنسڪرت هڪ ٻئي
جي بلڪل ويجهيون آهن، پر درحقيقت وڌيڪ مطالعي ۽
تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته انهن ٻنهي ٻولين ۾ اهڙي
هڪجهڙائي، اهو ثابت نٿي ڪري ته سنڌي زبان ڪو
سنسڪرت جي شاخ آهي ۽ يا اهي ٻئي زبانون ڪنهن هڪ ئي
بڻ بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن، پر اها هڪ جهڙائي،
سنڌي زبان تي، سنسڪرت جي اثر جي ڪري ئي آهي، ڇو ته
سنڌو- تهذيب ۾ رائج زبان ’سَئنڌُئي‘ ۽ پراڪرت
زبانون سالن جا سال گڏ رهيون هيون ۽ هڪ ٻئي کان
گهڻو ئي ڪجهه اُڌارو ورتو هئائون.
|