سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :14

هاڻ ڏسڻو هي آهي ته جيڪڏهن ’سنڌو ديش‘ ۽ ’سؤوير ديش‘ ڌار ڌار رياستون هيون ته پوءِ انهن جون جاگرافيائي حدون ۽ سندن جاگرافيائي بيهڪ ڪهڙي هئي؟ هن سلسلي ۾ چيني سياح ’هيون-شئنگ‘، ’سرگريئرسن‘،’ڊاڪٽر داني‘ ۽ ’ديوان مير چنداڻيءَ‘ جي ڏنل راين کي دليلن طور پيش ڪري، نتيجا پيش ڪيا ويا آهن. ديوان مير چنداڻيءَ ’هيون-شئنگ‘ جي حوالي سان هن موضوع جي وضاحت ’اَنندروما بارواَهه‘ (Anandroma Barooah) جي ڪتاب "Ancient Geography of India" جو حوالو ڏيندي هن طرح ڪئي آهي:

”‘سنڌو-ديش‘ ان ملڪ کي چوندا هئا، جيڪو سنڌونديءَ جي مٿاهين (اُڀي) حصي، يعني اُترئين حصي ۾ پکڙيل هوندو هو.“66

 

هن کان اڳ بيان ڪيو ويو آهي ته ’هيون-شئنگ‘، 630ع ڌاري تڪش شلا پهتو هو، ۽ 643ع تائين سنڌو-ماٿر ۾ رهيو، يعني هن (هيون-شئنگ) ’سنڌو ماٿر‘  ۾ به ڪافي زمانو گذاريو ۽ پورو ملڪ گهميو هئائين. 641ع ڌاري هو، سنڌو درياءَ جي اولهه واريءَ رياست ۾ به آيو هو. ان حڪومت ۽ اُن رياست کي ’هيون-شئنگ‘، ’سن-تو‘ (Sin-tu) سڏيو آهي، يعني اُن زماني ۾ به ’سن-تو‘ (سنڌو) نالي ڪو ملڪ يا رياست هُئي. مير چنداڻي صاحب جو هن سلسلي ۾ خيال آهي ته:

”اهو ملڪ يعني’سن-تُو‘ (Sin-tu)، پنجاب وارين حدن اندر هوندو هو. هيون-شئنگ، گُرجَرَ (Gurjjara) ملڪ کان، هن علائقي (سِن-تو) جو سفر شروع ڪيو هو. هن (هيون-شئنگ)، گُرجَر ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ، موجوده مارواڙ (ڏکڻ-اولهه راجپوتانا) جي ڏکڻ-اولهه ۾ مقرر ڪئي آهي. ’گُرجَرَ‘ ملڪ جو تختگاهه هيون – شئنگ جي بيان موجب ’Pi-10-no-10‘ يعني ’ڀلمال‘ هو. ڀلمال(سريمال) جو شهر هاڻ ’ابو جبلن‘ جي اُتر-اولهه طرف پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي آهي.“68 67

 

هيون- شئنگ جو حوالو ڏيندي، ديوان مير چنداڻي لکي ٿو ته:

”اسين ڀوائتي بيابان جي وچان، 1900 لي=(هڪ ليً 88. 4 ميل) پنڌ ڪري، وڏي درياءَ ’سِن-تُو‘ (Sin-tu) تي پهچي، دريايءُ اُڪري، ’سِن-تُو‘ (Sin-tu) حڪومت ۾ پهتاسين، اُتان پوءِ اوڀر طرف 900 لي سفر ڪري، سنڌو درياءَ جو اُڀرنديو ڪنارو وٺي، اسين Mu-10-san-pulu (موُلسٿان پورا) يعني ’ملتان‘ پهتاسين، اُن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ’سنڌو‘ ۽ ’ملتان‘ ٻئي پنجاب ۾ هئا، ۽ هڪ ٻئي جا پاڙيسري ملڪ هئا.“70 69

 

 مير چنداڻي صاحب اڳتي، هيون – شئنگ جي حوالي سان ’سِن-تو‘ (Sin-tu) ملڪ جي باري ۾ هن طرح وضاحت ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته:

”’سِن – تُو‘ (Sin-tu) هڪ اُهو ملڪ آهي جيڪو اٽڪل 7000 لِي همچورس ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن ملڪ جو تخت گاهه Pi-shen-p'o-pu-lo آهي. اهو شهر 30 لي همچورس ايراضيءَ  ۾ پکڙيل آهي. هن ملڪ ۾ چانور، ڪڻڪ ۽ مڪئي گهڻي انداز ۾ پيدا ٿئي ٿي. هت سون، چانديءَ ۽ ٽامي جون کاڻيون آهن. هت ڳائو مال، ڍور ڍڳا، رڍون، اُٺ، گهوڙا ۽ ٻيا جانور گهڻي تعداد ۾ پاليا ويندا آهن. هت ڳاڙهي لوڻ جون کاڻيون آهن. هت اڇي ۽ ڪاري لوڻ جا جبل آهن. اهو لوڻ دوائن ۾ ڪم ايندو آهي.71

 

هت سَوَن جي تعداد ۾ سَنگارامس (Sangharamas) جون ياترائون آهن جن ۾ ڏهه هزار کن برهمڻ رهن ٿا. هت ٽيهه کن مندر آهن. هتي جو حاڪم ’شُودر‘ جاتيءَ مان آهي. هو ٻڌمت جو پيرو آهي.“72

 

شوڌر جاتيءَ جي حاڪم جي باري ۾ ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻيءَ جي ڪيل وضاحت اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪاڪي ڀيرومل لکيو آهي ته:

”هيون شئنگ نالي هڪ چيني مسافر، عيسوي ستين صديءَ ۾، راءِ سهاسيءَ جي وقت ۾ آيو هو. هن صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جو راجا هڪ شودر هو. ڀانئجي ٿو ته، انهيءَ وقت کان سگهوئي پوءِ هو (راءِ گهراڻي) حاڪم کتري راجپوت، سڏجڻ ۾ آيا.“ 73

 

هيون-شئنگ جي بيان تي مير چنداڻي صاحب پنهنجو رايو ڏندي لکي ٿو ته هيون-شئنگ جي بيان ڪيل مذڪوره ’پهاڙي لوڻ واري علائقي‘، مان ائين ٿو ثابت ٿئي ته، ’سِن – تُو‘ (Sin-tu) شهنشاهت، لوڻ وارن جبلن واري علائقي ۾ اُن جي آسپاس واري ملڪ جي ايراضيءَ تي مشتمل هئي.

’سِن – تُو‘ (Sin-tu) يعني ’سنڌو‘، يقيناً اُن ملڪ / رياست جو نالو هو، جيڪو / جيڪا ’سِن – تُو‘ (Sin-tu) يعني ’سنڌو‘ شهنشاهت جي سرحد ۾ اچي ٿي ويئي.

لهاذا اها دعوا، وثوق سان ڪري سگهجي ٿي ته هن پوري علائقي تي ’سِن – تُو‘ (Sin-tu) يعني ’سنڌو‘ نالو هو، جيڪو ’سِن – تُو‘ (Sin-tu) درياءَ جي نالي پٺيان هن ملڪ تي پيو هو جيڪو (سنڌو درياءُ ) هن ملڪ جي پوري ايراضيءَ جي وچان وهندو هو.“74

 

مير چنداڻي صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”’ڀارت ورش‘ ۾ قومن ۽ جاتين پنهنجا نالا، ضلعي علائقن ۽ خطن تي رکيا آهن، پر ’سنڌو‘ نالو، اُنهن مان ڪنهن به ضلعي جا نالو نه هو ۽ نه ئي وري ’سنڌو‘، ڪنهن نسل يا جاتيءَ جو نالو هو، بلڪ سنڌو هڪ ملڪ جو نالو هو.

هيون- شئنگ جي بيان مان ظاهر آهي ته ، ’سِن – تُو‘ (Sin-tu) شهنشاهت، سنڌو درياءَ جي ٻنهي پاسن يعني اوڀر ۽ اولهه طرف موجوده ديره جات واري علائقي ۾، اُن جي ڏکڻ طرف واري پوري ملڪ تي، مشتمل هوندي هئي، جا اولهه ۾ سليمان جبلن ۽ اوڀر ۾ لوڻ وارن جبلن جي ايراضيءَ تائين پکڙيل هئي.

لوڻ وارن جبلن مان حاصل ٿيندڙ لوڻ کي سنڌيءَ ۾ ’سينڌو (Sendho) لوڻ‘، سنسڪرت ۾ ’سِنڌوُ لَوَڻَ (Sindhu Lavana) بنگاليءَ ۾ ’سَئنڌَوَ‘ (Saindhava) لوڻ ۽ گجراتيءَ توڙي مرهٽي ۾ ’سَئنڌوَ‘ (Saindhava) سڏيندا آهن. انهيءَ لوڻ تي، اهو نالو يقيناً ’قديم سنڌو ملڪ‘ سان واسطيداريءَ ڪري پيو آهي.“75

 

ديوان مير چنداڻي’سنڌو ملڪ‘ جي باري ۾ وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:

”’هيون – شئنگ‘ وارو ڄاڻايل ملڪ ’سِن – تُو‘ اُهو ملڪ هو، جنهن جو تخت گاهه ’اَلور‘، هو سو ساڳيو ملڪ نه هو، ڇاڪاڻ ته ’هيون- شئنگ‘ پنهنجي آمد واري زماني واري ’سِن – تُو‘ ملڪ جو حاڪم ’شودر‘ (Shu-to-lo) جاتيءَ جو ٻڌايو آهي ۽ تاريخي رڪارڊ مان به معلوم ٿو ٿئي ته هيون – شئنگ جي، هن خطي جي ياترا وقت  (641ع ۾) ’سِن – تُو‘ ملڪ جو حاڪم،’شودر‘ هو اهو ’حاڪم راءِ سهاسي ٻيون‘ هو ’شودر‘ سنڌ جي راجائن کي چوندا هئا. اهي برهمڻ نه پر کتري هئا.“76

 

هن راءِ مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني ۾ ’سِن – تُو‘ ملڪ راءِ گهراڻي جي حڪومت جو حصو هو.

سرگريئرسن جو خيال آهي ته:

”ڪنهن زماني ۾ سنڌو- ماٿر جي پشاور کان وٺي، پنجاب (لهندا زبانن وارو خطو) ۽ سنڌ سميت ساحل وارو خطو ٽن حڪومتن ۾ ورهايل هوندو هو. اُنهن مان سر اُتر واري حڪومت کي ’گنڌارا‘ جي حڪومت چوندا هئا، جنهن ۾ ’ڪيڪيه ديش‘ به اچي ٿي ويو ۽ اُن کان هيٺ ڀرو سنڌو-  ماٿر جو اُهو حصو اچي ٿي ويو، جنهن کي ’سنڌو-ديش‘ چوندا هئا، ۽ اُن کان هيٺ ڏکڻ واري حصي کي ’سؤوير ديش‘ چوندا هئا.“ 77

 

تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته راءِ گهراڻي جي حڪومت (سئنڌُوَ شهنشاهت) جون سرحدون، ڪشمر تائين پکڙيل هيون، جنهن ڪري ’سئنڌُوَ شهنشاهت‘ ۾ سنڌو سؤوير ديش ’ڪيڪيه ديش‘ ۽ گنڌارا به شامل هئا، جيتوڻيڪ انهن ٽنهي ملڪن جا علائقا ۽ ايراضيون، سنڌو – ماٿر جي نالي سان سڏبيون هيون، پر هن شهنشاهت ۾ چار ملڪ يا رياستون (هڪ سنڌو ديش ٻيو سؤوير ديش، ٽيون ڪيڪيه ديش ۽ چوٿون ڪشمير) اچي ٿي وئيون. جيئن مارڪڻڊيه به لکيو آهي.

انهيءَ سلسلي ۾ هيگ، وضاحت سان سمجهائيندي لکيو آهي ته:

”راجا چچ لوڻ وارن جبلن تائين وارو سڄو ملڪ فتح ڪري، پنهنجيءَ حڪومت جون سرحدون اوستائين، بلڪ اڃا به اُتر طرف مٿئين حصي تائين وڌايون هيون، ۽ ممڪن آهي ته، هيون – شئنگ غلطيءَ وچان اهو لکي ويو هجي ته ’سِن – تُو‘ (Sin-tu) جو تختگاهه، ملتان جي اولهه ۾ هو، پر منهنجي خيال ۾ هيون – شئنگ قديم سنڌوُ (ملڪ)  جي هڪ رياست جي تختگاهه کي، سڄيءَ شهنشاهت جو تخت گاهه سمجهيو هجي.“78

 

هن سلسلي ۾ ڪننگهام پنهنجي ڪتاب  Ancient Geography of India  صفحي 87-286 تي لکي ٿو ته:

”641ع ۾ راءِ سهاسي ٻيو، سنڌ جو حاڪم هو. 79

 

اهڙيءَ طرح Vincent Smith(V.Smith) به پنهنجي ڪتاب Early History of India ۾ صفحي 369 تي لکيو آهي ته:

”سنڌ تي راءِ سهاسي ٻيو حڪمران هو، جيڪو ٻڌمت جو پيرو هو ۽ ’شودر‘ جاتيءَ جو هو.“80

 

محقق  سمٿ، هيون – شئنگ جي راءِ تي، پنهنجا خيال ظاهر ڪندي لکي ٿو ته:

”هيون شئنگ، هن حاڪم (راءِ سهاسي ٻئي) جي حڪومت جي تخت گاهه جو نالو "Pi-she-p'o-pn-lo" لکيو آهي، محقق لئمبرڪ به پنهنجيءُ تحقيق ۾، هيو شئنگ واري ’سِن – تُو‘ (Sin-tu) جيڪو دراصل ’اروڙ‘ يا الور‘ هو ۽ چچ برهمڻ، سنڌ جي هن تخت گاهه تي 646ع ۾ قبضو ڪيو هو. لهاذا "Pi-she-po'-pn-lo" شهر جي تلاش ديرا جات وارن خطن ۾ ڪرڻ گهرجي.“81

 

(iii) محقق لئمبرڪ به پنهنجيءَ تحقيق ۾ هيون – شئنگ واري ’سِن – تُو‘ (Sin-tu) ’ملڪ‘ کي موجوده ’اُترينءَ سنڌ‘ (Upper Sindh) جي اُتر واري حصي کي قبول ٿو ڪري، لئمبرڪ جو خيال آهي ته:

”ائين مڃيو به کڻي ته، ’الور‘ جو اُن وقت (641ع)، ڪو ٻيو نالو هو، تڏهن به سنڌونديءَ، ان وقت، ’الور‘ جي اوڀر طرف کان ڪونه وهندي هئي.“82

 

(i)  ديوان مير چنداڻي، هيون – شئنگ‘  واري ’سنڌوديش‘ (پنجاب ۾) ۽ سنڌو درياءَ جي هيٺئين حصي واري ملڪ ( سؤوير ديش) جي وضاحت جي سلسلي ۾ ’وَراههَ مهرا‘ ( Varahamihira) جي ڪتاب، برهتسنَمِهتا (Brhatsmihita) جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته، ’سنڌو ديش‘ ۽ ’سؤوير ديش‘ نالن سان ٻه ڌار ڌار ملڪ موجود هئا، جيڪي ’وَراهه مِهرا‘  پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايا آهن. اهو فرق (يعني ٻه ڌار ڌار ملڪ سمجهڻ)  محقق البيرونيءَ  پڻ ڄاڻايو آهي.83

 

ديوان مير چنداڻيءَ پڻ وضاحت  سان ’سنڌو‘ ۽ ’سؤوير‘ ديشن جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ جاءِ وقوع تي پنهنجي ڪتاب ۾ بحث ڪيو آهي، ۽ هن نتيجي تي پهتو آهي ته:

”ڪن ماهرن جي نظر ۾ ’سؤوير ديش‘ ملتان جي ڏکڻ طرف هو هن ملڪ جي پوري ايراضيءَ ۾، سمنڊ جي ساحل تائين، موجوده سنڌ وارو علائقو پڻ شامل هو. انهن ماهرن جي خيال موجب ’سؤوير ديش‘ جو تخت گاهه ’روروُڪا‘ (Roruka) يا روروُوا (Roruva) هو. اهو شهر موجوده ’روهڙي‘، ’الور‘ يا ’اروڙ‘ هو.

اڳتي هلي ’سنڌو – سؤوير‘ پاڻ ۾ ضم ٿي ويا، ۽ اُن سڄي علائقي جو هڪ ئي نالو سنڌو استعمال ٿيڻ لڳو، يعني اڳوڻو ’سنڌو ايراضيءَ  وارو ملڪ (گنڌارا واريءَ واديءَ کان هيٺ سڄو ملڪ) ڪيڪيه ديش ۽ ملتان جي چئني پاسن وارو علائقو، هيٺ ڏکڻ ۽ سامونڊي ساحل تائين ’سنڌوءَ‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.“84

 

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”مارڪڻڊيه هڪ نامعلوم مصنف جي حوالي سان سڄيون ساريون ستاويهه ٻوليون ’اپڀرنش‘ جي دفعي ۾ شمار ڪري ٿو. مارڪڻڊيه ’اپڀرنش‘ جا ٽي قسم ڄاڻايا آهن: هڪ ’ناگر‘ جيڪا مڙني ۾ مکيه آهي، ٻي ’وَراچَڊ‘ جا ناگر مان نڪتي ۽ ’سنڌو ديش‘ ۾ جنم ورتائين؛ ٽين ’اُپ ناگر‘ جا ’ناگر ۽ وراچڊ‘ جي سنگم مان اُسري. مارڪڻڊيه جي انهيءَ بيان  مان گريئرسن ۽ ٻين ائين سمجهيو آهي ته، وراچڊ، سنڌ ۾، اُسري، موجوده سنڌي ’وراچڊ‘مان نڪتي ۽ ’وراچڊ‘، ’اپڀرنش‘ مان. حقيقت ۾ مارڪڻڊيه ۽ ٻين آڳاٽن لکندڙن ’سنڌو‘ يا ’سنڌو-سؤوير‘ جا نالا کنيا آهن، ته ان مان مراد موجوده سنڌ ڪانهي، بلڪ ملتان ۽ ڏکڻ اولهه پنجاب وارو خطو آهي.“85

 

هن ڏس ۾ ڊاڪٽر دانيءَ پڻ پنهنجي مقالي’سنڌو- سؤوير‘ ۾ وضاحت ڪندي لکيو آهي ته:

”البيرونيءَ، پنهنجو مواد،’وايو پراڻ‘ مان کڻندي، اهي ٻئي جاگرافيائي اصطلاح- سنڌو ۽ سؤوير – شامل ڪري ٿو، ۽ ڄاڻائي ٿو ته، پوئين نالي مان مراد (گهٽ ۾ گهٽ سندس وقت ۾) ’ملتان‘ ۽ ’جهرور‘ وارو تَرُ هو. ٻئي پاسي اهو سمجهڻ پڻ ممڪن آهي ته، اهو سمورو ڏيهه نه، پر ’سِن- تُو‘ جي گاديءَ وارو شهر هو، جيڪو سنڌونديءَ جي اولهه ۾ هو. جيڪڏهن اسان هيءَ صلاح قبول ڪنداسون ته پوءِ اهو سمجهڻ ڏکيو نٿو رهي، ڇو ته سنڌي ٻولي رڳو هيٺئين سنڌوءَ تائين محدود آهي، جڏهن ته انهيءَ ذري گهٽ، ساڳيءَ ايراضيءَ ۾ هاڻ سرائڪي ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا البيروني، سؤوير جي بيهڪ ڏيکاري ٿو. سرائڪي ڳالهائيندڙ علائقي جي هن سمجهاڻيءَ جي آڌار تي ائين چئي سگهجي ٿو ته، ’سرائڪي‘ نالو شايد اصل لفظ ’سؤويراڪي‘ جي بگڙيل صورت آهي.“86


66  Mirchandani, B.D., Op. Cit., P.21

67  ’ڀلمال‘ جو ذڪر، محقق البيرونيءَ پڻ گهڻي فخر سان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اُن شهر ۾ ’برهم گپت‘ جي نالي سان هڪ مهاودوان ٿي گذريو هو، جنهن جي ڪتابن کي البيرونيءَ عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. ’ڀلمال‘ شهر هڪ طرف علم نجوم، علم هئيت ۽ ڇندو وديا جي ودوانن جي ڪري مشهور هو، ته ٻئي طرف سنڌو سلطنت جي تسلط هيٺ هو. ان ڪري سنڌ ۽ ڀلمال جي عالمن جا هڪ ٻئي سان پراڻا ۽ گهاٽا تعلقات ۽ لاڳاپا هئا. ’ڀلمال‘ ۾، برهمڻ گهراڻي جي زماني کان ’بنو علاقي قبيلي‘ جا عرب رهندا هئا. انهن جو سردار ’محمد بن الحارث علافي‘ 680ع ڌاري، سنڌ ۾ اچي رهيو ۽ راجا ڏاهر جي اعتماد وارن ماڻهن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. هن علاقيءَ- مقامي ماڻهن سان پنهنجا اثر رسوخ وڌايا، ان ڪري هتي جي ماڻهن محمد بن قاسم جي حملي وقت اُن جي سامهون پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ جنگ ڪرڻ ۽ وڙهڻ کان گريز ڪيائون. اهو به هڪ سبب هو جو سنڌ جي فتح کان پوءِ، سنڌ ۽ ’ڀلمال‘ جي وچ م رشتا هيڪاري مضبوط ٿيا، جن علم ۽ سائنس جي فروغ ۾ گهڻي مدد ڪئي.

68  Mirchandani, B.D., Op.Cit., P.22

69  هيون شئنگ جي ياترا واري زماني ۾ ملتان سنڌو حڪومت جو هڪ صوبو هو، جنهن جو تخت گاهه ملتان هو.

70  Mirchandani, B.D., Op. Cit., P.23

71  موجوده وقت انهيءَ خطي کي ’کيوڙا‘ چيو ويندو آهي، جيڪو جهلم کان ڪجهه مفاصلي تي آهي.

72  Mirchandani, B.D., Op. Cit., P.22

73  ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ص 55

74  Mirchandani, B.D., Op. Cit., P.22

75 – Ibid., P. 23

76  Mirchandani, B.D., Op. Cit., P.23

77  Grierson, G., Linguisitic Survey of India, Vol: VIII

78  Haig, M.R.S. Indus Delta Gountry,Karachi,Indus Publishers,1972. P. 35

79  Cunningham Ancient, Geography of India, PP. 286.287

80  Smith, V., Early History of India, P. 369

81  Mirchandani, B.D., Op. Cit. P.25

also See: Smith, V.Op.Cit., P.369 & Also See Haig, M.R. Indus Delta Country, Op. Cit. P. 35

82 Lambrick, H.T. Sindh Introduction, Op. Cit., P. 148

83  هي ڇهين صدي عيسويءَ ۾ ستارن جي علم (astronomy) جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آهي.

84  Mirchandani, B.D., Op. Cit., PP. 27-30

85  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، 1990ع/1411هه، ص 28.

86  داني احمد حسن، ڊاڪٽر: حوالو ڏنل آهي، ص 53.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com