(ث) ديسي لفظن جون لڙهيون:
(I) هيٺ ديسي لفظن جون ڪي لڙهيون به ڏجن ٿيون، جن جي اڀياس کان
پوءِ ڊاڪٽر ٽرومپ کي پنهنجي راءِ بدلائڻي پيئي
هئي. انهن مان ڪي لفظ هي آهن:
دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ |
|
موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ |
سِوَ
|
|
سُئي |
اَرڻِي |
|
اَرڻي (ٻيلو) |
نارَ
|
|
نار =
پاڻي |
اَڻو |
|
اَڻو |
وَلَ
|
|
واڙ |
ڪُيلَ |
|
ڪوَيل/ ڪوئل |
چَمپڪ (تامل)
|
|
چَمپا |
ڪَٽَ
|
|
کَٽَ |
نِيلَ
|
|
نِيرُ/ نيل |
ڪَلا
|
|
ڪلا =
هنر |
پاگُ (تامل)
|
|
ڀاڳ =
پتي |
شَوَ |
|
ڇَوَ |
دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ |
|
موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ |
گُرَم
(تامل) |
|
گهوڙو |
پِڊ
|
|
پِنڊي |
ڦَلَ
|
|
ڦَلُ |
مَيورَ
|
|
مورُ |
روپَ |
|
روپُ/ شڪل |
ڪارو
|
|
ڪارو |
چُرُ
|
|
چُر (گدڙ جي) |
پُڊ
|
|
پُٽُ |
پَڙ |
|
پَريو (پوڙهو) |
مُتّ
(تامل) |
|
موتي |
ڪُٽَ |
|
ڪُٽُ (brass) |
وَل (تامل) |
|
وَرُ =
موڙُ |
اَن، اَم
|
|
اَن =
ها |
پُشپَ
|
|
پُشپا (گل جو قسم) |
دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ |
|
موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ |
پَڙَم
|
|
ڦل =
ميوو |
بِلَ |
|
ٻِرُ |
ڪُور ڪُور |
|
ڪُورُ ڪُورُ (ڪتو) |
پيٽي |
|
پيتي |
ڪَتَڻ |
|
ڪَتڻ |
پِٽِڻ (تيليگو) |
|
پِتڻ |
پَتّ (تيليگو) |
|
پتي |
ڪوسِنَ (تيلگو)
|
|
ڪُهَڻ |
رَتَل (تَيليگو) |
|
رَتَل |
سونمُ |
|
سون |
بِجَ |
|
ٻِجُ |
تِپِي
|
|
ٿڦي (Bread) |
مَڻَ |
|
مَڻ |
گاڊدي |
|
گڏهه |
دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ |
|
موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ |
پُوسي (تامل) |
|
ٻلي |
پِلِي (تيليگو) |
|
پوسڻي (ٻلي) |
پيڻ (پيڻ (Femde) |
|
ڀيڻ |
اما! (حالت ندا) |
|
اما! |
اَمِي (تامل amm-ai) |
|
امي |
اَرُ (تامل) |
|
اَرُ =
پيار |
مَن
=
گهر (تامل) |
|
مَنَهه |
ماڊُ =
ڍڳو (تامل) |
|
مانڊ=
هاريءَ وٽ ڍڳن جا هڪ کان وڌيڪ جوڙا جيڪي هر،
نار ۽ گاڏي ۾ وهائبا آهن. |
ماٽُ =
بدلائڻ (تامل) |
|
مَٽ
=
بدل |
اَپا (تامل) |
|
اَبا |
تالِي (تامل tali) |
|
تارونِ |
ڪَرُ (تامل)
|
|
ڪار، ڪارو |
دراوڙي ٻولين ۾ رائج لفظ |
|
موجوده سنڌيءَ ۾ انهن جهڙا لفظ |
اَڻي[
گاڏيءَ جي دُريءَ جو ڪوڪو (تامل) |
|
اَڻي |
ڪُٽي |
|
ڪُٽيا/ ڪوٺي |
تِي
=
باهه (تامل) |
|
تؤ |
اَپن
|
|
ابا |
ڦاڙ |
|
فاڙ |
ميِنِ
|
|
مين
=
مڇي |
اَي (تامل) |
|
اَيل، اَئِي |
|
|
|
اَتا
=
ماسي، ماءُ جي |
|
|
ڀيڻ (تامل) |
|
اَدي
=
وڏي ڀيڻ |
ادي=
عورت (تامل) |
|
|
(ii)
اهڙيءَ طرح اِٽي ڏڪر راند ۾، سنڌ ۾ (خاص ڪري لاڙ
۾) جيڪي انگ ڳڻيا ويندا آهن، اُهي دراوڙي ٻوليءَ ۾
عام آهن. انهيءَ ڪري هن راند (اِٽي ڏڪر راند) ۾، ڳڻپ لاءِ هن وقت
به جيڪي انگ ڪم آڻيندا آهن، اُهي سنڌ ۾ انگن ڳڻڻ
جي قديم طريقي طرف اشارو ڪن ٿا، گويا اهي انگ،
انهيءَ قديم ٻوليءَ جو اهڃاڻ آهن. ٿي سگهي ٿو ته،
اهي انگ، وقت گذرڻ سان گڏ، فقط اِٽي ڏڪر راند ۾ ئي
محفوظ رهيا آهن ۽ ٻيءَ زندگيءَ ۾ متروڪ ٿي ويا
آهن.
پر اميريڪي ماهر ڊاڪٽر فيئرسروس، موهن جي دڙي جي مهرن مان ڪن
مهرن ۾ ڏنل ليڪن جا اهي مُلهه مقرر ڪيا آهن، جيڪي
انهن انگن طرف نشاندهي ڪن ٿا. اِهي انگ هي آهن:
عدد |
دراوڙي |
سنڌي |
عدد |
دراوڙي |
سنڌي |
هِڪُ |
اوِڪَ |
وَڪٽِ |
چار |
نالُ (تامل) |
نارُ |
ٻَه |
ارِنڊُ (تامل) |
لئن |
پنجَ |
اَرُ، (تامل)
اَڃجُ = |
اَرُ |
ٽي |
رينڊُ (تيليگو) |
موُنِ |
ڇَهه |
اَرُ (تامل) |
-- |
|
موندرَ (تامل) |
|
سَتَ |
اِيلُ (تامل) |
اِلُ |
|
مونڊُ = |
|
اَٺَ |
اِٽُ (تامل) |
اَٺَ |
|
موڻُ = |
|
نَوَ |
اوبندُ (تامل) |
-- |
|
|
|
ڏَههَ |
پَتُ |
-- |
(ج) ڪاڪي ڀيرو مل، ڊاڪٽر ڪالڊويل جي حوالي سان، سنڌيءَ ۾ دراوڙي
ٻولين جي جن لفطن جي فهرست ڏني آهي، اُهي هي آهن:
مُڪت(موتي) |
ڪانجهي |
ڪوتمير |
ڇاڏي |
پڳڙي |
ڪُٽيا(ڪُٽيا) |
کَٽوا |
اُڙدَ |
ڪاٻار |
ڪوٽ |
ڪٽارَ |
ايلاچي |
ڪڙهي |
ڇنار (کريل عورت) |
(ح) پر سنسڪرت جي وياڪرڻين، انهن لفظن کي سنسڪرت
ٻوليءَ جا لفظ سڏيو آهي. هن سلسلي ۾ ڪالڊويل لکي
ٿو ته:
اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته سنسڪرت ۾، دراوڙي ٻولين جي لفظن جو تمام وڏو
تعداد موجود آهي، جيئن انگريزي ٻوليءَ ۾ برطانوي
لفظن جو ذخيرو آهي، پر انهيءَ اندازي ۽ امڪان تي
گهٽ توجهه ڏنو ويو آهي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته
توجهه ئي نه ڏنو ويو آهي. جڏهن به ڪي اهڙا لفظ
معلوم ٿيا جيڪي ٻنهي ٻولين يعني سنسڪرت ۽ دراوڙي
ٻولين ۾ عام طور ڪم ايندي ڏٺا ويا، تڏهن ائين
سمجهيو ويو ته اهي سنسڪرت جا اصلوڪا لفظ آهن، جيڪي
سنسڪرت جي بنياد جا آهن.
سنسڪرت لغات جا ماهر ۽ مها وياڪرڻي اهو فرق نه
رکندا هئا، جهڙوڪ دراوڙي ٻولين جي لغات ۽ وياڪرڻ
جا ڄاڻو رکندا هئا. جڏهن به ڪنهن ليکڪ مقامي يا
ڏيهي لفظن کي پنهنجن لکتن ۾ ڪم آندو آهي، يعني
جڏهن به ڪنهن ليکڪ ائين چيو آهي ته، فلاڻا فلاڻا
لفظ، فلاڻي فلاڻي خطي يا علائقي جا آهن. (جتي جو
هو رهاڪو هوندو آهي)، پر جيئن ته اهي لفظ، سنسڪرت
واريءَ لپيءَ ۾ تحرير ڪيا ويندا هئا، ان ڪري ائين
سمجهيو ويندو هو ۽ دعوا ڪئي ويندي هئي ته اهي
سنسڪرت جي لغوي خزاني سان واسطو رکن ٿا.“
(خ) آريائي ٻولين ۾، آرين جي اچڻ کان اڳ واري
سنڌو- ماٿر جي ٻوليءَ ۽ ديسي ٻوليءَ جي لغوي ذخيري
جي باري ۾ پروفيسر گنڪووسڪي لکي ٿو ته:
”سنسڪرت ۾ داخل ٿيل، ڌارين زبانن جي لفطن جي ذخيري جو تعلق دراوڙي زبانن
(جيڪي مُنڊا مان نڪتل آهن) سان آهي. انهن لفطن جو
جڏهن تجزيو ڪجي ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته برصغير ۾
آريائي آباديءَ کان اڳ به ماڻهو آباد هوندا هئا،
جن آرين جي اثر کان پوءِ، ’انڊو-آرين ڪلچر‘
Indo-Aryan Culture
کي جنم ڏنو. انهن (غير- آريائي ماڻهن) جي زبانن
مان اڪثريت جو واسطو، دراوڙي زبانن سان آهي؛ مثال
طور.
سنسڪرت ۾ رائج لفظ |
موجوده سنڌي لفظ |
ڪَرمارَ (Karmar) |
لوهار |
ڪٽا (Kuta) |
ڪُٽيا، يعني جهوپڙي |
ڦَل (Phala) |
ڦل يعني ميوو |
مُنڊا بنياد جا لفظ |
موجوده لفظ |
جالَ |
ڪپڙو |
کدجا (Khadga) |
کڏِي |
گنا (gana) |
جٿو، گروهه، گهڻا |
دنڊا (dunda) |
ڏنڊو |
ڍنڍوڀي (dundubhi) |
ڍنڍوچي |
A drum, a calttle drum |
|
پَٽَهه (pataha) |
-- |
هَلَ (hala) |
هَرَ |
هيٺيان لفظ رگ ويد جي حوالي سان ڏنا ويا آهن.
يقيناً رگ ويد جي منڊل جوڙيندڙ ودوانن اُن وقت
تائين، اهي لفظ سنڌو- ماٿر ۾ رائج ٻوليءَ مان،
پنهنجي روزمره جي استعمال لاءِ کنيا هجن.
رگ ويدڪ لفظ |
موجوده سنڌي لفظ |
رگ ويدڪ لفظ |
موجوده سنڌي لفظ |
وَستِي |
وستي، وسندي |
ديوَرَم |
ڏير |
|
وسي، وسئين |
مانَ |
ماڻِ (وزن) |
پَڪوَ ڦلم |
پڪل ڦل |
مُنجَ |
مُڃَ |
چَر |
چروڙي،چؤنري، چاڏي |
چَڪرَ |
چَڪَرو، چَڪَرُ |
ڪُنب |
ڪُنڀ(وڏو پيالو) |
يوڪتِرَ |
جوٽو (پاڃاريءَ ۾ |
داس |
داس |
|
ڍڳن کي جوٽڻ لاءِ |
وِڌَويوَ |
وُڌا |
|
ڪم ايندڙ رسو) |
ڪانچي |
ڪانچ (سُٿڻ) |
مامس |
ماس |
يوَ |
جَوَ |
ڪَنتَڪ |
ڪنگي (ڦڻي) |
سَتي |
سَچُ |
سَمُنڊر |
سمنڊ، سمونڊ |
جِهوَ |
ڄِڀ |
ارٿ |
ارٿ |
(د) ڊاڪٽر بلوچ صاحب شرٽ جي راءِ، پنهنجي ڪتاب ۾
تنقيد ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته:
”سنڌي جي ’کي‘، سنسڪرت ’ڪرت‘ جي بدران دراوڙي ’ڪُو‘ سان واسطو رکيٿي. ٻن
لفظن ’اَن‘ ۽ ’کان‘،’مان‘ ٿي سگهي ٿو ته ’آن‘
سنسڪرت مان نڪتل هجي. ’آن‘ يا ’ائان‘ بروهڪي
ٻوليءَ ۾ موجود آهي، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته آرين
جي اچڻ کان اڳ، دراوڙي ٻولين ۾ ’آن‘ يا ’ائان‘ جا
لفظ موجود هئا: آرين، ’ڪو‘ لاحقو (affix)،
کانئن اڳ موجود ڏٺو، جو سندن ’اَت‘ واري ’ت‘ بدلجي
’آن‘ وارو ’ن‘ بڻيو.
شرٽ جي مذڪوره راءِ تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب
لکي ٿو ته:
”هن دليل جو پس منظر مغربي عالمن جو ان وقت وارو عام خيال آهي، ته سنڌي ۽
ٻيون هند- آريائي ٻوليون سنسڪرت مان بڻيون، ۽
انهيءَ ڪري انهن ٻولين جو هر لفظ ڪنهن نه ڪنهن
سنسڪرت لفظ جو عڪس آهي. اهڙي خيال سببان، شرٽ پڻ
ڇڪتاڻ ڪري سنڌي ’آن‘ کي سنسڪرت ’اَت‘ مان بدلجڻ
جو جواز پيش ڪيو آهي، حالانڪ ٻئي طرف شرٽ ٻڌائڻ
چاهي ٿو ته، ’اَن‘ سنڌ ۾ اڳ موجود هئي، مگر اها
درواڙي ٻولين جي هئي، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين بروهڪي
ٻولي ۾ موجود آهي. کيس غالباً اهو معلوم نه هو ته
سنڌي جا ڪيترائي الفاظ بروهڪي ۾ رائج ٿي چڪا آهن.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سندس ڪتاب جي صفحي 11 تي ضمني
عنوان نمبر 5 هيٺ ’سنڌيءَ جا ڪي اهڙا لفظ ڏنا آهن،
جيڪي اصل ۾ دراوڙي آهن، لکي ٿو ته:
”شرٽ چوي ٿو ته: منهنجي خيال ۾ (جيڪڏهن جانچ ڪبي ته) هيٺين سنڌي لفظن مان
’گهڻن جو‘ اصل نسل يقيني طور ’دراوڙي‘ ثابت
ٿيندو.“
سنڌي |
دراوڙي |
سنڌي |
دراوڙي |
پرائڻ |
پيڙ |
کوٽڻ |
ڪوٽ |
وائي |
واي (=
وات) |
ڪرنڊي |
ڪارَنڊي |
ڪؤڙو |
ڪارُو |
ٽڙڻ |
ٽيِڙاپُو |
مُنڍ |
مُنڊ |
سُلڻ |
سول |
منجي |
مانرِي |
سوڙهو |
شرَڪُ |
اوڙاهه |
اَڙ |
ڪُڏڻ |
ڪُودي |
نِرَڙُ |
نيڙ |
اوڍڻ |
اُڊَ |
ڪُراڙو |
ڪيِڙو |
ٽڙي |
ٽاڙي |
پِڙُ (چنڊ جو) |
پيريئه |
کَٽَ |
ڪَٽُ |
هن راءِ تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:
”آخر ۾ نتيجي طور شرٽ چوي ٿو ته: جيڪڏهن سنڌي جون مٿي بيان ڪيل نحوي
خصوصيتون دراصل ’دراوڙي‘ آهن ۽ پڻ پيش ڪيل لفظن جا
سلسلا ساڳئي سرچشمي سان تعلق رکن ٿا، ته به
ائين ڪونه چئبو ته ڪو سنڌي کي اهو سرمايو بروهڪي
مان مليو، ڇاڪاڻ ته اهي نحوي ۽ لغوي خصوصيتون
بروهڪي ۾ آهن ۽ ڪين..... اهو سڄو سرمايو سنڌ وارن
کي مقامي طور ورثي ۾ مليو آهي، جو منهنجي خيال ۾
انهيءَ طرف رهنمائي ڪري ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ
سنڌو جي وادي دراوڙي نسل جي ماڻهن جو گهر هئي.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو ته:
”مٿين تنقيد جي باوجود انهيءَ امڪان جو انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته قديم دور جي
مُنڊا ۽ دراوڙي ٻولين توڙي موجوده دور جي پاڙيسري
’بروهڪي ٻولي‘ جا ڪي الفاظ سنڌي ۾ رائج ٿي چڪا
آهن.“
(ذ) ڀارت جي مشهور ماهر لسانيات، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ هن
سلسلي ۾ وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آهي. ’سنڌي ۽ دراوڙي
ٻولين ۾ هڪ جهڙائيءَ‘ جي حوالي سان هو
پنهنجي’ڪتابچي‘ ۽ مقالي ۾ هن طرح ٿو فرمائي.
”وقت بوقت سنڌي ودوانن، سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪجهه دراوڙي اثرن جي باري ۾ ڌيان پئي
ڇڪايو آهي. اِنهن ۾ خاص ڪري ’ڀيرومل مهرچند
آڏواڻيءَ‘ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ۾ سنڌي اُڀپاشا(dialect)
لاڙيءَ تي دراوڙي اثر (ص125)، ۾ اُن ڳالهه ڏانهن
ڌيان ڇڪايو آهي، پر اِن ڏس ۾ وڏي ۾ وڏو عالماڻو ۽
پهريون وگيانڪ (scientific)
يوگدان (contribution)
آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو ’سنڌي ٻوليءَ
جو بڻ بنياد‘ هن مقالي ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب پُر اثر
مثالن جي مدد سان هڪ عالماڻي سَند پيش ڪئي آهي.“
ڊاڪٽر گدواڻي پنهنجي موضوع تي دليل ڏيندي لکي ٿو ته:
”هن مقالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم پهلوءَ، سنڌي شخصي نالن ۽ دراوڙي ٻولين
جي شخصي نالن ۾ هلندڙ هڪجهڙاين جو اڀياس پيش ڪيو
ويو آهي. ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي ۽ دراوڙي
ٻولين جي ٻين ڪن پهلوئن ۾ پڻ هڪ جهڙايون ملن ٿيون،
جن ۾ اڀياس لاءِ جلد ئي منهنجو ڪتاب ’سنڌي ۽
دراوڙي ٻولين ۾ هڪجهڙايون‘ ۾ وڌيڪ اوک ڊوک ڪيل
آهي.“
ڊاڪٽر گدواڻي اڳتي لکي ٿو ته:
”شخصي نالا ڪنهن به قوم جي ڪلچر جو هڪ اڻونڊڻو حصو هوندا آهن، شخصي نالن جو
ٻوليائي لحاظ کان پڻ انيڪ پهلوئن کان ويچار ڪري
سگهجي ٿو، نه فقط ايترو پر شخصي نالا ڪنهن به قوم
کي ٻين قومن ۽ ٻولين جي اثرن جا اهڃاڻ پڻ ڏيندا
آهن، ڇو ته جڏهن به هڪ قوم، ٻيءَ قوم جي ويجهو
ايندي آهي ته پوءِ اُن جي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جا اثر،
ٻيءَ تي ضرور پوندا آهن، پر اڪثر ٿيندو ائين آهي
ته طاقتور قوم، ڪمزور قوم تي پنهنجو اثر ڪندي آهي.
سنڌي شخصي نالن جو اڀياس ڪرڻ سان، اهو سچ بلڪل
سامهون ٿو اچي.
سنڌي شخصي نالن ۾ اڄ سوين نالا سنسڪرت ٻوليءَ جا آهن، جي براهمڻن ۽ ٻين
سنسڪرت ڳالهائيندڙن جي اثر هيٺ ئي واهپي ۾ آندا
هوندا؛ يا خود ڪيترا سنسڪرت ڳالهائيندڙ، اڄ به سنڌ
جي ٻين قومن سان ملي ويا، يا هو خود وقت جي دوران
پنهنجي الڳ سڃاڻپ وڃائي، خود سنڌي ٿي ويا.“
ڊاڪٽر گدواڻي اڳتي ساڳيءَ راءِ جي وضاحت هن طرح ٿو
ڪري:
”هاڻ جڏهن سنڌ ۾ ڄاول پيڙهي جي نالن جو اڀياس ڪجي ٿو ته انهن ۾ اهڙا پڪا
اُهڃاڻ ملن ٿا، جيڪي دراوڙي نالن جي خاص سڃاڻپ
وارا جزا آهن.“
ڊاڪٽر گدواڻي هن سلسلي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:
”ڀيرو مل نالو سنڌي هندن ۾ تمام گهڻو عام جام آهي. هاڻي مزيدار حقيقت اِها
آهي ته تامل ناڊوءَ ۾ اڄ به اهو نالو تمام گهڻو
مروج آهي. مون کي اُتي جو هڪ واقعو ٿو ياد اچي.
26-جون 1986ع ۾ جڏهن مون انٽرنئشنل تامل انسٽيٽيوٽ
آديار (مدراس) ۾ (سندن ئي نينڍ تي) ’سنڌي ۽ تامل
ٻولين ۾ هڪجهڙايون‘ موضوع تي ليڪچر ڏنا هئا، تڏهن
انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر صاحب جو نالو پڻ ڀيرومل هو.
پر اها حقيقت آهي ته تامل ناڊوءَ ۾، خاص ڪري اُهي
جيڪي براهمڻن نه آهن ۽ تامل ٻولي ڳالهائيندڙ آهن،
اُنهن ۾ ڀيرومل نالو عام جام آهي، پر اها به حقيقت
آهي ته ڀارت ۾ ڄاول ڪنهن به سنڌي ٻار جو نالو نٿو
ملي.“
ڊاڪٽر گدواڻي اڳتي لکي ٿو ته:
”سنڌي هندن جي شخصي نالن جي هڪ وڏي ۾ وڏي خوبي آهي ته هيءُ ٻن جزن جا ٺهيل
هوندا آهن. پهرئين جزي وارا ته گهڻي ئي جُزا آهن
پر ٻئين جزي وارا بلڪل محدود آهن، جيئن ته:
رام: پرسرام: داس: موهنداس: لعل، موهن لعل، مل:، راءِ، شامراءِ، مل، مگهن
مل، مٿي ڏنل نالن ۾ رام، ڪشن، لعل، راءِ ۽ نند
وغيره پهرئين جزي طور به ڪتب ايندا آهن پر ’مل‘
فقط ٻيون جُز ٿي ئي ڪم ايندو آهي. ’مل‘ لفظ طور
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم نه ايندو آهي، پر ’مَلههِ‘ يعني
جيڪو مَلَههَ وڙهي، اُن کي چئبو آهي سنسڪرت ۾ جيڪو
’مَلَهه‘ وڙهي سگهي ان کي ’ملل‘ (Malal)
چئبو آهي. سنڌين ۾ اهو نالو ڪيترو جهونو آهي، اهو
چوڻ ڏکيو آهي. پر هڪ حقيقت ته ظاهر آهي ته سنسڪرت
ٻوليءَ جي ساهت ۾، ويدڪ سنسڪرت ۽ ڪلاسيڪي سنسڪرت ۾
’ملَ‘ لفظ وارا نالا نٿا ملن، يعني مهاڀارت ۽
رامايڻ ۾ اهي نالا نٿا ملن، ان ڪري اُها ته پڪ آهي
ته سنسڪرت اثر ڪري اِهي نالا سنڌيءَ ۾ ڪونه آهن،
ٻئي طرف تامل ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ اڄ به ’مَلاءِ‘
پڇاڙي، هندن جي شخصي نالن ۾ ملي ٿي جيئن:
اَناملاءِ يا ٿيرو مَلاءِ وغيره.“
ڊاڪٽر گدواڻي ’ولڻ‘ نالو به، دراوڙي لفظ ٿو تسليم
ڪري ۽ لکي ٿو ته:
|