آءٌ اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته سنڌي ٻوليءَ جي ’بڻ بنياد‘ جي
سلسلي ۾ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي راءِ ۾ هڪجهڙائي
ڪانهي. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، سندس پتا ۽ ڀارت جي
آرڪيالاجيءَ جي ماهر ايس-آر-راءِ جي راين جي حوالي
سان سماهي مهراڻ (نمبر 1/1991ع) جي صفحي 187 ۽ 188
تي فرمائي ٿو ته:
”مان پنهنجي ليکي، پنهنجي پتا ۽ ايس-آر-راءِ جي نتيجن جو اڀياس ڪيان پيو، ۽
ٻين جا رايا به پڙهان پيو. انهن سڀني راين کي
پڙهي مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جيڪا موهن جي
دڙي جي ٻولي هئي، تنهن کي پروٽو- انڊويورپيئن نسل
جي ٻولي مڃڻي پوندي، ۽ انهيءَ مان موجوده
سنڌيءَ جي وڪاس يا ارتقا مڃڻي پوندي. اهي ويچار
ايم- ايڇ پنهور صاحب به ساڳيا هڪ آرٽيڪل ۾ ڇپايا
آهن، جيڪا سنڌالاجيڪل اسٽڊيز ۾ ڇپي آهي. اهو به
انهن ساڳين نتيجن تي پهتو آهي. اِتي اسان کي
اهو مڃڻو پوندو ته اُتي ڪا اهڙي هڪ قوم هئي جيڪا
پروٽو-انڊو يورپيئن يا آرين کان اڳ، هن نسل جو هو.
هنن جي ٻولي، ويدن جي سنسڪرت کان اڳ واري لهجن مان
هڪ پراڻو لهجو هو، جيڪو هو ڳالهائيندا هئا.“
هڪ طرف ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي اها راءِ آهي
ته ٻئي طرف هو صاحب (ڊاڪٽر جيٽلي)، سنڌي ٻوليءَ کي
ناگر اپڀرنش جي شاخ ٿو ڪوٺي. هو ڀارت جي مشهور
ودوان، پروفيسر ڊاڪٽر گنگارام گرگ جي ڪتاب
"International Encyclopaedia of Indian
Literature" جي جلد اٺين (سنڌي ٻوليءَ جو ادب) جي مهاڳ ۾
Brief Survey
جي سري هيٺ، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ٻه
رايا ٿو ڏي. مثال طور هو لکي ٿو ته:
” جيتري قدر وچ واري هند-آريائيءَ (Middle Indo-Aryan)
جي حيثيت جو واسطو آهي، موجوده سنڌي، ناگر يا
شئورسيني اپڀرنش سان گهڻي هڪ جهڙائي ڏيکاري ٿي،
جيڪا(شؤرسيني اپڀرنش) هندوستان جي اُن زماني ۾
ساهتيه ٻولي هئي، جيڪو زمانو نئين هند-آريائي
ٻولين جي وجود کان اڳ هو، پر اسان وٽ لکت ۾ ڪو به
اهڙو رڪارڊ موجود ڪونهي، جيڪو ناگر اپڀرنش جي هڪ
مقامي لهجي جي مختلف خصوصيتن جي اڀياس ڪرڻ ۾ اسان
جي مدد ڪري، ڇو ته ناگر اپڀرنش، سنڌو-ماٿر جي
هيٺئين خطي، جتان سنڌي ٻولي، هڪ نئين هند- آريائي
ٻوليءَ جي حيثيت ۾ غالباً1000ع ڌاري وجود ۾ اچي
اُسري هئي.
مارڪڻڊيه (17 صدي عيسوي) پنهنجي ڪتاب
Prakrta Sarvasa
۾ لکي ٿو ته وراچڊ اپڀرنش، سنڌو-ديش ۾ ڳالهائي
ويندي هئي. هن، وراچڊ جون خاص خاص خصوصيتون به
بيان ڪيون آهن، پر افسوس آهي جو مارڪڻڊيه جا بيان
ڪيل اهي مثال ۽ وراچڊ جون اهي خصوصيتون، سنڌي
ٻوليءَ جي لسانياتي خصوصيتن سان هڪ جهڙائي نٿيون
رکن ۽ نه ئي وري وراچڊ ۾ ڪو ادبي مواد ملي ٿو،
جيڪو اسان کي اُن ٻوليءَ جي لسانياتي ساخت جي ڄاڻڻ
۾ مدد ڪري سگهي.“
ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، ناگر اپڀرنش ٻولي، جيڪا سندس راءِ مطابق،
ادبي اپڀرنش هئي، تنهن جا ٻه بيت مثال طور ڏيئي،
اُن ٻوليءَ (ناگر اپڀرنش) جي سنڌيءَ سان، هڪ
جهڙائي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر جيٽلي
صاحب، اهي ٻئي بيت هيمچندر (ٻارهين صدي عيسوي) جي
ڪتاب مان کنيا آهن. مثال طور:
ناگر اپڀرنش |
|
سنڌي |
ڍولا سامَلا ڌڻ چمپا- وَڻي |
|
ڍولو سانولو ڌڻ چمپا ورني |
نائي سُوَڻُ ريههَ ڪَسوٽَئي ڊڻي |
|
ڄاڻ سونا- ريهه ڪَسَوَٽيا ڌڻي |
|
|
|
مائي توهون واريا، ماڪُرُ ڊيهاماڻو |
|
ڍولا مون تو واريو، م ڪَر ڊگهو ماڻ |
ننڊئي گماهي راتري، ڌَڙ وَڙ هوئي |
|
ننڊ گوائي راتڙي،جهٽ پٽ هوءِ وهانءُ |
هاڻ پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد يا خود
سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن جي باري ۾، ڊاڪٽر جيٽلي
پاڻ ڪنهن هڪ راءِ تي بيهي سگهيو آهي؟
(ج) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، ڊاڪٽر ايس- آر، راءُ (ڊاڪٽر جيٽلي صاحب
راءِ سڏيو آهي) جو، پنهنجي مذڪور انٽرويو
(مهراڻ1/1991ع) ۾ ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر راءُ پنهنجي
تحقيق
Dwan and Devolution of the Indus Civilization
۾ صفحي 3 تي جيڪو رايو ڏنو آهي، تنهن جو هيٺ ترجمو
پيش ڪجي ٿو. هو لکي ٿو:
”آرين جي حملي واري نظرئي (
theory)،
ودوانن جي سوچ تي، سنڌو-لکت جي راءِ جي سلسلي ۾
اُلٽو اثر ڇڏيو آهي. انهيءَ سوچ ته سنڌو- ماٿر
وارا ماڻهو غير- آريا هئا، جن کي آرين نه فقط
تباهه ڪيو، پر کين هندستان جي ڏاکڻئين علائقي طرف
ڀڄائي ڪڍيو، تنهن سوچ، اڪثر ودوانن کي اُتساهه
ڏياريو ته هو سنڌو-ماٿر جي مهرن (Seals)
کي، دراوڙي ٻولين جي آڌار تي پڙهن. اُهي ماهر، جن
انهن مهرن جي پرهڻ ۾ ڇنڊڇاڻ لاءِ ڪمپيوٽر جو سهارو
ورتو آهي، اُهي پڻ اهو قبول ڪرڻ کان محتاط ۽ مجبور
(reluctant)
ٿا لڳن ته ڪو سنڌو-ماٿر ۾ رائج ٻوليءَ، هند-
آريائي ٿي سگهي ٿي.“
ڊاڪٽر راءُ طرفان، سنڌو- ماٿر مان هٿ آيل مهرن جو ورتل جائزو ۽
اُنهن ۾ ڪم آندل ٻوليءَ کي، ’قديم- هند آريائي‘ ۽
’قديم ايراني ٻولين‘ جي گڏيل ٻولي، ۽ ’ٻنهي ٻولين
جي ميلاپ‘ (mixture)
واري ٻوليءَ، واري اصول کي سمجهڻ واري راءِ، هڙپا
تهذيب جي رهاڪن جي مذهب واري منجهيل مسئلي کي حل
ڪيو آهي.
ڊاڪٽر راءُ جي انهيءَ ڪتاب کي، سنڌي ٻوليءَ جي
بااختيار اداري طرفان، محترم عطا محمد ڀنڀري ترجمو
ڪيو آهي، ڊاڪٽر راءُ لکي ٿو ته:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ بناوت ۽ گردانن (تصريفن) جا
اهڙا گُڻ آهن، جن مان اسان کي وڌيڪ ثابتي ملي ٿي
ته سنڌي ٻولي ۽ قديم هند-آريائي ٻوليءَ جي وچ ۾ ڪو
ويجهو سنٻنڌ ضرور آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۽
لفظي معنيٰ مان ظاهر ٿئي ٿو.“
ڊاڪٽر راءُ اڳتي لکي ٿو ته:
”سنڌي دراوڙي ٻولين جي گروهه مان ڪانه آهي. انهن گمانن ۽ انومانن جي آڌار تي
اها پرکي تصديق ڪرڻ جا گهڻا امڪان آهن ته سنڌي
ٻوليءَ جو قديم هند- آريائي ٻوليءَ سان ضرور ڪو
سنٻنڌ آهي. (اهو به چئي سگهجي ٿو ته، سنڌي ۽ قديم
هند- آريائي لکت جي وچ ۾ وقت جي وڏي وٿي ڪانه
آهي)، پر سنڌي ۽ قديم تامل ٻوليءَ جي وچ ۾ ڪو
لاڳاپو ثابت ڪرڻ انهيءَ ڪري ناممڪن آهي جو ٻنهي جي
وچ ۾ ٻارهن سؤ سالن جي وڏي وٿي موجود آهي، تنهن
ڪري ٽينءَ صديءَ ق-م جي تامل ٻوليءَ جا لفظ، 2000
ق-م کان 1500 ق-م جي قديم سنڌي ٻوليءَ ۾ جاچڻ وڏي
غلطي ٿيندي.“
حيرانيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي جو ڀارت جا دراوڙ ۽ غير- دراوڙ
ودوان، يا ته هڪ ٻئي جي راءِ کي پڙهڻ پسند نٿا ڪن،
۽ هڪ ٻئي جي راءِ کي پڙهن ئي ڪونه، پر جيڪڏهن وڏي
دل ڪري پڙهن به ٿا ته وري نسلي اختلاف سبب هڪ ٻئي
جي راين کي قبول نٿا ڪن. جيڪڏهن ڊاڪٽر راءُ،
پروفيسر ڊاڪٽر هيريماٿ جو ڪتاب پڙهيو آهي ۽ جيڪڏهن
هن (ڊاڪٽر راءُ) پوني يونيورسٽيءَ ۾
آرڪيالاجيءَ
جي پروفيسر ’ڊاڪٽر پديا‘ جو مقالو نظر مان ڪڍيو
آهي ته پوءِ کيس قبول ڪرڻو پوندو ته سنڌي ۽ دراوڙي
ٻولين ۾ ويجهي هڪجهڙائيءَ جا تمام گهڻا ثبوت ملن
ٿا.
هاڻ هڪ طرف ڊاڪٽر ايس- آر- راءُ جو خيال آهي ته سنڌو- ماٿر
جي ٻولي، رگ ويد کان به اڳ جي ٻولي آهي.
انهيءَ راءِ لاءِ هو هي دليل ٿو ڏئي ته:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ پد وارن لفظن جي گهڻائي آهي ۽ هڪ پد وارن نالن جي
گهڻائيءَ مان، اسان کي پتو پوي ٿو ته، هيءَ ٻولي
ويدن کان گهڻي پراڻي آهي.“
راءُ صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:
”جيئن ته گهڻا سنڌي لفظ شڪل ۽ معنى جي لحاظ کان (پت
Pat
را سادا
sada
وانگي) رگ ويد ۽ اويستا ۾ نظر اچن ٿا، ان ڪري سنڌي
ٻوليءَ جي نحوي ۽ صرفي بناوت کي سمجهڻ جو روشن
امڪان آهي.“
راءُ صاحب، هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ کي، ويدن کان اڳ جي ٻولي ٿو بيان
ڪري ته ٻئي طرف اها به راءِ ٿو ڏئي ته: ”اها قديم
هند- آريائي ۽ قديم ايرانيءَ جي گڏيل ٻولي آهي،“
ته وري سنڌي ۽ قديم – ايراني ٻوليءَ جي پاڻ ۾
ويجهڙائيءَ جي دعوا به ٿو ڪري ۽ لکي ٿو ته:
”جهڙيءَ ريت اسان ’هپت‘ ۽ ’پست‘، ’باڪاما‘ ۽ ’باڪاسا‘
۾ ڏسون ٿا؛ اهو پڻ اُن ڳالهه جو اُهڃاڻ ڏئي ٿو ته،
سنڌي ۽ قديم ايرانيءَ جي پاڻ ۾ ويجهڙائي ضرور
هئي.“
اها ويجهڙائي، جنهن جو ذڪر راءُ صاحب ڪيو آهي، سا گجراتيءَ،
مراٺيءَ، هنديءَ، اُڙيا، بنگاليءَ ۽ هندستان جي
ٻين ٻولين ۽ قديم ايرانيءَ جي وچ ۾ ڇو ڪونهي؟ اهو
هڪ تحقيق طلب مسئلو آهي.
راءُ صاحب، سنڌي ۽ قديم هند- آريائي ٻولين ۾ هڪ جهڙائيءَ لاءِ
دليل ڏيندي، لکي ٿو ته:
”هيٺ اسان ڪن لفظن جا مادا ڏيئي رهيا آهيون، جن مان معلوم ٿيندو ته هند-
آريائي ٻوليءَ ۾ گهڻا لفظ، سنڌي ٻوليءَ سان واسطو
رکن ٿا. اهو به امڪان آهي ته هن ٻوليءَ ۾ هند-
يورپي بنياد تي، ٻين ٻولين جهڙوڪ: هند- ايرانيءَ
مان ڪيترا لفظ ورتا هوندا ۽ انهن ٻولين مان به
کنيا هوندا، جيڪي هند- يورپيءَ جي مچلي کان ٻاهر
آهن.“
هو (مسٽر راءُ) اڳتي لکي ٿو ته:
”جهڙيءَ ريت اويستا جو تاريخي طور اُبتو پير کڻبو ته اچي سُر اَوازن جي هند-
ايراني ۽ هند- يورپي وسيلن وٽ بيهبو، ساڳيءَ ريت،
سنڌي سُر اَوازن جي پٺتي تاريخ وڃي، هند- ايراني ۽
هند- يورپيءَ جي سُر اَوازن سان ملي ٿي.“
ساڳين صفحن تي هو (مسٽر راءُ)، قديم هند- آريائي ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ
جهڙائيءَ لاءِ دليل ڏيندي لکي ٿو ته، اها هڪ
جهڙائي، هڪ ٻئي تي ڊگهي عرصي تائين گڏ رهڻ جي ڪري
ٿيل اثر سبب آهي. هو لکي ٿو ته:
”جيڪڏهن سنڌي ۽ قديم هند- آريائي ٻولين ۾ موجود لفظن جو معنوي نقطهءِ نگاهه
کان، سچيتائيءَ سان مطالعو ڪبو ته ٻنهي زبانن ۾
موجود لفظن ۾ ڦيرن گهيرن جو چڱيءَ ريت پتو پئجي
ويندو. اها هڪ فطري ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته پوئين
هڙپا دور ۾، هتان جي ماڻهن جي کاڌي خوراڪ، ڌرمي
ريتن رسمن، ويندي لوڙهه لَٽڻ تائين، وڏو فرق اچي
چڪو هو. اُن دور ۾ نون لفظن جي ضرورت پيئي هوندي،
ان صورت کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻين ٻولين مان به ڪي لفظ
ورتا هوندا. اهو پويون هڙپا وارو زمانو هوندو،
جيڪو گذرندو اچي، رگ ويد واري دور سان مليو
هوندو.“
راءُ صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:
”سنڌي ٻوليءَ ۾، هند- يورپي ٻوليءَ جي فعلي بنيادن وارن لفظن جي گهڻائي
ملندي، ويدن واري دور ۾، سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي
لفظ، صرفي نقطه نگاهه کان ڪجهه مٽجي سٽجي ويا
هوندا.“
رگ ويد ۾، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي موجودگيءَ جي
باري ۾، پنهنجي راءِ ڏيندي، مسٽر راءُ لکي ٿو ته:
”سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ رگ ويد ۾ ملن ٿا، تن لاءِ فقط ايترو چئي سگهجي
ٿو ته اهي هند- يورپي ٻوليءَ ۾ مستقل طور ڪتب
ايندا هئا.“
هوڏانهن راءُ صاحب هيئن به فرمائي ٿو ته:
”سنڌي ٻوليءَ جو قديم ايرانيءَ سان به لاڳاپو هو، پر لغوي ۽ معنوي نقطه نظر
کان، سنڌي ٻوليءَ جو قديم لاڳاپو هند- آريائي
ٻوليءَ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.“
بهرحال ايس- آر، راءُ جي مٿي بيان ڪيل راين مان هي نتيجو ٿو
نڪري ته سنڌي ٻولي، رگ ويد جي زماني، کان اڳ جي
ٻولي آهي، جنهن جو واسطو قديم هند- آريائي ٻوليءَ
سان هو، يعني ته سنڌو-ماٿر ۾ ويدن واري زماني کان
به اڳ، هند- آريائي نسل جي ڪا جاتي/ جاتيون آباد
هيون.
(ح) هندوستان جو آرڪيالاجيءَ جو هڪ ٻيو ودوان، ڊاڪٽر ڪرشان راءُ
سنڌو- ماٿر جي قديم رهاڪن لاءِ، اُن پراڻي نظرئي
جي پٺڀرائي ڪري ٿو، جنهن لاءِ گنگارام سمراٽ، پنڊت
دوارڪا پرشاد ۽ سوامي سنڪراند اڳ ۾ دعوا ڪري چڪا
آهن. ڊاڪٽر ڪرشان راءُ جي راءِ، ڊاڪٽر رفيق مغل ۽
ڊاڪٽر مهر عبدالحق جي راءِ سان به هڪ جهڙائي رکي
ٿي، پر انهن جي راءِ ۾ فرق فقط هيءُ آهي ته ڊاڪٽر
ڪرشنا راءُ، سوامي سنڪراند ۽ پنڊت دوارڪا پرشاد
چون ٿا ته آريا ڪٿان ٻاهران لڏي ڪونه آيا هئا، پر
اُهي سنڌو- ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو ئي هئا.
پنڊت دوارڪا پرشاد شرما 1944ع ۾ جيڪو رايو ڏنو هو، سندس ڪتاب
’سنڌ جو پراچين اتهاس‘ (ڀاڱو 2) مان هُوبهو نقل
ڪري هيٺ ڏجي ٿو:
”مون کي وشواس آهي ته اسان جي سنڌو سڀيتا، ڌارين ملڪن جي سڀيتا جي درخت جي
شاخ نه، بلڪ انهن جو بنياد آهي، يعني سميريئن ۽
مصري سڀيتا، اسان جي سنڌو يعني ڀارت ورش جي سڀيتا
جا ميوا آهن.“
پنڊت دوراڪا پرشاد اڳتي لکي ٿو ته:
”سڀيتا ڌرم جي ڀيٽ ڪندي به ڏسڻ ۾ ايندو ته ’مهن جي دڙي‘ جا ماڻهو وئدڪ هندو
آريه هئا.“
(خ) پنڊت دوارڪا پرشاد بلڪل انهيءَ راءِ جو هو، جيڪا راءِ لڳ ڀڳ
45 سال پوءِ يعني 1982ع ۾ ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ بيان
ڪئي آهي. دوارڪا پرشاد لکي ٿو ته:
”اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مهن جي دڙي يا هڙپا ۾ جيڪي ماڻهو رهندا هئا، تن
مان گهڻو انداز وئدڪ آرين يعني هاڻوڪن هندن جي وڏن
جو هو، مگر انهن جي سڀيتا ۾ زماني گذرڻ سبب،
انقلاب ضرور اچي ويو هو.“
ساڳي دعوا ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻيءَ به ڪئي آهي، هو
لکي ٿو ته:
”هو صاحب ڀارت- پاڪستان اُپکنڊ جي ڪا نئين تاريخ جوڙڻ چاهي ٿو ۽ شايد اِن
نئين تحقيق کان اڻ واقف آهي ته آريا اصل، ڀارت جا
ئي رهاڪو هئا ۽ اُهي ٻاهران ڪٿان ڪونه آيا هئا.“
ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ پنهنجيءَ تحقيق ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌو- ماٿر جي رهاڪن جي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ماهرن جي راءِ ۾ گهڻو اختلاف
آهي. هڪڙن جو رايو آهي ته سنڌو-ماٿر جا رهاڪو
دراوڙي يا مُنڊا گروهه واري نسل سان واسطو رکندا
هئا، جڏهن ته ٻين جو خيال آهي ته اِهي دراصل آريا
نسل وارا هئا. فادر هيراس ۽ ويجهڙائيءَ ۾ روسي
ودوانن، سندن ٻوليءَ جي نشانين جي، لفظن جي، اول ۽
آخر ۾ استعمال جي تجزئي جي مدد سان رايو ڏنو آهي
ته انهن لوڪن جي ٻولي؛ ’قديم دراوڙي‘ (Proto-Dravidian)
هئي. انهيءَ هوندي به اهي سڀئي رايا ظني آهن ۽
’اندازي‘ (assumption)
تي مدار رکن ٿا.“
ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ اڳتي لکي ٿو ته:
”سنڌو- ماٿر جي لکت جي پڙهڻيءَ مان ثابت ٿيو آهي ته،
سنڌو- ماٿر ۾ رهندڙ اصلوڪي قوم، ’آريا‘۽ ’اُشور‘،
هڪ گڏيل نسل واري اُها قوم هئي، جنهن جو اصل نسل ۽
تهذيب ۽ تمدن ساڳئي بڻ بنياد وارو هو. اها جاتي،
سنڌو- ماٿر ۾، ڪٿان ٻاهران آيل ڪا نئين جاتي (new comers)
نه آهي، پر اها قوم ۽ اُن جا ماڻهو جُڳن کان هن ئي
سر زمين (’سنڌو ماٿر‘) جا اصلوڪا رهاڪو آهن، ۽ اهي
ماڻهو (اَشور ۽ آريا)، تيستائين هن ئي ماٿريءَ ۾
رهندا هئا، جيستائين سنڌو- تهذيب قائم هئي، يعني
اُن جو خاتمو نه ٿيو هو.
اهي ماڻهو هڪ ٻئي کان الڳ تڏهن ٿيا، جڏهن سنڌو-تهذيب جو خاتمو آيو، اها قوم،
آريا (Aryans)
جي نالي سان سندن همعصر تهذيب ۽ تمدن وارين قومن
وٽ، سڃاتي ويندي هئي. اها گڏيل نسل (آريا ۽ اشور)
واري قوم، انسان ذات جي چئن وڏين ۽ طاقتور قومن ۾
شمار ٿيندي هئي، اُنهن مان هڪ قوم ته هئي سنڌو-
ماٿر واري قوم، ۽ باقي ٽي قومون هيون: سامي، هامي
۽ توراني.“
ڊاڪٽر راءُ پنهنجي ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته:
”ٻيا ودوان جهڙوڪ ’گاڊ‘ (Gadd)
۽ ڪرنل واڊل
Colonel Waddel)
پڻ هن راءِ جا آهن ته قديم زماني کان وٺي،
سنڌو-ماٿر ۾ ڪا به نئين قوم (New
comers)، ڪٿان ٻاهران ڪانه آئي، پر دراصل موهن جي دڙي ۽ هڙاپا تهذيب
جا رهاڪو، آرين جا ابا ڏاڏا هئا.“
2 - سنڌو- تهذيب،آرين جي اچڻ کان اڳ جي تهذيب آهي:
هن حقيقت کي هر ماهر تسليم ڪيو آهي ته موهن جي دڙي
۽ هڙپا تهذيب، يعني سنڌو – ماٿر جي تهذيب، آرين
جي، هن علائقي ۾ اچڻ کان اڳ جي تهذيب آهي. آثار
قديمه، علم الانسان ۽ تاريخدان هاڻ هن فيصلي تي
پهتا آهن ته سنڌو- تهذيب ۽ اُن تهذيب جا ڌڻي، هت
ڪٿان ٻاهران لڏي ڪونه آيا هئا، بلڪ اها تهذيب
(سنڌو-تهذيب(، سنڌو-ماٿر جي اصلوڪي ۽ مقامي تهذيب ئي آهي، جيڪا سنڌو- ماٿر
اندر ئي اُسري، وڌي ۽ ويجهي، ۽ هن واديءَ ۾ ئي نش
و نما حاصل ڪيائين.
(الف) هن سلسلي ۾ پاڪستان جو مشهور ماهر لسانيات،
محترم عين الحق فريد ڪوٽي لکي ٿو ته:
”آثار قديمه جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته آرين
جي اچڻ کان اڳ، سنڌو-ماٿر ۾ جيڪا قوم آباد هئي، سا
پنهنجي زماني جي لحاظ کان تهذيب ۽ تمدن ۾ بلند
مقام رکندي هئي، يقيناً اهڙي سماج ۾ رائج زبان به
ضرور ترقي يافته هوندي، هن ماٿريءَ مان هٿ آيل
چٽيل مهرن مان اهو به پتو پوي ٿو ته هن تهذيب جا
مالڪ (هتي جا ماڻهو) فن تحرير مان به واقف هئا.
افسوس اُن ڳالهه تي آهي ته اهو رسم الخط ۽ اهي
مهرون اڃا پڙهجي نه سگهيون آهن. ان ڪري هن زبان
جي باري ۾ وثوق سان ڪجهه به چوڻ مشڪل آهي.“
( ب) هن سلسلي ۾ پاڪستان جو ٻيو ماهر، مؤرخ ۽ علم
اللسان جو وڏو ڄاڻو، ڊاڪٽر مهر عبدالحق پنهنجي
ڪتاب
The Soomras
۾ لکي ٿو ته:
”اها راءِ ته سنڌو- ماٿر جي تهذيب ۽ تمدن ڪٿان
ٻاهران آيل آهي، يا سنڌو- تهذيب، ڪٿان ٻاهران لڏي
آيلن جي تهذيب ۽ تمدن تي مدار رکي ٿي، يا اها
تهذيب، ٻين قومن جي تهذيب تان اُڌاري ورتل تهذيب
آهي، اها سوچ هڪ پراڻي سوچ يا اهو نظريو هڪ پراڻو
نظريو آهي. انهيءَ سوچ تي هاڻي نظرثاني ڪرڻ جي
ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته تحقيق کان پوءِ نئيون سوچون ۽
نوان نظريا، انهيءَ پراڻي سوچ ۽ پراڻيءَ تحقيق تي
حاوي پئجي چڪا آهن.
نئين تحقيق، نئين سوچ ۽ نون نظرين کي جنم ڏنو آهي، جنهن موجب 7000 ق-م ڌاري،
سنڌو- ماٿر جي مقامي تهذيب ۽ تمدن جي نشونما ٿي، ۽
واهن جي ذريعي (آب ڪلاڻي)، زرعي آباديءَ واري
طريقي جي ابتدا ٿي.“
(ت) اهڙيءَ طرح پاڪستان جي آثارِ قديمه کاتي جي
اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ۽ مشهور ماهر، ڊاڪٽر محمد
رفيق مغل صاحب، 1996ع ۾، 4 مئي تي، ڊان اخبار
(انگريزي) ۾، انهيءَ سلسلي ۾، ٻين ڳالهين سان گڏ،
سنڌو- تهذيب جي باري ۾ راءِ ڏيندي فرمايو ته:
”وثوق وارن ثبوتن ۽ دليلن سان مون انهيءَ نظرئي
کي رد ڪيو آهي ته، سنڌو-تهذيب ڪا ڪٿان ٻاهران يعني
ميسوپوٽيميا يا ايران کان هن علائقي ۾ آيل آهي،
مون پنهنجيءَ تحقيق ذريعي ثابت ڪيو آهي ته سنڌو-
ماٿر جي تهذيب، ڏيهي يعني ’مقامي‘ (Indigenous)
تهذيب آهي، جنهن جون پاڙون، سنڌو-تهذيب ۾ ئي کُتل
آهن، ۽ جيڪا سنڌو- ماٿر مان ئي پروان چڙهي آهي. هن
تهذيب جو خاتمو به، هن ئي واديءَ ۾ ٿيو.“
(ث) ساڳيءَ طرح وسڪانسن يونيورسٽيءَ جي
ائنٿراپالاجي شعبي جي، ائسوسيئيٽ پروفيسر، ڊاڪٽر
جي- مارڪ ڪنائر (J.Mark, Kenoyer)
جيڪو گهڻي عرصي کان، ’هڙپا‘ جي کنڊرن جي کوٽائي
ڪري رهيو آهي، تنهن ڪراچيءَ ۾، جون مهيني ۾، 1997ع
۾ ’Ancient
Cities of Indus Valley‘
جي موضوع تي ڪوٺايل هڪ سيمينار ۾، هن موضوع تي
پنهنجن خيالن جو اظهار هن طرح ڪيو.
”اهو سمجهڻ غلط آهي ته سنڌو-تهذيب ۽ اُن جي شهرن کي ڪو ٻاهران آيل ماڻهن يا
قومن اچي تعمير ڪيو، پر در اصل ’هڙپا شهر‘ واري
حصي کي، هتي جي مقامي يعني ڏيهي ماڻهن 3300 ق- م
کان 2600 ق- م ڌاري آباد ڪيو هو، ۽ اهڙو ڪو به
ثبوت نٿو ملي ته هن علائقي ۾ ڪا ٻاهرين / ڌارين
قوم اچي قيام پذير/ آباد ٿي هئي.“
(ج)- هندستان جي، پوني يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ
آف آرڪيالاجيءَ جو مشهور ودوان، پروفيسر ڊاڪٽر
پديا، سنڌو- ماٿر جي تهذيب ۽ تمدن جي درواڙي تهذيب
۽ تمدن سان هڪجهڙائيءَ تي تحقيقي نظر وڌي آهي.
ڊاڪٽر پديا کي دراوڙي ٻولين ۽ تهذيب، ۽ سنڌو-تهذيب
۽ تمدن ۾ گهڻي هڪ جهڙائي نظر آئي آهي. انهن ٻولين
۽ سنڌيءَ ۾ وياڪرڻي هڪجهڙائيءَ ۾ صوتياتي سنٻنڌ
ڪيئن ٿيو ۽ اُهو سنٻنڌ ڪيئن قائم رهيو، جڏهن ته
دراوڙي زبانن وارو علائقو، سنڌو- ماٿر کان ڪافي
پري ۽ هزارين ميلن جي مفاصلي تي آهي، پر پروفيسر
پَدَيا جي راءِ موجب انهن ٻنهي علائقن جي وچ ۾
ثقافتي ۽ تجارتي ناتا ۽ رشتا قائم هئا، ڊاڪٽر
پَدَيا لکي ٿو ته:
”سنڌ جو، قبل از تاريخ وارو زمانو، لڳ ڀڳ 1500 ق- م واري زماني کان وٺي،
عيسوي صديءَ جي شروع ٿيڻ واري عرصي تائين رهيو.
گذريل صديءَ( يعني اوڻيهين صديءَ) جي وچ واري عرصي
کان وٺي، سنڌ جي اُلهندئين ٽاڪرو علائقي ۾، قبرن
جا اُهي آثار ۽ ماڳ هٿ آيا آهن، جيڪي پٿرن جي طاقن
(بلاڪن) جون ٺهيل آهن، انهيءَ ڪري انهن قبرن کي
’وڏن پٿرن واري تعميرات‘ يعني
megalithis
چوندا آهن. انهيءَ قسم جا آثار، سنڌ ۾، ڪراچيءَ جي
ويجهو ۽ ٻين هنڌن تي ڏٺا ويا آهن، اهي قبرون ٽن
نمونن جون ملن ٿيون. اُهي نمونا هي آهن:
(i)
dolmen
(ii)
گول پٿرن جون ۽ (iii)
Cairn
عجب جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته انهن قسمن جون قبرون، ڏکڻ هندستان ۽ وچ مشرق جي
وچ ۾ تهذيبي ۽ تمدن جي هڪ جهڙائيءَ (homogenecity)
لاءِ دليل اهن. ان کان سواءِ، انهن قبرن مان لوهه
مان ٺهيل هُنر (artifacts)،
مٽيءَ جا برتن ۽ ٻيو اهڙو سامان پڻ هٿ آيو آهي،
جيڪو سنڌ ۽ ڏکڻ هند ۾ ثقافتي هڪ جهڙائيءَ جا ثبوت
ٿو ڏئي.
بلڪل اهڙيءَ طرح برهمڻ آباد ۽ ميرپور خاص واري ٻڌمت جي ڪاهُوءَ جي دڙي واري
اسٽوپا ۽ ٻين بستين مان هٿ آيل سامان، بلڪل اهڙو
ئي آهي جهڙو هندي اُپٻيٽ وارن آثارن مان هٿ آيل
سامان؛ لهاذا ماهر هن راءِ جا آهن ته سنڌو- ماٿر ۽
ڏکڻ هند جي ويجهڙائيءَ وارن شهرن ۽ بستين جي وچ ۾
ماڻهن جي اچ وڃ، سوچن ۽ ويچارن جي ڏي- وٺ ۽ سامان
جي ڏي- وٺ عام طور جاري هوندي هئي. انهن هڪجهڙاين
جي آڌار تي ماهرن اها راءِ ڏني آهي ته اها قديم-
دراوڙي (Proto-Dravidian)
تهذيب هئي، جنهن تي پوءِ آرين ۽ ٻين قومن ۽ جاتين
جي تهذيب ۽ ثقافت حاوي پئجي ويئي.“
ڊاڪٽر پَدّيا اڳتي لکي ٿو ته:
”1930ع ڌاري فادر هيراس (Father Heras)
۽ ٻين ودوانن اها دعوا ڪئي هئي ته سنڌو- لکت، قديم
دراوڙي (Proto
Dravidian) ٻولين جي نمائندگي ٿي ڪري.
ويجهڙائيءَ ۾ ساڳئي قسم جو رايو روس، فنلئنڊ، آمريڪي ۽ ٻين ملڪن جي عالمن
ڏنو آهي.“
ڊاڪٽر پديا، ڊاڪٽر ايف- آر اَلچين ۽ برجيٽ اَلچين جي حوالي سان، سنڌي ۽
دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ خطن ۾ ثقافتي، تجارتي
لساني ناتن جو ذڪر ڪيو آهي. هو (ڊاڪٽر پديا) لکي
ٿو ته:
”ڀاڳيا/ مارو ماڻهو (
Cattle breeder)
ڏکڻ هندستان مان چوپايو مال، سنڌو- ماٿر ۾
پهچائيندا هئا. ويجهڙائيءَ ۾ اُتر ڪرناٽڪا جي
بستيءَ، ’بُديهال‘ (Budihal)
۾ کوٽائيءَ دوران، ڳوٺن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن ماڻهن (pastoral) جون بسيون هٿ آيون آهن.، جيڪي 2500 ق- م کان 1000 ق- م جن
معلوم ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح ڏکڻ هند ۾ قديم زماني
۾ رائج مذهب جا به ڪيترائي ’اُهڃاڻ‘ ۽ نشان، موهن
جي دڙي مان هٿ آيل مهرن ۾ ملن ٿا، مثال طور موهن
جي دڙي جي هڪ مشهور مُهر تي ’پَشوپتيءَ) (جانورن
جي ديوتا) جي تصوير ٺهيل آهي.انهيءَ ديوتا کي
’شوِ‘ جي ’قديم تصوير‘ (
Proto-type Shiva)
طور عزت ڏني ويندي آهي. ’شوِ‘ کي دراوڙ قبيلن جي
مشهور ديوتا طور مڃيو ويندو آهي.“
ڊاڪٽر پديا جي هن راءِ مان پڪا ثبوت ملن ٿا ته، سنڌو – ماٿر ۽
ڏکڻ- هند جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن توڙي ڌرمي مڃتائن
۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي هئي، ۽ انهن ملڪن جا هڪ ٻئي
سان تجارتي، سماجي ۽ ثقافتي رشتا ۽ ناتا رهيا.
3- سنڌو-تهذيب جي ثقافت ۽ ٻوليءَ ۾ تسلسل ۽ تواتر:
(الف) ڪنهن به قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ،
اُن قوم جي، ملڪ جي قديم آثارن مان مليل مواد کان
سواءِ، اُن قوم جي ٻوليءَ جي تاريخ جو اڀياس ڪرڻ
نهايت ئي ضروري آهي. اُن لحاظ کان، سنڌ جي ماڻهن،
خاص ڪري هتي جي قديم ۽ اصلوڪن رهاڪن جي تهذيب ۽
تمدن جي ابتدا ۽ تاريخي ارتقا جي اڀياس لاءِ، سنڌي
ٻوليءَ جي ارتقا جو تفصيلي اڀياس ڪرڻ ضروري آهي.
هن سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي موجوده مواد کي، سامهون
رکي، اُن جا پٺيرا پيرا کڻڻا پوندا،۽ ماضيءَ ڏانهن
موٽڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ جي تاريخ،
تهذيب ۽ تمدن جي اڀياس لاءِ، اُن ملڪ جي تهذيب ۽
تمدن جي حال واريءَ حيثيت کان ماضيءَ ڏانهن موٽڻ ۽
ان جا پُٺيرا پيرا کڻڻ سان ئي پنهنجي مقصد ۽ منزل
تي پهچي
سگهبو. ان سلسلي ۾ جيئن جيئن ماضيءَ ڏانهن وڃبو،
تيئن تيئن نئيون نئيون ڳالهيون ۽ نوان نوان نڪتا
سامهون ايندا، ڇاڪاڻ ته سنڌو- تهذيب ۽ تمدن ۾،
ماهرن جي راءِ موجب، سواءِ ٿوريءَ تبديليءَ جي،
تسلسل قائم رهندو آيو آهي ۽ قائم رهندو اچي.
(ب) سنڌو – تهذيب جي ڌار ڌار پهلوئن مان ڪيترا ئي پهلو اهو ظاهر
ٿا ڪن ته هن تهذيب ۾ رائج ٻولي، سندس ابتدائي
زماني کان وٺي ختم ڪانه ٿي آهي، پر ان ۾ تسلسل
قائم رهندو آيو آهي. هن تهذيب جو تسلسل، عام ماڻهن
جي ڪرت، ڌنڌن، هنرن، وڻن ٽڻن، راڳ ۽ ان جي سازن،
چٽن ۽ گُلن، مذهبي ڏڻن وارن ۽ ڪريا ڪرم ۾ اڄ به
قائم رهندو آيو آهي. البت ماڻهن جي سماجي ۽
اقتصادي وهنوار ۾ ڪجهه فرق ضرور آيو آهي. اُن
هوندي به ايامن کان وٺي، هن واديءَ ۾ ساڳئي نسل
وارا پکي، ساڳئي نسل جا جانور، مڇي، وڻ ٽڻ، ٻوٽا،
ساڳيا ڌنڌا، اُنهن ڌنڌن ۾ ڪم ايندڙ ساڳيا ساز،
سَنڍَ ۾ هٿيار؛ مثال طور هاري جي ڌنڌي، مڇي مارڻ،
ڪنڀارڪي ڪم، رنگريز ۽ کٽيءَ جي ڪم ۾ اهي ئي ساز،
سنڍ ۽ هٿيار، ڪم ايندي نظر ايندا آهن. جن جهڙا
سنڌو- تهذيب واري زماني جا هنرمند، ڪاريگر، مزدور،
هاري، ناري، ڪنڀار، مهاڻا، ٻيڙياتا، لوهار ۽
سونارا ڪم آڻيندا هئا.
اڄ به موهن جي دڙي جي آسپاس واري علائقي ۾، ٻنين تان، مال ۽
گاهه پٺي کڻڻ لاءِ اهڙي ئي بيل گاڏي ڪم ايندي ڏسبي
آهي ۽ ڪنڀار جو ’چَڪ‘ به لڳ ڀڳ ساڳئي نموني جو
آهي. اهڙي سامان، هٿيارن ۽ سَنڍن جي استعمال ۾
تسلسل جي حوالي سان اهو چئي سگهجي ٿو ته هتي جي
عام ماڻهن، هن واديءَ ۾، سواءِ ٿوري آباديءَ جي،
باقي ماڻهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي پڊن تي، پنهنجي
رهائش قائم رکي هوندي، ۽ اُهي سڀ حمله آورن جي خوف
وچان، هتان لڏي ڪونه ويا هوندا.
(ت) هن سلسلي ۾، پاڪستان ۾ آرڪيالاجي جو هڪ مشهور ماهر، شيخ
خورشيد حسن لکي ٿو ته:
”سنڌو- تهذيب جي خاص خصوصيت، اُن جي روايتن (traditions)
۽ رسمن جي قيام، ڊگهي عرصي ۽ تسلسل جو قائم رهڻ
آهي. انهن روايتن ۽ رسمن مان ڪي، موجوده وقت تائين
قائم رهنديون آيون آهن. موهن جي دڙي جي آسپاس
واري علائقي ۾ رهندڙ ڪنڀر، هن وقت به ساڳئي نموني،
ساڳئي طرز جا، مٽيءَ جا ٿانو، ٺاهيندا آهن، جيئن
قديم زماني جا ڪنڀر ٺاهيندا هئا. بار بردار ننڍيون
بيل گاڏيون، هن وقت به اُتر سنڌ ۾ ڪم ايندي، واٽن
تي ڏسبيون آهن. انهن بيل گاڏين توڙي موهن جي دڙي
جي کنڊرن مان هٿ آيل مٽيءَ مان ٺهيل رانديڪن
جهڙيون بيل گاڏيون ڏسي ماڻهو حيران ٿيو وڃي.“
شيخ خورشيد حسن اڳتي لکي ٿو ته:
”منهنجيءَ هن دعوا لاءِ هي دليل به پيش ڪري سگهجي ٿو ته اڄ به ڪيتريون ئي
اُهي قومون ۽ جاتيون، سنڌو ماٿر ۾ رهنديون پئي
آيون آهن. اُنهن جي ڪار وهنوار، اٿڻيءَ ويهڻيءَ،
هنرن ۽ ڪاريگرين، شڪار جي طريقي ۽ مڇي مارڻ جي
طريقي ۾ ڪا به تبديلي ڪانه آئي آهي.“
انهن قديم قومن مان ڪي اُهي، جن جي نالن ۾ صوتي تبديل به آئي
آهي، اُهي اڃا تائين نسل بنسل هن ماٿر ۾ آباد آهن،
جن مان ڪي آهن:
پڻي/ واڻيا، ميهه/ مي (مهاڻا)، اَهير،
اَشوُرَ، اوڏَ، ڀيل، ڪولَ، باگڙي، مالهي، پرهياڙَ،
پَلي، شينَ ۽ کَرَ وغيره. انهن جاتين ۽ سنڌو ماٿر
جي قديم ٻولي ’سئنڌئيءَ‘ جو مثالن سان ذڪر ايندڙ
صفحن ۾ ڪيو ويو آهي.
(ث) نه فقط قومن ۽ جاتين جي قيام ۾ تسلسل رهيو آهي، پر سر جان
مارشل کان وٺي، ڊاڪٽر ڪنائر تائين اڪثر محققن ۽
ماهرن جا ڪتاب پڙهجن ٿا ته معلوم ٿو ٿئي ته ڪاشيءَ
جي هنر، اُن ۾ ڪم ايندڙ رنگن کان وٺي، ڪپڙي اُڻڻ،
ڀرت جي هنر ۽ ٻين هنرن ۾ ٺهندڙ نقشن، چٽن، گلن،
ٻوٽن ۽ علامتي اُهڃاڻن توڙي نشانين ۾ به ڪا تبديلي
ڪانه آئي آهي.
زيور ٺاهڻ به سنڌو-ماٿر ۾ خاص هنر رهيو آهي، اڄ به زيورن جي
نمونن، اُنهن ۾ ميناڪاريءَ اندر چٽن جي چٽڻ جو
ساڳيو رواج هلندو اچي. ڀرت ۽ ڇُر، ڪاشيءَ ۾ چٽڻ،
نقشن ۽ ڊزائنن ۾ هڪ ٻئي کي ڪٽيندڙ گول،ٽڪنڊي، چورس
۽ مستطيل شڪلين، وڻن جي پنن جا نمونا، پپل جا پن،
اَڪَ جي ٻوٽي جي مکڙي، گولاڙي جي ول جا گل ۽
گولاڙي جي شڪل، کجيءَ جا پن، موتئي جو گُل، رتن
جوت جو گل ۽ پن، بُڪيءَ جي شڪل، ڦڻيءَ جي شڪل،
ماڻهوءَ جي شڪل، مڇيءَ جي شڪل، مور جي شڪل ۽
درياءَ جي لهرن جهڙيون شڪليون اڄ به ٺاهيون وڃن
ٿيون، جيڪي قديم زماني کان سلسلو قائم رکيو اچن.
هن موضوع تي ڊاڪٽر جان مارشل کان وٺي، مارٽم
وهيلر، مسز بنٽنگ، ڊاڪٽر هيريماٿ، ڊاڪٽر فيئر
سروس، شيخ خورشيد حسن ۽ ڊاڪٽر ڪنائر تائين ماهرن
تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
سنڌو- تهذيب ۽ تمدن ۾ تسلسل جي باري ۾ ڊاڪٽر ڪنائر جو خيال آهي
ته:
”سنڌو- ماٿر مان هٿ آيل مهرن تي جانورن، پکين، وڻن ۽ ٻوٽن جون اُڪريل شڪليون
ثابت ٿيون ڪن ته اهي چٽ، نقش ۽ تصويرون،
سنڌو-تهذيب جي ڌار ڌار خطن جي نمائندگي ڪن ٿيون.
مثال طور، انهن مهرن تي ڍڳي، دريائي گهوڙي،
هاٿيءَ، هڪ سڱي جانور (rhinocerose)
جي شڪلين، انهن قومن، جاتين، قبيلن ۽ ڪٽنبن جي
نمائندگي ٿي ڪئي، جن جو انهن شهرن تي قبضو هو يا
اُهي جا حڪمران هئا.“
ڊاڪٽر ڪنائر اڳتي فرمائي ٿو ته:
”مڇي، پکي توڙي ٻيون شيون علامت طور ڪم آنديون وينديون هيون. اهي (مڇي ۽ پکي
وغيره) ’انساني نسل جي واڌاري‘ ۽ آباديءَ (Fertility)
جون علامتون سمجهيون وينديون هيون. ڍڳو، ’سگهه‘ ۽
’طاقت‘ جي علامت طور استعمال ڪيو ويندو هو. ’پپل‘
جي وڻ کي ، ’ساٿ‘ ۽ ’همدرديءَ‘ (ڇانو) جي علامت
سمجهندا هئا. اِهي چٽ ۽ نقش، مٽيءَ جي برتنن،
ڪاشيءَ جي ٿانون تي اڄ به نظر ايندا آهن. اهي چٽ،
گل ۽ نقش، ان وقت به هٿ سان ٺاهيا ويندا هئا.“
ڊاڪٽر ڪنائر ساڳئي سلسلي ۾ اڳتي فرمايو ته:
”زيور ۽ ڳهڻا، فقط هار سينگار لاءِ ڪونه پائبا هئا، پر اُهي به ڪنهن ديوتا
جي مڃتا يا سڃاڻپ ( Indentity)
طور پاتا ويندا هئا. اُنهن مان ڪي زيور اڄ به
اِنهيءَ ئي طرز ۽ نموني جا ٺاهيا ويندا آهن، جن
جهڙا موهن جي دڙي جي تهذيب واري زماني ۾، سنڌو-
ماٿر ۾ ٺاهيا ويندا هئا.“
28
راءُ، ايس، آر سنڌو: لکت، ترجمو، عطا محمد
ڀنڀرو، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو، ص ص 35-36
|