سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :13

(ب) ڊاڪٽر جعفريءَ رگ ويد مان جيڪو منڊل ڏنو آهي، اُن ۾ لفظ ’سنڌو‘ ٻن مفهومن جي وضاحت ڪري ٿو. منڊل جي شروعات ۾ ڪم آندل لفظ ’سنڌو‘، ’سنڌو درياءَ‘ جو مفهوم ادا ڪري ٿو، جڏهن ته اُن کان پوءِ ڪم آندل لفظ ’سنڌوءَ‘ مان مراد ’سنڌ ملڪ‘ آهي؛ جيئن:

سنڌو ڀلن گهڙن ۾ شاهوڪار آهي، ۽ اهي شاهوڪار ويسن وڳن ۾.

سهڻي گهڙيل سون ۾ شاهوڪار، اَڻ مئي مايا جي مالڪ

هتان جا گاهه نيڻ ٺارڻ ۽ لذت وارا

اُن اهڙي جو ويٺو ڏس

شربت جو ميٺاج نه پڇ. 51

 

(ت) رگ ويد جي انهيءَ منڊل کان پوءِ، هخامنشي بادشاهن جي ٺُلهن تي لکيل ڪتبن جا مثال ڏيئي، ڊاڪٽر علي اڪبر جعفريءَ ’سنڌو‘ لفظ مان ’سنڌ ملڪ‘ جي معنى ڪڍي آهي، ۽ اُن (سنڌو) جي صفتي روپ ’هندويه‘ يعني ’سنڌوئي‘ يا ’سئنڌُئي‘ مان مراد، هن ملڪ جا رهاڪو يعني ’سنڌي ماڻهو‘،’سنڌ ملڪ جا رهندڙ‘ ورتي اٿس. اها لکت، مهاڀارت واري لکت ۾ رڪارڊ کان سواءِ ٻه هزار سال پراڻي آهي، ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ’سنڌو‘ لفظ ٻن مفهومن – سنڌودرياءَ ۽ سنڌ ملڪ- لاءِ سنڌو-ماٿر ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ رائج هوندو هو. ٿورن لفظن ۾ هيئن چئبو ته ’سنڌو‘ لفظ جو اصل مفهوم هو ’سنڌونديءَ جي ماٿر‘ (سنڌو-ماٿر)آهي، جنهن ۾ سڄو پنجاب، ڪشمير، داردستان، راجسٿان، گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ موجوده هرياڻا رياست وارا خطا به شامل هئا.52

 

(ث) چيني سياحن جا سفرناما:

هت اهو بيان ڪرڻ به ضروري آهي ته، راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني کان اڳ ۽ راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني ۾ به، چين، جپان ۽ ڪوريا تائين، ٻڌ ڌرم جي پکرجي وڃڻ ڪري، گنڌارا ۽ سنڌو- ماٿر ۾ ڪيترائي چيني سياح، ماهر ۽ ودوان آيا. انهن سڀني هنن خطن تائين پهچڻ،هنن خطن ۾ رهڻ ۽ هن ملڪ جي سماجي، سياسي، علمي ۽ ادبي ماحول جي باري ۾ پنهنجن سفرنامن ۾ گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي.

(i) چيني سياحن ۽ ياترين پنهنجن انهن سفرنامن ۾، درياءَ جو نالو، ملڪ جو نالو ۽ ان ملڪ ۾ رهندڙ لوڪن ۽ حڪمرانن جي باري ۾ معلومات ڏني آهي، اِن سلسلي ۾ جنهن چيني سياح جو، سڀ کان پهرين نالو ملي ٿو، سو هو ’فاهيان‘ (Fa-Hsien) هيءُ سياح، راءِ گهراڻي جي حڪومت شروع ٿيڻ کان لڳ ڀڳ هڪ سو سال اڳ، يعني 399ع ڌاري، اُن زماني ۾، هن ملڪ ۾ ٻڌمت جي مرڪزي ۽ مشهور شهر ’تڪش شلا‘ ۾ آيو هو. ’فاهيان‘ جي لکيل احوال مان، معلوم ٿو ٿئي ته، اُن زماني ۾ به ’سنڌو‘ نالو ساڳئي وقت’سنڌ ملڪ‘ (سنڌو) ۽ ’سنڌو درياءَ‘ (سنڌو) تي رکيل هوندو هو، يعني ته ’سنڌو‘ لفظ ساڳئي وقت ’ملڪ‘ ۽ درياءَ لاءِ ڪم آڻيندا هئا، ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته رگ ويد، اويستا، مهاڀارت، رامائڻ ۽ هندن جي ٻين ڌرمي ڪتابن کان پوءِ چيني ودوان ۽ ياتري’فاهيان‘ (Fa-Hsien) پنهنجي سفرنامي ۾، ملڪ ۽ درياءَ لاءِ هڪ ئي نالو، يعني ’سنڌو‘ ڪم آندو آهي. ’فاهيان‘ کان پوءِ چئن ٻين چيني سياحن جا نالا ملن ٿا، جن به پنهنجن سفرنامن ۾، ’سنڌو درياءَ‘ ۽ ’سنڌو ملڪ لاءِ هڪ ئي نالو ’سِن-تُو‘ (sin-tu) (يعني سنڌو) ڪم آندو آهي.

’فاهيان‘ 399ع کان 420ع تائين وارو عرصو، ’تڪش- شلا‘ ۽ اُن جي آسپاس وارن علائقن ۾ گذاريو. هن سياح (فاهيان) جي باري ۾ ’ثقافتي ورثو‘ ڪتاب ۾ هن طرح ڄاڻايل آهي:

”چلاس کان هيٺ، ڏکڻ طرف، سنڌو دياءَ جي کاٻي ڪناري تي ’شتيال‘ ۽ ’سازين‘ نالي ٻه اهڙا قديم ماڳ آهن جتي اڄ به درياءَ جي ڪناري سان لڳو لڳ، جبلن جي چپن تي ٻڌمت جي سياحن، شاگردن ۽ پرچارين پنهنجا نشان ۽ اُهڃاڻ ڇڏيا آهن.“

فاهيان، ’شتيال‘ يا ’سازين‘ وٽان، ڪنهن به هڪ هنڌ تي درياءَ تي موجود ڦڙهه وٽان، درياءُ اُڪري، درياءَ جو ساڄو ڪنارو وٺي، ’داريل‘ جي واديءَ ۾ پهتو هوندو، جتان يا ته پشاور واري واٽ ورتي هوندائين ۽ يا ته وري گوربند، واري واديءَ ذريعي سوات واري ماٿريءَ ۾ ’اُديگرام‘ بسئيءَ ۾ پهتو هوندو، جيڪو ان وقت ٻڌمت جو مرڪز هو، ۽ جتي وڏو مندر به ٺهيل هو.

فاهيان ’تڪش شلا‘ ۾، سکا وٺڻ لاءِ پندرهن سال رهيو. هن (فاهيان) پنهنجي سفرنامي ۾ اُن درياءَ جو نالو ’سِن- تو‘ (Sin-tu) لکيو آهي، جيڪو (درياءَ) هن (فاهيان) ’شتيال‘ يا ’سازين‘ وٽان (ڪنهن به هڪ بستيءَ وٽان)، پار ڪيو هو، اُهو درياءُ دراصل قديم سنڌو درياءُ هو (۽ اڄ به آهي)، جيڪو ’فاهيان‘ پار ڪيو هو، اهو درياءُ اڄ به ان علائقي مان، وڏي دهشت ۽ دٻدٻي سان وهندو آهي ۽ هيٺ ڏکڻ طرف وَهي، سنڌ ۾ اچي ٿو.53

 

چيني سياح، فاهيان پنهنجي سفرنامي جي پهرينءَ منزل(چلاس تائين) جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”هيءَ هڪ تمام مشڪل ۽ جابلو رستو آهي، هتي جبلن جي ڄڻ ته هڪ ديوار ٺهيل آهي جيڪا ڏهه هزار فوٽن جي اوچائيءَ تي ٿيندي. جڏهن جبلن جي اوتاهين تان نهارجي ٿو ته، نيڻ- نهار تائين ڪا به راهه ۽ هلڻ لاءِ پيچرو نظر نٿو اچي. هيٺ هڪ ندي وهي ٿي، جنهن کي ’سِنت-اُهوُ‘ (Sint-uho) چون ٿا.“

(ii) ’فاهيان‘ کان پوءِ ’سُڱ – يُن‘ (Sung-yun)، چيني سياح، هت آيو هو. هو هڪ مهاودوان هو هن کي چين جي ’عظيم في (Wei) خاندان‘  جي مهاراڻي ’دوواگرَ‘ (Dowager) هتان (سنڌو-ماٿر مان) ٻڌمت تي لکيل ڪتابن جي هٿ ڪي اچڻ لاءِ موڪليو هو. هن سياح جي اچڻ جي سَنَ جي خبر پئجي ڪانه سگهي آهي، پر هن جي زماني ۾ 455ع ۾ ’سفيد هَنن‘ (White Huns) ’تڪش – شلا‘ تي حملو ڪري، اُن شهر کي اهڙو ته تباهه ڪيو، جو هي شهر وري ڪڏهن به اُسري نه سگهيو.

(iii) ’سُڱ – يُن‘ (Sung-yun) کان پوءِ، ٻه ٻيا چيني سياح ۽ ودوان، هڪ ٻئي پٺيان هت آيا، اُنهن جي اچڻ واري زماني تائين ’تڪش-شلا‘ ته لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو هو، پر ممڪن آهي ته سوات جي واديءَ ۽ سنڌو-ماٿر ۾ هيٺ، ڏکڻ ۾ ڪنهن شهر/  شهرن ۾، ٻڌمت جي سکيا کي جاري رکيو ويو هجي، ڇاڪاڻ ته سنڌو-ماٿر ۾ ٻيا به ڪيترائي شهر موجود هئا، جن ۾ ٻڌمت جي سکيا جاري هئي. انهن سياحن جي آمد واري زماني ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت هئي، جيڪا ٻڌمت سان عقيدو رکندڙ حاڪمن جي حڪومت هئي. ان کان پوءِ 642ع ۾ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي. برهمڻ، هندومت جا مڃيندڙ هئا، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي.

بهرحال اِنهن چيني سياحن مان هڪ جو نالو هيون- چئانگ‘ (Hiuen Chuang) هو، جيڪو سنڌو- ماٿر ۾، راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني ۾ يعني 627ع ڌاري آيو هو. هن سياح، موجوده صوبه سرحد جي ’ٽوپي شهر‘ جي ويجهو ’هَند- گهيڙ‘وٽان سنڌو درياءَ پار ڪيو. هي سياح لڳ ڀڳ 18-19 سال، يعني 645ع (راءِ گهراڻي جي خاتمي ۽ برهمڻ گهراڻي جي شروعات) تائين پشڪلاوتي، ڪيڪيه ديش ۽ سنڌو- ماٿر ۾ گذاريا. هن سياح، سوات واري واديءَ جي مشهور بستين ’اُديگرام‘ ۽ ’منگورا‘ کان اتر طرف، سنڌو درياءَ جي واديءَ ڏانهن وڃڻ واري سلسلي ۾ جيڪا رپورٽ لکي آهي، تنهن ۾ هن به سنڌو درياءَ کي ’سن-تُو‘ (Sin-tu) لکيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”منگورا شهر کان اُتر- اولهه طرف ويندي ۽جبلن جون قطارون پار ڪرڻ کان پوءِ، ’سِن-تو‘ (Sin-tu) درياءَ جي واديءَ ۾ پهتاسين. هت رستا نهايت ئي اڻانگا ۽ جوکائتا هئا. جبل ۽ وادي، ڌنڌ واري ۽ ڪارسري ٿي نظر آئي. ڪڏهن ڪڏهن رسين وارين پلين جي مدد سان، درياءُ اُڪرڻو ٿي پيو، ته ڪڏهن ڪڏهن درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي، لوهي تارن کي جهلي، درياءَ پار ڪرڻو ٿي پيو. ڪٿي ڪٿي درياءَ پار ڪرڻ لاءِ ڦُڙهيون به ٺهيل هيون.“

اهڙيءَ طرح  ٻيو سياح، جيڪو جاگرافيدان پڻ هو، ۽ محقق البيرونيءَ وانگر هنن خطن (اُديگرام، سوات ۽ سنڌونديءَ جي وادين) ۾ گهڻي دلچسپي رکندڙ، ۽ برصغير جي تاريخ ۾ شهرن حاصل ڪري چڪو هو، سو هو ’هيون-شئنگ‘ (Hieuen-Tsang) هي سياح ۽ ودوان، ’هيون-چئانگ‘ (Hieuen-Chuang) کان ٽي سال پوءِ، يعني 630ع ڌاري، پهرين ’تڪش-شلا‘ واري خطي ۾ آيو. هو 643ع تائين، ’ڪيڪيه ديش‘، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقي ۾ سفر ڪندو رهيو.54

 

(IV) جنهن زماني ۾ ’هيون- شئنگ‘ سنڌو-ماٿر ۾ آيو هو، تنهن زماني ۾، هن علائقي ۾، راءِ گهراڻي جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي ۽ چچ برهمڻ سنڌ جو حاڪم بڻيو هو. حڪمرانن جي درٻار ۾ ٻڌمت جو اثر ختم ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ حڪمران ته هندو برهمڻ هئا،پر عوام جي دلين ۾ ٻڌمت لاءِ احترام موجود هو ۽ عوام ٻڌمت کي مڃيندڙ هو.

’هيون-شئنگ‘به سنڌو درياءَ ۽ سنڌ ملڪ کي ’سِن-تو‘ (Sin-tu) جي نالي (لفظ) سان سڏيو آهي، ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ته ان زماني ۾ به ’سنڌو‘ لفظ ٻنهي لاءِ يعني ’سنڌو درياءُ‘ ۽ ’سنڌ ملڪ‘ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. هو (هيون-شئنگ) لکي ٿو ته:

”هَند-گهيڙ وٽان درياءَ اُڪرڻ، خطري کان خالي ڪونه هوندو هو، ڇاڪاڻ ته هن هنڌ وٽ ’سِن-تُو‘ (Sun-tu) جو وهڪرو تيز هوندو هو، پاڻيءَ (يعني درياءَ جي تري)  جي تري ۾، زهريلا اَجگر (dragons) ۽ بلائون وڏي تعداد ۾ رهنديون هيون. اُهي ماڻهو، جن جي ٻيڙين ۾ املهه ماڻڪ، موتي ۽ ٻيو قيمتي ۽ جوکم وارو سامان هوندو هو، اُنهن جون ٻيڙيون پاڻيءَ جي لهرن جي سٽ جهلي نه سگهنديون هيون ۽ اونڌيون ٿي وينديون هيون. اُن سبب جي ڪري، مسافر هتان درياءَ پار ڪرڻ مهل ’سوتر‘ ۽ ’منتر‘ پڙهندا هئا.“

(ج) ’رگ ويد‘ کان وٺي، هن وقت تائين يعني 642ع تائين لکيل سڀني ڪتابن ۽ سفرنامن ۾، سنڌو ندي ۽ سنڌ ملڪ کي،’سنڌوءَ‘ جي نالي سان سڏيو ويو آهي ۽ انهن کي سنڌوُ نالي سان ئي رڪارڊ ڪيو ويو آهي، بلڪ راءِ سهاسي ٻئي جي طرفان شروع ڪيل ’سئنڌوئي سنبت/ سنڌو-ڪال‘ لفظ مان به ظاهر ٿو ٿئي ته ”سنڌ“ ملڪ کي اُن وقت به ’سنڌو‘ نالي سان سڏيو ويندو هو.

عربي دور ۾، عرب سياحن جي اچڻ کان اڳ، چچنامي ۾ به هن ملڪ کي ’سنڌو‘ نالي سان لکيو ويو آهي.

البيرونيءَ جي بيان مان به اهو ثابت ٿو ٿئي ته راءِ گهراڻي جي حاڪم، راءِ سهارس ٻئي 626ع ۾ جڏهن ايران جي ساساني حاڪم کي شڪست ڏيئي، سنڌ ملڪ کي ايران جي تسلط کان آزاد ڪرايو، تڏهن جيتوڻيڪ هو (راءِ سهارس ٻيو) پاڻ ته هن جنگ ۾ شهيد ٿي ويو، پر سندس پٽ راءِ سهاسي ٻيو خودمختيار حڪمران بڻيو. هن حاڪم سنڌ جي، ايران جي تسلط کان آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ ۽ انهيءَ واقعي کي هميشه لاءِ تاريخي طور ياد رکڻ ۽ غلاميءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ ۽ يادگار طور ’سنڌي ڪال‘ / ’سئنڌوئي- سنبت‘ (Sind Era) جي شروعات ڪئي، اهو سن 4 مارچ 626ع ۽ پهرين چيٽ، وڪرماجيت سنبت 548 هو. 55

 

(ح) (i) مطلب ته هن وقت تائين سڀني قديم ڪتابن توڙي انگريزن جي دور ۾ ڇپيل مواد ۾ ’سنڌو‘ لفظ ٻنهي مفهومن، يعني سنڌو درياءَ‘ ۽ ’سنڌ ملڪ‘ لاءِ ڪم آندو ويو آهي. هن سلسلي ۾ مولائي شيدائي، ڊاڪٽر لئمبرڪ، پروفيسر پٿاوالا، ڊاڪٽر سورلي، ديوان بي- ڊي ميرچنداڻي، ڊاڪٽر علي اڪبر جعفري، ڊاڪٽر داني، ڊاڪٽر مشتاق الرحمان ۽ شري جبرامداس دولترام جا رايا ۽ سندن بيان مثال طور هيٺ ڏجن ٿا.

مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته:

”رگ ويد ۾ سنڌ جو نالو، ’سپت سنڌو‘ يعني ستن دريائن وارو ملڪ آهي. آرين لوڪن سنڌ‘ تي، سنڌو درياءُ‘ جي ڪري اهو نالو وڌو.“56

 

پاڪستان جو ماهر جاگرافيدان، پروفيسر پٿاوالا، جنهن سنڌ ۽ سنڌو-ماٿر جي جاگرافيءَ تي گهڻو ئي ڪم ڪيو هو، تنهن لکيو آهي ته:

”سنڌ جي سرزمين(سنڌ ملڪ)، سنڌو درياءَ جو هڪ انمول تحفو آهي. هيءُ قديم درياءُ (سنڌ)، هن سرزمين جي جياپي ۽ جيوت جو سهارو پئي رهيو آهي. هن صحرائي سرزمين کي، سنڌو درياءَ، بيابان مان خيابان بنايو آهي ۽ هن درياءَ (سنڌو) جي نالي پٺيان، هن ملڪ کي ’سنڌ‘ نالو ڏنو ويو آهي.“57

 

پروفيسر پٿاوالا، سنڌو درياءَ جي باري ۾ اڳتي لکي ٿو ته:

”هيءُ درياءُ ايترو ته قديم ۽ پوتر آهي، جو رگ ويد ۾ به هن درياءَ کي پوتر درياءَ سڏيو ويو آهي. رگ ويد جي خالقن هن درياءَ جي پاڻيءَ کي، ’امرت‘ سڏيو آهي.“58

 

پروفيسر پٿاوالا اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”رگ ويد جا لکندڙ ڪوي/ شاعر، سنڌو ماٿر جي مٿئين علائقي ٽئسيلا/ تنول جا رهاڪو هئا.“59

 

(ii) ڊاڪٽر لئمبرڪ، سنڌو درياءَ ۽ سنڌو ملڪ جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌ جنهن جو صحيح اچار ’سنڌوُ‘ آهي، سو شروعاتي طرح انهيءَ نديءَ جو نالو آهي، جيڪا اُلهندن ملڪن ۾ ’اِنڊوس‘ (Indus) جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. اهو غلط اُچار، انهيءَ ڪري قائم رهيو هو جو اهو سڪندر اعظم جي ساٿين، سندن ڪاهُن جي تذڪرن ۾ ڪتب آندو هو ۽ اهو پوءِ عام استعمال ۾ اچي ويو.

بعد ۾ ’سِنڌ‘ جو نالو، انهيءَ سر زمين (ملڪ) تي پيو، جنهن کي ’سنڌونديءَ‘ جو هيٺيون وهڪرو رجائي ٿو، يعني اهو ملڪ انهن ’ڏاني ندين‘ جي سنگم کان هيٺ تي آهي، جن جي گڏيل نالي تي ۽ اُن کان مٿي واري ملڪ کي پنجاب سڏيو ويو جنهن منجهان اُهي وهن ٿيون.

اها ڳالهه بلڪل مناسب آهي جو سنڌ جي سر زمين، ’درياءَ شاهه‘ جي نالي پٺيان سڏجي ٿي، جو ان کي سرجيو ئي ’درياءُ شاهه‘ آهي.“60

 

لئمبرڪ اڳتي لکي ٿو ته:

”هيءُ انهن علائقن جو مختصر بيان آهي جن جون ڪڏهن ننڍيون ته ڪڏهن وڏيون ايراضيون، اُن سرزمين سان شامل رهيون آهن، جن کي سياسي طور ’سنڌ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ائين چئي سگهجي ٿو ته، طبعي لحاظ کان، سنڌ جي اوڀر وارا وارياسا پٽ، راجپوتانا جو اُتر ۽ اولهه وارا ننڍا ٽَڪر، بلوچستان جو حصو آهن. تحقيق، اُلهندي ڪوهستان يعني ’ڪاڇي‘ جا ۽ اُڀرندي ريگستان يعني ٿر جا رهواسي ’سنڌي هئڻ‘ جي ڳالهه ڪندا آهن، هنن وٽ ’سنڌ‘ جي معنى اها ئي اصل واري آهي يعني اُها سرزمين جنهن کي سنڌونديءَ ٺاهيو ۽ سدا تاتيو آهي.“ 61

 

(iii) ڊاڪٽر مشتاق الرحمان به هن راءِ جو آهي ته ’سنڌ‘ نالو هن ملڪ (سنڌ) جي وچ مان وهندڙ، سنڌو درياءَ جي ڪي پيو آهي. اُن وقت سنڌ جون سرحدون هڪ طرف اُتر ۾ ڪشمير تائين هيون ته اوڀر ۾ ڪنوج تائين هيون. اولهه ۾ ايران جي صوبي ڪرمان تائين هيون، ته ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ جي ساحل تائين پکڙيل هيون.

ڊاڪٽر مشتاق الرحمان لکي ٿو ته:

”’سنڌ‘ نالو سنسڪرت لفظ،’سنڌو‘ تان ورتل آهي. اهو نالو آرين، سنڌو درياءَ تي رکيو هو، جنهن کي پوءِ گريڪ ٻوليءَ ۾ ’اِنڊوُس‘ (Indus) ۽ لاطينيءَ ۾ ’سنٿوُس‘ (Sindthos) ۽ ’هِندوُس‘ (Hindos) سڏيو ويو. مقامي طور هن درياءَ  کي اڄ به ’سنڌ‘ يا ’سنڌو‘ سڏيو ويندو آهي. لفظ ’هند‘ ۾ ته فقط ]س ۽ هه[ جي صوتياتي تبديلي آهي.“63 62

 

(خ) (i) هن کان اڳ، ڊاڪٽر دانيءَ جي مقالي جي حوالي سان،’سنڌُو-سؤوير‘ ديش/ ديشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته 400 ق-م ۾ ’پنڊت پاڻينيءَ‘ به ’سنڌو ديش‘ جو ذڪر ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ ديوان بي- ڊي ميرچنداڻيءَ لکيو آهي ته ڪوي ڪاليداس به ’سنڌو- ديش‘ جو حوالو ڏنو آهي. ديوان مير چنداڻي پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ لکي ٿو ته:

”شري رامچندر، پنهنجي ڀاءُ ’ڀرت‘ کي سنڌو-ديش حوالي ڪيو.“64

 

مير چنداڻي صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”هت لفظ ’سنڌو-ديش‘ مان مراد، ’سنڌو ملڪ‘ آهي جيڪو پنجاب واري علائقي ۾ واقع هوندو هو. مارڪڻڊيه، پراڻن ۾ اُتر- اولهه جي رهاڪن جي نالن جي هڪ لڙهي ڏني آهي، جنهن ۾ ’سنڌو- سؤويرَ‘، ’مَدَرَڪَ‘ ۽ ’ستدرج‘ (ستلج جا رهاڪو) جا نالا ڏنل آهي، جيڪي سڀ پنجاب جا ماڻهو هئا“65

 

مطلب ته قديم زماني کان وٺي، سنڌو- ماٿر واري سڄي علائقي کي هڙپا تهذيب واري خطي تائين، ڪنهن هڪ ئي ملڪ جي نالي سان سڏيو ويندو هو يا هي سڄو علائقو (سنڌو-ماٿر) ڌار ڌار ۽ ننڍن ننڍن ملڪن تي مشتمل هوندو هو، تنهن لاءِ تاريخدان ۽ آثار قديمه جا ماهر ڪهڙو رايو رکن ٿا، اُن جي باري ۾ ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. اُن سلسلي ۾ هيٺيان سوال ڇنڊڇاڻ گهرن ٿا:

(i) سنڌو-ماٿر وارو علائقو: سياسي طور ڪنهن هڪ ملڪ تي مشتمل هو يا هي علائقو ڌار ڌار حڪومتن يا ملڪن ۾ ورهايل هو، ۽ هر ملڪ ڌار ڌار حاڪم جي قبضي ۾ هو؟

(ii) سنڌو- ماٿر جون سياسي ۽ جاگرافيائي حدون ڪيستائين پکڙيل هيون؟

(iii)        ڇا سنڌو- سؤوير ۽ ڪيڪيه ديش هڪ ئي ملڪ هو يا اهي ٽيئي، قديم سنڌو-ماٿر جون ڌار ڌار رياستون/ حڪومتون هيون، جن جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن ساڳيو هو، يا هر خطي جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن ڌار ڌار هو؟

(د) ماهرن جي راءِ موجب سنڌو-ماٿر وارو علائقو ڌار رياستن يعني ڌار ڌار ملڪن تي مشتمل هو ۽ اُهي رياستون هي هيون: (i) سنڌو ديش (ii) سئووير ديش ۽  (iii) ڪيڪيه ديش، ڪشمير، داردستان، جسليمر، ميواڙ، مارواڙ، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ، پر اهو نقطو  به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته اهي رياستون هڪ ئي مرڪزي حڪومت جو حصو هيون ۽ هر رياست صوبائي حيثيت رکندي هئي. انهن رياستن جي ٻولي، انهن جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن ۾ به هڪ جهڙائي هئي؛ جيئن راءِ گهراڻي ۽ اُن کان پوءِ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت واري زماني ۾، هن ملڪ (سنڌو-ماٿر) تي هڪ ئي خاندان حڪومت ڪندو هو، جنهن جو تختگاهه، الور/ اروڙ هوندو هو. اها به تاريخي حقيقت آهي ته هي ملڪ ڌار ڌار صوبن يا رياستن ۾ تقسيم ٿيل هو. هر صوبي يا رياست جو رياستي/ صوبائي گورنر/ نواب ڌار ڌار هوندو هو، ۽ اهي نواب گورنر رياستي/ صوبائي تختگاهَن ۾ رهندا هئا.

(ذ) هن کان اڳ سنڌو-سؤوير، سنڌو ۽ سؤوير ديشن جي نالن جو ذڪر اچي چڪو آهي.


51  ايضاً، ص 108

52  ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ، ص 47

53  مون سرحد صوبي ۾ ’آَٽڪ‘، ’هَند-گهيڙ‘ ۽ ’تَربيلا‘ کان وٺي ٿاڪوب، ۽ ٿاڪوٽ کان مٿي، شاهراهه ريشم ذريعي شتيال، سازين، پَتن، ڪوميلا، داسو ۽ تلاس، يعني شاهراهه ريشم ذريعي، سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي درياءُ جي دهشت سان گڏ، انهن ڪنارن تي موجود قديم آثارن، ماڳن ۽ مڪانن کي آڪٽوبر 1983ع ۾ پهريون دفعو ۽ پوءِ ڪيترائي دفعا، تفصيل سان گهمي ڏٺو آهي.

54   سنڌ ۾ هيٺ ڏکڻ ۾، اُن زماني ۾ ۽ موجوده وقت نورائي شريف ۾ کٿڙ جي ويجهو، ’سُڏ- سڌيرڻ جو ٺلهه‘ ٻڌمت جو وڏو آستان هو. هُن ٺُلهه ۾ چون ٿا ته مهاتما گوتم ٻڌ جون هاٺيون (رک) دفن ٿيل هيون. هن پوري علائقي کي جهرڪن شهر جي سامهون واري سڄي خطي کي ٻڌڪا سڏيندا آهن. هن ماڳ تي هر سال ويساڪ جي مهيني ۾ وڏو ميلو لڳندو هو. ممڪن آهي ته هيون-شئنگ هت به آيو هجي. ’سڌيرڻ‘ جي ٺُلهه کان سواءِ جهرڪن جي سامهون ٻڌڪا، جهرڪن جي ويجهو ماجيراءِ جي ماڙي ۽ ٻيا آستان هئا، جتي ٻڌمت وارن جو هر سال ميلو لڳندو هو.

55  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ڪال/ سنڌو سبت، سنڌ صدين کان حوالو ڏنل آهي، 1982ع ص 154

56  مولائي شيدائي :  جنت السنڌ ڇاپو ٻيو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص 6

57  Pithawala, M. Professor, A Physical and Economic Geography of Sindh, Hyderabad, Sindhi Adabi Board, 1959, P.9

58  - Ibid.

59  - Ibid.

60  Lambrick, H.T. Sindh, A general Introduction, Hyderabad, Sindhi Adabi Board, 1975, P.1.

61  Lambrick, H.T. Sindh, Op. Cit. P.4

62  اڳ ۾ ائبٽ جي حوالي ڄاڻايو ويو آهي ته ’سنڌو‘ لفظ ’تاتار‘ يا سٿين ٻوليءَ جو آهي.

63  Mushtaq-ur-Rehman, Dr., A Geography of Sindh Province of Pakistan, Karachi, The Karachi Geographical Association, 1975, P.2.

64  Mirchandani, B.D., Op. Cit., P. 21

65   Ibid.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com