سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :6

ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي، پنهنجي مقالي، ’سنڌي ڀاشا ۽ ساهيته جي اتهاس جي ڀومڪا‘ (1993ع ۾ ڇپيل) ۽ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي خيالن تي تنقيد ڪئي آهي، ۽ سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن جي باري ۾ ڊاڪٽر يشودرا واڌواڻيءَ جي مقالي (ڊاڪٽر يشودرا جو اهو مقالو شاهه ’رهاڻ‘ ۾ 89-1988ع ۾ شايع ٿيو هو). ’سنڌي ٻوليءَ جي خصوصيتن جو ماضي، حال ۽ مستقبل‘ جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”ڊاڪٽر يشوڌرا واڌواڻيءَ، ڊاڪٽر بلوچ جي اِن راءِ کي رد ڪندي صاف چيو آهي ته، مٿاڇري ڪنهن مشابهت جي آڌار تي ئي، سنڌي ٻوليءَ کي ’سامي‘ نسل جي ٻولي ٺهرائڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن صاحبه اڳتي هلي ڏيکاريو آهي ته، سنسڪرت، سنڌي ۽ ڀارت جي آريائي ٻولين جي وياڪرڻ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون هڪجهڙايون آهن..

هائو، سنڌي ٻوليءَ تي ڌراوڙي، عربي، فارسي ۽ داردي ٻولين جا اثر اوس پيا آهن، ليڪن اُهي اثر آهن، سنسڪرت-پريوار جي سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي جدا فطرت نه آهي.“8

جوتواڻي صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”دراصل، ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب جي صفحي 2 تي اهو لکيو آهي ته، ’سنڌيءَ جي سنسڪرت واري نظرئي جو هڪ ڪارڻ ڪن هندو صاحبن جون لکيتون آهن، جن جي اڪثريت هن خيال جي وڏي تائيد ڪئي، مگر انهن لکيتن جي حيثيت تبليغي چئي سگهجي ٿي ۽ نه علمي ۽ حقيقي..... ‘ اُن مان سندس ئي خيال جي تبليغي حيثيت جا اُهڃاڻ ملن ٿا. هو صاحب ڀارت-پاڪستان اُپکنڊ جي ڪا نئين تاريخ جوڙڻ چاهي ٿو، ۽ شايد اُن نئين تحقيق کان اڻ-واقف آهي ته آريا اصل، ڀارت جا ئي رهاڪو هئا ۽ اُهي ٻاهران ڪٿان ڪونه آيا هئا. اسان جي ڀارت- پاڪستان اُپکنڊ جي هڪ ئي تاريخ آهي؛ اُن ۾ هندڪي- مسلمانڪي ٽپائي کڻي اچڻ صحيح ناهي.“ 9

(IV) ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ ۾ تمام گهڻو تضاد آهي. هو هڪ طرف لکي ٿو ته:

”بودوباش جي لحاظ سان اهي مڙيئي سنڌو- ماٿر جون آڳاٽيون ’هند-آريائي‘ ٻوليون آهن؛ پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقا جي لحاظ سان اهي هن برعظيم جي ٻين ’هند-آريائي‘ ٻولين کان نراليون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ مُنڊا ۽ دراوڙي ٻولين کان سواءِ هند- ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين جي اثر کي پڻ دخل آهي.“ 10

ته وري ٻئي طرف هو ساڳئي ڪتاب جي صفحي 33 تي لکي ٿو ته:

”سنڌي، انهيءَ وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل ڪانهي، جنهن جو اڳين نحوين ذڪر ڪيو آهي. سنڌيءَ جون خمير سنڌ جي سر زمين ۾ تيار ٿيو؛ اُن جو بڻ بنياد، اُن جو پنهنجو مورثي سرمايو آهي، جنهن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري پروٽو-پراڪرت يا پهرين پراڪرت تائين پهچي ٿو.“11

ته وري ٽئين طرف لکي ٿو ته:

”قديم دور اٽڪل چوٿين صدي عيسويءَ ۽ اُن کان اڳ وارو زمانو آهي، جنهن کي ’سنڌ جي ٻولي يا ٻولين وارو دور‘ چئي سگهجي ٿو. اُن وقت سنڌ جي ٻولي يا ٻوليون ضرور هيون، مگر ’سنڌي ٻولي‘ جنهن جي اسان کي علمي ڄاڻ آهي، سا اڃا ناپيد هئي. هن عرصي ۾ سنڌ ديس جي ٻولي يا ٻولين تي سامي، دراوڙي ۽ آريائي ٻولين جو اثر پيو.

’مُئن جي دڙي‘  جي آثار قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته، ’سنڌ جي قديم ٻولي‘ شايد ڪا ’سامي‘ زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي دراوڙي ۽ پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان، هن قديم زماني ۾ ’سنڌ جي ٻولي‘ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو، ۽ ان بعد پالي پراڪرت ذريعي سنسڪرت جو.“ 12

ڊاڪٽر صاحب، سنڌ جي قديم ٻوليءَ کي ’سامي- صفت‘ زبان هجڻ جي دليل ۾ ساڳئي ڪتاب جي صفحي 3 ۽ 4 تي لکي ٿو ته:

”سر زمين سنڌ کي جن ماڻهن اول اول اچي آباد ڪيو، سي الهندي وارن ملڪن مان آيا ۽ اُنهن سنڌو درياءَ جي الهندي ڪناري واري ايراضيءَ ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون، سندن تمدن جي انتهائي ترقي ’مُئن جي دڙي‘ واري تهذيب جي صورت اختيار ڪئي. ’مُئن جي دڙي‘ جي آثار قديمه جي انڪشاف مان قطعي ثبوت ملي ٿو ته، سنڌ جو هي قديم تمدن، ’مغربي دريائي تمدن‘ يعني ته دجله ۽ فرات دريائن جي سمير ۽ بابلي تمدن جو ساٿياري آهي. سر جان مارشل جي تحقيق موجب، ’سنڌ، سُمير ۽ بابل جي تهذيبن جي وچ ۾ ڪافي هڪجهڙائي هئي؛ خصوصاً سنڌ ۽ عراق جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهاٽي اچ وڃ هئي، جا سمنڊ توڙي سيستان ۽ ايران مان خشڪيءَ ذريعي جاري هئي.

از انسواءِ سنڌ جو هيءُ قديم تمدن هڪ قسم جو غير آريائي تمدن آهي ۽ انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته، قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا غير-آريائي يا سامي-صفت زبان هئي، جا سنڌ ملڪ جي اوائلي زبانن مان هئي. انهيءَ جا مسخ شده نشان ’مُئن جي دڙي‘ مان لڌل مهرن تي موجود آهن.“13

ڊاڪٽر صاحب سندس ڪتاب ۾ هيٺ، حاشئي ۾ صفحي چوٿين تي سامي صفت لفظ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:

”سرياني، عبراني ۽ حبشيءَ کي علم لغات جي اصطلاح ۾ ’سامي زبانون‘ سڏيو ويو آهي. سامي- صفت يعني انهن ٻولين جهڙي.“ 14

(ت) سنڌي زبان، سامي زبانن جهڙي بلڪل ڪانهي، جنهن لاءِ ماهرن ڪيترائي دليل ڏنا آهن،

(ت) سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي سلسلي ۾، ٽئين نظرئي جو محرڪ محترم سراج الحق ميمڻ آهي، سراج صاحب جي راءِ موجب:

”سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه، پر سنسڪرت سنڌيءَ جي ڄائي آهي.“15

سراج صاحب پنهنجي نظرئي وسيلي هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مشرق توڙي مغرب جي تهذيب ۽ ٻولين جو اصل مقام ۽ بنياد، سنڌو- ماٿر آهي، جتان سنڌ ملڪ جي ماڻهن، اولهه طرف يعني بابل ۽ ميسوپوٽيميا وارن خطن ڏانهن پنهنجي تهذيب ۽ زبان کي پکيڙيو. سراج صاحب، دراصل  سوامي سنڪرانند واري نظرئي کي، سنڌي ويس وٺايو آهي. 16 ۽ هو آرين واري نظرئي کي محض افسانو ۽ جرمن عالمن جو ذهني اختراع ٿو ڪوٺي 17 سراج صاحب جي لکڻ موجب ’بابل‘ ۽ ’سمير‘ تهذيب جو، سنڌي تهذيب تي، ڪو به اثر ڪونه ٿيو آهي، بلڪ هن جي راءِ موجب اٽلو بابل ۽ سمير جي تهذيب تي سنڌو-تهذيب يعني هڙپا ۽ موهن جي دڙي واريءَ تهذيب جا اثر نمايان نظر اچن ٿا، جا واپارين ۽ تاجرن جي معرفت اوڏانهن پهتي ۽ پکڙي. پنهنجيءَ راءِ جي دليلن ۾، سراج صاحب آرڪيالاجيءَ جي مشهور آمريڪي ماهر، نوح ڪريمر جي ڪتاب مان حوالا ڏنا 18 آهن. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾، سراج صاحب جو نظريو، سندس هيٺين دليلن مان ظاهر ٿئي ٿو.

”سنڌي جيڪڏهن سنسڪرت لفظن جي مرهونِ منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو اُن کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آهي- سڌيءَ طرح نه سهي، اڻسڌيءَ طرح سهي.“ 19

(ث) (i) ڊسمبر 1991ع ۾، ڀارت جي لسانيات جي مشهور سنڌي ماهر، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سچل سيمينار جي سلسلي ۾، سنڌ آيو هو. هن صاحب ٽنڊي آدم ۾، سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ صاحب کي انٽرويو ڏنو هو، جيڪو ٽماهي مهراڻ رسالي جي نمبر 1/1991ع ۾ صفحي 171 کان 190 تائين ڇپيو هو. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي بيان موجب، موهن جي دڙي واري ٻولي ۽ لکت جي سلسلي ۾، سندن راءِ جو مدار، سندن والد محترم جي راءِ ۽ ڊاڪٽر ايس-آر-راءِ جي ڪتاب Dawn and Devolution of the Indus Civilization ۾ ڏنل راءِ تي آهي.

(ii) هيٺ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جا رايا پيش ڪجن ٿا، جن جي گهري اڀياس کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر جيٽلي اڃا ڪنهن به راءِ تي قائم رهڻ جو فيصلو ڪري نه سگهيو آهي. هڪ طرف هو (ڊاڪٽر جيٽلي)، پنهنجي ڏنل انٽرويو ۾ مهراڻ رسالي (نمبر 1/1991ع) جي صفحي 183 تي، ٻولين ۾ هڪجهڙن لفظن جي آڌار تي، ’ٻولين جو هڪ ئي خاندان واريون ٻوليون هجڻ‘ يا هڪ ئي بنياد/ بُڻ واريون ٻوليون هجڻ، ٿو قرار ڏئي؛ مثال طور هو مهراڻ رسالي جي صفحي 183 تي فرمائي ٿو:

”هاڻ اسان ڀيٽينداسين ته اسان سنڌيءَ جي ’بيسڪ واڪويلري‘ (Basic vocabulary)  کڻون. اُن مان منهنجو مقصد بدن جي عضون جا نالا، ڳڻپ جا نالا هڪ، ٻه، ٽي، چار، رشتن جا نالا، ٻيا فعل، ته اهي هڪ بنيادي شبد آهن؛ الفاظ آهن جيڪي هڪ ’ڪورنيوڪلس‘ ٺاهين ٿا. اهي شبد جيڪڏهن اسان ڀيٽيون ته اهي سڀ آريائي ٻولين، هندي، بنگالي، مراٺي، گجراتي، آسامي، پنجابي يا انهن سان ملي اچن ٿا، جي فونيٽڪس (Phonetics)چئجن  ٿيون ته انهن کي سمجهائي سگهن ٿيون: مثلاً:

سنسڪرت ۾ ’هستيه‘ سو هنديءَ ۾ ’هاٿ‘ ڪوٺجي ٿو ساڳيءَ  طرح سنسڪرت ۾ ’اَنک‘، پنجابي ۾ ’اک‘ ۽ سنڌيءَ ۾ به ’اک‘ آهي. اهڙي نموني سان اهي فارمولا سمجهائي سگهون ٿا ته ڪهڙي نموني، ٻوليءَ جي تبديلي ٿي آهي.“20

 

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي هن دليل سان، ايندڙ صفحن ۾، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي راءِ جي مدد سان اختلاف ڪيو ويو آهي.

(ii) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي هن دليل کي، ’سر وليئم جونز‘ جي ڏنل اصولن (ٻولين جي بڻ بنياد جي مطالعي جي سلسلي ۾ قائم ڪيل اصول) سان جڏهن ڀيٽي ڏسجي ٿو ته، ائين چوڻو ٿو پوي ته ڊاڪٽر جيٽلي جي اها راءِ يا اهو دليل صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪن به ٻولين ۾، ساڳين ساڳين يا هڪ جهڙن لفظن هجڻ جي آڌار تي اهو چئي نٿو سگهجي ته ڪو اهي ٻوليون، ساڳئي خاندان واريون ٻوليون آهن، يا اهي ٻوليون، ڪنهن هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن. پر في الحال جيڪڏهن کڻي اهو قبول به ڪجي ۽ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي انهيءَ دليل کي مڃجي به کڻي، ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي عربي يا فارسي ٻولين مان ڪنهن به هڪ جي شاخ يا ڀيڻ قبول ڪرڻو پوندو، ڇو ته موجوده سنڌي ٻوليءَ ۾ سٺ سيڪڙي کان به وڌيڪ اهڙا لفظ آهن، جيڪي  Basic Vocabulary جي حيثيت رکن ٿا، پر اهي دراصل عربي يا فارسي ٻوليءَ لفظ جا آهن ۽ جيڪي اسان جي روزمره واريءَ سنڌيءَ ۾ نه فقط علمي ۽ ادبي زبان ۾، پر شهرن ۽ ڳوٺن جي عام ماڻهن جي گفتگو ۾ به ڳالهايا ويندا آهن؛ مثال طور:

شلوار، قميص، رومال، جوراب، سر، سينو، پيشاني، چشم، بازو، زانو، مغز، ذهن، دست، دست وپا، جگر، ڪليجي، دل، گردو، قلب، ڪمر، انگشت، دندان، دماغ، زبان، رو، لب، درخواست، عرض، نماز، ڪلمو، رسول، امام، نبي، پيغمبر، خط، تحرير، تقرير، اخبار، اشارو، انتظار، ڪاغذ، ڪتاب، حال، احوال، حال احوال خبر، دور، دروبين، نزد، قريب، ماضي، مستقبل، نزديڪ، ڪرسي، ميز، در، دري، مڪان، جاءِ، صفحو، نشست و برخاست، فنا، بقا، فاني، دنيا، پير، مرشد، صوفي، درويش، ولي، قبول، مقبول، نظر ۽ نشر وغيره. اهڙيءَ طرح ماڻهن ( زالن ۽ مردن) جا نالا، لباس جا نالا، ٿانون جا نالا ۽ کاڌن جا نالا توڙي روزمره جي استعمال جا ٻيا لفظ وغيره دليل طور پيش ڪري سگهن ٿا.

اهڙيءَ طرح انگريزي، پورچگيزي ۽ ٻين پرڏيهي ٻولين جا بيشمار لفظ جهڙوڪ: گلاس، ڪوپ، ساسر، پليٽ، ماچيس، اسٽيشن، ٽڪيٽ، اسڪول، ڪلاس، پگهار، ڪمرو، ڪاٻار ۽ نيلام وغيره لفظ ان ڏس ۾ دليل طور پيش ڪري سگهجن ٿا. هي به سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌيءَ جا لفظ ’پاٽ‘ ۽ اگلو/ اگلي به جيٽلي صاحب جي دعويٰ جي لاءِ دليل طور قبول ڪري سگهبا؟

اهڙيءَ طرح سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾، انگن ڳڻڻ جي سلسلي ۾ ’ڪوڙين جو حساب رکڻ‘، يعني چاليهن لاءِ ٻه ڪوڙيون چوڻ، سٺ لاءِ ٽي ڪوڙيون ڳڻڻ جي باري ۾، ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ڇا فرمائيندو؟ هن ڏس ۾ ڪاڪو ڀيرو مل پنهنجي ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته:

”ڪولن جي ٻوليءَ جو هن وقت سنڌ ۾ نالو به ڪونهي، پر نشان آهن. مثلاً: اسان جا ڪيترا هاري ناري ۽ ٻيا اڻپڙهيل ماڻهو اڪثر ويهه ويهه ڪري ڳڻيندا آهن. ’اهي پنجاهه بدران چون اڍائي ڪوڙيون‘ ۽ ’سٺ بدران چون ٽي ويهون.“21

 

بلڪل ساڳيءَ طرح نحوي سٽاءَ ۾ (جملن ۾ لفظن جي ترتيب ۽ بيهڪ) صفتن ۽ حرف جر جي بيهڪ  (Order) لاءِ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ڪهڙو دليل ڏيندو؟  سنڌيءَ ۾ ٻٽن متعدي بالواسط فعلن ۽ ٻٽين متصل ضميري پڇاڙين جي باري ۾ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ڪهڙي رهنمائي ڪندو؟

اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ، سنڌي ٻوليءَ کي، ڊاڪٽر سنتي ڪمار چئٽرجيءَ جي حوالي سان، نئين هند- آريائي (New Indo- Aryan) ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتل ٻولي ٿو تسليم ڪري، جيڪا نئين هند-آريائي (N.I.A.) وچين هند-آريائي (Middle Indo-Aryan) ٻوليءَ مان 1000 عيسويءَ ڌاري، يا ان جي لڳ ڀڳ ڌار ٿي هئي.“ 22

 

(IV) سنڌي ۽ انڊو- آريائي ٻولين جي وياڪرڻ جي تقابلي مطالعي مان اهو به ظاهر ٿو ٿئي ته انهن ٻولين ۾ ڪا گهڻي هڪ جهڙائي ڪانهي؛ البت جيڪڏهن ڪن ڪن صورتن ۾ ڪا هڪ جهڙائي نظر اچي به ٿي ته ان لاءِ به وڏا سبب آهن، جن جي وضاحت ڌار سري هيٺ ايندڙ صفحن ۾ ڪئي وئي آهي؛ تنهن ڪري صرف هڪ جهڙن لفطن يا ساڳئي لغوي مواد يا لفظن جي هڪ جهڙي هجڻ مان، ’ٻولين جو ساڳئي بڻ بنياد مان هجڻ‘  واري مراد يا مقصد وٺڻ وارو دليل قبول ڪري نه سگهبو. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، جيڪي لفظ پنهنجي دليل طور ڏنا آهن، اهي لفظ، سنڌي ٻوليءَ، سنسڪرت ۽ پراڪرت کان اڌارا ورتا آهن. جيئن ايندڙ صفحن ۾ چيو ويو آهي.

(V) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، ٻئي طرف ٻولين جي هڪ جهڙي هجڻ يا ساڳئي خاندان يا بنياد مان هجڻ جي لاءِ، ٻولين جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ يعني Structure جي هڪجهڙي هجڻ جو دليل ٿو ڏئي. آءٌ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي هن راءِ سان اتفاق ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ ته اهو ئي نقطو، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي مطالعي لاءِ منهنجو مرڪزي نقطو ۽ مرڪزي خيال آهي، جنهن جي آڌار تي، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد لاءِ هن ڪتاب ۾ ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي، ۽ ’ٻولين جو تقابلي اڀياس‘ پيش   ڪيو ويو آهي. انهيءَ  نقطي تي ئي، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘  ڪتاب جي پهرئين ڇاپي جي صفحي ’ح‘ تي زور ڏيئي لکيو ويو هو ته:

”ڪنهن به زبان جي اصل نسل يا بڻ بنياد تي تحقيق ڪرڻ لاءِ يا اُن زبان جي ڪنهن ٻيءَ زبان سان ڀيٽ ڪرڻ لاءِ، ٻنهي زبانن جي فقط لغوي خزاني کي ڀيٽڻ سان اصل مقصد يا اصل مراد تي پهچي ڪونه سگهبو، پر اصل مقصد يا اصل مراد حاصل ڪرڻ لاءِ، يا ڪنهن نتيجي تي پهچڻ لاءِ ضروري آهي ته، جن ٻولين جي ڀيٽ ڪئي وڃي، انهن جي ساخت ۽ سٽاءَ يعني انهن جي Structure تي بحث ڪجي. ڪنهن به ٻوليءَ جي، ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ سان ڀيٽ ڪرڻ ۽ ٻنهي ٻولين جي پاڻ ۾ هڪجهڙائي معلوم ڪرڻ لاءِ، اهو ئي هڪ واحد ذريعو ۽ دليل آهي.“

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، ڏهين آڪٽوبر، 1993ع تي دهليءَ مان، مون کي خط لکيو هو، جنهن ۾ فرمايو هئائين ته:

”حقيقت ۾ سنڌ جي ٻين به ڪن عالمن، سنڌيءَ جي بڻ بنياد بابت جيڪو لکيو آهي، اُنهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته سندن دل ۽ دماغ ۾ گهڻو مونجهارو آهي. ان جو مکيه سبب اهو آهي ته اشوڪ جا پٿرن تي اُڪريل ليک، سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اپڀرنش وغيره جون لکيتون، براهمي ۽ ديوناگري اکرن ۾ هئڻ ڪري، هو پڙهي نٿا سگهن. گذريل اڍائي-ٽن هزار سالن جو آريائي زبانن جو ادب شايع ٿيل آهي؛  ٻئي طرف تامل ۽ ٻين داوڙي ٻولين جو به آڳاٽو لکيل ادب موجود آهي. اوهين سلسليوار تاريخي رڪارڊن سان ڀيٽ ڪري ڏسو ته ظاهر ٿي پوندو ته سنڌي ٻولي آريائي نسل جي آهي يا دراوڙي نسل جي.“

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ۽ لسانيات جي ٻين سڀني سنڌي ۽ غير-سنڌي عالمن کي اها ڄاڻ آهي ته سنڌو ماٿر (موهن جي دڙي ۽ هڙپا تهذيب) جي ٻولي يا خود موجوده سنڌي زبان جي بڻ بنياد، جي باري ۾ آخري ۽ حتمي راءِ قائم ڪرڻ، هڪ اهڙو مسئلو آهي، جنهن تي ڪو به ماهر اها دعويٰ ڪري نه سگهيو آهي ته ڪو سندس راءِ آخري سَنَد جي حيثيت ٿي رکي، جيڪڏهن ڪن ماهرن جي مَن ۾ ڪو مونجهارو هوندو تڏهن ته ڦوري ڦلندو، تڏهن ته ڪو حل ڳولهي ڪڍبو.

جيڪڏهن سڀ کان اول، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب اها دعوا نه ڪري ها ۽ پنهنجيءَ راءِ لاءِ صاف صاف دليل نه ڏئي ها ته پوءِ ملڪي ۽ غير ملڪي پنڊت اڃا به ڌڌڙ ۾ پير هڻيو بيٺا هجن ها ته: ”سنڌي زبان، سنسڪرت جي اٺين پيڙهيءَ مان، وراچڊ اپڀرنش جي شاخ آهي.“ هن وقت ته ڊاڪٽر جيٽلي ۽ ڀارت جا ٻيا ماهر به، ڊاڪٽر ٽرومپ، سرگريئرسن ۽ ڪاڪي ڀيرومل جي انهي دعوا تان هٿ کڻي چڪا آهن، ته پوءِ ائين چئبو ڇا ته ڊاڪٽر ٽرومپ کان وٺي ڊاڪٽر جيٽلي تائين (مون سميت)، سڀ ماهر اڳ به منجهيل هئا ۽ اڄ به منجهيل آهن.

هن ڏس ۾ سڀ کان پهرين سرگريئرسن منجهيل هو، جنهن هڪ سؤ سال اڳ سندس جڳ مشهور ڪتاب، Linguistic Survey of India جي اٺين جلد ۾، 1919ع ۾، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ جيڪا دعوا ڪئي هئي، تنهن ۾ کيس سندس ساڳئي ڪتاب جي جلد پهرئين (1927ع ڇپيو هو) ۾، ترميم ۽ تبديلي ڪرڻي پيئي، ۽ پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي جلد پهرئين ۾، هن (سرگريئرسن) کي سنسڪرت ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ پراڪرت جي باري ۾، پنهنجيءَ اڳوڻي راءِ (جلد اٺين ۾ ڏنل) ۾ ڦيرڦار ڪرڻي پيئي.

ڪاڪو ڀيرو مل پڻ، اڳتي هلي هڪ راءِ تي قائم نه رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نه فقط پنهنجي ڪتاب جي عنوان ۾ ڦيرڦار ڪئي پر سندس ساڳئي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ته بلڪل نئين مواد تي مشتمل آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾، خود ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي راءِ ۾ تضاد آهي. هو (ڊاڪٽر جيٽلي) پاڻ به هن سلسلي ۾ مُنجهيل لڳي ٿو. اهڙيءَ طرح ڀارت ۾ رهندڙ، پوني يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف لنگئسٽڪس جو مشهور ماهر، پروفيسر ڊاڪٽر پرسو گدواڻي به ڀارت جي اڪثر لسانيت  جي ماهرن سان، سندن راءِ ۾ اختلاف ٿو رکي، ۽ هو موجوده سنڌي ٻولي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ هڪ جهڙي صوتي، صرفي، نحوي ۽ لغوي مواد هجڻ جي دعوا ٿو ڪري.

هن ڪتاب جي هن (ٻئي) ڇاپي ۾، تمام گهڻن دليل ۽ ثبوتن سان واضح ڪيو ويو آهي ته اها دعوا هرگز صحيح ڪانهي ته سنڌي ٻوليءَ، موجوده صورت يارهين صدي عيسويءَ ۾ ورتي هئي. هن سلسلي ۾ ڀارت جي هڪ ٻئي وڏي ماهر لسانيات، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ طرفان ڏنل دليل، هن ڪتاب اندر پيش ڪيا ويا آهن.

هن ڪتاب جي هن (ٻئي) ڇاپي  ۾، وضاحت سان، اهو عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌي، سرائڪي، گجراتي، راجسٿاني ٻولين، بانگڙو، داردي ۽ دراوڙي ٻولين جي ’ماتر ڀاشائن‘ جو بڻ بنياد ساڳيو آهي، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ کي، دراوڙي نسل واري ٻولي سمجهڻ جي بدران، قديم دراوڙي، براهوئي، سنڌي، داردي، لهندي، ڀيلي، گجراتي، بانگڙو، ڪڇي ۽ سنڌو-ماٿر ۾ هن وقت رائج ٻولين کي، سنڌو-ماٿر ۽ قديم زماني ۾ رائج ’سئنڌُئي‘ ٻوليءَ جي نسل جون ٻوليون سمجهڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو، جيئن هن ڪتاب جي متن ۾، اندر بيان ڪيو ويو آهي.

هت اهو ڄاڻائڻ به مناسب ٿو سمجهان ته تازو 3 ڊسمبر 1997ع تي، مون ’ممبئي يونيورسٽيءَ جي، سنڌي وڀاڳ ۾ Archaeological Study of Sindhi Language جي موضوع تي، وضاحتي ليڪچر (Extension Lecture) ڏنو هو، جنهن ۾ لسانيات جي ٻين ماهرن کان سواءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر عبدالستار دلوي، محقق هيرو ٺڪر، پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي ۽ پروفيسر منوهر مٽلاڻيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي استاد ۽ شاگرد موجود هئا. مون پنهنجي مذڪور ليڪچر ۾، سلائيڊن ذريعي انهيءَ دعواتي زور ڏنو ته: ”قديم دراوڙي ٻولي، براهوئي، داردي، سنڌي ۽ لهندي ٻوليون“ سنڌو-ماٿر جي اصولڪي زبان ’سئنڌُئي‘ جي نسل جون ٻوليون آهن.


8  موتيلال جوتواڻي، ڊاڪٽر: مقالو: سنڌي ڀاشا ۽ ساهتيه جي اتهاس جي ڀومڪا، ساهيته سنسار ڪتاب ۾ شامل، نئي دهلي، سمپرڪ پرڪاش، 1994ع، ص ص 46 ۽ 47

9  موتيلال جوتواڻي، ڊاڪٽر: مقالو: سنڌي ڀاشا ۽ ساهتيه جي اتهاس جي ڀومڪا، ساهيته سنسار ڪتاب ۾ شامل، نئي دهلي، سمپرڪ پرڪاش، 1994ع، ص ص 46 ۽ 47

10 نبي بخش خان بلوچ: ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 33

11  ايضاً

12  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 1 ۽ 2

13  ايضاً – ص 3 ۽ 4

14  ايضاً – ص 4

15  سراج الحق: سنڌي، حيدرآباد سنڌ، عظيم پبليڪيشن، 1964ع پيش لفظ، ص 4

16  Swami Sankarananda, Rigvedic Culture of Pre-historic Indus, part: I, Calcultta, 1946, preface, PP. 2-4, 9 & 11

17  سراج الحق ميمڻ: سنڌي ٻولي، حوالو ڏنل آهي، ص 14

18  ايضاً

19  ايضاً، پيش لفظ

20  مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر مرليڌر سان ڳالهه ٻولهه، سماهي مهراڻ، 1/1991ع، ص 183

21  ڀيرو مل، آڏواڻي: قديم سنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ص ص 61 ۽ 62

22  Khubchandani Lachman, Dr. Dahin Sadia men Sindhi Mahabharta jo Arabi naqul (An Arabic Version of 10th century Sindhi Mahabharaa) Sindhi translation of S.K. Chatterji, 1958 Kahani 49-66 (Bombay, May 1959), article P.528.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com